دماغي تعليم
سچي دماغي تعليم ڏيڻ لاءِ سائڪالوجي (من جي سائنس) جو سکڻ ضروري آهي، جو هڪ وڏو علم آهي. مگر رڳو سائڪالوجي ايترو فائدو نٿي ڪري، جيترو پاڻ ٻارن جي خيالي حالت جاچڻ ۽ تجربي مان ٿو ٿئي. استاد جيڪڏهن شوق سان تعليم ڏين ۽ آزمودي مان پنهنجو پڙهائڻ جو رستو سڌاريندا وڃن ۽ ٻين آزمودگار ماسترن جي پڙهائڻ جو نمونو ڏسن ته جيڪر گهڻو سڌارو ٿي پوي. مگر اڄوڪن معلمن کي پورو شوق ڪونهي. هو پنهنجن شاگردن جي دماغ سڌارڻ بدران اٽلندو هنن جي طاقت خراب ڪري دنيائي ڪمن خواه ديني امورن ۾ بيڪار ڪري ٿا ڇڏين.
مٿين بيان مان معلوم ٿيندو ته شاگردن کي رڳو معلومات يا خيالن ٻڌائڻ بدران سندن پنج حواس ۽ ڇهون دماغ ڪم آڻائڻ گهرجي. علم حاصل ڪرڻ جو اصلوڪو ۽ بهتر طريقو آهي ئي اهو. اکين جي وسيلي اسان شيون سڃاڻون ٿا انهن جو رنگ ۽ قد قامت معلوم ٿا ڪريون ۽ رنگ وغيره ٿا ڄاڻون. هٿن جي وسيلي کهرائي نرمائي وغيره جي خبر ٿي پوي. زبان جي وسيلي شين جو ذائقو ٿا معلوم ڪريون نڪ جي وسيلي شين جي سرهاڻ يا بدبو جي خبر ٿي پوي ڪنن جي مدد سان آوازن جا قسم ٿا سڃاڻجن. دماغ جي وسيلي معلومات تي غور ڪري، نتيجا ٿا ڪڍجن ۽ خيالن جي ڀيٽ ڪري فيصلو ٿو ڪجي. اهڙيءَ طرح تعليم ڏيڻ لاءِ اسڪول ۾ شين جي هئڻ جو به ضرور ٿو ٿئي ۽ وڏن اسڪولن ۾ قسمن قسمن جون شيون به رکيل هونديون آهن، مگر سڀ شيون نه ٿيون رکي سگهجن. تنهنڪري جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر شاگردن ۾ اها عادت وجهجي ته هو پاڻ دنيا ۾ اکيون کولي هلن ۽ پنهنجي حواسن جي وسيلي معلومات حاصل ڪن.