ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ڪالرا يا وبا

ڪالرا جي منحوس بيماري اونهاري ۾ ڪٿي ڪٿي پيدا ٿيندي آهي ۽ بعضي ته گهڻن ڳوٺن ۽ شهرن ۾ پکڙجي ويندي آهي. جن کي ڪالرا ٿي پوندي آهي تن مان 40 يا 50 سيڪڙو مس بچندا آهن. پر وڏو نقصان هي به ٿيندو آهي جو ماڻهن ۾ سخت هراس پيدا ٿيندو آهي. هو وطن ڇڏي رلي دربدر ٿيندا آهن ۽ مالي نقصان ايترو سهندا آهن جو ڪي سال ته ڦٽ پيا چڪندا اٿن. ان جو علاج اڃا سوڌو ڪونه لڌو آهي. مگر اها حقيقت پڪيءَ طرح معلوم ٿيل آهي ته اها بيماري ڪيئن ٿي ٿئي، ڪهڙن اپائن سان ان کان بچي سگهجي ٿو.
ڪالرا ٿيڻ جا ٻه سبب آهن ۽ اهي ٻه سبب گهڻو ڪري سڀ ڪنهن مرض جا آهن.
1– ٻج، جو جتي اچي ٿو اتي بيماري ٿئي.
2 - زمين ان لاءِ تيار هجي.
ڪهڙي زمين ڪالرا جي بيماري لاءِ تيار آهي؟ جيڪڏهن پيٽ ۽ تندرستي ٺيڪ آهي ته ڪالرا جو ٻج يا جيوڙا ڪجهه به ڪري نه سگهندا. زمين تيار تڏهن ٿي ٿئي جڏهن پيٽ ۽ آنڊن جي طاقت گهٽ آهي. اها طاقت هيٺين سبب ڪري گهٽ ٿي ٿئي.
1 - ڪن ميون جهڙوڪ ونگا، گدرا، هنداڻا، انگور، انبڙيون کائڻ ڪري.
2 - برف پئيڻ ڪري.
3 - ٻين اهڙن ميون کائڻ ڪري به اگرچه دير هضم به نه آهن پر تمام گهڻو پڪل زردالو جي نرم ٿي پوندا آهن.
4 - گوشت مڇي گهڻي گيهه ۾ رڌل کائڻ ڪري.
5 - جلاب وٺڻ ڪري.
ڪالرا جو ٻج يا جيوڙا اصل پاڻيءَ ۾ ٿا پيدا ٿين. جنهن کي ڪالرا ٿئي ٿي، تنهن جي دستن ۽ الٽين تي مکيون ويهي پوءِ وري وڃي ماڻهن جي کائڻ پيڻ جي شين تي وهن ٿيون ۽ انهن جيوڙن کي کنڀن ۽ ٽنگن ۾ دستن ۽ الٽيءَ مان کڻي اچي ٿيون اسان جي کاڌي پيتي جي شين ۾ وجهن. پوءِ جيڪڏهن جيوڙن وارو پاڻي ٿو پئجي يا جنهن کاڌي پيتي تي مکيون ٿيون ويهن سو ٿو کائجي ته ڪالرا جا جيوڙا وڃي ٿا پيٽ ۾ پون. ڪالرا جا جيوڙا فقط وات جي ئي رستي اندر ٿا وڃن.
اندر نه وڃن تنهن لاءِ هيٺيان اپاءُ وٺڻ گهرجن.
1 - پاڻي ڪاڙهي پيئجي. نل جو پاڻي هجي ته به ڪاڙهڻ چڱو آهي.
2 - ڪا به اڻ رڌل شيءِ نه کائجي ڇو ته ممڪن آهي ته ان تي ڪا مک ويهي جيوڙا ڇڏي ويئي هجي.
3 - توڙي رڌل شيءِ هجي يا ڪڙهيل پاڻي هجي ۽ ان تي مک اچي ويٺي هجي ته ان کي وري رڌڻ يا ڪاڙهڻ کان سواءِ نه کائجي يا پئجي. مثلن پاڻي ڪاڙهي گگهيءَ ۾ وجهي منهن تي ڪپڙو ويڙهي ڇڏجي ۽ ڪپڙي تي مک اچي ويهي ته اهو پاڻي وري ڪاڙهجي. تنهن ڪري چڱو آهي ته گهگيءَ تي گلاس يا ٻي شيءِ به مٿان رکي ڇڏجي.
4 - گلاس ڪم آڻڻ کان اڳي گرم پاڻي سان يا اهڙي پاڻي سان جنهن ۾ پوٽيشيم پرماگنيٽ پيل هجي، ڌوئجي. کائڻ پيئڻ جا ٿانو به ڪم آڻڻ مهل ساڳي طرح ڌوئي پوءِ هڪدم کائڻ پيئڻ شروع ڪجي. کاڌي پيتي جون شيون ۽ پاڻي ڪنهن اهڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ ۽ اهڙيءَ حفاظت سان رکجي جو اتي مکيون وڃي نه سگهن. ماني به اهڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ کائجي. بهتر ته ائين آهي ته ماني هڪ صبح جو سج اڀرئي کان اڳي ٻيو سج لٿي بعد کائڻ گهرجي ڇو ته انهن وقتن ۾ مکيون گهٽ آهن.
5 - آڱريون وات ڏي آڻڻيون هجن ته پهريائين گرم پاڻي يا پوٽيشيم پرماگنيٽ پيل پاڻي سان ڌوئجن ۽ چپن تي مکه ويٺي هجي ته انهن کي به ساڳيءَ طرح ڌوئجي.
6 - برف ۾ به جيوڙا رهي سگهن ٿا تنهنڪري برف به نه پيئڻ گهرجي.
7 - ٽن ڏينهن کان وڌيڪ رکيل سوڍا سلامتي سان پي سگهجي ٿي.
8 - مکين هڪالڻ لاءِ گند ۽ پوسل ۽ پائخاني تي ڪروڊ آئل يا فنائل جو ڇڻڪار ڪجي. جاءِ جي فرش تي به اهڙي پاڻي سان ڇڻڪار ڪجي جنهن ۾ ڪجهه فنائل پيل هجي.
9 - ڪالرا جون سيون هڻائڻ گهرجن.
10 - بيماريءَ ۾ ورتل ماڻهن جا دست ۽ الٽيون هڪدم پورڻ گهرجن ۽ جيڪا پوسل زمين تي رهي تنهن تي فنائل هارڻ گهرجي. دستن ۽ الٽين ۾ ڀريل ڪپڙا يا ساڙي ڇڏجن يا ته پوري ڇڏجن. يا ته هڪدم گرم ٽهڪندڙ پاڻي ۾ 15 منٽ کن رنڌي پوءِ ڌوئي سڪڻا وجهجن.
اهي اپاءُ وٺڻ البته ڏکيرا آهن پر لکن حياتين جو سوال آهي. نقصانن جي ڀيٽ ۾ اها تڪليف ڪجهه به نه آهي. ازان سواءِ اِهي حيلا تڏهن ڪرڻا آهن جڏهن بيماري پوي ۽ نه سدائين. پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن جي سدائين ڪجن ته ڪيترين ٻين بيمارين کان بچي وڃبو ۽ تندرستي به ٺيڪ رهندي مثلن:
1 - پيئڻ وارو پاڻي ڪاڙهڻ
2 - مکين کان پرهيز ڪرڻ
3 - معدي کي ضعيف ڪندڙ شين کان پرهيز ڪرڻ.
(اخبار تعليم سيپٽمبر 1934)