ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

هاڻوڪو تصوف

موجوده تصوف جا طريقا گهڻائي آهن. جن مان ڪي اهڙا آهن. جن به نسبت وڏن وڏن عالمن بزرگن کان معلوم ٿيو آهي ته اُهي حضرت رسول ﷺ جن يا اصحابن سڳورن  جن نڪي سيکاريا نڪي عمل ۾ آندا. مگر مثال لاءِ هت فقط ڪي ٻه ٽي بيان ڪندس. جن کي وڌيڪ معلوم ڪرڻا هجن سي جناب پير حڪيم ارشاد الله شاهه صاحب ساڪن لعلورانئڪ لڳ وڳڻ تعلقه واره وٽان سندن تصنيف ڪيل ڪتاب ارشاد المعرفت گهرائي پڙهي ڏسن.
(1) طالب وضو ڪري رو قبله دوزانو ٿي وهي ۽ اکيون بند ڪري مرشد طريقه ۽ پير حقيقت جي کان مدد گهري. قلب کي متوجه الي الله ڪري لفظ لا جلي ناف کان ڇڪي دماغ تائين پهچائي ۽ اتاهون لفظ "الهٰ“ کي هيٺيون سڄي ببي تي آڻي ضرب هئي. وري ڪلمي الا الله جي دل تي ضرب هڻي لفظ لا الهٰ چوندي وقت ماسوي الله جي نفي جو خيال دل ۾ ڪري ۽ لفظ الا الله جي چوڻ وقت اثبات ذات جو دل ۾ خيال ڪري. اهڙي طرح انهيءَ ڪلمي جو ذڪر هڪ هزار کان گهٽ نه ڪري. جڏهن تعداد مٿيون پورو ٿئي ته ان وقت اهڙو تصور ڪري جو چنڊ جي چانڊوڪي جهڙي نور سڄي جهان کي گهيري ورتو آهي. انهيءَ خيال ۾ دل کي ايتري قدر جهلي جو خود طالب کي لذت اچڻ لڳي ۽ انس پيدا ٿئي.
پوءِ ساڳي نموني لفظ ”الا الله“ جو ذڪر هزار دفعا ڪري ته ساڳي طرح فقط ٿورو ٿورو تفاوت آهي. سال کن ائين ڪرڻو آهي. پر جيڪڏهن مرشد فيض باطني وارو هجي ته جلد با آسانيءَ سان منزل کي پهچي سگهي ٿو. مگر پير صاحب جن ارمان ظاهر ٿا ڪن ته اڄوڪي زماني ۾ ڪامل ۽ فياض مرشد جو هٿ اچڻ گهڻو مشڪل آهي.
ذڪر نماز کان وڌيڪ آهي ڇو ته نماز پاڻ ذڪر آهي. مگر مطلب اهو آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڳالهه آهي خدا تعاليٰ جي يادگيري. يعني هر وقت الله تعاليٰ کي ياد ڪرڻ ۽ ان جي حڪمراني تي عمل ڪرڻ. هاڻي علمائن سڳورن کي منهنجو عرض آهي ته هڪ هڪ ڪارڊ مون ڏي لکي موڪلين جنهن ۾ مختصر طور هنن سوالن جو جواب ڏين. (1) مٿيان طريقا حضرت جن ﷺ ۽ اصحابن سڳورن سيکاريا ۽ عمل ۾ آندا آهن يا نه ۽ قرآن ۽ معتبر حديثن ۽ فقه ۾ انهن جو بيان آهي يا نه ؟ (2) انهن طريقن تي عمل ڪرڻ ۾ ڪيترو فائدو آهي؟ (3) انهن طريقن جو ذاتي تجربو پرايو اٿن يا نه ؟
مون کي ذاتي تجربو ڪونهي مگر پنهنجي ناقص عقل ائين ٿو اچي ته اهي طريقا ذڪر نه آهن. پر هڪڙي قسم جي قلبي ورزش آهن ۽ تصور آهن. انهن جي وسيلي ڪرشما به ڪري سگهجن ٿا جيئن يوگ ۽ مسمريزم وارا به ڪري سگهن ٿا. انهن مان هڪ قسم جي لذت به حاصل ٿئي ٿي جا لذت يوگ وارن کي به حاصل آهي.
جيئن بدني ورزش ڪرڻ سان پهلوانيءَ جا ڪرشما يا بازيون ڪري سگهجن ٿيون ۽ تندرستي واري لذت پڻ حاصل ٿئي ٿي تئين قلبي ورزش ڪرڻ سان قلبي ڪرشما ڪري سگهجن ٿا ۽ قلبي طاقت جي لذت حاصل ٿئي ٿي. مگر مذهب سان انجو ڪو تعلق ڪونهي. جيڪا روحاني لذت شريعت جي پابندي ۾ الله تعاليٰ جي محبت ۽ دل جي صفائي سان حاصل ٿئي ٿي سا بلڪل ٻي شيءِ آهي. والله اعلم بالصواب.
آخر ۾ مان ڪي ڳالهيون وڌيڪ به آڻيان ٿو جي هن مضمون سان گهرو تعلق ٿيون رکن. اڄ ڪلهه جاهلن مسلمانن شيعن توڙي سنين هندن توڙي ٻين پنهنجي پنهنجي دين کي هڪ منتر ڪري سمجهيو آهي. الف ليليٰ ۾ علي بابا جي ڳالهه آهي ته 40 چور پنهنجو مال هڪ جاءِ ۾ رکندا هئا ۽ ان جو دروازو فقط هڪڙي لفظ چوڻ سان کلي پوندو هو ۽ وري لفظ چوڻ سان بند ٿي پوندو هو. ان ڳالهه وانگر گهڻن جو خيال آهي ته اسان رڳو ڪلمو شريف پڙهنداسين ته بهشت جا دروازا کلي پوندا. ڪي وري چون ٿا ته جن امامن پيرن لاءِ ڳوڙهو ڳاڙيو تن لاءِ دوزخ حرام آهي. ڪي وري چون ٿا ته جيڪو لواري واري پير جي جهندي هيٺ ايندو سو ڇٽل آهي. ڪي وري چون ته جيڪو حضرت عيسيٰ کي خدا جو پٽ سمجهي ۽ ايمان آڻي ته اسان جي گناهن جي ڪفاره لاءِ صليب تي چڙهيو سي ڇٽل آهن. ٻيا سڀ دوزخ ۾ ويندا. مگر قرآن شريف چٽو چٽو فرمائي ٿو ته بهشت ۾ اُهي ويندا. (امنوا وعملوا الصالحات) جي ايمان به آڻيندا ۽ عمل به چڱا هوندا. پاڻ فرمايو اٿن ته مان اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺائڻ لاءِ نبي ٿي آيو آهيان. قرآن شريف سڄو گناهن کان پرهيز ڪرڻ ۽ چڱن عملن ڪرڻ جي ترغيب ٿو ڏئي. سڀني کان وڏا گناهه آهن ٻين تي ظلم ڪرڻ ۽ سڀني کان چڱا ڪم آهن ٻين سان ڀلايون ڪرڻ. الله تعاليٰ ٿو فرمائي:-
لَنۡ تَنَالُوا الْبِرَّ حَتّٰی تُنۡفِقُوۡا مِمَّا تُحِبُّوۡنَ ۬ - يعني توهان تيستائين نيڪي کي پهچي نٿا سگهو جيستائين انهن شين کي (خدا جي راهه ۾ گهرج وارن سان ڀلائي ڪرڻ ۾) نه خرچ ڪيو جيڪي توهان کي پياريون آهن. اسلام جون سڀ هدايتون ڪمال عقل تي ٻڌل آهن ۽ هي اسان جي بدني، اخلاقي، دماغي ۽ مالي ترقي لاءِ ڪامل هدايتون آهن. انهن تي عمل ڪرڻ سان اسين وري به انهيءَ اوج کي رسي سگهون ٿا. جنهن اوج تي اوائلي مسلمان پهچي ويا. اسلام جي سچي سيرت سمجهڻ لاءِ منهنجو عرض آهي ته سنڌ ۾ جيڪي ئي ماڻهو اردو پڙهي سگهن ٿا سي مولانا حالي جو مسدس گهرائي پڙهن. اهو ڪتاب سڀ ڪنهن فرقه ۽ سڀ ڪنهن خيال جي ماڻهوءَ وٽ مقبول آهي. بلڪ ڪن يورپي ٻولين ۾ به ان جو ترجمو ٿيل آهي.
پڇاڙي ۾ منهنجو هي عرض آهي ته اختلاف راءِ سببان ڪنهن کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ وهابي يا منڪر يا ڪافر ڪوٺڻ چڱو نه آهي. جيڪڏهن مخالف راءِ وارو حق تي آهي ۽ فقط گهٽ وڌ ڳالهائڻ وارن کان ڊڄي پنهنجي راءِ ظاهر نه ڪري ته ڪيڏو نه دنيا کي نقصان ٿيو. پر جيڪڏهن سندس راءِ غلط آهي ته به جيستائين اُها راءِ ظاهر نه ڪندو تيستائين ڪئن کيس ۽ ٻين هم خيال ماڻهن کي پنهنجي غلطي معلوم ٿيندي. چڱو ائين آهي ته بحث حق کي پروڙڻ جي نيت سان ڪجي. بلڪ ٿڌي دل سان ۽ شفقت جي نموني تهذيب جي حد اندر دليل ڏيڻ گهرجي. ظرافت ۽ ٽوڪبازي ڪرڻ ٻئي کي گمراه يا جاهل يا بيوقوف ڪوٺڻ ۽ ٻي طرح لعنت ملامت ڪڻ حق جي اشاعت کي آڏو ٿا اچن. حضرت رسول ﷺ جن ڪافرن سان بلڪ وڙهندڙ ۽ ظالم ڪافرن سان اهڙي طرح پيش ايندا هوا جهڙي طرح اڄ ڀائر ڀائرن سان به پيش نه ٿا اچن. رڳو يهودي جو جنازو لگهندو هو ته پاڻ اٿي بيهندا هئا. اڄ ڪلهه تعصب تمام وڌي ويو آهي ۽ مسلمان، مسلمانن کي ڪافر ۽ گمراهه سڏي رهيا آهن. جهيڙو ۽ فساد ڪري رهيا آهن. خود قرآن شريف ۽ الله تعاليٰ رسول الله کي فرمائي ٿو، چئو انهن عيسائين کي ته اچو ته هڪ ڪلمي تي متفق ٿيون ته الله هڪ آهي. ساڻس ڪو به شريڪ ڪونهي. ڏسو ته رڳو هڪ مکيه ڳالهه تي اتفاق ڪرڻ لاءِ تاڪيد ڪيل آهي! اسان مسلمان ته سڀئي توحيد، رسالت، قرآن شريف ۽ حديثن جا قائل آهيون. پوءِ ڇو هڪ ٻئي سان جهيڙن ۾ لڳي ويا آهيون؟ جيڪڏهن اسان قرآن شريف کي سمجهڻ ۾ لڳي وڃون ۽ ان تي عمل ڪريون ۽ پنهنجو سڌارو ڪريون ته ازخود ئي متفق ٿي وڃون.
(توحيد اپريل مئي 1936ع)