تعليمات اسلام
هن ننڍڙي ڪتاب کي تعليمات اسلام جو ديباچو سڏجي ته وڌيڪ شايان آهي. هن ۾ فقط اسلام جا بنيادي اصول بيان ڪيل آهن. تعليمات اسلام بابت انشاءِ الله تعاليٰ هي مسڪين ٻيو ننڍڙو ڪتاب لکندو.
هن ڪتاب جون خوبيون اهو شخص چڱيءَ طرح پروڙي سگهندو جنهن کي سنڌ جي مسلمانن جي اعتقادن ۽ عملن جي پوري خبر هوندي. سنڌ جي مسلمانن جي اها ئي حالت آهي، جيڪا مرحوم شمس العلماءَ مولانا الطاف حسين حالي پنهنجي زبردست نظم مسدس ۾ بيان ڪئي آهي. انهيءَ نظم هندستان ۾ صور اسرافيل جو ڪم ڏنو آهي. مسلمانن کي ننڊ مان اٿاري سجاڳ ڪيو آهي. اهو ڪتاب ڏيکاري ٿو ته اوائلي مسلمانن جي هلت چلت ۽ خيالات قرآن شريف ۽ حديث موافق هئا. مگر زماني جي گردش ڪري مسلمانن ۾ عيش پرستي غالب پئجي وئي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو جو جاهليت ۽ ٻيا سڀئي عيب نيم خواندنگي ۽ خود غرضي رفته رفته مسلمانن کي سچي دين کان غير واقف ڪري ڇڏيو. مولانا حالي ٿو فرمائي ته هاڻوڪا عالم سڌي ۽ سادي معنيٰ کي ڇڏي ڏنگا ڦڏا مطلب ٿا ڪڍن. اڪثر عالمن جو خيال آهي ته عقل ۽ شريعت هروڀرو موافق ناهن. حالانڪه قرآن شريف ۾ هر هڪ اعتقاد لاءِ دليل ۽ هر هڪ حڪم جا فائدا ٻڌايا ويا آهن. مرحوم مولانا شبلي نعماني، حضرت عمر رضي الله ۽ امام اعظم ابو حنيفه ؓ جي سوانح عمرين ۾ ڏيکاريو آهي ته هو ٻئي متبرڪ شخص عقل ۽ شريعت کي موافق سمجهندا هئا ۽ گهڻي قدر عقل کان ڪم وٺندا هئا. حديثن ۾ پڻ عقل ۽ سمجهه جي ضرورت سمجهائي ويئي آهي. اسان جيڪڏهن دماغ کولي قرآن شريف ۽ حديث پڙهي ڏسون ته هڪدم معلوم ٿي وڃي ته اسان جي ترقي، ديني خواه دنيوي جو بهترين وسيلو اسلام ئي آهي. جيڪڏهن اسين وري پورا مسلمان ٿيون ته هڪدم سڀني کان گوءِ کڻي وڃون.
اسلام ۽ علم
حضور اڪرم ﷺ کان اڳ عربن جي حالت سچ پچ وحشين جهڙي هئي. ڪنهن جو اٺ پرائي پوک ۾ پوندو هو يا هڪڙو شخص ٻئي کان گهوڙو اڳ ۾ ڪڍي ويندو هو ته جنگ جو اهڙو ڀنڀٽ ٻري پوندو هو جو هزارين خانا خراب ٿي ويندا هئا. ملڪ ۾ قانون ۽ ضابطو نه هئڻ ڪري ظلم زبردستي تمام گهڻي هوندي هئي. جان ۽ مال جي سلامتي بلڪل ڪانه هئي. تهذيب جو ته نشان به ڪو نه هو. ڌيئرن کي جيئري قبر جي حوالي ڪندا هئا. زنا جائز سمجهندا هئا. نه رڳو ايترو پر پيءُ جي زالن کان به نه ٽرندا هئا. شراب خوريءَ ۾ اهڙا مست ٿي ويندا هئا جو نشي ۾ پنهنجن عزيزن کي به قتل ڪري وجهندا هئا. ڪوڙ ۽ وعده شڪني جو عام رواج هو. دين جي اها حالت هئي جو ڪعبته الله ۾ 360 بت رکيل هئا. ازانسواءِ گهر گهر ۾ به بت رکيل هوندو هو. انهن بتن کي راضي ڪرڻ لاءِ هزارين اٺ ڪهي کڻي اڇلائيندا هئا جن کي ڪتا ۽ گدڙ پيا کائيندا هئا. ان وقت نه رڳو عرب جو ملڪ پر سڄي دنيا بگڙيل حالت ۾ هئي. اهو زمانو ايام جاهليت ٿو سڏجي. هن هڪڙي لفظ ۾ وڏو مقصد رکيل آهي. ڪفر جاهليت مان ٿو پيدا ٿئي، ڇو ته جاهل ماڻهوءَ کي ڪهڙي خبر ته اسلام ڇا آهي ۽ ڪفر ڇا آهي. حضور اڪرم ﷺ جو قول آهي ته الله تعاليٰ جا وڏا دشمن اهي آهن جي پاڻ کي سڏائين مسلمان مگر ڪم ڪن ڪفر جا. هن مان صاف ظاهر آهي ته جاهليت ڪفر کي ويجهي آهي ۽ علم کان سواءِ پورو مسلمان ٿيڻ محال آهي.
جڏهن سڄي دنيا جهل ۽ فساد ۾ غرق ٿي ويئي تڏهن الله تعاليٰ جي غيرت جو درياءُ جوش ۾ آيو ۽ سندس رحمت نازل ٿي. جهل جي ظلمات کي دور ڪري دنيا کي هدايت ۽ علم جي نور سان منور ڪرڻ لاءِ اسلام جو آفتاب مڪي معظم کان اڀري عالمتاب ٿيو. جاهليت هلي ويئي، علم جو دور آيو. عرب پاڻ ۾ ڀائر ٿي پيا، محبت ۽ اتفاق منجهن پيدا ٿيو. اتفاق ۽ علم جي ڪري مسلمان اندلس (اسپين) کان گنگا تائين پکڙجي ويا. بغداد ۽ بخارا مصر ۽ ڪارڊووا علم جا مرڪز ٿيا. پهريون پهريون وحي جو حضرت جبرئيل ؑ آنحضرت ﷺ وٽ آندو سو هي هو:
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیْ خَلَقَ ۚ﴿۱﴾ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ ۚ﴿۲﴾ اِقْرَاْ وَ رَبُّکَ الْاَكْرَمُ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ ۙ﴿۴﴾ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْ ؕ﴿۵﴾
ترجمو: پڙهه پنهنجي رب جي نالي سان جنهن خلق کي خلقيو ۽ انسان کي ٻڌل رت جي ڦڙي مان ٺاهيو، پڙهه رب تنهنجو ڏاڍو مهربان آهي جنهن قلم جي وسيلي علم سيکاريو ۽ انسان کي اهي ڳالهيون سيکاريائين جن جي خبر ئي ڪانه هيس. (سورت العلق:1-5)
هن مان به صاف ظاهر آهي ته الله تعاليٰ جو پهريون حڪم جو اسان جي نبيﷺ کي مليو سو لکڻ ۽ پڙهڻ جو حڪم هو ۽ اسلام جهل کي ڪڍڻ ۽ علم پکيڙڻ لاءِ آيو. الله تعاليٰ جيڪي نالا پنهنجي ڪلام کي ڏنا آهن سي به لکڻ ۽ پڙهڻ جي ضرورت ٿا ڏيکارين، ”قرآن“ جي معنيٰ آهي ”جيڪي پڙهيو وڃي“ ۽ ”ڪتاب“ جي معنيٰ آهي ”جيڪي لکيو وڃي“، ازانسواءِ قرآن شريف ۾ جتي ڪافرن جو ذڪر ڪيل آهي اتي کين جاهل ڪوٺيو ويو آهي ۽ چيو ويو آهي ته هو نٿا ڄاڻن. مطلب ته علم کان سواءِ اسلام حاصل ٿي نٿو سگهي. هاڻي هتي حضرت رسول ﷺ جا ڪي ٿورا قول (حديثون) علم بابت ڏجن ٿا:-
1) علم جي طلب ڪريو اگرچه چين ولايت ۾ ملي.
2) عالم جي مـَـسُ شهيد جي رت کان وڌيڪ پاڪ آهي.
3) جو شخص عالم جي عزت ٿو ڪري سو منهنجي عزت ٿو ڪري.
4) علم جي طلب سڀ ڪنهن مسلمان مرد توڙي عورت تي فرض آهي.
5) جو شخص علم جي شغل ۾ ٿو رهي سو گويا مري ئي نٿو.
6) علم واري جا الفاظ ٻڌڻ ۽ ٻين کي علم جا سبق سيکارڻ عبادتن کان بهتر آهي.
7) علم حاصل ڪريو، علم حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪرڻ سيکاري ٿو بهشت جو رستو ڏيکاري ٿو، بيابان ۾ اسان جو دوست آهي، اڪيلائي ۾ سنگتي آهي، هيڻائي ۾ همراهه آهي، اسان کي سعادت (سک ۽ آرام) ڏانهن نئين ٿو، مشڪلاتن ۾ اسان جو ٿنڀ آهي، دوستن ۾ سينگار آهي ۽ دشمنن ۾ زرهه آهي.
اڄ ڪلهه گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته هي سڀ ديني علم واسطي چيل آهي نه ڪي دنيوي علم واسطي. پر جيڪڏهن ائين هجي ها ته خاص طرح علم الدين جو لفظ ڪم آندل هجي ها. در حقيقت سڀ مفيد علم دنيا خواهه دين لاءِ ضروري آهي. اسلام جي تاريخ مان معلوم ٿيندو ته مسلمان سڀ ڪنهن قسم جي علم ۽ هنر کي وٺي ويا. نه رڳو ٻين قومن جا ڪتاب پڙهيائون، پر انهن جو عربي ۾ ترجمو به ڪيائون، ۽ انهن علمن جي ڪري ئي ايتري ترقي ڪيائون جو اڌ دنيا تي سندن حڪم ٿي هليو.
دين جي ضرورت ۽ اعتقادن جو عملن تي اثر
اسان کي ڪنهن خلقيو؟ ڄمڻ کان اڳ اسان جي ڪهڙي حالت هئي؟ دنيا ۾ اسان ڇا لاءِ پيدا ٿيا آهيون ۽ اسان کي ڇا ڇا ڪرڻو آهي؟ مرڻ کان پوءِ اسان جو ڪهڙو حال ٿيندو؟ اهي سوال اهڙا آهن جي سڀ ڪنهن سمجهو ماڻهو کي دل ۾ پيدا ٿين ٿا. پر انهن جو پورو جواب عاقل ۽ فيلسوف به نه ڏيئي سگهيا آهن. انهن سوالن جي جواب تي انسان جي سعادت (سک) ۽ ترقي منحصر آهي. مگر تسلي جهڙن جوابن نه ملڻ ڪري انسان کي خدا تعاليٰ جي وجوديت (هئڻ) ۾ شڪ ٿو پوي، بلڪ هو خدا جي وجوديت جوانڪار به ٿو ڪري. تنهن ڪري هو بيخوف ٿي پنهنجي ناقص عقل موجب پنهنجي نفس کي خوش رکڻ لاءِ گناهن ۽ فسادن ۾ منهن ٿو وجهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿو ٿئي جو ملڪ ۾ فتنا فساد ۽ مصيبتون ڪاهي ٿيون پون. يورپ جو مثال وٺو، يورپي ماڻهن اگرچه علم ۽ عقل ۾ حيرت انگيز ترقي ڪئي آهي تڏهن به سندن ڪن قومن ۾ زنا، جوا، شراب خوري ۽ ٻيا ڪيترائي تباهه ڪندڙ عيب گهر ڪري ويا آهن. ڇو ته انسان جي ناقص عقل کي خبر ڪانه ٿي پوي ته اهڙن گناهن مان ڪيترو نقصان آهي. جيڪڏهن يورپ ۾ به هن وقت سچي دين جو اثر هجي ها ته سندن حالت عاليشان هجي ها. حقيقت هيءَ آهي ته مٿيان سوال انساني عقل کان ٻاهر آهن. فقط سچو دين ئي انهن جو جواب ڏيئي ٿو سگهي. ۽ فقط سڄو دين ئي نفس اماره تي غالب پئجي ٿو سگهي. تنهن ڪري سچي دين هئڻ کان سواءِ انسان سچو سک هرگز حاصل ڪري نٿو سگهي.
جيڪڏهن انسان جي فطرت يا طبيعت کي جانچي ڏسبو ته معلوم ٿيندو ته انسان ۾ٻين قوتن سان گڏ روحاني قوت به رکيل آهي. جيڪي جهنگلي اگهاڙا ماڻهو جبلن ۾ وحشين وانگر ٿا رهن سي به ڪنهن نه ڪنهن بالائي طاقت ۾ ويساهه ٿا رکن ۽ ان کي راضي ڪرڻ لاءِ ڪانه ڪا عبادت ٿا ڪن. وري جي سڌريل قومن جي ڏاهن ۽ فيلسوفن کي ڏسندؤ ته اگرچه انهن مان ڪي خدا کي مڃيندڙ ناهن، تڏهن به مرڻ وقت جذبي طور بي اختيار خدا کي پڪاري رحمت ٿا گهرن. اها جا روحاني طاقت انسان ۾ رکيل آهي تنهن کي زور وٺائڻ ۽ سڌي راهه تي هلائڻ لاءِ سچي دين جي ضرورت آهي.
قومن جي تاريخ پڙهندي معلوم ٿيندو ته جڏهن ڪنهن قوم ۾ ديني سڌارو ٿيو آهي تڏهن ان قوم دنيائي ڪمن ۾ به سڀ ڪنهن طرح ترقي ڪئي آهي. مگر جڏهن انهن ۾ ديني اعتقاد ڪمزور ٿي ويا، يا دين جو بگاڙو ٿيو تڏهن وري زواليت پاتائون. مسلمانن جي تاريخ ڏيکاري ٿي ته اسلام جي شروعات ۾ مسلمانن حيرت انگيز ترقي ڪئي، مگر جڏهن دولت ۽ حڪمراني هنن کي عيش پرست ۽ سست بنائي دين کان بي پرواهه ڪيو، تڏهن دنيائي شان و شوڪت به کانئن منهن موڙيو تان جو ترين ڀر اچي ڪريا. تاريخ اسان کي چٽيءَ طرح سبق ٿي سيکاري ته سچي دين کان سواءِ سچي ترقي ٿيڻ محال آهي.
مٿي چيل آهي ته انساني عقل نفساني خواهشن تي ئي غالب پئجي نٿو سگهي، فقط ديني اعتقاد ئي نفس کي وس ۾ رکي ٿا سگهن. انهيءَ جو هڪڙو سبب هي آهي ته انسان جو عقل ڪامل ناهي. ڏسو ته عقل ۾ يورپ جي ماڻهن ڪيڏي ترقي ڪئي آهي تڏهن به هو اڃا شراب جا نقصان نٿا سمجهي سگهن. ٻيو سبب هي آهي ته نفساني جذبا تکا آهن مگر عقل ڍرو ۽ ديرينو آهي، تنهن ڪري جيستائين عقل کي فرصت ملي تنهن کان اڳي ئي نفساني جذبي موجب عمل ٿي ٿو وڃي. هن جو مثال هي آهي ته ڪيترائي ماڻهو ڄاڻن به ٿا ته شراب نقصان ڪار آهي ته به ڇڏي نه ٿا سگهن. مگر دين م ايترو ته اثر آهي جو جڏهن پهريائين پهريائين مديني ۾ پڙهو گهميو ته شراب حرام ٿي ويو، تڏهن هڪدم مسلمانن رکيل شراب هاري ڇڏيو، ۽ شراب پيئڻ هميشه لاءِ ڇڏي ڏنائون. هن مان معلوم ٿيو ته چڱن عملن ڪرڻ لاءِ صحيح ديني اعتقادن جي ضرورت آهي. عمل ۽ اخلاق اعتقادن تي منحصر آهن. اسان جيڪو ئي ڪم ٿا ڪريون تنهن بابت پهريائين اهو ويساهه ٿا رکون ته هن عمل مان اسان کي فائدو پوندو، تنهنڪري جيڪڏهن اسان جا اعتقاد صحيح هوندا ته عمل به فائدي وارا ڪنداسين، جيڪڏهن اعتقاد غلط هوندا ته عمل به زيانڪار ڪنداسين. مثلن ايام جاهليت وارا عرب سمجهندا هئا ته جيڪي اٺ اسان ڪهي جهنگ ۾ ڦٽي ٿا ڪيون سي اسان جا ديوتائون کائي اسان تي راضي ٿين ٿا. انهيءَ غلط ويساهه جي ڪري هنن جا هزارين اٺ ضايع ٿيندا هئا. جيڪڏهن اسان هڪ الله کي قادر ۽ حاضر ناظر ڄاڻنداسين ۽ اهو اعتقاد پڪيءَ طرح دل تي وهارينداسين ته قرآن شريف الله تعاليٰ جو ڪلام آهي جنهن ۾ فلاڻن فلاڻن عملن جو حڪم ۽ فلاڻن فلاڻن جي سخت منع آهي ته ڪڏهن به اسان کي خراب عملن ڪرڻ تي دل نه ورندي. اها ته ڳالهه ظاهر آهي ته جڏهن ڪو ماڻهو ڪو گناهه ڪندو آهي تڏهن ٻين ماڻهن کان لڪي ڪندو آهي. هاڻي جيڪڏهن اسان جي دل ۾ يقين هوندو ته الله تعاليٰ هر جاءِ حاضر ناظر آهي ۽ جيڪي اسين ڪيون ٿا ۽ چئون ٿا سو سڀڪي ويٺو ڏسي ۽ ٻڌي ته اسان کي ڪيئن گناهه ڪرڻ جي جرات ٿيندي. ماڻهو جوگناهه ڪن ٿا سو هن ڪري جو هنن جو اهو اعتقاد رڳو زباني آهي نه دلي. ڇو ته پنهنجن عملن سان هو ڏيکارين ٿا ته انهيءَ ڳالهه جا هو سچ پچ منڪر آهن. جيڪڏهن اسان جو پڪو دلي اعتقاد هجي ته الله تعاليٰ جو فرمودو آهي ته فلاڻي ڪم ڪرڻ ڪري اسان کي هن دنيا خواهه آخرت ۾ عذاب ملندو ته ڇو جيڪر اهو ڪم ڪريون. آهي ڪو اهڙو شخص جيڪو ڄاڻي ٻجهي پاڻ کي عذاب ۾ وجهي. دين جو جاهل ماڻهو بي سمجهه ٻار وانگر آهي. ننڍي ٻار کي خبر ڪانهي ته باهه ۾ هٿ وجهڻ ڪري هٿ سڙندو يا مٽي کائڻ ڪري تندرستي خراب ٿيندي. تيئن دين کان غير واقف يا بد اعتقاد ماڻهو کي به خبر ڪانهي ته ڪوڙ ۽ چوري وغيرهه مان ضرر رسندو. ڏسو ته ڪو ماڻهو بيمار ٿو ٿئي ۽ حڪيم ان کي ڪن شين کائڻ کان منع ٿو ڪري ته هو هڪدم هن تي ويساهه آڻي اهي شيون کائڻ ڇڏي ٿو ڏئي. اڄوڪي زماني جا ماڻهو الله تعاليٰ جي فرمودن کي ايترو وزن به نه ٿا ڏين جيترو حڪيمن جي چوڻ کي ٿا ڏين. هن مان صاف صاف معلوم ٿيندو ته اسان جو گناهه ٿا ڪيون ۽ خدا جي حڪمن کان منهن ٿا موڙيون سو رڳو انهيءَ ڪري جو يا ته اسان دين کان غير واقف آهيون يا ته پنهنجي دين کي چڱيءَ طرح پروڙي پڪو اعتقاد نه رکيو اٿئون. اسان جو اعتقاد دين اسلام ۾ ڪيئن پڪو ٿئي تنهن لاءِ هيٺين ڳالهين تي غور ڪرڻ گهرجي.
اسلام جي صداقت
مٿئين باب ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته دنيا ۾ چڱيءَ طرح هلڻ لاءِ سچي دين ۽ صحيح اعتقادن جي ضرورت آهي. هاڻي سوال هي ٿو اٿي ته ڪيئن پڪ پوي ته اسان جو دين سچو آهي ۽ اسلام جا اعتقاد صحيح آهن. پهريائين اسان کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته دين ڇا آهي. مٿي چيو اٿئون ته دين جا مسئلا جهڙوڪ خدا تعاليٰ جي وجوديت ۽ سندس صفتون انساني عقل کان ٻاهر آهن. جيڪڏهن ڪو به انسان پنهنجي عقل سان ديني مسئلن بابت راءِ ڏيندو ته اسان کي هرگز پڪ ڪين ٿيندي ۽ نڪي ٿيڻ گهرجي ته هن جا خيال هروڀرو برابر آهن. اسين ڏسون پيا ته ديني مسئلن بابت سڀني ماڻهن جا رايا هڪ جهڙا ڪين آهن، بلڪه اڪثر مخالف آهن. پوءِ ڪيئن پڪ پوندي ته ڪهڙا صحيح آهن ۽ ڪهڙا غلط آهن. ڪي ماڻهو وري چوندا آهن ته پنهنجو عقل ڪم آڻجي، ۽ جيڪي غلط نظر اچن تن کي رد ڪجي. پر اسان جو پنهنجو عقل ناقص ناهي ڇا؟ انهن مشڪلاتن لاهڻ واسطي الله تعاليٰ پنهنجي فضل سان هر قوم ڏي وقت بوقت پيغمبر پي موڪليا آهن، ۽ انهن جي معرفت پنهنجا ڪتاب انسان جي هدايت لاءِ پي موڪليا اٿس. اهي ڪتاب انساني نه آهن، اهي خدائي ڪلام آهن. جيڪي ماڻهو اها ڳالهه نٿا مڃين يعني وحي ۾ ويساهه نٿا آڻين تن جي خبر ناهي ته پنهنجي ديني ڪتابن ۾، جن کي انساني ڪلام ٿا سمجهن، ڪيئن پڪو ويساهه رکندا هوندا. انساني ڪلام ته ضرور ناقص هوندو. هن مان ثابت ٿيو ته سچو دين اهو سمجهبو جو الله تعاليٰ پاڻ وحي جي رستي انسان کي سيکاريو. هاڻي اسان کي ثابت ڪرڻو آهي ته قرآن شريف سچ پچ الاهي ڪلام آهي.
1 - اهڙي ثابتيءَ لاءِ پهريون ضروري شرط اهو آهي ته جنهن شخص تي الاهي ڪتاب نازل ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي ٿي وڃي تنهنجي تاريخ سچي هجي ۽ سڄي حياتيءَ جو ذڪر چڱيءَ طرح معلوم هجي، انهي لاءِ ته ان شخص جي عملن تي نظر ڪري سندس سچائيءَ جو فيصلو ڪري سگهجي. تنهن کان سواءِ اهو شخص پاڻ ظاهر ڪري ته هي ڪتاب منهنجو تصنيف ڪيل ناهي، پر الاهي ڪلام آهي. جيڪڏهن ڪنهن شخص جي حياتيءَ جو سچو ذڪر لکيل ناهي ته ڪيئن فيصلو ڪري سگهبو ته هو اعتبار جي لائق آهي يانه. پر جيڪڏهن اعتبار جي لائق به هجي تڏهن به جيڪڏهن پاڻ ئي ظاهر نه ڪيو هوندائين ته هي ڪتاب الاهي آهي ته اسان کي وري ڪهڙو حق آهي جو ان کي الاهي ڪتاب سڏيون. حضرت رسول ﷺ جي تاريخ اهڙي محقق ۽ ايتري قدر معلوم آهي جهڙي شايد ٻئي ڪنهن جي به نه هوندي. سندن دشمنن جون شاهديون به موجود آهن. جڏهن دشمنن ڪو عيب منجهن ڪو نه ڏٺو ۽ اسلام جو واڌارو کين حيران ڪرڻ لڳو تڏهن فقط ايترو چئي ٿي سگهيا ته هو جادوگر آهي. اسان اهي حالات پڙهي يقين سان چئي سگهون ٿا ته پاڻ نهايت پرهيزگار ۽ سچا هئا. الله تعاليٰ جي راهه ۾ هزار مشقتون ڏٺائون، بلڪ مال ۽ جان به قربان ڪيائون. اهڙو شخص جيڪڏهن فرمائي ته هي ڪتاب الاهي ڪلام آهي ته اسان کي ڪهڙو سبب آهي جو ويساهه نه ڪريون. مطلب ته اسلام جي صداقت جي وڏي ثابتي آهي حضور اڪرم ﷺ جي سوانح عمري. جنهن شخص کي اسلام جي صداقت ڏسڻي هجي سو اڙدو ڪتاب رحمت اللعالمين پڙهي ڏسي يا مولانا شبلي جو سيرت النبي گهرائي پڙهي. جيڪو اڙدو نه ڄاڻي سو مولوي فتح محمد صاحب جو حيات النبي پڙهي يا هن ڪتاب جي مصنف جو ننڍڙو ڪتاب حالات نبوي پڙهي.
2 - ٻيو ضروري شرط اهو آهي ته جنهن شخص ڪو دين سيکاريو هجي تنهن پاڻ انهن هدايتن تي عمل ڪري ڏيکاريو هجي. انگريزي ۾ پهاڪو آهي ته زباني نصحيت کان مثال بهتر اهي. پارسيءَ واري به چيو آهي ته کردن گفتن فرقي دارد (چوڻ ۽ ڪرڻ ۾ وڏو فرق آهي). حضرت عائشه کان ڪنهن شخص پڇيو ته رسول خدا ﷺ جا اخلاق ڪهڙا هئا. هن جواب ڏنو ته قرآن سندن اخلاق آهي، يعني سندن عمل ۽ اخلاق قرآن شريف سان موافق هئا. حضرت جن ﷺ کي الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ اسوة حسنه يعني بهترين نمونو سڏيو ويو آهي، ۽ اسان کي حڪم ڪيو آهي ته اوهان سندس پيروي ڪريو يعني هن وانگر هلو ۽ هن جهڙا عمل ڪريو. سندن حياتي اهڙين گهڻين ۽ مختلف حالتن ۾ ٿي گذري جو سڀ ڪنهن طبقي ۽ سڀ ڪنهن ڌنڌي جو شخص سڀ ڪنهن حالت ۾ سندن حالات مان پنهنجي لاءِ پوري پوري هدايت وٺي سگهي ٿو.
3 - ٽيون ضروري شرط اهو آهي ته ان ڪتاب جي نازل ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين ان ۾ ذرو به ڦيرڦار نه ٿيو هجي، جيڪڏهن ڪجهه به ڦير ڦار ٿيو آهي ته پوءِ ان کي الاهي ڪلام چوڻ غلط آهي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ٿو فرمائي ته مون سڀ ڪنهن ملڪ ۾ ڪتاب موڪليا آهن، مگر انهن ۾ ماڻهن ڦيرڦار ڪري ڇڏي آهي. قرآن شريف جي لاءِ اهڙيون ثابتيون موجود آهن جو اسلام جي مخالفن کي به مجبورن قبول ڪرڻو ٿو پوي ته ان ۾ زير زبر ۽ نقطي جو به تفاوت ڪو نه ٿيو آهي. الله تعاليٰ پاڻ قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته مان هن ڪتاب کي هميشه محفوظ رکندس. سبحان الله! گذريل تيرهن صدين ۾ قرآن شريف ۾ تر جيتري به تبديلي ڪانه ٿي آهي.
4 - جڏهن حضور اڪرم ﷺ کي ڪافر چوندا هئا ته پنهنجي نبوت جي ثابتيءَ لاءِ ڪا نشاني ڏيکاريو يا معجزو؛ ظاهر آهي ته ٻيا معجزا فقط اهي ڏسي سگهندا جي حاضر آهن. مگر قرآن شريف اهڙو معجزو آهي جو پويان به ڏسي سگهندا. قرآن شريف جي عبارت اهڙي ڪامل آهي جو ڪو به انسان هڪ جملو به قرآن شريف جي ڪنهن به آيت جهڙو نه ٺاهي سگهيو آهي. حضرت رسولﷺ جن لکي پڙهي ڪين ڄاڻندا هئا. ان وقت جا شاعر شعر گوئي ۽ فصاحت ۾ ڪماليت حاصل ڪري چڪا هئا. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ فرمايو ته ڪافرن کي چؤ ته فقط هڪ جملو قرآن شريف جي ڪنهن به آيت جي برابر ٺاهي سگهن ته پوءِ قرآن شريف کي سچو نه سمجهن. مگر ڇا مجال انسان جي جو الله تعاليٰ جي ڪلام سان پنهنجو ڪلام ڀيٽي سگهي. سڀ شاعر ۽ فصيح عاجز ٿي مسلمان ٿي پيا.
5 - اسلام جي سچي تاريخ موجود آهي. ان تاريخ ۾ اسان پڙهي سگهون ٿا ته ڪافرن ڪيئن پهريائين اسلام جي مخالفت ڪئي، ۽ ڪيئن رفته رفته اسلام جي صداقت پنهنجو اثر مٿن پيدا ڪيو جو دشمنن جون دليون به ازخود اسلام ڏي مائل ٿي پيون، جنهنجو ثبوت مختصر طور هيٺ ٿو ڏجي:
دنيا ۾ ڪيترا ماڻهو اهڙا ٿي گذريا آهن جن پاڻ ئي ظاهر ڪو نه ڪيو ته اسان کي الله تعاليٰ توهان ڏي رسول ڪري موڪليو آهي، تنهن ڪري ماڻهن به انهن جي چال وغيره تي ڌيان ڪونه ڏنو. ان هوندي به انهن جي وفات کان ڪيترائي ورهيه پوءِ جاهل ماڻهو انهن کي پيغمبر يا ديوتا سمجهڻ لڳا. مگر رسول خدا ﷺ شروعات ۾ ئي پنهنجي نبوت جو اظهار ڪيو، دشمن ڪافر منجهن عيب ڳولهڻ لڳا، مگر ڪو به عيب نظر ڪونه آين، تڏهن مٿن سختيون ڪرڻ لڳا. جڏهن ڪافرن ڏٺو ته سختين ۽ ظلمن هوندي به حضرت ﷺ ۽ مسلمان اسلام سيکارڻ کان باز نٿا اچن ۽ ٻاهرين تي به قرآن جو اثر جادوءَ وانگر پئجي ٿو وڃي، تڏهن پاڻ ۾ گڏ ٿي صلاح ڪرڻ لڳا ته ٻاهرين مسافرن کي محمد ﷺ بابت ڇا چئجي جو هن کان پري ڀڄن. ڪن چيو ته چونداسين ته هو جوڳي آهي، ڪن چيو ته چونداسين ته هو ديوانو آهي ۽ ڪن چيو ته چونداسين ته هو شاعر آهي، پر وليد بن مغيره جو سڀني کان ٻڍو ۽ سياڻو هو تنهن چيو ته انهن ڳالهين جي محمد ﷺ سان ذرو به مشابهت ڪانهي. اسان کي اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ نه گهرجن جو ماڻهو چون ته اسان ڪوڙا آهيون. هڪڙي چيو ته چوڻ گهرجي ته هو جادوگر آهي. وليد چيو ته جنهن پاڪائي ۽ لطافت سان محمد ﷺ ٿو رهي سا جادوگرن ۾ ڪٿي آهي. وليد پوءِ چيو ته اسان فقط ايترو چئي ٿا سگهون ته محمد ﷺ جي ڪلام ۾ عجيب ميٺاج آهي، هن جي ڪلام ۾ اهڙو تاثير آهي ۽ دل تي اهڙو اثر پيدا ٿو ڪري جو پي پٽ، ڀاءُ ۽ زال مڙس جي وچ ۾ جدائي وجهي ٿو ڇڏي. هڪڙي ڀيري هرقل روم جي شهنشاهه حضرت محمد ﷺ جي دشمن ابوسفيان کي گهرائي سندن حقيقت پڇي. هڪڙو سوال اهو به ڪيائينس ته هن ڪڏهن ڪوڙ به ڳالهايو آهي. ابوسفيان چيو ته نه. تنهن تي هرقل چيو ته جنهن شخص ڪڏهن انسان تي به ڪوڙ نه ٻڌو سو خدا تي ڪيئن ڪوڙ هڻندو.
6 - اگرچه قرآن شريف ئي حضرت ﷺ جو دائمي ۽ ڪافي معجزو آهي تڏهن به کانئن ڪيترائي معجزا ۽ پيشنگويون صادر ٿيون جي اڄ تائين حيرت انگيز نظر اچن ٿيون. قرآن شريف ۾ ڪيتريون ئي پيشنگيون آهن جي سڀ سچيون ٿيون آهن. ڪيترائي ماڻهو عقل جي وسيلي پيشنگويون ڪندا آهن جي اڪثر ڪري سچيون ٿينديون آهن، مگر انهن کي ولي يا پيغمبر نه چئي سگهبو. پيشنگويون اهڙيون هجن جي چٽيون چيل هجن ۽ اهڙيون اڻ ٿيڻ جهڙيون ڏسڻ ۾ اچن جو انساني عقل اٽلندو انهن جي ابتڙ راءِ ڏئي. پوءِ به جيڪڏهن اهي سچيون ثابت ٿين ته سمجهبو ته سچ پچ اهي الهامي آهن. ٻيو شرط هي آهي ته سڀ پيشنگويون سچيون نڪرن. ائين نه ٿئي جو هڪڙيون سچيون ٿين ٻيون ڪوڙيون.
7 - قرآن شريف هڪ زنده ۽ مشهور زبان ۾ سادي ۽ صاف عبارت ۾ لکيل آهي. جنهن ڪري ان جون هدايتون هر ڪوئي پڙهي ان تي عمل ڪري سگهي ٿو. ڪي مذهبي ڪتاب اهڙا وڏا آهن يا اهڙي ڏکي ۽ منجهيل عبارت ۾ لکيل آهن جو هن وقت اهي ڪتاب عام ماڻهن لاءِ ڪارائتا ٿي نٿا سگهن. تنهن کانسواءِ انهن جو مطلب چٽو نه آهي. جن جو چٽو آهي ته وري اهڙو عقل جي مخالف آهي جو ان کي مروڙي سروڙي پنهنجي معنيٰ ڪڍڻي ٿي پوي. مثلن قديم يوناني ماڻهن پنهنجي جهوني مذهب جي ڳالهين کي استعاره (پرولي) سمجهي مروڙ سروڙ ڪري پنهنجا مطلب ڪڍيا. پر آخرڪار ڪڪ ٿي اها بيقائدي ڪوشش بند ڪيائون. مگر قرآن شريف جي عبارت نهايت صاف آهي. حضرت رسول ﷺ جيڪي سمجهاڻيون ان بابت ڏنيون سي به موجود آهن ۽ سندن حياتي جو ذڪر به قرآن شريف جو گويا عملي تفسير آهي، تنهنڪري اسلام جي تعليمات سمجهڻ ۾ مشڪلات ڪانه ٿي پوي.
8 - عربي زبانن جي ڏاڏي ۽ الهامي زبان آهي، يعني اها ئي زبان آهي جا الله تعاليٰ اسان جي ڏاڏي حضرت آدم ؑ کي سيکاري. خواجه ڪمال الدين صاحب پنهنجي اڙدو ڪتاب ام الالسنه (ٻولين جي ماءُ) ۾ انگريزي ۽ عربي لفظن جي ڀيٽ ڪري ڏيکاريو آهي ته انگريزي لفظ عربي زبان مان نڪتل آهن. اهڙيءَ طرح ٻين زبانن بابت به ثابت ڪري سگهجي ٿو ته اهي اصل عربي زبان مان نڪتل آهن. عربي زبان جي الهامي هئڻ لاءِ هي ثابتي پيش ٿو ڪري ته جيڪي شين جا نالا عربي زبان ۾ رکيل آهن تن جي لغوي معنيٰ مان انهن شين جي ڳجهي خاصيت معلوم ٿيو وڃي جنهن جي اڳي بلڪل خبر ڪانه هئي. عربي زبان ديني خيالن ظاهر ڪرڻ لاءِ با الخصوص لائق آهي. مثال لاءِ ٻه لفظ اثم ۽ توبه وٺو. اثم گناهه کي چئبو آهي. توبه جي لغوي معنيٰ آهي موٽي سنئين راهه تي اچڻ. عام ماڻهو ائين سمجهندا آهن ته جيڪڏهن اسان ”توبه توبه“ چونداسين ۽ معافي گهرنداسين ته اسان جا سڀ گناهه مٽجي ويندا. مگر لغوي معنيٰ چٽيءَ طرح ڏيکاري ٿي ته اڳين گناهن جي معافي تڏهن ملندي جڏهن ڏنگي راهه ڇڏي سڌي سنئين راهه تي هلبو. ڏسو ته عربي زبان ۾ ڪهڙي حڪمت رکيل آهي. خواجه ڪمال الدين صاحب ائين به ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته عربي زبان ۾ اصل کان وٺي حضرت ﷺ جي زماني تائين ڪو بگاڙو ڪو نه پيو آهي ۽ ڦير ڦار کان صاف رهي آهي. هن بيان مان اهو نتيجو ٿو نڪري ته آخري ۽ ڪامل مڪمل دين لاءِ اها ئي زبان موزون آهي.
9 - قرآن شريف جون تعليمات به ان جي الاهي ڪتاب هئڻ جو ڪافي ثبوت آهن. ڪنهن به الاهي ڪتاب ۾ اهڙي ڳالهه هڪ به نه هئڻ گهرجي جا ظاهر ظهور غلط ثابت ٿي هجي، مثلن ان ۾ ائين لکيل نه هجي ته ڌرتي سنئين سڌي پکڙيل آهي ۽ شيش نانگ جي مٿي تي يا ڏاند جي سڱ تي بيٺل آهي. جيڪڏهن پوريءَ طرح ثابت ٿي وڃي ته ڌرتي هڪ ڳوڙهو آهي ۽ ڪنهن به شيءَ تي نه آهي ته پوءِ اهڙي ڪتاب کي الاهي ڪتاب ڪيئن چئي سگهبو؟ تنهن کانسواءِ سڀني ماڻهن لاءِ ۽ سڀ ڪنهن زماني لاءِ الاهي ڪتاب اهو سمجهبو جنهن ۾ سڀ ضروري هدايتون هجن جن مان جاهل خواهه فيلسوف فائدو وٺي سگهن، ۽ اهي هدايتون به اهڙيون هجن جن کان بهتر هدايتون ٿي ڪين سگهن. ٻيو انهيءَ ڪتاب ۾ سڀني ضروري مسئلن جو پورو پورو جواب ڏنل هجي (انهيءَ لاءِ ڏسو انگريزي ننڍڙو ڪتاب ٽيچنگز آف اسلام). فقط اهڙي ڪتاب کي ئي ڪامل چئي سگهبو ۽ بيشڪ قرآن شريف ڪامل ۽ مڪمل ڪتاب آهي. اڄ تائين هر هڪ مذهب جي ماڻهن ايئن پئي سمجهيو آهي ته فقط اسان جو مذهب سچو آهي ۽ ٻيا سڀ ڪوڙا آهن. مگر قرآن شريف ۾ ئي سچي حقيقت ڏنل آهي ته اصل ۾ سڀ مذهب سچا هئا، ۽ سڀني ۾ هڪ الله تعاليٰ جي عبادت جو حڪم ڪيل هو. الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته سڀ ڪنهن زماني ۾ ۽ سڀ ڪنهن قوم ڏي سچا پيغمبر ۽ سچا ڪتاب موڪليل هئا. مگر هر هڪ ڪتاب فقط ان زماني ۽ ان قوم جي حالت لاءِ ڪافي هو. تنهن کان سواءِ انهن ڪتابن ۾ زماني جي گردشن ڪري ڦير ڦار به ٿي ويو. مگر جڏهن سڄي دنيا جي ميلاپ ۽ ترقي جو زمانو آيو تڏهن سڀني قومن لاءِ فقط هڪ ڪامل مڪمل ڪتاب جي ضرورت ٿي ۽ قرآن شريف نازل ٿيو.
اڄ ڪلهه دنيا ۾ ڪيترائي ماڻهو آهن (اڪثر اهي جي مذهبي ڪتابن ڏي نهارين به ڪين) جي چون ٿا ته سڀئي مذهب سچا آهن ۽ سڀني ۾ خدا کي مڃڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جو حڪم آهي. جيڪڏهن ڪو ٿورو فرق آهي ته واٽن ۾ آهي تنهن جي گهڻي حرڪت ڪانهي ڇو ته ڪنهن شهر ڏي وڃڻو هوندو آهي ته ڪيترين ئي واٽن کان وڃي سگهبو آهي. اهو خيال بلڪل غلط آهي. پهريائين ته سڀئي واٽون ساڳئي شهر ڏي ڪين وينديون، شايد ڪي اهڙيون ڏکيون هجن جو مسافر واٽ تي ڦرجي وڃن يا پاڻي نه ملڻ ڪري مري وڃن. سچ هي آهي ته نه رڳو واٽن ۾ فرق آهي پر بلڪل ضروري ۽ مکيه اعتقادن ۾ به فرق آهي. مثلن اسلام سيکاري ٿو ته خدا هڪ آهي جو نه ڪنهن مان ڄائو آهي ۽ نه ڪنهن کي ڄڻيو اٿس. مگر عيسائن جو مکيه اعتقاد آهي ته حضرت عيسيٰ ؑ خدا جو پٽ آهي، ۽ خدا آهي، نه انسان. پوءِ ڪيئن چئي سگهجي ته هاڻوڪي حالت ۾ سڀني مذهبن جي تعليم ساڳي آهي. ٻيو مثال وٺو. اسلام ۾ شراب ورتائڻ جي سخت منع آهي. مگر بائبل ۾ منع بلڪل لکيل ڪانهي اٽلندو ڪن پيغمبرن جي بيان ۾ ائين آيل آهي ته هن شراب پيتو. هن مان به سمجهبو ته هاڻوڪن سڀني مذهبن جي تعليم ساڳي نه آهي. گهڻا ماڻهو اهو مٿيون خيال هن نيت سان ظاهر ڪندا آهن ته مختلف مذهبن جي ماڻهن جي وچ ۾ تعصب ۽ نفاق آهي سو هليو وڃي. اها نيت نهايت چڱي آهي، پر هڪڙي غلط خيال جي مدد سان اها مراد پوري ٿي ڪين سگهندي، نه رڳو اها مراد پوري نه ٿيندي پر اٽلندو اهو نقصان ٿيندو جو ماڻهو دين جو اڀياس کليل دماغ سان نه ڪندا، بلڪه دين کي صفا ڇڏي ڏيندا. دنيا ۾ مذهبي خواه ٻين خيالن جو اختلاف هميشه رهيو آهي ۽ شايد هميشه رهندو. رڳو ٻه ڀائر به اهڙا ڪين لڀندا جي هم خيال هجن. مخالف خيالن هئڻ ڪري هروڀرو دشمني پيدا ٿيڻ گهرجي ڇا؟ اسلام ته چٽيءَ طرح سان سيکاري ٿو ته غير مسلمانن سان گڏ کائي پي سگهجي ٿو، ۽ حڪم ٿو ڪري ته غير مسلمانن سان شفقت ۽ عزت سان هلو، جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر انهن سان ڀلائي ڪريو، مظلومن جي مدد ڪريو ۽ ذات انسان سان محبت رکو. جيڪا دشمني قومن جي وچ ۾ آهي سا جاهليت ۽ گمراهي جي ڪري آهي. جنهن شخص کي دنيا ۽ آخرت جي سعادت حاصل ڪرڻي آهي تنهن کي گهرجي ته دين جي مسئلن کي سڀ ڳالهه کان وڌيڪ ضروري سمجهي، پنهنجي ۽ پرائي مذهب جو پورو اڀياس ڪري حق کي اختيار ڪري. جنهن کي اسلام جون تعليمات معلوم ڪرڻيون هجن تنهن کي گهرجي ته سيد امير علي جا انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب، خواجه ڪمال الدين جو رسالو اسلامڪ ريويو، مرزا غلام احمد قادياني جي اسلام تي هڪ تقرير ڪنهن ديني ڪانفرنس ۾ ڏنل، جنهنجو انگريزي ترجمو ٿيل آهي ۽ نالو ٽيچنگز آف اسلام رکيل اٿس سا، خواجه ڪمال الدين جو ننڍڙو ڪتاب سيئنگس آف محمد جنهنجو مون ترجمو احاديث نبوي جي نالي سان ڇپايو آهي سو ۽ مولوي محمد علي صاحب جو انگريزيءَ ۾ هولي قرآن جنهن ۾ قرآن شريف جو ترجمو ۽ تفسير ڏنل آهي سو پڙهي ڏسي.
اسلام ۽ تسليم ڪرڻ
اسلام لفظ جي اصلي معنيٰ آهي صلح ڪرڻ. مسلمان اهو آهي جنهن الله تعاليٰ سان خواهه انسان سان صلح ڪيو آهي. الله تعاليٰ سان صلح جي معنيٰ آهي تسليم يعني خدا تعاليٰ جي مرضيءَ تي هلڻ ۽ سندس رضا تي راضي رهڻ. خدا تعاليٰ جي مرضي فطرت جي قاعدن ۾ ڏيکاريل آهي ۽ قرآن شريف ۾ پوريءَ طرح بيان ڪيل آهي. اسان جي دين تي اهو نالو الله تعاليٰ پاڻ قرآن شريف ۾ رکيو آهي ۽ هڪڙي آيت ۾ چيل آهي ته اسلام انسان جو فطري دين آهي. انسان سان صلح ڪرڻ جي معنيٰ آهي سڀني سان ڀائرن وانگر پيش اچڻ. تنهن ڪري اسان کي لازم آهي ته سڀني ماڻهن سان صلح سانت ۾ رهون. نه رڳو ايترو پر ٻين جو ڀلو به چاهيون. حديث شريف ۾ آهي ته خدا تعاليٰ ٿو فرمائي ته: ”اي بندا مون سان محبت اٿيئي، ته پهريائين سڀني انسانن سان محبت رک.“ اسان کي ڪنهن به انسان مسلمان توڙي غير مسلمان سان دشمني رکڻ جائز ناهي، نڪي ڪنهن کي به ناحق رنجائڻ مناسب آهي. پر انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته ڪو ماڻهو اسان کي سڄي ڳل تي چماٽ هڻي ته کٻو ڳل به ڦيرائي ڏجيس. ائين ڪرڻ چڱو هجي ها ته نڪي ڪورٽون هجن ها ۽ نڪي قاعدا، بدمعاشن کي سزا ڏيڻ يا ڏيارڻ ته اٽلندو ثواب آهي. جج ڪنهن چور يا ڌاڙيل يا خونيءَ کي سزا ٿو ڏئي سو نه انهيءَ ڪري ته هن سان دشمني اٿس يا ذاتي تعصب اٿس پر هن ڪري ته ذات انسان جي سلامتي رهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو شخص هروڀرو اسان جو نقصان ڪري ته هن کي سزا ڏيڻ يا ڏيارڻ ثواب جو ڪم آهي. پر جي سزا ڏيڻ کان سواءِ هن کي سڌاري چڱو ڪري سگهجي ته معافي ڏيڻ ۾ وڌيڪ ثواب آهي. مگر جيڪڏهن هن جي سڌارڻ لاءِ ٻيو علاج ڪونهي ته هن کي ضرور سزا ڏيڻ يا ڏيارڻ گهرجي. جيڪو ائين نه ڪندو سو بزدل يعني ڊڄڻو يا بيوقوف سمجهبو. ڇا ڪاڻ ته ڏوهه ڪندڙ کي سزا نه ايندي ته هو وري ٻيا ڏوهه به ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي به آزاريندو. جيڪڏهن ڪنهن شخص کي قصاص يا بدلي وٺڻ جي طاقت ڪان هجي ته سڀني مسلمانن تي فرض آهي ته هن کي قصاص وٺڻ ۾ مدد ڪن نه ته سندن جان ۽ مال جي به سلامتي ڪانه رهندي. مظلوم جي مدد ڪرڻ ۾ سڀني جو فائدو آهي، ڇو ته جيڪڏهن ظالم کي سزا نه ايندي ته ٻين سان به ظلم ڪندو ۽ سڀني تي ظلم جو وارو ايندو. اڄ ڪلهه ڪو زبردست ڪنهن هيڻي تي ظلم ٿو ڪري ته مدد ته پنهنجي ماڳ اٽلندو هن زبردست ظالم جو پاسو ٿا وٺن ۽ هن جي پاران ڪورٽ ۾ قسم تي ڪوڙي شاهدي ڏيئي پنهنجي قيامت به ٿا خراب ڪن. ائين نٿا سمجهن ته اڄ هن غريب تي ظلم ٿيو آهي، سڀاڻي اسان جو به وارو ايندو. اهڙن ڪمن ۾ ظالم کان ڊڄڻ نه گهرجي. الله تعاليٰ حق جي حمايت ڪندو آهي. ظالم کي سزا نه ڏيارڻ ۽ سندس پاسو وٺڻ خود ظالم سان به دشمني ڪرڻ آهي. ڇو ته هن کي سزا نه ايندي ته وڌيڪ خراب ٿيندو ۽ دنيا ۽ آخرت ۾ خوار ۽ ذليل ٿيندو ۽ دوزخ جو ٿنڀ بڻبو. جيڪڏهن ڪو ٻيو شخص به ڪنهن هيڻي مظلوم جي مدد نه ڪري ته پوءِ صبر سان سختيون سهي، ۽ الله تعاليٰ کان ان بدمعاش جي سڌرڻ لاءِ دعا گهري؛ ذاتي دشمني بلڪل ڪانه رکي. جيڪڏهن هو نه سڌرندو ته الله تعاليٰ ضرور هن کي خراب ڪندو. اهڙيءَ طرح جيڪا قوم ٻي قوم تي ظلم ڪندي سا به ضرور زواليت ڏسندي ۽ ضرور برباد ٿيندي، خصوصن تڏهن جڏهن مظلوم قوم حق تي هوندي، ۽ چڱا عمل ڪندي. جيڪڏهن خراب عمل هوندس ته ظالم جي هٿان برباد ٿي ويندي.
ڪلمه طيب ۽ ان جو عملي نتيجو
اسان هڪ جملي ۾ چئي ٿا سگهون ته مسلمان ڪنهن کي ٿو ڪوٺجي. انهيءَ جملي ۾ سڀ مسلمان ۽ سڄو اسلام اچي ٿو وڃي. مسلمان اهو جو مڃي ته لا اله الا الله محمد رسول الله. يعني الله کان سواءِ ڪو معبود (عبادت يا ٻانهپ جو لائق) ڪونهي ۽ محمد ﷺ الله تعاليٰ جو پيغام پهچائيندڙ آهي. اڄ ڪلهه مسلمان رڳو زبان سان ڪلمو پڙهن ٿا مگر سمجهن ڪجهه به ڪين ٿا. ايمان آهي ”اقرار باالسان وتصديق با القلب“. اڄوڪي زماني جا مسلمان قلب سان تصديق ڪرڻ ته پنهنجي ماڳ پر رڳو زباني اقرار به نالي جو ٿا ڪن. ڇو ته طوطي وانگر پڙهڻ کي اقرار ڪين چئبو. ڪلمو ته ٻين مذهبن جا ماڻهو به چئي ٿا وڃن. مگر مسلمان انهيءَ کي چئبو جو ڪلمي تي ويساهه آڻي ۽ قبول ڪري. ڪا به ڳالهه قبول تڏهن ڪبي آهي جڏهن سمجهه ۾ ايندي آهي. نه سمجهبي آهي ته چئبو آهي ته مان سمجهان ئي نٿو. جيڪڏهن ڪنهن رڳو سنڌي ڄاڻندڙ ماڻهوءَ سان ڪو انگريزي دان انگريزيءَ ۾ ڳالهائي ۽ هو سنڌي دان سمجهڻ کان سواءِ هائو هائو ڪندو وڃي ته هو ڪهڙو نه بيوقوف چئبو. اهو ئي حال آهي اڄوڪن مسلمانن جو. هو قبرن ۽ پيرن جي به پوڄا ڪرڻ لڳا آهن ڇو ته لا اله الا الله جي معني جي هنن کي بلڪل خبر ڪانهي.
حضرت محمد ﷺ جيڪو خدا جو پيغام اسان کي پهچايو آهي سو آهي قرآن شريف. سڀڪو ئي مولوي ۽ سياڻو ماڻهو چئي سگهندو ۽ قرآن شريف ۾ بار بار فرمايل آهي ته الله تعاليٰ قرآن شريف انهيءَ لاءِ موڪليو آهي ته ان جون نصيحتون ۽ هدايتون پڙهي انهن تي عمل ڪري هن دنيا ۾ خوش گذاريون ۽ آخرت ۾ به سعادت پرايون. اڄوڪي زماني جي مسلمانن انهيءَ مقصد کي بلڪل وساري ڇڏيو آهي. هو الله تعاليٰ جي نياپي جي اها عزت ٿا ڪن جو ان کي پوتيون پهرائي مٿي جاري ۾ رکي ٿا ڇڏين، يا ان جو قسم ٿا کڻن، يا بيمار ماڻهوءَ کي ٿا بخشارائين يا استقاط وقت ڪم ٿا آڻين. ڪي ڪي مسلمان وري قرآن شريف پڙهن ٿا پر سمجهن ذرو به ڪين ٿا. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ اسان لاءِ هدايتون موڪليون آهن جن تي عمل ڪرڻ ۾ اسان جو فائدو آهي. سمجهو ته هڪڙو ماڻهو پنهنجي پٽ ڏي خط ٿو موڪلي تنهن ۾ نصيحتون ۽ حڪم لکي ٿو موڪليس. پٽ ڇا ٿو ڪري جو خط کي بنان پڙهڻ جي پوتيون پارائي رکي ٿو ڇڏي ۽ هر روز چميون ٿو ڏيس. هاڻي ٻڌايو ته اهو پٽ عقلمند چئبو يا بيوقوف؟ ۽ سندس پيءَ اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿيندو يا ڪاوڙبو؟ انهيءَ مثال مان سمجهي سگهبو ته قرآن شريف کي نه رڳو پوتيون پهرائجن پر پڙهجي به. وري سمجهو ته هڪڙو بادشاهه پنهنجي هڪ زيردست نواب ڏي فرمان ٿو موڪلي. فرمان انگريزيءَ ۾ لکيل آهي، مگر اهو نواب انگريزي نٿو ڄاڻي. هو ڇاٿو ڪري جو اهو خط پڙهڻ سکي ٿو مگر معنيٰ نٿو پڇي. پوءِ هو هر روز ان خط کي پيو ٿو پڙهي، پر اها خبر ڪانه ٿي پويس ته بادشاهه مون ڏي ڇا لکيو آهي، تنهنڪري جيڪي حڪم بادشاهه لکيا اٿس تن جي تعميل نٿو ڪري. هاڻي ٻڌايو ته اهو نواب عقلمند چئبو يا بيوقوف؟ ۽ بادشاهه اها ڳالهه ٻڌي خوش ٿيندو يا غصي ۾ اچي ويندو؟ انهيءَ مثال مان سمجهي سگهبو ته ضروري آهي ته يا عربي زبان سکي قرآن شريف پڙهجي يا سنڌيءَ ۾ لکيل ديني ڪتاب ۽ قرآن شريف سنڌي ترجمي سان پڙهڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح جڏهن خدا جي حڪمن جي خبر پوندي تڏهن انهن تي عمل ڪرڻ جو شوق به ٿيندو، ڇو ته پوري اڀياس ڪرڻ مان معلوم ٿيندو ته انهن تي عمل ڪرڻ ۾ اسان جو ئي فائدو آهي.
ديني فرض ۽ انهن جو سمجهڻ
اسان ديني فرض روزا، نماز، زڪوات وغيرهه پاڻ تي بار ٿا سمجهون سو رڳو انهيءَ ڪري جو اهي سڀ ڪم اسان بنا سمجهڻ جي ٿا ڪيون. درحقيقت سمجهه کان سواءِ ديني احڪامن بجا آڻڻ ۾ گهڻو فائدو ڪونهي. حديث شريف ۾ آهي ته جا شيءِ پهريائين خلقي ويئي سا آهي عقل. ٻي حديث ۾ آهي ته هڪڙو ماڻهو روزا ٿو رکي، نمازون ٿو پڙهي وغيره وغيره پر هن کي ثواب فقط اوترو ملندو جيتري سمجهه ڪم آندي هوندائين. ٽين حديث ۾ آهي ته جنهن نماز ۾ جسم سان دل شامل نه آهي تنهن نماز تي الله تعاليٰ ڌيان ڪونه ٿو ڏئي. دل شامل تڏهن ڪري سگهبي جڏهن نماز ۽ نماز جا الفاظ ۽ ارڪان سمجهبا. روزن جي بابت حديث ۾ آهي ته جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪوڙ گلا ۽ ٻيا گناهه نٿو ڇڏي ته ان جي رڳو بک ڪڍڻ تي الله تعاليٰ راضي ڪونه ٿو ٿئي. اهڙي طرح سڀئي ديني احڪام پورين هدايتن ۽ سمجهه سان بجا نه آڻبا ته پورو ثواب نه ملندو. خيرات به خيرات جي حقدارن کي نه ڏبي ته گهڻو ثواب نه ملندو.
هن زماني ۾ مسلمان نڪي ڪلمون ٿا سمجهن نڪي نماز. نڪي دعا ٿا سمجهن نڪي خطبو، نڪي نڪاح ٿا سمجهن نڪي طلاق. عالمن کي گهرجي ته هر روز مغرب جي نماز وقت ڳوٺ جي ماڻهن کي سڏي فقط پنج منٽ ديني تعليم ڏين، نه وعظ جي نموني، پر سيکارڻ جي نموني. ماڻهن کان ائين سوال پڇن جئين سبق پڇبو آهي. ڪلمي کان وٺي ديني تعليم ڏين. مسجد ۾ خواهه عيدگاهه ۾، شادين تي خواه غمين تي، ميلن ۽ مجموعن ۾ پڻ ديني تعليم ڏيندا رهن. رڳو هڪ هڪ لفظ هر روز سيکارين ته به ديني تعليم ماڻهن ۾ گهڻي قدر پکڙجي وڃي. اهو خيال بلڪل نه ڪجي ته ماڻهو ڪين ٻڌندا ۽ اثر ڪونه ٿيندو. مولوين کي پنهنجي هدايت ۽ رهنمائي دائما جاري رکڻ گهرجي. اثر رفته رفته ضرور پيدا ٿيندو.
توحيد ۽ مساوات
جارج سيل صاحب قرآن شريف جي ترجمي جي ديباچي ۾ ٿو لکي ته اسلام جون سڀ تعليمون توحيد (يعني الله تعاليٰ جي هيڪڙائي) جو لازمي نتيجو آهن. يعني جيڪو قبول ڪندو ته الله تعاليٰ هڪ آهي تنهن کي اسلام جون سڀ تعليمون مڃڻيون پونديون. هن جو اهو چوڻ سچ آهي. لا اله الا الله ۾ سڄو اسلام سمايل آهي. اسان هتي لا اله الا الله جي فقط هڪ نتيجي جو ذڪر ٿا لکون.
خواجه ڪمال الدين صاحب پنهنجي اڙدو ڪتاب براهين نيره ۾ ٿو لکي ته ڪلمه توحيد يعني لا اله الا الله جي حقيقت خود شارع اسلام ﷺ نهايت چئن لفظن ۾ بيان ڪري ڇڏي آهي. پاڻ فرمايائين ته لا اله الا الله جي مراد آهي لا معبود لي - ولا مقصود لي - ولا مطلوب لي الا الله - يعني انسان هڪ خدا کي ئي پنهنجو مخدوم ۽ متبوع ۽ حاڪم ڪري مڃي، ۽ انهيءَ هڪ کي پاڻ کون وڏو ڪري سمجهي ۽ ان جي مقابلي ۾ ڪنهن جي به وڏائي ۽ شان شمار ۾ نه آڻي. توحيد جي هن مراد کي ذهن ۾ رکي خدا جي مخلوقات تي نگاهه ڪبي ته ڪل مخلوقات الاهي ٻن قسمن ۾ ڏسڻ ايندي. جيڪڏهن انسان کان وڏو فقط هڪ الله تعاليٰ ئي آهي ته باقي ڪل مخلوق يا ته انسان سان برابر يا انسان کان مرتبي ۾ گهٽ رهجي ويندا. اهڙي طرح جيڪڏهن خدا تعاليٰ ئي انسان جو هڪ مخدوم ۽ مالڪ آهي ته وري باقي جو ڪجهه آهي سو يا ته انسان سان برابر يا انسان جو خادم ۽ تابع ٿيندو. هاڻي ڪل مخلوقات کي جيڪڏهن اسين ٻن ڀاڱن، انسان ۽ غير انسان ۾ ورهائينداسين ته انسان ۾ برابري ۽ انسان ۽ غير انسان ۾ حاڪم ۽ نوڪر، مخدوم ۽ خادم جو فرق نظر ايندو. هي اهو توحيد جي مسئلي جو راز آهي جو قرآن شريف اسان کي سمجهايو. خدا نه اسان جي تعريف ۽ نه اسان جي خالص مخلص عبادت جو محتاج آهي، بلڪه هي سڀ انهيءَ لاءِ آهي ته خدا تعاليٰ کان سواءِ اسان جي نگاهه ۾ ڪوئي وڏو نه رهي. باقي سڀ مخلوق يا ته اسان سان برابريءَ جي درجي تي اچي وڃي يا ته اسان ان کي پنهنجو خادم يا غلام سمجهون. الغرض توحيد جو وڏو مقصد هڪ هي آهي ته انسان پاڻ ۾ اتحاد (ميلاپ) ۽ مساوات (هڪجهڙائي) جو لاڳاپو پيدا ڪن ۽ باقي مخلوقات ۾ مخدوم ۽ خادم جو لاڳاپو ٿي وڃي. هن حقيقت جي قائم ٿيڻ تي سڀني ترقين جو دروازو کلي ٿو پوي.
تنهنڪري جو سبق قرآني توحيد مان ڪو انسان حاصل ڪري ٿو سو مساوات جو سبق آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسلام سان گڏ ئي مساوات دنيا ۾ اچي ويئي، ۽ يورپ جو ڪجهه جمهوريت (رعيتي راڄ) بابت سکيو سو مسلمانن کان. فقط مسلمانن ئي هي اصول دنيا ۾ سڀني کان اڳي قائم ڪيو ته انسان انسان سان برابر ۽ همسر آهي. هي اهو پاڪ ۽ بلند خيال آهي جنهن سان انسان جي همت بلند ۽ هن جو نصب العين (مقصد) اوچو ۽ اعليٰ ٿي ٿو پوي. هن سان ذات پات جو فرق، رنگ، ملڪ ۽ قوم جو ڀيد، جنهن هر جاءِ انسان کي سچي تهذيب (اخلاقن جي سڌاري) کان روڪيو آهي سو غالب ٿي ٿو وڃي. ”مان اهو ئي ڪري سگهان ٿو جو فلاڻي ۽ فلاڻي ڪيو، منهنجون قوتون ۽ لياقتون اهي ئي آهن جي فلاڻي فلاڻي جون آهن“. هي اهو حوصله وڌائيندڙ خيال آهي جو سڀ ڪنهن انسان ۾ ريس ۽ ڪنهن ٻئي سان برابر ٿيڻ جو شريف جذبو پيدا ڪري هن کي زندگيءَ جي سڀ ڪنهن امر ۾ پنهنجي همعصرن (وقت جي ماڻهن) جي سامهون مقابلي لاءِ آڻي ٿو. اها قوم ڪهڙي ترقي ڪندي، ۽ تهذيب جي اصولن کي ڪيئن سمجهندي جنهن انسانن کي مختلف (جدا جدا) قبيلن ۾ ورهائي قبائلي فرق کي زور شور سان قائم ڪيو. سڀني انسانن جون قوتون الله جي طرف کان هڪجهڙيون آهن، ۽ اهي هڪ ئي طرح دنيا ۾ آيا ۽ هڪ جهڙو ساز و سامان وٺي ڪائنات ۾ داخل ٿيا. يورپ جي ترقيءَ جو راز به اهو ئي جمهوريت ۽ انساني مساوات جو پاڪ خيال آهي. اتي ڪنهن به شخص جي عزت يا شرافت هن جي پنهنجي ذاتي ڪمالات تي گهڻي حد تائين منحصر آهي.
قرآن شريف ”ان اکرمکم عندالله اتقاکم“ جو مسئلو تيرهن سو ورهيه اڳي سيکاري قومي فرقن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. الله تعاليٰ فرمايو آهي ته توهان ۾ شريف، توهان ۾ مڪرم، توهان ۾ عزت جو لائق اهو ناهي جو وڏي خاندان جو هجي، بلڪه اوهان ۾ اشرف ۽ اڪرم اهو ئي آهي جو تقويٰ رکي. يعني انهن راهن کان بچندو ۽ پري ڀڄندو رهي جي انسان کي بهبودي (چڱائي ۽ سڌارو) ۽ تهذيب کان روڪين ٿيون. ها! ”مسلمانن کي ڇا ٿي ويو جو هو هندستان ۾ اچي ان امر ۾ بدلجي تهذيب جي سڀني اعليٰ جذبن کي ڇڏي ذات پات جي جهڳڙن ۾ پئجي ويا ۽ تباهه ٿي ويا. ياد رکو ته توحيد فقط هن تائين ختم نٿي ٿئي ته اسان ڪنهن کي به خدا جو شريڪ نه بنايون. هي ته ادنيٰ درجي جي توحيد آهي. اهو انسان عملن مشرڪ آهي جو ڪنهن ٻئي کي وڏو ٿو سمجهي. پاڻ کي ان جهڙو ٿيڻ جو لائق نٿو سمجهي: اهڙي طرح اهي ڀلي ذات جا دعويٰ ڪندڙ سيد، مغل، شيخ يا پٺاڻ به مشرڪ آهن جي ڪنهن ڪوري يا موچي مسلمان ڀاءُ کي گهٽ سمجهي پاڻ سان برابريءَ جو وَجهه (موقعو) نٿا ڏين، ۽ ائين ڪرڻ سان پنهنجي واسطي وڏائي جو اهو مقام ٿا ٺاهين جو خدا تعاليٰ پنهنجي واسطي خاص ڪيو آهي“ (خواجه ڪمال الدين صاحب جو مضمون هت پورو ڪيو ويو).
مساوات جو مسئلو هيٺين حديثن ۾ به تمام چٽيءَ طرح سيکاريل آهي. شرف الانسان با العلم والحسب لابالمال والسنب- يعني انسان جو شرف علم ۽ نيڪيءَ سان آهي نه دولت ۽ خاندان سان. جڏهن حضرت ﷺ جن مڪو فتح ڪيو ۽ مغرور قريش سردار پيش پيا تڏهن پاڻ کين فرمايائون ته "قريش جي جماعت اڄ الله تعاليٰ اوهان جي جاهلانه هٺ ۽ ابن ڏاڏن تي فخر ڪرڻ جي مغروريءَ کي ٽوڙي ڇڏيو. سچ ته هي آهي ته سڀ ماڻهو آدم جو اولاد آهن ۽ آدم مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هو. خدا تعاليٰ ٿو فرمائي ته اي انسانو مون اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو، ذاتيون ۽ قبيلا سڀ سڃاڻپ واسطي بنايا ويا آهن. خدا وٽ انهي جي عزت زياده آهي جنهن ۾ تقويٰ زيادهه آهي“.
ناظرين هن سڄي مضمون کي غور سان پڙهن ۽ وري وري پڙهن، تنهن کان پوءِ سنڌ جي حالت تي ٿوري نظر ڪن جتي سيد، پير ۽ زميندار وڏائي جي نشي ۾ مست ٿي ويا آهن. پاڻ کي پاڻهي شريف ٿا سمجهن. نه انهي ڪري ته ٻين کان وڌيڪ نيڪ اخلاق آهن، پر انهي ڪري ته هو دولتمند، بنيادي ۽ عالي خاندان آهن. پر اگرچه ڪو شخص تقويٰ ۽ نيڪ اخلاقن ۾ ٻين کان برتر هجي تڏهن به پاڻهي پنهنجي لاءِ عزت جو مقام ٺاهڻ اسلام جي تعليم جي ابتڙ آهي. خود حضرت ﷺ جن به ائين ڪين ڪندا هئا جئين اسان جا زميندار ۽ پير ٿا ڪن. حضرت جن سڀني سان برابر وهندا هئا، ماني ٻين سان ته ڇڏيو پر نوڪرن سان به گڏجي کائيندا هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته مان اوهان جهڙو انسان آهيان. اسان جي پيرن يا زميندارن وٽ ڪو کٽ تي چڙهي وهي ته خبرناهي ته ان سان ڪهڙي تعدي ڪن.
عملن جي ضرورت
اڄوڪي زماني جا مسلمان اڪثر چوندا آهن ته اسان ڪهڙا به گناهه ڪيون تڏهن به بهشت ۾ وينداسين ڇو ته اسان ڪلمي گو يعني ڪلمون پڙهندڙ آهيون. ڪي وري ائين به چوندا آهن ته توبه ڪنداسين ته اسان جا سڀ گناهه لهي ويندا. پر مٿي ڏيکاريو ويو آهي ته اڄوڪي وقت جا ڪي مسلمان ڪلمو رڳو نالي جو ٿا پڙهن، هنن کي سچو ڪلمي گو ڪوٺڻ ٺهي ئي نٿو. ڇو ته هو قلب سان تصديق بلڪل ڪونه ٿا ڪن. پر جيڪڏهن قلب سان تصديق ڪجي ته ان تي عمل به ضرور ڪرڻ گهرجي نه ته اها تصديق به نالي جي آهي. مثلن هڪڙو پٽ پنهنجي پيءُ کي پيءُ ڪري ٿو مڃي ۽ عزت به ڏئيس، پر جيڪو حڪم پيءُ ٿو ڏئيس تنهنجي ابتڙ ٿو ڪري ۽ پيءُ جو چوڻ نٿو وٺي. هاڻي ٻڌايو پڻس منجهانئس راضي رهندو يا رنج؟ ۽ ائين ڪرڻ سان پٽ فائدو پرائيندو يا نقصان هيٺ ايندو؟ ٻيو مثال وٺو. ڪو ڪليڪٽر صاحب پنهنجي عملدار ڪمشنر صاحب کي مناسب عزت ڇو ڏئيس جو سندس حڪمن تي بلڪل عمل نٿو ڪري. هاڻي ٻڌايو ته اهو ڪليڪٽر صاحب انعام جو لائق ٿيندو يا سزا جو. انهن مثالن مان سمجهي سگهبو ته جيڪي مسلمان الله تعاليٰ جي حڪمن تي نٿا هلن ۽ الله تعاليٰ جي نافرماني ٿا ڪن سي دنيا ۽ آخرت ۾ سعادت پرائيندا يا ٻنهي جهانن ۾ سخت عذاب ڏسندا. اسلام جي تعليم آهي ته عمل ڪرڻ دين جو اهڙو ئي ضروري ڀاڱو آهي جهڙو ايمان آڻڻ. قرآن ۾ بار بار چٽي طرح ڏيکاريل آهي ته اسان جيڪي عمل ڪيون ٿا سي مرڻ کان پوءِ به پاڻ سان کڻي ٿا هلون ۽ انهن جو نتيجو ضرور ڏسڻو پوندو. اسلام جي تعليم موجب رڳو ايمان آڻڻ ڪنهن ڪم جو ناهي جيستائين ان تي ايمان موجب عمل نه ڪجي. قرآن شريف ۾ ڪيترائي ڀيرا مومنن جي ذڪر ۾ هي الفاظ ”اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَعَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ “ آيل آهن جنهن مان صاف طرح ثابت ٿو ٿئي ته ايمان سان گڏ عمل ضرور هئڻ گهرجي. هڪڙي حديث آهي ته هڪڙي ڀيري حضرت ﷺ جن ڪنهن شخص جي سوال جي جواب ۾ فرمايو ته خدا جو قسم آهي ته بهشت ۾ اهو ئي ويندو جنهن جا اخلاق چڱا هوندا. حضرت جن جي سڄي تعليم، سندن سڀ وعظ اخلاقن جي بيان سان ڀريل هوندا هئا، ۽ نيڪ اخلاق اختيِار ڪرڻ مسلمان ٿيڻ لاءِ ضروري ڳالهه سمجهڻ ۾ ايندي هئي. مثلن جڏهن مديني جي ڪن ماڻهن حضرت جن جي دست مبارڪ تي بيعت ڪئي تڏهن هنن ڳالهين تي بيعت ڪيائون:-
1) اسان هڪ خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ ڪنهن کي هن جو شريڪ نه بنائينداسين.
2) اسان چوري ۽ زنا ڪڏهن ڪين ڪنداسين.
3) اسان پنهجي اولاد کي قتل نه ڪنداسين (انهن ڏينهن ۾ عرب نياڻين کي جيري قبر ۾ پوريندا هئا).
4) اسان ڪنهن تي ڪوڙي تهمت نه لڳائينداسين ۽ نه ڪنهن تي چغلي هڻنداسين.
5) اسان نبي ﷺ جي فرمانبرداري هر ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ ڪندا رهنداسين.
باقي رهي اها ڳالهه ته توبه ڪرڻ سان سڀ گناهه لهي ٿا وڃن. اها ڳالهه سچي آهي پر ماڻهن توبه جي معنيٰ نه سمجهي آهي. جيڪڏهن گناهه ڪري پوءِ چئبو ته يا رب! مان توبه ٿو ڪيان، مون کي معاف ڪر، ۽ پوءِ به ساڳيو گناهه وري وري پيو ڪبو اها توبه نه چئبي. توبه جي معني آهي موٽي راهه تي اچڻ. يعني گناهه جا ڪم ڇڏي چڱا ڪم ڪرڻ. جيڪڏهن ڪو ماڻهو گناهه ڇڏي آئينده لاءِ چڱا ڪم ٿو ڪري ته هن کي اڳين گناهن جي معافي ملي ٿي. ”توبه“ جي هن معنيٰ مان سمجهبو ته جڏهن ڪو ماڻهو پوڙهو ٿو ٿئي ۽ گناهن ڪرڻ جي طاقت ڪانهيس يا جڏهن ڪو ماڻهو مرڻ جي ڪنڌيءَ تي ٿو اچي تڏهن هو پڇتائي ٿو ۽ پشيمان ٿو ٿئي ته اها توبه به ڪم جي نه آهي. ڇو ته هن کي ان وقت گناهن ڦٽي ڪرڻ ۽ چڱن ڪمن ڪرڻ جي توفيق ئي ڪانهي. ڪي ماڻهو اهڙا به لڀندا آهن جي سڄي عمر چوري ۽ زنا ڪري پوڙهائي ۾ تسبيح هٿ ۾ کڻندا آهن، ڇو ته ان وقت ۾ چوري ۽ زنا ڪري ئي نٿا سگهن.
تنهنڪري اسان کي گهرجي ته انهن ڪوڙين اميدن کي ڦٽو ڪري هڪدم چڱا عمل ڪريون. شايد موت اڄ ئي اچي وڃي، پوءِ توبه ڪرڻ يعني گناهن جا ڪم ڇڏي چڱن ڪمن ڪرڻ جو وقت ڪونه ملندو. اخلاق ۽ عملن جي ضرورت قرآن شريف ۾ هر جاءِ زور سان ڏيکاريل آهي. حديثون به ڪيتريون ئي آهن. هيٺيون حديثون ڏسو ته ڪهڙيون زور ڀريون آهن.
1) مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان سڀ مسلمان سلامت رهن.
2) جنهن شخص ۾ فقط هڪ داڻو مغروري جو آهي سو بهشت ۾ نه ويندو.
3) جنهن کي لڄ ناهي ۽ بيشرم ڪمن کان پرهيز نٿو ڪري سو مسلمان ناهي.
4) اهو مومن ئي ناهي جو زنا ٿو ڪري يا چوري ٿو ڪري يا شراب ٿو پيئي يا ڦر ٿو ڪري يا امانت ۾ خيانت ٿو ڪري، خبردار! خبردار!!
5) منافق اهو آهي جو ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي، انجام ڪري ته ڀڃي، عهد ڪري ته پورو نه ڪري ۽ جهيڙو ڪري ته فحش بڪي.
6) جو شخص ڪنهن ڀاءُ جو حق ٿو ماري سو خدا تعاليٰ جي وحدت ۾ ايمان آڻيندڙ ناهي.
دين جو اعليٰ مقصد
هن ننڍڙي ڪتاب ۾ تعليمات اسلام جو ذڪر ڏيئي نٿو سگهجي. مگر هڪڙي ڳالهه آهي جنهن بابت ٻه ٽي لفظ لکڻ جي ضرورت ڀانئجي ٿي. ڪي ماڻهو اسلام تي هڪڙو وڏو اعتراض آڻيندا آهن، هو چوندا آهن ته اسلام ۾ اها اعليٰ تعليم آهي ئي ڪانه جنهن سان الله تعاليٰ جو ميلاپ حاصل ٿو ڪجي. جتي ڪٿي ملن ۽ مولوين تي ٺٺوليون پيون هلن. باقي اهي ماڻهو جيڪي ڪفني پائي ڌوڙ لڱن کي مکي مڪانن يا جهنگن ۾ ٿا ويهن، تماڪ، چرس، ڀنگ ۽ شراب کي لڳي مست مست پيا ڪن سي اڄ فقير ۽ ولي ٿا سڏجن. اسلام موجب علم کان سواءِ ولايت ملي نٿي سگهي. رهبانيت يعني گهر ٻار ترڪ ڪرڻ ۽ جان کي عذاب ڏيڻ جي موڪل به اسلام نٿو ڏئي. اسلام جي تعليم اهڙي ڪامل آهي جا گهر ٻار ڇڏائڻ کان سواءِ الله تعاليٰ جو ميلاپ حاصل ڪرائي ٿي. سڀ ڪوئي انسان گهر ٻار ڇڏي ڏئي ته دنيا ڪيئن هلي سگهي. اسان جون چار حالتون آهن، بدني، دماغي، اخلاقي ۽ روحاني. اسلام چئني حالتن کي ڪماليت وٺائڻ لاءِ ڪامل هدايتون ڏنيون آهن. اهي چار ئي حالتون هڪ ٻئي سان اهڙو تعلق رکن ٿيون جو هڪ ۾ نقص هئڻ ڪري ٻين کي به نقصان رسي ويندو. تندرستي چڱي نه هوندي ته نڪي دماغ ڪم ڪندو نڪي دل ڪاڏي ورندي. جيڪي ماڻهو علم ڌاران ۽ اخلاقن سڌارڻ کان سواءِ دنيا ڇڏي ذڪر ٿا ڪمائين، ۽ الله تعاليٰ جي عشق جو دم ٿا هڻن سي درحقيقت جوڳي آهن، ۽ هو اهو جوڳ ٿا ڪمائين جنهن کي آمريڪا جا ماڻهو مسميريزم ٿا ڪوٺين. اهي پنهنجو دم پچائي خيال کي هڪ هنڌ رکي ڪي طاقتون پاڻ ۾ پيدا ڪن ٿا جنهنڪري پاڻ کي ولي ٿا سمجهن. درحقيقت هو ڌوڪي ۾ اچي گمراهه ٿيا آهن.
اسلام جي تعليم آهي ته علم ضرور سکجي. خصوصن قرآن شريف ۽ حديثون سکي انهن تي عمل ڪرڻ گهرجي. ان کان سواءِ گهڙي کن اڪيلائي ۾ويهي فطرت تي ويچار ڪرڻ گهرجي ته ان مان اسان کي الله تعاليٰ جي اپار قدرت ۽ رحمت جي خبر پوندي. انهيءَ خبر پوڻ ڪري اسان ۾ الله تعاليٰ واسطي سچي محبت پيدا ٿيندي ۽ اسان هر طرح هن جي مرضي ۽ قاعدن تي هلي سندس راضپو حاصل ڪنداسين. رفته رفته محبت وڌيڪ ٿيندي ويندي ايتري قدر جو الله تعاليٰ کان سواءِ ٻي ڪنهن شيءِ ڏانهن دل ڪين ورندي تان جو الله تعاليٰ سان هڪ ٿي وڃبو. هن ننڍڙي مضمون ۾ سڄو بيان ڏئي نه ٿو سگهجي. فقط هيترو ڏيکارڻو آهي ته درحقيقت سچي صوفياني تعليم اسلام ئي ڏني آهي. انهي ڳالهه ثابت ڪرڻ لاءِ فقط هي ئي حديثون ڪافي آهن.
1 - الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته جو شخص منهنجو پيار حاصل ٿو ڪري تنهن جو مان ڪن آهيان جنهن سان هو ٻڌي ٿو، هن جو نور آهيان جنهن سان هو ڏسي ٿو، هن جو هٿ آهيان جنهن سان هو (ڪا شي) جهلي ٿو ۽ هن جا پير آهيان جنهن سان هو هلي ٿو.
2 - الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته اي انسان! فقط منهنجي قانونن جي پيروي ڪر ته تون مون جهڙو ٿي پوندين، پوءِ جي چوندين ته ”ٿي“ ته ائين ٿي پوندو.