حالات نبوي عرف حيات النبي ﷺ
هي ڪتاب جناب قاضي سليمان صاحب مسلمان منصور پوري جي مشهور ڪتاب رحمة العالمين جو مختصر ترجمو آهي. هن صاحب مهرباني فرمائي ترجمي ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي جنهن لاءِ آءُ سندس هت شڪرگذاري ظاهر ٿو ڪريان. مان جناب مرزا قليچ بيگ صاحب جو پڻ شڪر گذار آهيان جنهن تڪليف وٺي هي ڪتاب نظر مان ڪڍيو آهي. (1919ع)
نسب
حضرت عيسيٰ ؑ کان اٽڪل ٻه هزار ورهيه اڳي بابل جي سلطنت اوج ۾ هئي. ان وقت حضرت ابراهيم ؑ کي الله تعاليٰ پيغمبر ڪري موڪليو. هن کي ٻه فرزند هئا، وڏي جو نالو هو اسماعيل ؑ ۽ ننڍي جو اسحاق ؑ. حضرت اسماعيل ؑ بيبي هاجره مان ڄاول هو. حضرت ابراهيم ؑ شام ملڪ ننڍي پٽ کي ڏنو. ۽ عرب ملڪ وڏي پٽ کي. حضرت ابراهيم پنهنجي وڏي پٽ ۽ ان جي والده کي انهيءَ جاءِ تي وهاريو جتي هاڻي مڪي جو شهر آهي. اتي پيءُ ۽ پٽ گڏجي هڪ مسجد بنائي جا اڃا تائين قائم آهي، ۽ ڪعبة الله ۽ بيت الحرام جي نالن سان مشهور آهي. حضرت اسماعيل ؑ کي ٻارهن پٽ هئا جن عرب جي ملڪ کي پاڻ ۾ ورهائي کنيو. انهن جي اولاد جلد سڄي ملڪ ۾ پکڙجي وئي. حضرت اسماعيل ؑ جي اولاد مان سندس ٻيو فرزند قيدار نهايت نامور شخص ٿي گذريو آهي قيدار جي اولاد مان 37هين پيڙهي ۾ عدنان مشهور ٿي گذريو آهي. ان کان 15 پيڙهيون پوءِ قصيءَ، پوءِ ان جو پٽ عبد مناف، پوءِ ان جو پٽ هاشم، وري ان جو پٽ عبدالمطلب ان جو پٽ ابو طالب پنهنجي پنهنجي وقت ۾ مڪي جو سرادر ٿيندا رهيا. سيدنا محمد رسول ﷺ جنهن جو مختصر احوال هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڏجي ٿو سو عبدالمطلب جو پوٽو هو. هن ذڪر مان معلوم ٿيندو ته حضرت ﷺ جن ڀلاري پيغمبر حضرت ابراهيم ؑ جي اولاد مان آهن.
ايام جاهليت
عربستان هڪ وڏو ملڪ آهي، ان جو گهڻو ڀاڱو خصوصا وچون ڀاڱو بيابان لڳو پيو آهي. حضرت ﷺ جن جي پيدا ٿيڻ وقت هن ملڪ جي ڏاکڻي ڀاڱي تي حبش جي سلطنت اڀرندي حصي تي ايران جي سلطنت ۽ اتر وارن ضلعن تي روم جي سلطنت جو قبضو هو. مگر ملڪ جو اندريون ڀاڱو آزاد هو ۽ هميشه کان آزاد رهيو هو. اندروني ملڪ جي ماڻهو تي انهيءَ خودمختياريءَ ۽ دنيا کان الڳ رهڻ، تمام خراب اثر پيدا ڪيو هو. هو هڪ ٻئي کي قتل ڪندا هئا، بيڪاريءَ ۽ سستيءَ هنن ۾ جوا ۽ شراب جي عادت پيدا ڪئي هئي. هو پنهنجين نياڻن کي جيئري زمين ۾ پوري ڇڏيندا هئا. جاهليت جي ڪري انهن ۾ بت پرستي جو رواج ٿي ويو. ڀرمن هنن جي دل ۽ دماغ تي پورو پورو قبضو ڪري ڇڏيو، پٿر، وڻ، چنڊ، سج، جبل، درياه مطلب ته فطرت جي هر چيز جي پوڄا ڪرڻ لڳا. انساني حقن جي حفاظت لاءِ منجهن ڪو قانون ڪو نه هو، انسان جو قتل، رهزني، ناحق بند ڪرڻ، ناجائز طرح ٻئي جي ملڪيت قبضي ۾ آڻڻ، بيجا دخل ڪرڻ، عورتن کي زور يا ٺڳيءَ سان ڀڄائي وڃڻ، نياڻين کي جيئري ڌرتي جي حوالي ڪرڻ اهي ۽ ٻيا گناهه جا ڪم هو بنا شرم جي ڪندا هئا. عرب ملڪ جا ماڻهو ڪن ٿورن شخصن کان سواءِ لکي پڙهي ڪو نه ڄاڻندا هئا، ۽ سڌاري ۽ ترقيءَ کي ته سڃاڻندا به نه هئا. نه رڳو عرب جا ماڻهو اهڙي وحشي حالت ۾ هئا، پر سڄي دنيا جا سڀ ڪنهن مذهب جا ماڻهو ان وقت پنهنجي پنهنجي سچي مذهب کان ڦري ويا هئا، ۽ هر طرح بگڙجي ويا هئا.
نبي ﷺ جي هدايت ڪرڻ ۽ فتحيابي
اهڙي زماني ۾ رب العالمين پنهنجي فضل سان سيدنا محمد رسول الله ﷺ کي پيدا ڪيو انهيءَ لاءِ ته سڀني ماڻهو کي هدايت ڪري وري سنئين راهه تي آڻي. اهڙي زماني ۾ هدايت ڪرڻ بلڪل مشڪل ڪم هو، مگر حضرت ﷺ جن صبر، استقامت ۽ تحمل سان ڪم شروع ڪيو. تهذيب عملاً ۽ اخلاقاً پکيڙيائون. شاهوڪاري ۽ خاندانيءَ تي فخر ڪرڻ جا خيال مٽائي مساوات يعني هڪ جهڙائي جو ٻج ماڻهن جي دلين ۾ پوکيائون. نفرت ۽ دشمني جي جاءِ تي محبت ۽ ڀائپي پيدا ڪيائون. اونداهي ۽ جاهليت کي ڪڍي سچائي ۽ علم جي نور کي پڪو ڪيائون تڏهن نهايت کليل پيشاني ۽ مرڪندڙ چهري سان هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيائون.
نبي ﷺ هدايت جو ڪم ڪهڙي خوبي ۽ فتحيابي سان ڪيو تنهنجي معلوم ڪرڻ لاءِ ڪي ٿورا مثال ڏجن ٿا: -
حبش جو بادشاهه ۽ عمان جو بادشاهه مسلمان ٿي نجد جي وحشين ۽ تهامه جي بدوين سان ڪلهو ڪلهي ۾ هڻي بيهڻ کي فخر ٿا سمجهن.
عبدلله بن سلام بهوت جي امامت، ورقه بن نوفل عيسائيت جي، ۽ عثمان بن طلحه ابراهيميت جي امامت ڦٽي ڪري اسلام جي خادمن ۾ شمار ٿيڻ تي فخر ٿا ڪن.
يهودين جو زر خريد غلام سلمان فارسي اسلام اختيار ڪري ايڏي عزت ٿو پائي، جو خود حضرت عمر رضي الله به کيس سائين سائين ڪري ٿو سڏي. مطلب ته اسلام جي تعليم جي ڪري خانداني لفظ رڳو زبان تي آڻڻ به هڪڙو ڪمينائي جو دليل بنجي پيو هو. دشمن دوست ٿي پيا، ۽ جان وٺندڙ ڦري جان قربان ڪندڙ ثابت ٿيا.
اهو ئي عمرو بن عاص جو ويچارن ظلم جي ڀڄايل مسلمانن کي حبش مان گرفتار ڪرڻ لاءِ ويو هو، سو ٿورن سالن کان پوءِ عمان جي بادشاهه وٽ اسلام جي دعوت ڪرڻ ٿو وڃي ۽ هزارن شخصن جي مسلمان ٿيڻ جي خوشخبري نبي ﷺ جي خذمت ۾ ٿو آڻي. اهو ئي خالد بن وليد جو احد جي جنگ ۾ بت پرستن جي ٽولي جو سپه سالار هو، سو ٿوري مدت کان پوءِ اسلام جي جنگين ۾ وڏي درجي جو جنرل ثابت ٿو ٿئي. اهو ئي طفيل دوسي رضي الله جو مڪي ۾ ڪنن ۾ ڪپهه وجهي گهمندو هو ته محمد ﷺ جو آواز ڪن ۾ نه پوي آخر پنهنجي وطن ۾ گهر گهر ۾ محمد ﷺ جو آواز ٿو پهچائي. اهو ئي عبدياليل ثقني جنهن طائف ۾ غلامن ۽ ڇوڪرن کي حضرتﷺ جي پٺيان لاتو، انهيءَ لاءِ ته کيس پٿر هڻن، سو آخر مديني ۾ حاضر ٿي پنهنجي قوم جي لاءِ ايمان جا جواهر کڻي ٿو اچي. اهو ئي بريده بن الحصيب اسلمي جو قريشن کان سو اٺن جي انعام جو وعده وٺي نبي ﷺ کي گرفتار ڪرڻ لاءِ نڪتو، سو ٿورڙن ڪلاڪن کان پوءِ نبي ﷺ جو جهنڊو کڻندڙ بنجي ٿو پوي. مطلب ته اهڙن مثالن لاءِ هڪڙو دفتر گهرجي. اها سڀ ڪرامت انهيءَ پاڪ تعليم جي هئي جا آهستي آهستي دلين کي فتح ڪندي ٿي وئي. گهڻن نبيبن عليهم السلام معجزا ڏيکاريا، ۽ لٺ، نانگ، پٿر، درياهه ۽ باهه جون خاصيتون مٽائي ڏيکاريون، مگر نبي ﷺ عظيم الشان معجزو اهو ڏيکاريو جو دليون مٽائي ڇڏيائون، ۽ روح کي پاڪ بنايائون.
شال مسلمان انهيءَ پاڪيزه تعليم جو قدر ڪن، شال هو نبي ﷺ جي پاڪ مقصد جي واقفيت حاصل ڪن، شال اسلام جي حفاظت کي پنهنجو فرض سمجهن، شال هو اسلام جي بقا کي پنهنجي پنهنجي اولاد جي ۽ پنهنجي ماءُ پيءُ جي حياتين کان زياده ضروري سمجهن.
پڙهندڙو ! نبي ﷺ جي حياتي ۾ هي عجيب خصوصيت آهي ته ان مان هر ڪنهن قسم جو ماڻهو هدايت پرائي ٿو سگهي، ڇو ته سندن حياتي مختلف حالتن ۾ ٿي گذري.
سيدنا محمد بن عبدلله بن عبد المطلب بن هاشم
بن عبد مناف بن قصيءَ جو تولد (ڄمڻ)
ولادت
سومر ڏينهن تاريخ 9 ربيع الاول سنه 1 (عام الفيل) مطابق 22 – اپريل 571ع ۾ مڪي ۾ ٿيو. سندن ماءُ جو نالو آمنه هو. سندن والد سندن ولادت کان اڳ ئي فوت ٿي ويو هو. سندن ڏاڏي عبدالمطلب پنهنجي خاندان جا نالا ڇڏي اهو نالو محمد ﷺ (واکاڻ جو لائق) انهيءَ ڪري رکيو هو جو سندس خواهش هئي ته منهنجو پوٽو سڄي دنيا ۾ واکاڻ جو لائق ٿئي.
يتيمي حالت
حضرت ﷺ جن دائي حليمه سعديه جي حوالي ڪيا ويا، جنهن کين ٻئي هنڌ کڻي وڃي نپايو جڏهن چئن ورهين جا ٿيا، تڏهن والده شريف کين پاڻ وٽ رکيو. جڏهن عمر ڇهه ورهيه ٿي، تڏهن والده وفات ڪئي ۽ سندن سنڀال ڏاڏي پنهنجي ذمي کنئي. اڃا حضرت ﷺ اٺن ورهين جي عمر کي پهتا ته ڏاڏي عبدالمطلب به وفات ڪئي. ابو طالب حضرت ﷺ جو سڳو چاچو هو، تنهن هاڻي سندن سنڀال پنهنجي ذمي کنئي.
سوداگري
ٻارهن ورهين جي عمر ۾ حضرت ﷺ پنهنجي چاچي ابوطالب سان گڏجي شام جي ملڪ ۾ سوداگريءَ ويا ۽ فائدو تمام گهڻو ٿيو.
خديجه سان شادي
هن سفر ۾ خديجه جو ٻانهو ميسره حضرت ﷺ سان گڏ هو. هن حضرتﷺ جون جيڪي خوبيون ۽ بزرگيون پاڻ ڏٺيون، تن سڀني جو بيان خديجه کي ٻڌايو. اهي وصفون ٻڌي پاڻ ئي درخواست ڪري حضرت ﷺ سان نڪاح ڪيائين، اگرچه خديجه هن کان اڳي وڏن وڏن سردارن سان نڪاح ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. جڏهن هي نڪاح ٿيو تڏهن حضرت ﷺ جي عمر 25 ورهيه، ۽ بيبي خديجه جي عمر 40 وره هئي. حضرت ﷺ جي نڪاح ۾ 25 ورهين تائين جيئري رهي. حضرت ﷺ ان جي وفات کان پوءِ اڪثر سندس ڳالهيون ڪندا هئا، ۽ سندس سهيلين سان عزت ۽ مهرباني جي هلت هلندا ها.
امن قائم ڪرڻ لاءِ انجمن
هن شاديءَ کان پوءِ حضرت ﷺ پنهنجو سڄو وقت خدا جي عبادت ۽ بني آدم سان ڀلائي ڪرڻ جي ڪمن ۾ لائيندا هئا، انهن ئي ڏينهن ۾ گهڻن قبيلن جي سردارن ۽ سمجهو ماڻهن جي ڌيان تي اها ڳالهه آندائون ته ملڪ ۾ بي امني آهي، رستا خطرناڪ آهن، مسافر لٽجي ٿا وڃن ۽ غريبن تي زبردست ماڻهن جا ظلم ٿا ٿين انهن خرابين کي بند ڪرڻ گهرجي. نيٺ انهن ڪمن لاءِ هڪڙي انجمن قائم ٿي، جنهن جي وسيلي بني آدم جي جان ۽ مال جي گهڻي حفاظت ٿي، اهڙن نيڪ ڪمن ۽ سچائي جو اثر ماڻهن جي دلين تي ايترو ٿيو جو کين الصادق (سچو) يا الامين (ايماندار) ڪري سڏيندا هئا.
نبوت جو ملڻ/ اڪيلو غار ۾ عبادت ڪرڻ
نبوت کان ست ورهيه اڳي هڪ روشني ۽ چمڪو نظر اچڻ لڳو هو، جنهن کي ڏسي حضرت ﷺ جن کي خوشي ٿيندي هئي. نبوت جو وقت جيئن ويجهو پوندو ويو تيئن حضرت ﷺ جي غار ۾ اڪيلائي ۾ وهڻ جي عادت وڌندي وئي. حضرتﷺ جن اڪثر پاڻي ۽ کجور کڻي شهر کان ڪيترا ڪوه پري حرا جبل جي غار ۾ ويهي عبادت ڪندا هئا. عبادت ۾ خدا جي واکاڻ ۽ پاڪائي جو ذڪر به هوندو هو، ۽ خدا جي قدرت تي غور ڪرڻ به. هاڻي حضرت ﷺ کي خواب اچڻ لڳا خواب اهڙا سچا ٿيندا هئا جو جيڪي رات جو خواب ۾ ڏسندو هئا سو ئي ڏينهن جو سچ پچ ظاهر ٿيندو هو.
جبرئيل ؑ جو پهريون دفعو اچڻ
جڏهن حضرت ﷺ 40 ورهين جي عمر جا ٿيا، تڏهن 9 ربيع الاول ڏينهن سومر جي روح الامين خدا وٽان نبوت جو حڪم کڻي حضرت ﷺ وٽ آيو. ان وقت آن حضرت ﷺ حرا جي غار ۾ هئا. هن واقعي کان پوءِ نبي ﷺ جن هڪدم گهر آيا، ۽ پنهنجي بيبيءَ کي فرمايائون ته مان اهڙا واقعا ٿو ڏسان جو مون کي پنهنجي جان جو خوف آهي. خديجته الڪبريٰ جواب ۾ چيو ته نه توهان کي ڇا جو ڊپ آهي. مان ڏسان ٿي ته مائٽن تي مهربان آهيو، هميشه سچ ٿا ڳالهايو، رنن زالن ڇورن ۽ بيواهن جي مدد ٿا ڪريو، مهمان نواز آهيو، ۽ مصيبت ۾ پيل ماڻهن سان همدردي ٿا ڪريو، خدا توهان کي ڪڏهن به پريشان نه ڪندو.
ورقه جي شاهدي
پوءِ خديجه حضرت ﷺ کي پنهنجي سوٽ ورقه بن نوفل وٽ وٺي ويئي، ڇو ته هو اڳين نبين تي لٿل ڪتاب ڄاڻندو هو. ورقه سڄي ڳالهه ٻڌي چيو، ته هي اهو ئي ناموس آهي جو موسيٰ ؑ تي لٿو هو. شال مان انهيءَ وقت تائين جيئرو هجان جڏهن قوم توهان کي ڪڍي ڇڏيندي!
رسول ﷺ پڇيو ته مون کي قوم تڙي ڪڍندي ڇا؟ ورقه چيو ته هائو، هن دنيا ۾ جنهن اهڙي تعليم ڏني، تنهن جي خلاف دشمني ٿيندي رهي آهي.
ٿورن ڏينهن کان پوءِ فرشتو وري آيو، ۽ نبي ﷺ کي جي لکڻ پڙهڻ اڃا تائين ڪو نه سکيا هئا، خدا جو اهو پاڪ نالو ۽ پاڪ ڪلام پڙهايائين، جو سڀني علمن جي ڪنجي ۽ سڀني حقيقتن جو خزانو آهي. روح الامين هي آيتون پڙهي ٻڌايون.
قرآن شريف جو نازل ٿيڻ
بـسم الله الرحمن الرحيم
اِقْرَاْ بِاسْمِ رَبِّکَ الَّذِیْ خَلَقَ ۚ﴿۱﴾ خَلَقَ الْاِنْسَانَ مِنْ عَلَقٍ ۚ﴿۲﴾ اِقْرَاْ وَ رَبُّکَ الْاَكْرَمُ ۙ﴿۳﴾ الَّذِیْ عَلَّمَ بِالْقَلَمِ ۙ﴿۴﴾ عَلَّمَ الْاِنْسَانَ مَا لَمْ یَعْلَمْ ؕ﴿۵﴾
شروع آهي الله جي نالي سان جو ڪمال رحمت ۽ نهايت رحم وارو آهي.
ترجمو: پڙهه پنهنجي پروردگار جي نالي سان جنهن (سڀ ڪجهه) پيدا ڪيو، جنهن انسان کي رت جي ڄميل ڦڙي مان ٺاهيو. پڙهه، تنهنجو پروردگار ڏاڍو ڪريم آهي جنهن قلم جي وسيلي تعليم ڏني، ۽ جيڪي انسان نه ڄاڻندو هو سو سڀ ڪجهه سيکاريائين.
پڙهندڙؤ! ڏسو ته پهريون حڪم الله تعاليٰ رسول ﷺ ۽ بني آدم ڏي موڪليو آهي سو علم بابت آهي. علم کان سواءِ اسلام رڳو نالي جو آهي. نبوت کان جو زمانو ٿورو اڳ ٿي گذريو سو ايام جاهليت ٿو سڏجي نه ايام ڪفر، ڇو ته ڪفر به جاهليت جو ئي نتيجو آهي. جاهليت ۽ ڪفر کي ڪڍڻ لاءِ الله تعاليٰ پهريائين اهو حڪم موڪليو ته علم پڙهو.
پهريان مسلمان
هنن آيتن پڙهڻ کان پوءِ روح الامين حضرت ﷺ جي روبرو وضو ڪيو ۽ حضرت ﷺ جن به ائين ڪيو. پوءِ ٻنهي گڏجي نماز پڙهي. روح الامين پڙهائي. نبيﷺ گهر پهچڻ شرط اسلام سيکارڻ شروع ڪيو. خديجه (بيبي) علي رضي الله (سؤٽ ڏهن سالن جي عمر جو) ابوبڪر رضي الله (دوست) زيد بن حارثه (نوڪر) پهرين ئي ڏينهن مسلمان ٿيا. انهن شخصن جو ايمان آڻڻ. جن کي حضرت ﷺ جي چاليهن ورهين جي رڳو اٿڻ ويهڻ جي به خبر هئي، نبي ﷺ جي سچائي جو پڪو دليل آهي. ابوبڪر رضي الله واپار ڪندڙ هو، ۽ گهڻن ماڻهن سان ميل ميلاپ هوس. هن جي تعليم سان عثمان غني، زبير، عبدالرحمن بن عرف، طلحه ۽ سعد بن ابي وقاص مسلمان ٿيا، پوءِ ٻيا به ٿورا مڙد ۽ عورتون مسلمان ٿيا.
ظاهر ظهور اسلام جي تبليغ ڪرڻ
انهن ڏينهن ۾ مسلمان جبل جي پاسي وڃي نماز پڙهندا هئا. نبي ﷺ نبوت جي پهرين ٽن سالن ۾ ماڻهن کي لڪ ڇپ ۾ سمجهائيندا هئا، ۽ پٿرن وڻن چنڊ ۽ سج جي پوڄا کان هٽائي خدا جي بندگي ڪرڻ سيکاريندا هئا. ٽن سالن کان پوءِ خدا جو حڪم آيو ته ظاهر ظهور پنهنجي پرودگار جي بزرگي جو اظهار ڪريو، ۽ انهي ڪم ۾ جيڪي تڪليفون درپيش اچن سي صبر استقلال سان سهو. نبي ﷺ نهايت ثابت قدمي سان پهريائين پنهنجي مائٽن ۾ تبليغ يعني سيکارڻ جو ڪم شروع ڪيو، پوءِ پنهنجي قوم ۽ شهر جي ماڻهن ۾، پوءِ مڪي جي آس پاس وارن قبيلن ۾، پوءِ عرب جي سڀني ماڻهن ۾ ۽ پوءِ دنيا جي سڀني مشهور قومن ۽ مشهور مذهبن جي ماڻهن ۾. انهيءَ زماني ۾ سڄي دنيا ۾ انسانيت ۽ تهذيب ۽ اخلاق جو نشان به ڪو نه هو. عربن ۾ ته وري سڄي دنيا جون خرابيون اچي گڏ ٿيون هيون. پهريائين نبي ﷺ پنهنجي عزيزن کي دعوت ڏني. کائڻ پيئڻ بعد هنن کي اسلام جي دعوت ڪيائون. فقط حضرت علي سندن ٻانهن ٻيلي ٿيڻ قبول ڪيو، ٻيا سڀئي کلندا مسخريون ڪندا هليا ويا.
هاڻي نبي ﷺ سڀني ماڻهن کي عام طرح سمجهائڻ شروع ڪيو.
اسلام جي تعليم
سڀ ڪنهن مجلس ۾، ميلي ۾، سڀ ڪنهن رستي ۽ گهٽيءَ ۾، وڃي ماڻهن کي توحيد (خدا جو هڪ هئڻ) جي خوبي ٻڌائيندا هئا، بتن پٿرن ۽ وڻن جي پوڄا کان روڪيندا هئا. ڌِيُن کي مارڻ کان منع ڪندا هئا، زنا کان منع فرمائيندا هئا، جوا ڪرڻ کان روڪيندا هئا. پاڻ فرمائيندا هئا ته اي آدميو پنهنجي جسم ۽ ڪپڙن کي گندگيءَ کان، زبان کي گندين ڳالهين کان، دل کي ڪوڙن ويساهن کان پاڪ ۽ صاف رکو. وعده ۽ اقرار جي سخت پابندي ڪريو، ڏيتي ليتي ۾ دغا نه ڪريو، خدا جي ذات کي گهٽتائي عيب ۽ غليظائي کان پاڪ سمجهو. هن ڳالهه جو پڪو ويساهه رکو ته زمين، آسمان، چنڊ، سج ننڍو وڏو سڀ خدا جا پيدا ڪيل آهن، سي سندس محتاج آهن. دعا جو قبول ڪرڻ، بيمار کي تندرستي ڏيڻ، مرادون پوريون ڪرڻ الله جي اختيار ۾ آهن، الله جي مرضي ۽ حڪم کان سواءِ ڪوئي به ڪجهه ڪري نه ٿو سگهي، فرشتا ۽ نبي به هن جي حڪم جي خلاف ڪجهه نه ٿا ڪن.
مغرور قريشن کي نبي ﷺ جو وعظ پسند نه آيو، ڇو ته هو خاندانيءَ تي نهايت مغرور هئا، ۽ اسلامي ڀائپي قبول ڪرڻ کي هنن خواري ٿي ڀانيو. هنن ۾ بت پرستي گهر ڪري وئي هئي، تنهن ڪري ڪنهن به مذهب ۾ ڪنهن به خوبيءَ جو هئڻ هنن کي خيال ۾ نه ٿي آيو. هنن جي زنا، جوا، بيحد عورتن جو گهر ۾ رکڻ، رهزني، قتل، عهد شڪني ۽ هر ڪنهن قانون ۽ قاعده جي بندش کان آزادي جي عادت ڄمي وئي هئي، تنهن ڪري اسلام جي تعليم هنن کي پنهنجي پيارين عادتن جي خلاف معلوم ٿئي پئي. تنهن کان سواءِ هنن ۾ گهڻن قبيلن جي هاشم جي اولاد سان سخت دشمني هئي. انهي ڪري هنن حضرت ﷺ جي مخالفت ڪرڻ لاءَ ڪمر ٻڌي، ۽ اسلام جي نالي نشان مٽائڻ جو فيصلو ڪيو. پهرين تدبير هيءَ ڪيائون ته ”اسلام“ اختيار ڪندڙن کي سخت ايذاءُ پهچايو ٿي، ته جئين جيڪي مسلمان ٿيا هجن، سي موٽي پون، ۽ ڪوئي به نئون ماڻهو مسلمان نه ٿئي.
نون مسلمان سان قريش جا ظلم
قريش جيڪي ظلم مسلمانن تي ڪيا، تن جو پورو بيان ڪرڻ مشڪل آهي. هتي مختصر طور ٿورن بزرگن جو احوال ٿو ڏجي.
بلال رضي الله حبشي هو، اميه بن خلف جو ٻانهو هو. جڏهن اميه ٻڌو ته بلاول رضي الله مسلمان ٿيو آهي، تڏهن هن قسمن قسمن جا عذاب ڳولي ڪڍيا.
1. ڪَنڌَ ۾ رسي وجهي ڇوڪرن جي هٿ ۾ ڏني ويندي هئي جي جبلن ۾ هن کي گهليندا وتندا هئا، ۽ رسيءَ جو نشان ڳچيءَ تي ظاهر ٿي بيهندو هو. 2 – گرم واريءَ تي هن کي ليٽائيندا هئا ۽ گرم پٿر هن جي ڇاتيءَ تي رکندا هئا. 3 – هن کي اس ۾ وهاريندا هئا. 4 – بکيو رکندا هوس. حضرت بلال رضي الله انهن سڀني حالتن ۾ احد احد (هڪ هڪ) جو نعرو هڻندو رهيو. ابوبڪر صديق رضي الله حضرت بلاول کي خريد ڪيو، ۽ خدا جي واسطي آزاد ڪري ڇڏيائينس.
2. عمار رضي الله، ان جو والد ياسر رضي الله ۽ ان جي والده سميه مسلمان ٿيا هئا. ابوجهل هنن کي قسمن قسمن جا عذاب پهچايا. هڪڙي ڏينهن نبي ﷺ هنن کي مار کائيندي ۽ عذاب سهندي ڏٺو ۽ فرمايائون ته صبر ڪريو، اوهان جو مڪان جنت آهي. ڪم بخت ابوجهل بيبي سميه کي ڳجهي عضوي ۾ نيز وهڻي ماري ڇڏيو.
3. عثمان بن عفان جي اسلام آڻڻ جي خبر چاچنهس کي پئي، تڏهن هو ڪمبخت حضرت عثمان کي کجور جي صف ۾ ويڙهي ٻڌي هيٺان دونهون ڏيندو هو.
مطلب ته اهڙيون وحشي سزائون ڏيندا هئا جو فقط اسلام جي سچائي انهن جو مقابلو ڪري پئي سگهي. اڳين امتن ته کوٽا روپيه وٺي نبين کي گرفتار، بلڪ قتل به ڪرائي ڇڏيو هو.
نبي ﷺ جي رستي ۾ ڪنڊا پکيڙي ڇڏيندا هئا، ته رات جو اونداهه ۾ پير زخمي ٿي پونس ۽ سندن گهرجي دروازي تي غليظ شيون اڇلائي ڇڏيندا هئا.
نبي ﷺ سان ظلم
امن عمرو بن العاص رضي الله جو اکين ڏٺو بيان آهي ته هڪڙي ڏينهن نبي ﷺ ڪعبي ۾ نماز پي پڙهي. عقبه بن ابي معيط آيو ۽ پنهنجي چادر وٺي رسي وانگر ڪيائين جڏهن نبي ﷺ سجدو ڏنو تڏهن چادر کي حضور جي گردن ۾ وجهي گهلڻ شروع ڪيائين. گردن مبارڪ گهٽجڻ لڳو. حضرت ابوبڪر رضي الله آيو ۽ عقبه کي ڌڪو ڏيئي هٽايائين. ڪي شرير ابوبڪر صديق رضي الله کي وڪوڙي ويا، ۽ ڏاڍي مار ڏنائونس. اهڙي طرح هڪڙي ڀيري ڪعبي ۾ پيغمبر ﷺ جي مٿان اٺ جي ڪني اوجهري وڌائون. معصوم فاطمه اچي ويئي، تنهن اچي والد جي پٺيءَ تان اوجهري لاهي اڇلي.
قريش جون باقاعده ڪاميٽيون
مڪي جي قريش نبي ﷺ ۽ مسلمانن تي جيڪي ظلم پي ڪيا تن کي ڪافي نه سمجهيائون. تنهنڪري باقاعده ڪاميٽيون ٺاهيائون. هڪڙي ڪاميٽي جو مير مجلس ابولهب هو، ۽ مڪي جا 25 سردار ان جا ميمبر هئا. هن ڪاميٽيءَ ۾ هڪڙو سوال اهو ٿيو ته مڪي ۾ پري پري جا ماڻهو ٿا اچن. انهن کي محمد ﷺ به نسبت ڇا چئجي، جو هو مٽجي ڳالهين ۾ ڦاسي نه وڃن ۽ هن جي عظمت کي مڃن. هڪڙي چيو ته اسان چونداسين ته هو هڪ ڪاهن (يعني جوڳي) آهي. وليد بن مغيره جيڪو هڪ پوڙهو شخص هو، جنهن چيو ته مون گهڻائي ڪاهن ڏٺا آهن، ڪاڏي ڪاهنن جون تڪ بنديون ڪاڏي محمد ﷺ جو ڪلام، اسان کي اهڙي ڳالهه ڪرڻ نه گهرجي، جنهن مان عرب جا قبيلا سمجهن، ته اسان ڪوڙ به ڳالهائيندا آهيون. هڪڙي چيو ته چونداسين ته هو ديوانو آهي. وليد جواب ڏنو ته ديوانگي کي محمد ﷺ سان ڪهڙي نسبت آهي؟ هڪڙي چيو ته چڱو چونداسين ته هو شاعر آهي. وليد چيو ته محمد ﷺ جي ڪلام کي شعر سان ذرو به مشابهت ڪانهي. هڪڙي چيو ته اسان ٻڌائينداسين ته هو جادوگر آهي. وليد چيو ته جنهن پاڪائي ۽ لطافت سان محمد ﷺ ٿو رهي سا جادوگرن ۾ ڪٿي آهي. جادگرن جون صورتون منحوس (پليت) ۽ عادتون گنديون ٿيون ٿين. سڀني عاجز ٿي چيو ته چاچا تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا چوڻ گهرجي؟ وليد چيو ته سچ هي آهي ته محمد ﷺ جي ڪلام ۾ عجيب ميٺاج آهي. اسان ته فقط هيترو چئي ٿا سگهون ته هن جي ڪلام ۾ اهڙو تاثير آهي جنهن کان پيءُ، پٽ، ڀاءُ، ڀاءُ ۽ مڙس زال ۾ جدائي پئجي ٿي وڃي. آخر هن ريزوليوشن (ٺهراءُ) تي اتفاق ٿيو ته محمد ﷺ کي هر طرح تڪليف ڏجي، هن جي ڳالهه ڳالهه تي ٽهڪ ڏيئي کلجي، ۽ محمد ﷺ کي سچو سمجهڻ وارن کي سخت ۾ سخت تڪليفن جو شڪار بڻايو وڃي.
هجرت حبشه
جڏهن ڪافرن مسلمانن تي بيحد ظلم شروع ڪيو تڏهن نبي ﷺ اصحابن کي اجازت ڏني، ته جنهن کي وڻي سو پنهنجي جان ۽ ايمان جي بچاءَ واسطي حبش جي عيسائي بادشاه وٽ هليو وڃي. هن اجازت کان پوءِ هڪ ننڍو قافلو 12 مردن ۽ 4 عورتن جو رات جي اونداه ۾ حبش ڏانهن روانو ٿيو. عثمان بن عفان رضي الله پنهنجي بيبي سميت هن قافلي جو سالار هو، انهن کان پوءِ ٻيا به ٿورا مسلمان لڪ ڇپ ۾ روانا ٿيا. قريش سمنڊ تائين هنن جي پٺيان پيا پرهو اڳئي ٻيڙيءَ ۾ چڙهي روانا ٿيا هئا.
مڪي جا ڪافر حبش جي عيسائي بادشاهه وٽ تحفا کڻي ويا، ۽ وڃي چيائون ته جيڪي شخص اسان جي ملڪ مان ڀڄي آيا آهن سي اسان جي حوالي ڪيا وڃن. مسلمان درٻار ۾ ڪوٺايا ويا. حضرت ﷺ جي سؤٽ جعفر رضي الله درٻار ۾ هڪ عمدي تقرير ڪئي، جا ٻڌي بادشاهه چيو ته مون کي قرآن شريف ٻڌايو جعفر طيار هن کي سورت مريم ٻڌائي. بادشاهه تي ايترو اثر ٿيو جو هو روئڻ لڳي ويو ۽ چيائين ته محمد ﷺ ته اهو ئي رسول آهي جنهن جي خبر يسوع مسيح ڏني هئي، الله جو شڪر آهي جو مون کي هن رسول ﷺ جو زمانو مليو. پوءِ بادشاهه مڪي جي ڪافرن کي درٻار مان ڪڍي ڇڏيو.
نبي ﷺ کي لالچائڻ جي ڪوشش
جڏهن مڪي جي ڪافرن ڏٺو ته حبش تائين وڃڻ مان ڪجهه ڪين وريو تڏهن انهن چيو ته محمد ﷺ کي پهريائين لالچ ڏيون، پوءِ ڌمڪي ڏيون، ڪنهن طرح ته مڃي ويندو. اها صلاح ڪري مڪي جي مشهور مالدار سردار عتبه کي نبي ﷺ ڏي موڪليائون، جنهن هي تقرير ڪئي ته منهنجا ڀائٽيا محمد! ﷺ جيڪڏهن هن ڪاروائي سان دولت جمع ڪرڻ جي خواهش اٿو ته اسان خود ئي توهان کي گهڻي دولت جمع ڪري ٿا ڏيون، جيڪڏهن توهان عزت جا بکيا آهيو ته اسان سڀ توهان کي پنهنجو رئيس ٿا ڪريون. جيڪڏهن حڪومت جي خواهش آهي ته توهان کي عزت جو بادشاهه ٿا بنايون، جيئن مرضي هجيو تئين ڪرڻ لاءِ حاضر آهيون، مگر توهان هي پنهنجو رستو ڇڏيو، جيڪڏهن توهان جي دماغ ۾ ڪجهه خلل آهي ته ٻڌايو ته اسين ان جو علاج ڪرايون. نبي ﷺ جن فرمايو ته جيڪي ڪي توهان منهنجي بابت چيو سو ذرو به صحيح ناهي. مون کي مال، عزت، دولت ۽ حڪومت جي ڪجهه به خواهش ڪانهي، نڪي منهنجي دماغ ۾ ڪو خلل آهي. پوءِ نبي ﷺ ڪي آيتون پڙهي تقرير ڪئي. پاڪ ڪلام ٻڌڻ کان عتبه اهڙو محو ٿي ويو جو هٿن تي ٽيڪ ڏيئي ٻڌڻ لڳو، ۽ نيٺ چپ چاپ ۾ اٿي هليو ويو. قريش معلوم ڪرڻ لاءِ مشتاق ۽ منتظر ويٺا هئا، عتبه کي ڏسي هڪدم هن وٽ جمع ٿيا. عتبه چيو اي قريش جي جماعت! مان اهڙو ڪلام ٻڌي آيو آهيان جو نڪي ڪهانت (جو ڳپڻ) آهي نه شعر آهي نه جادو آهي نه منتر آهي. توهان منهنجو چوڻ مڃو، محمد ﷺ کي ڇڏي ڏيو ماڻهن هيءَ راءِ ٻڌي چيو ته اجهو، عتبه تي به محمد ﷺ جي زبان جو جادو هلي ويو.
ابو طالب کي ڌمڪي
جڏهن لالچ جي تدبير نه هلي تڏهن سڀني قبيلن جا سردار گڏجي نبي ﷺ جي چاچي ابو طالب وٽ آيا ۽ چيائون ته اسان توهان جو گهڻو ادب ڪيو، توهان جو ڀائيٽو اسان جي بتن جي گلا ٿو ڪري، هاڻي اسان صبر ڪري نه ٿا سگهون، توهان هن کي سمجهائي چپ ڪرايو، نه ته اسان هن کي قتل ڪنداسين. سڄي ملڪ جي دشمني ڏسي چاچي جي دل درد ۽ محبت سان ڀرجي آئي. هن نبي ﷺ کي سڏي سمجهايو ته بت پرستيءَ جي مخالفت نه ڪريو، نه ته مان به توهان جي ڪجهه حمايت نه ڪري سگهندس.
نبي ﷺ تنهن تي فرمايو ته چاچا جيڪڏهن هي ماڻهو سج کي منهنجي سڄي هٿ تي ۽ چنڊ کي منهنجي کٻي هٿ تي اچي رکن ته به مان حڪم مان الله تعالى جي هڪ حرف به گهٽ ڪين ڪندس، اگرچه هن ڪم ۾ منهنجي جان به هلي وڃي.
امير حمزه جو مسلمان ٿيڻ
نبوت جي ڇهين ورهيه جو ذڪر آهي ته صفا جي جبل تي ابو جهل نبي ﷺ کي گاريون ڏنيون، ۽ هڪ پٿر زور سان مٿي مبارڪ تي هنيائين جنهن ڪري رت وهڻ لڳو. نبي ﷺ جي چاچي امير حمزه کي خبر پيئي، جو اڃان مسلمان ڪو نه ٿيو هو. هن ابوجهل کي تير هڻي زخمي ڪيو. پوءِ نبي ﷺ وٽ اچي چيائين ته توهان خوش ٿيا هوندو جو ابوجهل کان مون توهان جو بدلو ورتو آهي. نبي ﷺ جن فرمايو ته مان اهڙين ڳالهين کان خوش ڪين ٿيندو آهيان، پر جي تون مسلمان ٿي پوين ته مون کي بيشڪ وڏي خوشي ٿئي. حمزه رضي الله انهيءَ ئي وقت مسلمان ٿيو.
حضرت عمر رضي الله جو مسلمان ٿيڻ
امير حمزه کان ٽي ڏينهن پوءِ عمر بن خطاب مسلمان ٿيو. هو وڏو دلير ۽ بهادر شخص هو. هڪڙي ڏينهن بهادريءَ تي ڀروسو رکي نبي ﷺ کي مارڻ لاءِ گهر کان نڪتو. واٽ تي هن کي پتو پيو ته سندس ڀيڻ ۽ ڀاڻيجو مسلمان ٿيا آهن. هي ٻڌي ڀيڻ جي گهر ويو ۽ ٻنهي کي خوب ماريائين. ڀيڻ چيو ته توهان پهريائين اهو ڪلام ٻڌو جنهن کي ٻڌي اسان ايمان آندو آهي، جيڪڏهن توهان کي نه وڻي ته اسان کي ماري ڇڏجو. عمر رضي الله چيو ته چڱو ٺيڪ آهي. هڪ اصحابي جو اتي لڪل هو، تنهن قرآن شريف پڙهيو. عمر رضي الله ٻڌي بي اختيار رنو. الغرض عمر رضي الله انهي ئي وقت نبيﷺ ۽ قرآن تي ايمان آندو. جو شخص گهر کان قاتل بنجي نڪتو هو سو جان نثار بنجي پيو. ڪجهه وقت کانپوءِ سندس لقب فاروق ٿيو. هن وقت تائين مسلمان گهرن ۾ لڪي نماز پڙهندا هئا. هاڻي ڪعبه ۾ وڃي پڙهڻ لڳا، تنهن تي ڪافرن کي وڌيڪ ساڙ لڳو، ۽ مسلمانن کي بيحد تڪليفون ڏيڻ لڳا.
بنو هاشم تي سختي، ابو طالب ۽ خديجه جي وفات
جڏهن ڪافرن ڏٺو ته تڪليفن هوندي به نبي ﷺ نهايت جرائت سان پنهنجو ڪم پيو ڪري، تڏهن صلاح ڪري سڀني بنو هاشم سان تعلق ٽوڙي ڏيتي ليتي بند ڪئي. نبي ﷺ جو قبيلو لاچار ٿي جبل ۾ وڃي رهڻ لڳو، جتي کائڻ جي شين جو وڃڻ به قريشين بند ڪيو. اهو لکيل ٺهراءُ قريش ڪعبي جي ڀت تي چهٽائي ڇڏيو هيو. ٽن ورهن کان پوءِ اهو ڪاغذ هڪ جيت کائي ڇڏيو، تڏهن نبي ﷺ جن ٻاهر نڪتا، ۽ وعظ جو سلسلو وري شروع ڪيائين.
نبوت جي ڏهين سال ابوطالب ۽ بيبي خديجه وفات ڪئي، جنهن ڪري نبي ﷺ کي سخت صدمو رسيو. هاڻي قريش نبي ﷺ تي زياده ظلم شروع ڪيو، مگر نبي ﷺ تنهن هوندي به زياده جوش سان وعظ جو ڪم ڪندو رهيو.
طائف جو بيان
ٿورن ڏينهن کان پوءِ نبي ﷺ مڪي کان ٻاهر وعظ ڪرڻ لاءِ روانا ٿي ويا، زيد بن حارث ساڻ هو. مڪي ۽ طائف وڃي پهتا. اتي جا ماڻهو بنو ثقيف ملڪ جي سر سبز ۽ آباد هئڻ ڪري بلڪل مغرور هئا. نبي ﷺ پهريائين ٽن سردارن کي جي ڀائر هئا اسلام جي دعوت ڏني هنن نهايت سخت جواب ڏنا. هڪڙي چيو ته خدا کي توهان کان سواءِ، جنهن کي سواري به ڪانهي، ٻيو ماڻهو ئي ڪو نه ٿي لڌو جنهن کي رسول ڪري موڪلي ها؟ هن کي رسول موڪلڻو هجي ها ته ڪنهن حاڪم يا سردار کي رسول ڪري موڪلي ها! پوءِ نبي ﷺ اتان کان اٿي عام ماڻهن ۾ وعظ شروع ڪيو. هنن سردارن پنهنجي ٻانهن ۽ شهر جي ڇوڪرن کي سيکاري ڇڏيو، جن وعظ وقت ايترا پٿر اڇلايا جو حضور ﷺ رتو رت ٿي ويا، رت وهي وهي جتي مبارڪ ۾ ڄمي پيو، ۽ وضوءَ جي وقت پير مان جوتو ڪڍڻ مشڪل ٿي پيو. وعظ ڪندي ڪندي. خدا جي رسول کي ايتريون چوٽون لڳيون، جو حضور ﷺ بيهوش ٿي ڪري پيا، زيد کين پٺيءَ تي کڻي ٻاهر ويو، ۽ پاڻي جي ڇنڊن سان نبي ﷺ جن وري هوش ۾ آيا. هن سفر ۾ ايترين تڪليفن ۽ ايذائن بعد هڪ شخص جي به مسلمان نه ٿيڻ جي رنج ۽ صدمي جي وقت به نبي ﷺ جي دل خدا جي عظمت ۽ محبت سان ڀرپور هئي. انهيءَ وقت جا دعا گهريائون تنهن جا ڪي الفاظ هي آهن:- الهٰي! تون سڀني رحم ڪرڻ وارن کان وڌيڪ رحم ڪرڻ وارو آهين، جڏهن مون تي تنهنجو غضب ناهي. تڏهن مون کي هنن تڪليفن جي ڪجهه پرواهه ناهي. مان تنهنجي ذات جي نور جي پناهه ٿو گهران، جنهن سان سڀ اونداهيون روشن ٿيون ٿين. مون کي تنهنجي ئي رضامندي ۽ خوشنودي درڪار آهي، ۽ نيڪي ڪرڻ ۽ بديءَ کان بچڻ جي طاقت مون کي تنهنجي طرف کان ٿي ملي.
نبي ﷺ طائف کان واپس اچڻ وقت هيئن به فرمايو ته مان هنن ماڻهن جي تباهي واسطي ڇو دعا گهران. جيڪڏهن هي ماڻهو خدا تي ايمان نٿا آڻين ته ڇا ٿيو، اميد آهي ته هنن جا ايندڙ نسل ضرور هڪ خدا تي ايمان آڻيندا.
جادوگر جو مسلمان ٿيڻ
طائف مان موٽڻ بعد نبي ﷺ مڪي ۾ ۽ مڪي کان ٻاهر ڪيترن قبيلن ۾ وعظ ڪندا رهيا. انهن ڏينهن ۾ سو يدبن صامت ۽ رياس بن معاذ فقط قرآن ٻڌڻ سان مسلمان ٿي پيا. انهن ئي ڏينهن ۾ ضماداري مڪي ۾ آيو. هي يمن جو رهاڪو ۽ عرب جو مشهور افسون گر هو. جڏهن ٻڌو ته محمد ﷺ تي جنن جو اثر آهي تڏهن قريشن کي چيائين ته مان محمد ﷺ جو علاج پنهنجي منتر سان ڪري سگهندس هو نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ چيائين ته محمد ! چو ته توهان کي منتر ٻڌايان نبي ﷺ فرمايو ته پهريائين منهنجو ته ٻڌو، پوءِ نبي ﷺ هن کي ڪي جملا قرآن شريف جا ٻڌايا. ضماد هٿ ٻڌي هڪدم چيو ته اهي جملا وري ٻڌايو. ٻي ٽي دفعا ٻڌي بي اختيار چيائين ته مون گهڻا ڪاهن جادوگر ۽ شاعر ڏٺا ٻڌا آهن، مگر اهڙو ڪلام مون ڪڏهن ڪو نه ٻڌو. هي ڪلما ته هڪ بي ڪنار سمنڊ وانگر آهن. محمد ﷺ خدا جي واسطي پنهنجو هٿ وڌايو ته مان اسلام جي بيعت (تابعداري) ڪيان.
معراج
نبوت جي ڏهين سال معراج ٿيو، ۽ الله تعاليٰ نبي ﷺ کي ملڪوت السموات والارض جو سير ڪرايو.
طفيل جو مسلمان ٿيڻ
انهن ڏينهن ۾ طفيل بن عمرو مڪي ۾ آيو. هو اوس جي قبيلي جو سردار هو، ۽ شاعر ۽ هوشمند شخص هو. قريش هن جو استقبال ڪري هن کي سمجهائي ڇڏيو ته محمد ﷺ جي زبان جي جادوءَ ۾ پاڻ کي نه ڦاسائجو. طفيل ڪنن ۾ ڪپهه وجهي گهمڻ لڳو. هڪ ڏينهن اوچتو ڪعبي ۾ نبي ﷺ کي نماز پڙهندي ڏٺائين. قرآن شريف جو ڪلام کيس ڏاڍو وڻيو، ۽ چيائين ته خدا جو قسم آهي ته اهڙو پاڪيزه ڪلام مون ڪڏهن نه ٻڌو. الغرض طفيل انهيءَ وقت مسلمان ٿيو. جنهن کي قريش گهڙيءَ گهڙيءَ مخدوم سڏيندا هئا سو گهڙيءَ ۾ نبي ﷺ جو خادم بڻجي ويو.
هجرت جا سبب عقبه جي پهرين بيعت
سنه 11 نبوت جي حج جي موسم جو ذڪر آهي ته نبي ﷺ رات جي اونداهي ۾ مڪي کان ٿورا ميل پري عقبه وٽ ڪن ماڻهو کي ڳالهائيندي ٻڌو. هو ڇهه ماڻهو هئا، ۽ يثرب (مدينه) کان آيل هئا. نبي ﷺ هنن جي اڳيان خدا جي عظمت (وڏائي) ۽ جلال (شان) جو بيان شروع ڪيو، ۽ نيڪي ڪرڻ جي تعليم ڏني، ۽ قرآن مجيد پڙهي ٻڌايو. هنن يثرب جي يهودين کان ٻڌو هو ته هڪڙو نبي ﷺ جلد پيدا ٿيڻو آهي هن تعليم جي ڪري هو هڪدم مسلمان ٿيا، ۽ وطن ۾ اچي اسلام جا سچا پکيڙيندڙ ٿيا. هنن اها خوشخبري پي ٻڌائي ته اهو نبي ﷺ جنهن لاءِ سڄيءَ دنيا پي نهاريو، اسان جي اکين هن جو ديدار ڏٺو، ۽ هن اسان کي هميشه جيري رهڻ واري خدا سان ملايو آهي، هاڻي دنيا جي زندگي ۽ موت اسان جي اڳيان ڪجهه ناهي.
هنن ماڻهن جي خوشخبري پهچائڻ جو نتيجو اهو ٿيو جو يثرب جي گهر گهر ۾ حضرت ﷺ جو ذڪر ٿيڻ لڳو، ۽ ٻئي سال يثرب جا 12 ماڻهو حضرت ﷺ جي خدمت ۾ اچي مسلمان ٿيا. هنن ماڻهن جن ڳالهين تي بيعت ڪئي سي هي آهن:
1) اسان هڪ خدا جي عبادت ڪنداسين ۽ ڪنهن کي هن جو شريڪ نه بنائينداسين.
2) اسان چوري ۽ زنا ڪڏهين ڪين ڪنداسين.
3) اسان پنهنجي اولاد کي قتل نه ڪنداسين.
4) اسان ڪنهن تي ڪوڙي تهمت نه لڳائينداسين نڪي چغلي هڻنداسين.
5) اسان نبي ﷺ جي فرمانبرداري سڀ ڪنهن چڱي ڳالهه ۾ ڪنداسين.
مديني جي ماڻهن جو مسلمان ٿيڻ
جڏهن هي ماڻهو موٽڻ لڳا تڏهن نبي ﷺ هن کي مصعب ابن عمير ساڻ ڪري ڏنو، انهيءَ لاءِ ته هو هنن کي اسلام سيکاريندو رهي. يثرب جا 2 سردار ڪاوڙ جي معصب سان وڙهڻ آيا، پهريائين گاريون ڏنائون. پر معصب جي سمجهائڻ ۽ قرآن ٻڌڻ بعد مسلمان ٿيا. پوءِ سندن قبيلا به مسلمان ٿيا.
عقبه جي ٻي بيعت
ٻئي سال يعني نبوت جي 13 سال 73 مردن ۽ 2 عورتن کي يثرب جي ماڻهن نبي ﷺ ڏانهن انهيءَ لاءِ موڪليو ته هو نبي ﷺ جي يثرب ۾ اچڻ جي دعوت ڪن. هي قافلو انهيءَ متبرڪ (برڪت واري) جاءِ تي، جتي ٻن سالن کان وٺي يثرب جا مشتاق حاضر ٿيندا هئا، رات جي انڌاري ۾ اچي پهتو، ۽ خدا جو رسول ﷺ به پنهنجي چاچي عباس رضي الله سان گڏ اتي وڃي نڪتو. يثرب جي ماڻهن عرض ڪيو ته حضور ﷺ اسان جي شهر ۾ هلي رهن، ته اسان کي پورو پورو فيض حاصل ٿئي. نبي ﷺ پڇيو ته اوهان سچي دين جي پکيڙڻ ۾ پوري پوري مدد ڪندؤ، ۽ جڏهن اتي هلي رهون تڏهن منهنجي ۽ منهنجي ساٿين جي مدد پنهنجي عيال وانگر ڪندو؟ ايمان وارن پڇيو ته ائين ڪرڻ لاءِ اسان کي عيوض ۾ ڇا ملندو؟ نبي ﷺ فرمايو ته بهشت! وري ايمان وارن عرض ڪيو ته حضور اسان کي تسلي ڏين ته وري اسان کي ڇڏي نه ويندا. نبي ﷺ فرمايو ته نه، منهنجو جيئڻ ۽ مرڻ اوهان سان گڏ ٿيندو. هن جملي ٻڌڻ شرط هي سچا اسلام جا عاشق عجيب خوشيءَ سان جان قرباني جي بيعت ڪرڻ لڳا.
مهاجرن تي سختيون
هن ٻي بيعت کانپوءِ جي مسلمانن قريشن جي ظلم کان بيتاب هئا، تن کي يثرب ڏانهن هجرت ڪرڻ جي اجازت ملي. هنن ايمان وارن کي گهر ٻار، مٽ مائٽن پي ڀاءُ ۽ زال ڇڏڻ جو ذرو به غم نه هو، بلڪ اها خوشي هين ته يثرب ۾ خدا جي عبادت پوريءَ آزادي سان ڪري سگهنداسين.
هجرت ڪرڻ وارن کي به مڪي جي قريشن جي سخت روڪ جو مقابلو ڪرڻو پي پيو. ڪيترن ئي کي قريشن گرفتار ڪري مارون ڏيئي قيد ۾ پي رکيو.
(هجرت)
نبي ﷺ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش
جڏهن مسلمان مڪي ۾ ٿورا وڃي رهيا، ۽ مشهور اصحابن مان فقط ابوبڪررضي الله ۽ علي رضي الله باقي رهيا، تڏهن قريشن چيو ته هاڻي محمد ﷺ کي قتل ڪرڻ جو چڱو وجهه آهي. قريشن گڏجي ڳجهيءَ طرح صلاح مصلحت ڪئي. ڪجهه بحث کان پوءِ ابو جهل جي تدبير سڀني کي پسند آئي. اها هيءَ هئي ته عرب جي هر ڪنهن قبيلي مان هڪ جوان مرد چونڊجي، اهي سڀ بهادر رات جي اونداهيءَ ۾ محمد ﷺ جي گهر کي گهيرو ڪري وڃن، ۽ جڏهن نبي ﷺ صبح جو نماز واسطي ٻاهر نڪري، تڏهن سڀ پنهنجي پنهنجي ترار سان هن تي حملو ڪن، ۽ ٻوٽي ٻِوٽي ڪري ڇڏن.
الله تعاليٰ جي حمايت سان سندن بچڻ
انساني تدبير جي مقابلي ۾ هاڻي الاهي طاقت ۽ رباني حمايت کي ڏسو. جڏهن هنن رسول ﷺ جي گهر کي گهيرو ڪيو، تڏهن خدا جي نبيءَ ﷺ پنهنجي پياري سوٽ عليءَ رضي الله کي فرمايو ته تون منهنجي بستري تي منهنجي چادر پائي سمهي رهه، ذرو به فڪر نه ڪجانءِ، ڪوئي به شخص تنهنجو وار به ڏنگو ڪري نه سگهندو. حضرت علي رضي الله هنن تلوارن جي پاڇي ۾ نهايت بي فڪريءَ سان مزي جي ننڊ ۾ پئجي ويو. خدا جو رسول ﷺ خدا جي حفاظت ۾ ٻاهر نڪتو، ۽ هنن دل جي انڌن جي اکين ۾ خاڪ وجهي سورت يٰسين پڙهندو صاف نڪري ويو، ۽ ڪنهن به کيس نه ڏٺو. هي واقعه 27 صفر سنه 13 نبوت خميس ڏينهن ٿيو.
غار ۾ لڪڻ
نبي ﷺ سڌو ابوبڪر رضي الله جي گهر ويا. ۽ اتان ٻئي گڏجي ثور جبل جي غار ۾ وڃي لڪا، ٽن ڏينهن تائين اتي رهيا چوٿين رات ابوبڪر رضي الله جي گهر مان ٻه ڏاچيون آيون، جن کي انهي سفر لاءِ متارو ۽ تيار ڪيو ويو هو. هڪڙيءَ تي نبيﷺ ۽ ابوبڪر رضي الله ۽ ٻيءَ تي عامر بن فهيره ۽ عبدلله بن اريقط سوار ٿيا ۽ مدينه جي طرف روانه ٿيا.
ام معبد جي گهر کان لنگهڻ
هي مبارڪ قافلو غار کان نڪري پهرين ئي ڏينهن ام معبد جي خيمي کان اچي لنگهيو. هي عورت مسافرن جي گهڻي ٽهل ڪرڻ لاءِ مشهور هئي. اتي پهچي ٻڍيءَ زال کان پڇيائون ته تو وٽ ڪا شيءَ آهي. هن چيو ته نه، هجي ها ته پڇڻ کان اڳ ئي حاضر ڪريان ها. نبي ﷺ خيمي جي ڪنڊ ۾ هڪڙي ٻڪري ڏٺي ۽ پڇيائون ته هي ٻڪري ڇو بيٺي آهي. ام معبد جواب ڏنو ته هيڻي آهي. ڌڻ سان وڃي نه ٿي سگهي. نبي ﷺ فرمايو ته اجازت ملي ته اسان هن مان کير ڏهون. ام معبد چيو ته جي حضور کي کير معلوم ٿئي ٿو ته ڀلي ڏهن. نبي ﷺ ٿڻن کي هٿ هڻي برتن گهريو، اهو اهڙو ڀرجي پيو جو کير اڇلجي زمين تي ڪري پيو. اهو کير حضرتﷺ ۽ ساٿين پيتو. ٻئي ڀيري به ٿانءُ ڀريو جو سنگتين پيتو. ٽئين ڀيري به برتن ڀرجي پيو، اهو ام معبد جي واسطي ڇڏي اڳتي روانا ٿيا. جڏهن ام معبد جو مڙس گهر آيو تڏهن کير ڏسي حيران ٿيو. ام معبد کي چيائين ته انهيءَ متبرڪ شخص جو ڪجهه بيان ٻڌاءِ، ام معبد سڄو بيان ٻڌايو. هن ٻڌي چيو ته هي ته ضرور اهو صاحب قريش آهي جنهن جي تلاش ۾ هوس، هاڻي ضرور وڃي هن سان ملندس.
مديني پهچڻ
8 ربيع الاول سنه 13 نبوت سومر ڏينهن خدا جو نبي قبا ۾ پهتو. اتي ٽي ڏينهن رهيا، انهن ڏينهن ۾ پهريون ڪم اهو ڪيائين جو خدا تعاليٰ جي عبادت لاءِ هڪ مسجد جوڙيائون. هن جاءِ تي علي مرتضيٰ رضي الله به پيرين پيادو اچي نڪتو. هن کي نبي ﷺ انهيءَ لاءِ پٺتي ڇڏيو هو ته جن ماڻهن جون امانتون حضرت ﷺ جي گهر ۾ هيون سي انهن کي موٽائي ڏجن. ٻارهين ربيع الاول جي جمعه جي ڏينهن نبي ﷺ جن قبا کان سوار ٿي بني سالم جي گهرن تائين پهتا، ته جمعي جو وقت ٿي ويو. هتي 100 ماڻهن سان گڏ جمعو پڙهيائون. هي اسلام ۾ پهريون جمعو هو. جمعي جي نماز کان فارغ ٿي نبي ﷺ جن يثرب جي ڏاکڻي پاسي کان شهر ۾ داخل ٿيا، ۽ ان ڏينهن کان وٺي شهر جو نالو مدينة النبي (نبي جو شهر) ٿيو، جنهن کي مختصر طرح رڳو مدينو ٿو ڪوٺجي. داخلو عجيب شاندار هو، گهٽين ۽ رستن ۾ خدا جي تعريف جا نعرا لڳي ويا، ۽ مرد عورتون ٻار ۽ پوڙها سڀ خدا جي نور جي جلوه جو ديدار ڪرڻ لاءِ نڪري آيا.
انصارن جي ڪشاده دلي
بزرگ انصار (يعني مدينه جا مسلمان) ڪي وڏا شاهوڪار يا جاگيردار ڪين هئا مگر دل جا اهڙا ڪشادا ۽ اسلام تي اهڙا فدا هئا جو جڏهن ڪو مسلمان مهاجر (هجرت ڪري آيل) پنهنجي جان بچائي بکيو اڃيو مديني ۾ پهتو ٿي ته هر ڪنهن انصاريءَ جي مرضي اها هئي ته اهو مهاجر مون وٽ هلي ٽڪي. آخر ڪڻن تي فيصلو پي ٿيو، ۽ هر ڪنهن انصاريءَ پنهنجي مهاجر ڀاءُ کي اڌ ملڪيت جو ورهائي ٿي ڏنو، ۽ رات تي شڪر پي ڪيائين ته خدا دين جي هڪ ڀاءُ کي هن جو حصي دار بنايو آهي.
مديني جي حالت
مڪي ۾ فقط قريش قوم جو زور هو، جن جو مذهب بت پرستي هو. مگر مديني ۾ گهڻيون قومون ۽ گهڻا مذهب هئا. اتي بت پرست به هئا، يهودي به ۽ ٿورا عيسائي به. يهودي واپار ڪرڻ ۽ وياج کائڻ ڪري بلڪل شاهوڪار هئا ۽ جدا قلعن ۾ رهندا هئا. يهودي ۽ عيسائي هڪ پيدا ٿيڻ واري نبي جي انتظار ۾ هئا، تنهن هوندي به هو نبي ﷺ جا دشمن ٿيا. يهودي هن ڪري دشمن ٿيا جو نبي ﷺ مسيح کي سچو پيغمبر ڪري سمجهندا هئا، عيسائي هن ڪري جو انهن جي ڪيترن مسئلن کي، مثلاپوپ جي الاهي طاقت کي نبي ﷺ رد ڪيو. يهودين کان سواءِ مديني ۾ عبدلله بن ابي سلول به هڪ زور وارو شخص هو. هن کي مديني جي رئيس ٿيڻ جي اميد هئي. مگر جڏهن ڏٺائين ته اوس ۽ خزرج جون قومون مسلمان ٿي ويون تڏهن لاچار پاڻ به ظاهر مسلمان ٿيو. جڏهن هن ڏٺو ته يهودي نبي ﷺ جي خلاف آهن تڏهن ڳجهي طرح هنن سان شامل ٿي مسلمانن کي نقصان رسائڻ کان ڪين ٽرندا هئا. اهڙن ماڻهن کي مسلمان منافق سڏيندا هئا. هن مان معلوم ٿيندو ته نبي ﷺ کي مديني ۾ به گهڻين تڪليفن کي سامهون ٿيڻو پيو.
قريش ۽ يهودين جا حملا ۽ عهدناما
مديني ۾ پهچي نبي ﷺ هي مناسب خيال فرمايو ته سڀني قومن جي وچ ۾ هڪ عهدنامو ڪجي جو نسل ۽ مذهب جو اختلاف، قوميت (نيشن) جي وحدت سان مٽجي وڃي، ۽ سڌاري ۽ ترقي ڪرڻ ۾ هڪ ٻئي کان مدد ملندي رهي. هن عهدنامي جا ڪي جملا هي آهن ته هي سڀ ماڻهو هڪ قوم سمجهڻ ۾ ايندي. يهودي مسلمانن سان گڏ هڪ قوم ٿي رهندا. عهدنامي ڪرڻ وارين قومن سان ڪو جنگ ڪندو ته مسلمان هن جي مدد ڪندا. مسلمانن جو تعلق عهدنامي وارين قومن سان خير خواهي ۽ فائدي پهچائڻ وارو ٿيندو ۽ نه ضرر ۽ گناهه جو. جنگ جي ڏينهن ۾ يهودي مسلمانن سان خرچ ۾ شامل رهندا، يهودين جي دوستدار قومن جا حق يهودين جي برابر سمجهڻ ۾ ايندا ۽ مظلومن جي مدد ڪئي ويندي. مديني جي اندر قتل ڪرڻ حرام سمجهيو ويندو. هن عهدنامي تي مديني جي سڀني قومن جون صحيحون ٿيون. تنهن کان پوءِ نبي ﷺ جي مرضي ٿي ته آسپاس جي قومن کي به هن عهدنامي ۾ شامل ڪجي هن مبارڪ ارادي سان نبي ﷺ جن ڪن شهرن تائين سفر ڪيا، ۽ اتي جي ماڻهن کي عهدنامي ۾ شامل ڪيو. هن مبارڪ ارادي جي پوري ڪرڻ واسطي پورو وقت ملي ها ته دنيا کي معلوم ٿئي ها ته رحمت للعالمين (نبي جو لقب) دنيا ۾ تلوار هلائڻ نه آيا هئا بلڪ صلح پکيڙڻ ۽ امن قائم ڪرڻ واسطي آيا هئا.
جنگ بدر
نبي ﷺ ۽ ٻيا مسلمان اگرچه وطن ڇڏي 300 ميل پري وڃي رهيا ته به قريش کي آرام نه آيو يهودين سان ڳجهي طرح ملي مسلمانن کي چوائي موڪليائين ته مغرور نه ٿجو، اسان مديني ۾ ئي اچي اوهان جي ستيا ناس ڪنداسين. هن پيغام کان پوءِ هنن ڍڳا ڍور کڻي وڃڻ ۽ فصل ناس ڪرڻ شروع ڪيو. رمضان مهيني سنه 2 هجري ۾ ابوجهل مڪي ۾ ظاهر ڪيو ته جيڪو اسان جو قافلو زر ۽ مال سان ڀريل شام کان پيو اچي تنهن کي مسلمان لٽيندا. انهيءَ مان هن جو مطلب اهو هو ته جن جو مال يا مائٽ انهيءَ قافلي ۾ آهن ۽ جن کي مسلمانن سان سخت دشمني آهي سي سڀ جنگ لاءِ تيار ٿيندا، ٿيو به ائين. هڪ هزار بهادرن جي فوج (جن جي سواريءَ ۾ ست سو اٺ ۽ ٽي سؤ گهوڙا هئا) وٺي ابوجهل اڳتي وڌيو. قافلو ته خير سان مڪي ۾ پهچي به ويو هو، ته به ابوجهل مديني ڏانهن وڌندو ويو، تڏهن مسلمانن کي ڪجهه به شڪ نه رهيو ته هي چڙهائي غريب مسلمانن تي آهي.
نبي ﷺ اصحابن سان صلاح ڪئي، هنن تسلي جهڙو جواب ڏنو. انصارن به چيو ته حضور جن جيڪو حڪم ڏيندا تنهن جي تعميل ڪنداسين. مسلمان اڳئي تيار ٿيل نه هئا. انصار ۽ مهاجر گڏجي سڀ 313 شخص ميدان ۾ وڃڻ جهڙا نڪتا، تن کي به نڪا پوري سواري هئي نڪي پورا هٿيار هئا. سڄي لشڪر ۾ 26 گهوڙا ۽ 60 اٺ هئا، مگر هو اسلام تي اهڙا فدا هئا جو مرڻ کي هنن هميشه جي زندگي ٿي سمجهيو. هن وقت تائين مسلمانن کي جنگ جي اجازت ڪا نه هئي. هاڻي خدا وٽان حڪم آيو جنهن ۾ جنگ جي اجازت جا سبب هي ڏيکاريل آهن:
1) بچاءُ لاءِ وڙهڻ وارن جو مظاهرو هئڻ ۽ حملي ڪرڻ وارن جو ظالم هئڻ.
2) هنن کي گهر ٻار کان تڙي ڪڍڻ ۽ ملڪيت کان بيدخل ڪرڻ سو به رڳو مذهب جي اختلاف جي سبب.
3) ڪيل عهدنامي جي حفاظت، مذهب جي آزاديءَ جو اصول قائم ڪرڻ ۽ عهدنامي وارين قومن جي مندرن وغيره جو بچاءُ ڪرڻ.
جڏهن 313 ماڻهن جو لشڪر بدر ۾ پهتو تڏهن ڏٺائون ته دشمن جو لشڪر سامهون لٿل آهي. نبي ﷺ جنگ جو ميدان ڏٺو، ۽ ٻڌايائون ته سڀاڻي انشاءَلله فلاڻو دشمن هن جاءِ تي ۽ فلاڻو فلاڻو هن جاءِ تي قتل ٿيندا. 17 رمضان جمع ڏينهن جنگ ٿي. جنگ کان اڳي نبي ﷺ دعا گهري جا هر طرح مقبول ٿي. خدا ئي مدد سان مڪي وارن کي شڪست آئي. انهن جا 70 مشهور ماڻهو قيد ٿيا ۽ 70 بهادر مارجي ويا. ابوجهل به اتي ئي مارجي ويو. هن زماني جي قانون موجب ۽ مصلحت واسطي سڀني قيدين کي قتل ڪرڻ گهربو هو، مگر رحمدل نبي ﷺ عيوض وٺي سڀني کي ڇڏي ڏنو. جيڪي قيدي لکي پڙهي ڄاڻندا هئا تن جو عيوض (فديو) اهو مقرر ٿيو ته انصارن جي ٻارن کي لکڻ پڙهڻ سيکارين.
عمير جو اسلام آڻڻ
بدر جي جنگ کان ٿورا ڏينهن پوءِ صفو ان بن اميه جنهن جو پيءَ بدر ۾ قتل ٿيو هو ۽ عمير بن وهب جنهن جو پٽ اڃان مسلمانن جي هٿ ۾ قيد هو، سي مڪي کان ٻاهر هڪڙي وير ان هنڌ گڏجي صلاح ڪرڻ لڳا. عمير چيو ته مون تي قرض نه هجي ۽ پنهنجي ڪٽنب جو خيال نه هجي ته محمد ﷺ کي قتل ڪري اچان. صفو ان جواب ڏنو ته قرض مان ڀريندس ۽ تنهنجي ڪٽنب کي به مان خرچ ڏيندس. عمير جڏهن نبي ﷺ وٽ آيو تڏهن نبي ﷺ هن کي ٻڌايو ته تون فلاڻي جاءِ تي صفوان سان صلاح ڪري مون کي مارڻ لاءِ آيو آهين. عمير کي حيرت لڳي ته جنهن ڳالهه جي صفوان کان سواءِ ڪنهن کي خبر ڪانهي تنهن جي خبر نبي ﷺ کي ڪيئن خبر پئي سو هڪدم مسلمان ٿي پيو.
ابو سفيان جو حملو
بدر جي شڪست کان پوءِ ابو سفيان بدلي وٺڻ جو قسم کنيو هو، سو ٻه سؤ سوار وٺي مديني ۾ هڪڙي يهودي وٽ رات جي وقت ويو. مقابلي جو وجهه نه ڏسي فقط ڦز سان ڀريل کجين کي باهه ڏيئي هڪڙي مسلمان کي ماري پٺتي موٽيو.
احد جي جنگ
ٻئي سال مڪي جي قريش وري مديني تي حملو ڪيو هن دفعي ماڻهن کي جوش ڏياري چندو ڪيائون نيٺ پنج هزار بهادرن جو لشڪر جنهن ۾ ٽي هزار اٺ سوار 2 سؤ گهوڙي سوار ۽ ست سؤ زره پوش پيادا هئا وٺي مديني ڏانهن وڌيا. نبيﷺ جي راءِ هئي ته مديني ۾ اندر رهي بچاءُ جي ڪوشش ڪجي. مگر گهڻن جي راءِ تي فيصلو ٿيو ۽ مسلمانن احد جي ڳاڙهي جبل تائين ٻاهر نڪري مقابلو ڪيو. مسلمان تعداد ۾ هڪ هزار هئا. اهڙي مهل ۾ عبدلله بن ابي سلول دغا ڪئي ۽ پنهنجي ٽن سون شخصن کي موٽائي وٺي ويو. تنهنڪري 700 مسلمانن تي 5 هزار حمله ڪندڙن جو بار پيو. پهريائين دشمن شڪست کاڌي، پر جن تير اندازن کي پٺيان جبل تي بچاءُ لاءِ بيهاريو ويو هو، سي فتح ڏسي پنهنجي جاءِ ڇڏي اڳتي وڌيا، چالاڪ دشمن وجهه ڏسي هڪدم پٺيان حملو ڪري ڏنو. مسلمانن کي اهڙو سخت وقت آيو جو ستر اصحابي شهيد ٿيا، ۽ لشڪر جو وڏو حصو ڇڙو ڇڙ ٿي ويو. نبي ﷺ وٽ فقط ٻارهن اصحابي وڃي رهيا، ۽ سڄي ميدان ۾ ستر اصحابي وڃي بچيا. دشمنن خدا جي نبي تي پٿر اڇلايا سندن پيشاني ۽ ٻانهن زخمي ٿي پيا، ۽ چار ڏند مبارڪ به شهيد ٿي پيا. پوءِ حضرت جن هڪڙي کڏ ۾ ڪري پيا. افواه ٿيو ته حضور ﷺ شهيد ٿيا. ان وقت بيبي فاطمه، بيبي عائشه ۽ ٻيون عورتون ڊوڙنديون آيون ۽ اچي زخمن کي ڌوتائون.
نبي ﷺ جن ٻنهي جهانن جي لاءِ رحمت
هن جنگ ۾ مصعب بن عمير رضي الله شهيد ٿيو، ۽ نبي جو چاچو امير حمزه رضي الله پڻ شهيد ٿيو. جنهن وقت پيغمبر ﷺ وٽ باقي 12 اصحابي وڃي رهيا هئا، تنهن وقت انهن اصحابن گهڻي شجاعت ڏيکاري نبي ﷺ جي چوڌاري هڪڙو قلعو ٺاهي بيهي رهيا. طلحه پنهنجص هٿ کان ڍال جو ڪم ورتو، ۽ حضرت ﷺ ڏانهن اڇلايل تير هٿ سان روڪيندو ويو. اهو هٿ هميشه لاءِ شل ٿي ويو. هن جنگ ۾ اصحابن نبي ﷺ کي عرض ڪيو، ته هنن ڪافرن تي بددعا فرمايو. نبي ﷺ فرمايو ته مان لعنت ڪرڻ واسطي نبي ڪين ٿيو آهيان، مون کي الله تعالى ماڻهن کي ڏانهس آڻڻ ۽ رحمت جي لاءِ موڪليو آهي، يا خدا! تون منهنجي امت کي هدايت فرماءِ، هو مونکي نٿا سڃاڻن.
اصحابين کي دغا سان قتل ڪرڻ
احد جي جنگ کانپوءِ دشمنن مسلمانن کي پامال ڪرڻ لاءِ مختلف تدبيرن تي عمل ڪيو. هڪڙي ڀيري قريشن ڏهن اصحابن کي دغا سان ٻاهر ڪڍي حملو ڪيو. اٺ اصحابي مقابلو ڪندي شهيد ٿيا، باقي ٻه خبيب ۽ زيد گرفتار ٿيا. هنن کي ڦاسي جي هيٺيان بيهاري چيائون ته اسلام ڇڏي ڏيو ته اسان توهان کي ڇڏي ڏينداسين. هنن جواب ڏنو ته جڏهن اسلام نه رهيو ته جان کي رکي ڇا ڪنداسين نيٺ هنن کي ڦاسيءَ ۾ لٽڪائي نيزن سان هنن جي جسم کي چچري ڇڏيائون ۽ هنن رڳو اف به نه ڪئي. ٻئي ڀيري به ستر اصحابي دغا سان اسلام سيکارڻ جي بهاني تي گهرايا ويا، ۽ سڀئي قتل ڪيا ويا.
مڪي تي چڙهائي
سنه 80 هجري ۾ مسلمانن کي لاچار ٿي رمضان جي مهيني ۾ مڪي تي چڙهائي ڪرڻي پئي. سبب هيءَ هو جو سنه 6 هجري ۾ قريش سان حديببه جو عهدنامو ٿيو هو، جنهن جا ڪي شرائط هئا، ته ڏهن سالن تائين جنگ نه ٿيندي، ۽ جي قومون نبي ﷺ سان ملڻ گهرن ملڻ گهرن سي انهن سان ملي وڃن. عهدنامي کي اڃا ٻه ورهيه به پورا نه ٿيا هئا ۽ بنوبڪر جي قبيلي بنو خزاعه تي حملو ڪيو، ۽ قريش بنوبڪر کي هٿيارن جي مدد ڏني. ويچارن بنو خزاعه وارن امان گهري، ڀڄي ڪعبي ۾ پناه به ورتي ته به هنن کي بي رحميءَ سان قتل ڪيو ويو. مظلومن جا چاليهه ماڻهو جن ڀڄي جان بچائي، سي نبي ﷺ جي خدمت ۾ پهتا، ۽ پنهنجي مظلومي ۽ برباديءَ جو داستان ٻڌايائون. (1) عهدنامي جي پابندي (2) مظلومن جي داد رسي (3) ۽ دوستدار قبيلن جي آئينده حفاظت جي غرض سان – نبي ﷺ مڪي جي طرف روانا ٿيا ۽ ڏهه هزار آدمي ساڻ هليا اڃان ٻه منزلون مس هليا هئا ته ابوسفيان بن الحارث نبي ﷺ جو سوٽ ۽ عبدلله بن اميه نبي ﷺ جو پڦاٽ حضور ﷺ ساڻ مليا. هنن نبي ﷺ کي سخت ايذاءُ پهچايا هئا ۽ اسلام کي برباد ڪرڻ ۾ وڏيون ڪوششون ڪيون هيون، تنهنڪري نبي ﷺ هن کي ڏسي منهن مبارڪ ٻئي پاسي ڦيرايو. تنهن کان پوءِ حضرت علي هنن کي سمجهايو ته جن لفظن ۾ يوسف ؑ جي ڀائرن معافي گهري هئي اهي ئي لفظ ڪم آڻيو ته ضرور فتحياب ٿيندو. انهن ائين ڪيو ته نبي ﷺ هنن کي معافي ڏني. ان وقت ابوسفيان عجب ۽ خوشيءَ کان ڪي بيت پڙهيا، ۽ دل وجان سان مسلمان ٿيو. نبي ﷺ جي خواهش هئي ته سندن اچڻ جي خبر مڪي وارن کي نه پوي. ٿيو به ائين، جڏهن مڪي جي ٻاهران پهچي تنبو هنيائون تڏهن هنن کي خبر پئي. ٻئي ڏينهن نبي ﷺ حڪم ڏنو ته فوج مختلف رستن کان شهر ۾ داخل ٿئي ۽ هنن حڪمن جي پابندي ڪري:
1) جو شخص هٿيار ڦٽي ڪري تنهن کي قتل نه ڪجو.
2) جو شخص ڪعبي جي اندر پهچي وڃي تنهن کي قتل نه ڪجو.
3) جو شخص گهر ۾ ويهي رهي تنهن کي قتل نه ڪجو.
4) جو شخص ابوسفيان جي گهر ۾ وڃي رهي تنهن کي قتل نه ڪجو.
5) جو شخص حڪيم بن خزام جي گهر وڃي رهي تنهن کي قتل نه ڪجو.
6) ڀڄڻ واري جي ڪڍ نه پئجو.
7) زخميل کي قتل نه ڪجو.
8) قيد ڪيل کي قتل نه ڪجو.
نبي ﷺ جو ڪعبي ۾ وڃڻ
جيڪي ٽوليون شهر ۾ گهڙيون تن مان فقط خالد بن وليد واريءَ ٽوليءَ کي ٿورو مقابلو ڪرڻو پيو، جنهن ۾ مڪي جي ماڻهن ڀاڄ کاڌي. باقي سڀ ٽوليون بنا روڪ جي مڪي جي اندر داخل ٿيون. مقابلو ۾ 2 مسلمان ۽ 28 دشمن قتل ٿيا.
خدا جي رسول ﷺ جنهن وقت (20 رمضان) شهر ۾ داخل ٿيا تنهن وقت سر جهڪائي قرآن مجيد (سورت الفتح) پڙهڻ فرمايائون، ۽ اٺ تي سوار ٿي بيت الله ڏانهن روانا ٿيا. اتي پهچي خدا جي گهر کي بتن کان پاڪ ڪيائون، پوءِ ڪنجي وٺي دروازو کولي هر هڪ ڪنڊ ۾ الله اڪبر جو ترانو لڳايائون، ۽ پوءِ شڪراني جي نماز پڙهندي نهايت عجز ۽ نياز سان رب جي اڳيان پيشاني خاڪ تي رکي سجدو ڪيائون.
قريش سردارن کي تقرير
ايتري ۾ مڪي جا سڀ سردار جن ڪئين مسلمان قتل ڪيا هئا، جن سون مسلمانن کي گهر مان ڪڍي ڇڏيو هو، جن مسلمانن کي تباه ڪرڻ لاءِ هر طرح جي ڪوشش ورتي هئي سي سڀ ڪعبي جي ٻاهران اچي گڏ ٿيا هئا. نبي ﷺ نماز کان فارغ ٿي ٻاهر نڪري هن جماعت ڏانهن منهن ڪري فرمايائون ته اي قريش جي جماعت! خدا اوهان جي جاهلاڻي تڪبر ۽ وڏن جي بزرگيءَ تي فخر جو هٺ اڄ ڀڃي ڇڏيو. سڀ ماڻهو آدم ؑ جو اولاد آهن ۽ آدم ؑ مٽيءَ مان ٺاهيو ويو هو. خدا ٿو فرمائي ته انسانو! مون اوهان کي هڪ مرد ۽ عورت مان پيدا ڪيو، ۽ قبيلا رڳو سڃاڻڻ جي لاءِ بنايا ويا آهن، نه ته خدا وٽ ته ان جي عزت زياده آهي جنهن کي تقويٰ (دينداري) زيادهه آهي، ۽ پوءِ فرمايائون ته وڃو توهان آزاد آهيو ۽ توهان سان اڄ ڪو مواخذه (تڪرار) ڪونهي.
نبي ﷺ کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش
فتح جي ٻئي ڏينهن جو ذڪر آهي ته نبي ﷺ ڪعبي جو طواف پئي ڪيو، فضاله بن عمير وجهه ڏسي حضرت ﷺ کي قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. جڏهن ويجهو پهتو تڏهن پاڻ فرمايائون ته فضاله ٿو اچي؟ فضاله چيو ته هائو. پاڻ پڇيائون ته هينئر ڪهڙو ارادو پئي ڪيئي؟ فضاله چيو ته ڪجهه نه مون ته الله الله پئي ڪيو. هي ٻڌي نبي ﷺ کي کل اچي وئي ۽ فرمايائون ته چڱو پنهنجي خدا کان پنهنجي واسطي معافي جي درخواست ڪر. ائين فرمائي هن جي سيني تي به هٿ رکيائون فضاله جو بيان آهي ته هٿ رکڻ سان منهنجي قلب تي اهڙي فرحت آئي، ۽ حضرت ﷺ جي لاءِ منهنجي دل ۾ ايتري محبت پيدا ٿي، جو حضور کان وڌيڪ ڪو ئي به محبوب نه رهيو.
نبي ﷺ جي پاران ڏوهين کي معافي
مڪي جي ڪافرن سان جيڪا نبي ﷺ هلت ڪئي تنهنجو مثال شايد دنيا جي تاريخ ۾ مشڪل ملندو. هڪ مرد ۽ هڪ عورت کان سواءِ سڀني کي معافي ڏني ويئي، اگرچه ڪيترائي شخص اهڙا هئا جن کي قتل ڪرڻ انصاف جو ڪم هو. هبار بن الاسود جنهن سيده زينب (نبي ﷺ جي نياڻي) کي جڏهن هو مڪي کان مديني ڏي پئي وئي نيزو هنيو هو ۽ ڪجاوه ڪيرائي وڌو هو، انهيءَ صدمي کان هن جو ٻار ڪري پيو هو، ۽ آخر انهيءَ صدمي کان هن وفات پاتي هئي. اهڙن ڏوهين کي معافي ڏيڻ نبي الرحمت جو ئي ڪم آهي.
مسلمانن جو پنهنجي ملڪيت تان هٿ کڻڻ
جي مهاجر مسلمان مڪي مان نڪري مديني ويا هئا تن جي گهرن تي ڪافرن قبضو ڪيو هو. هاڻي انهن مسلمانن درخواست ڪئي ته اسان جي ملڪيت ۽ گهر موٽي ملن. پاڻ اها درخواست منظور نه فرمايائون. گويا حضرت ﷺ جي مراد اها هئي ته جن شين کي خدا جي واسطي توهان ڇڏي ڦٽو ڪيو تن جي موٽي ملڻ جو سوال ڇو ٿا ڪريو. الله اڪبر ! مسلمانن دشمنن جي شهر فتح ڪرڻ وقت دستور موجب لٽ ته ڪا نه ڪئي، پر اٽلندو پنهنجي ملڪيت به واپس نه ورتائون.
اسلام جو وڌيڪ پکڙجڻ
مڪي جي فتح کان پوءِ اسلام قبول ڪرڻ وارن جو تعداد بلڪل گهڻو ٿي ويو. تنهن جا ڪي سبب هي هئا.
1) گهڻا قبيلا قريش سان عهدنامي ۾ ٻڌل هئا. هن کان اڳ اسلام اختيار ڪرڻ عهد شڪني جي برابر هو.
2) قريش جي زور هئڻ ڪري گهڻا ماڻهو مسلمانن سان تعلق ئي ڪو نه رکندا هئا.
3) گهڻن قبيلن جو ويساهه هو ته مسلمان تڏهن سچا سمجهبا جڏهن مڪي تي قبضو ڪندا، ڇو ته سون سالن کان انهن ۾ قومي روايتون هليون اينديون هيون ته مڪي تي ڪوئي به شخص قبضو ڪري نه سگهندو سواءِ ان جي جنهن سان پاڻ الله تعاليٰ مددگار هوندو. ڪيترائي پوڙها اڃا تائين جيئرا هئا جن حبش جي بادشاهه جو مڪي تي حملو ڏٺو هو، جنهن جو لشڪر هاٿين سميت خدا تعاليٰ پاڻ پائمال ڪري ڇڏيو هو.
4) هاڻي اسلام جي سمجهائڻ ۽ وعظ ڪرڻ جي مسلمانن تان روڪ لهي ويئي. ٻڌندڙ آزادي ۽ آرام سان وعظ ٻڌڻ لڳا. ۽ اسلام جي ڪشش ماڻهن کي خود به خود پاڻ ڏي ڇڪيندي ويئي.
حنين جي جنگ
مڪي جي فتح ٿيڻ کان پوءِ هوازن ۽ بنوثقيف جي قبيلن خيال ڪيو ته جي اسان مسلمانن کي شڪست ڏينداسين، ته مڪي وارن جا باغ ۽ جاگيرون جي طائف ۾ آهن، سي اسان کي هٿ اينديون، ۽ مسلمانن کان بت شڪني جو بدلو به ورتو ويندو، تنهنڪري هنن ٻين قبيلن کي به پاڻ سان ملائي ڇهه هزار پهلوان وٺي مڪي تي چڙهائي ڪئي، ۽ حنين جي ماٿريءَ ۾ اچي لٿا. هنن پنهنجون زالون ٻار ۽ مال به ساڻ کنيو انهي لاءِ ته هر ڪوئي ثابت قدميءَ سان وڙهي ۽ جنگ ڇڏي ڀڄي نه وڃي. اسلامي لشڪر ۾ ٻه هزار شخص وڌيڪ شامل ٿيا هئا. فوج ۾ مغروري پيدا ٿي، ۽ دور انديشي ڪرڻ ۾ گهڻو قصور ڪيائون. نوجوان مسلمان بي خبريءَ ۾ تيرن جي چوٽن هيٺ اچي ويا. دشمن ايترا تير وسايا جو فوج هٽي ڀڄڻ لڳي، فقط هڪ سو اصحابي ميدان ۾ وڃي رهيا. حضرت ﷺ لاثاني شجاعت ڏيکاري پاڻ خچر تان لهي فرمايائون ته مان نبي (ﷺ) آهيان انهيءَ ۾ ذرو به شڪ ڪونهي، مان عبدالمطلب جو فرزند آهيان. سندن مطلب اهو هو ته منهنجي سچائيءَ جي پرک فوج جي شڪست يا فتح ناهي. حضرت عباس رضي الله مهاجرن ۽ انصارن کي سڏڻ شروع ڪيو. هو ڪبوترن وانگر وري پلٽجي پيا. فوج کي وري درست ڪري اڳتي وڌايو ويو. دشمن هن حملي کان ڀڄي نڪتو، ۽ ٻه حصا ٿي پيو (1) هنن جو سردار ملڪ بن عرف جنگي مردن کي وٺي طائف جي قلعي ۾ وڃي ويٺو (2) ٻي ٽوليءَ ۾ هن جا ٻار، زالون زر ۽ مال هئا سي اوطاس ۾ وڃي لڪا. نبي ﷺ طائف ڏانهن ابو عامر اشعري کي موڪليائون. ابو عامر اتي پهچي، زالن، ٻارن، زر ۽ مال تي قبضو ڪيو. جڏهن رحمدل نبي ﷺ کي اوطاس جو نتيجو معلوم ٿيو تڏهن گهيري ڇڏڻ جو حڪم ڏنائون. ڇو ته هنن ماڻهن تي زالن ۽ ٻارن جي هٿان وڃڻ جي وڏي مصيبت پئجي چڪي هئي.
طائف جي سخت دشمن سان رحم جي هلت
نبي ﷺ اڃا جنگ جي ميدان جي ويجهو ئي رهيا پيا هئا ته هوازن جا ڇهه سرادار آيا ۽ رحم جي درخواست پيش ڪيائون. هي اهي شخص هئا، جن طائف ۾ نبي ﷺ تي پٿر وسايا هئا. نبي ﷺ فرمايو ته مان پاڻ توهان لاءِ منتظر هوس ۽ انهيءَ انتظام ۾ ٻه هفتا گذري ويا آهن ته به اڃا غنيمت جو مال به تقسيم نه ڪيو ويو آهي. مان پنهنجي خاندان جي حصي جي قيدين کي آساني سان ڇڏي ٿو سگهان، ۽ جيڪڏهن مون سان رڳو انصار ۽ مهاجر هجن ته سڀني قيدين کي ڇڏي ڏيڻ به مشڪل ناهي. مگر توهان ڏسو ٿا ته مون سان اهڙا شخص به آهن جي اڃان مسلمان ڪين ٿيا آهن، تنهنڪري توهان سڀاڻي صبح جي وقت اچو ۽ سڀني جي روبرو پنهنجي درخواست پيش ڪريو. ٻئي ڏينهن اهي سردار آيا ۽ عام مجمع ۾ قيدين جي آزاديءَ جي درخواست نبي ﷺ جي خدمت ۾ پيش ڪئي. نبي الرحمت فرمايو ته مان پنهنجي ۽ بنو عبدالمطلب جي قيدين کي عيوض کان سواءِ ڇڏيان ٿو انصارن ۽ مهاجرن چيو ته اسان به قيدين کي عيوض وٺڻ کانسواءِ ڇڏيون ٿا. هنن کي عجب ٿي لڳو ته حملي ڪندڙ دشمن تي ايترو رحم ڪيئن ٿو ڪيو وڃي. هر هڪ قيدي جي قيمت ڇهه اٺ مقرر ڪئي وئي. هيءَ قيمت نبي ﷺ پاڻ ادا ڪئي. اهڙي طرح قيدين کي آزاد ڪرائي پراڻا لباس پهرائي رخصت فرمائي، پوءِ نبي ﷺ غنيمت جو مال وراهيو، ۽ انصارن کي ڪجهه ڪين ڏنائون. فرمايائون ته انصارن سان مان پاڻ آهيان. انصار هن حڪم تي اهڙا خوش ٿيا جو ايتري خوشي مال وارن کي حاصل نه هئي.
يهودين جون شرارتون
يهودين جي پهرين شرارت
اسان اڳئي لکي چڪا آهيون ته ڪيئن يهودين جي نبي ﷺ سان دشمني ٿي. آخر هنن اهو فيصلو ڪيو ته محمد رسول الله ﷺ سان به اها ئي هلت ڪجي جيڪا مسيح ؑ سان ڪئي هئائون. بدر جي جنگ وقت هڪ مسلمان عورت يهودين جي محلي ۾ ويئي. ٿورن يهودين هن کي بازار جي وچ ۾ اگهاڙو ڪيو. هڪ مسلمان ان عورت جون رڙيون ٻڌي اتي پهتو، ۽ غصي ۾ اچي فساد انگيز يهوديءَ کي قتل ڪري وڌائين. تنهن تي سڀ يهودي جمع ٿيا، ۽ ان مسلمان کي ماري وڌو. نبي ﷺ دريافت ڪرڻ لاءِ هنن کي ڪوٺايو. هنن عهدنامي جو ڪاغذ ڏياري موڪليو ۽ جنگ لاءِ تيار ٿيا. نبي ﷺ هنن کي اها سزا ڏني ته مدينو ڇڏي وڃي خيبر ۾ رهن.
ٻي شرارت
هڪڙي ڀيري نبي ﷺ بنو نظير يهودين جي محلي ۾ تشريف وٺي ويا. هنن نبي ﷺ کي هڪ ڀت جي هيٺان وهاريو ۽ تدبير اها ڪيائون ته ابن حجاش وڃي نبي ﷺ تي پٿر ڪيرائي. نبي ﷺ کي زباني حمايت سان هن شرارت جي خبر پئجي وئي ۽ بچي موٽي آيا. بنو نظير کي به اها سزا ڏني وئي ته وڃي خيبر ۾ رهو.
خندق جي جنگ
يهودين کي خيبر ۾ به آرام نه آيو. عربن جي قبيلن کي پاڻ سان شامل ڪري ڏهن هزارن جو لشڪر وٺي سنه 5 هجري ۾ مديني تي ڪاهيائون. مسلمانن جڏهن اهڙي لشڪر سان مقابلي ڪرڻ جي طاقت پاڻ ۾ نه ڀانئي، تڏهن شهر جي چوڌاري کڏ کوٽيائون. نبي ﷺ پاڻ کڏ کوٽڻ ۾ لڳي ويا، ۽ سيني مبارڪ جا وار مٽيءَ سان لٽجي ويا. مسلمان فقط ٽي هزار هئا. بنو قريضه يهودي جيڪي اڃان مديني ۾ هئا، ۽ عهدنامي موجب مسلمانن سان شامل ٿيڻو هون سي هن وقت دشمن سان ملي ويا. تنهنڪري انهن ٽن هزارن مان به هڪڙو حصو شهر جي امن قائم رکڻ لاءِ جدا ڪرڻو پيو. حملي ڪندڙ فوج جو گهيرو ويهن ڏينهن تائين رهيو. ايتري مدت ۾ ڪوئي مورچو وٺي نه سگهيا تنهنڪري نا اميد ٿي رات جي وقت ۾ سامان کڻي ويندا رهيا.
بنو قريضه کي سزا
هن مصيبت کان ڇٽڻ بعد نبي ﷺ بنو قريضه ڏانهن ماڻهو موڪليو. هنن قلعي ۾ پناهه وٺي لڙائي جي تياري ڪئي. هيءَ بنو قريضه جي هي پهرين دغا نه هئي، بدر جي جنگ وقت به قريشن کي هٿيارن جي مدد ڏني هئائون. ان وقت رحمدل نبي ﷺ هنن جو قصور معاف ڪيو هو. هاڻي لاچار مسلمانن کي جنگ ڪرڻي پيئي. پنجويهن ڏينهن جي گهيري کان پوءِ بنو قريضه ماندا ٿيا، ۽ سعد بن معاذ کي پاڻ امين واري چيائون ته جيڪو فيصلو هو ڪري سو منظور ٿئي. سعد بن معاذ انهن ڏينهن جي دستور موافق فيصلو ڪيو، جنهن موجب بنو قريضه کي تمام سخت سزا آئي. جيڪڏهن يهودي نبي ﷺ تي فيصلو ڇڏين ها ته جئين ٻين سان رحم جي هلت ٿي، تئين بنو قريضه به اهڙي سخت سزا کان ڇٽي وڃن ها.
حديبيه جي صلح بعد خيبر جي يهودين جنگ ڪئي حضرت علي رضي الله جي شجاعت سان خيبر جو قلعو فتح ٿيو، ۽ يهودي مطيع ٿيا.
عيسائين سان جنگيون
عرب جي عيسائي قومن سان نبي ﷺ جو رستو دوستانو رهيو. فقط هڪ عيسائي سردار سان ننڍي جنگ ٿي.
شام جي عيسائين سان جنگ
موڌ شام جي هڪ ڳوٺ جو نالو آهي. اتي جي سردار نبي ﷺ جي ايلچي حارث کي قتل ڪرايو. ايليچن جي حفاظت لاءِ نبي ﷺ کي جنگ ڪرڻي پئي، ۽ اٽڪل ٽن هزارن جي فوج رواني ڪيائون. اتفاقا شهنشاهه هر قل هن علائقي ۾ آيل هو. دشمن جي فوج هڪ لک تائين وڌي ويئي. مسلمانن کي لاچار وڙهڻو پيو. زيد، جعفر طيار ۽ عبدلله بن رواحه هڪ ٻئي پٺيان لشڪر جا سپه سالار ٿي شهيد ٿيا. پوءِ خالد بن وليد فوج کي سنڀاليو ۽ ڏيڍ ڏينهن جي سخت جنگ کان پوءِ چاليهوڻي فوج کي ڀڄائي ڪڍيو. هن جنگ ۾ نؤ تلوارون حضرت خالد جي هٿ ۾ دشمنن کي ماريندي ڀڳيون. نبي ﷺ مديني ۾ انهن ئي ڏينهن سڄو جنگ جو بيان صحابين کي ٻڌايو. هن جنگ کان پوءِ خالد کي سيف الله (لله جي تلوار) جو خطاب مليو. هڪ قافلو شام کان آيو جنهن ظاهر ڪيو ته قيصر جون فوجون مديني تي حمله ڪرڻ لاءِ تيار پيون ٿين. نبي ﷺ خيال ڪيو ته حملي ڪندڙن جو مقابلو عرب جي سرزمين ۾ گهڙڻ کان اڳ ئي ڪرڻ گهرجي ته ملڪ جي امن ۾ خلل نه پوي. هي مقابلو اهڙي سلطنت سان هو جا اڌ دنيا تي حڪمران هئي، ۽ تازو ايران جي سلطنت کي سخت شڪست ڏني هئائين.
شام جي حملي کي روڪڻ لاءِ تبوڪ ڏانهن سفر
مسلمانن کي هٿيار ۽ سامان بلڪل ڪو نه هئا، سفر دوريءَ وارو هو ۽ گرمي سخت هئي. نبي ﷺ سامان جي تياري واسطي چندي جي فهرست کولي. مسلمانن نهايت ڪشادي دل سان چندو ڏنو ۽ وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا. عبدلله بن ابي سلول مشهور منافق ٻين منافقن کي تسلي ڏني ته هاڻي نبي ﷺ ۽ هن جا ساٿي مديني ڪين موٽندا. قيصر هنن کي قيد ڪري مختلف ملڪن ڏي موڪلي ڇڏيندو. خدا جو نبي ﷺ ٽيهن هزارن جي فوج سان تبوڪ ڏانهن روانا ٿيو. لشڪر ۾ سواري تمام ٿوري هئي. واٽ تي پاڻي ۽ کاڌي جي تڪليف تمام سخت ٿي هئي. تڏهن به صبر ۽ استقلال سان تبوڪ وڃي پهتا. اتي پهچي هڪ مهيني تائين رهيا. شام جي ماڻهن تي نبي ﷺ جي دليري جو ايترو اثر ٿيو، جو هنن حملي جو خيال لاهي ڇڏيو، ۽ خيال ڪيائون ته نبي ﷺ جي وفات کان پوءِ حملي ڪرڻ جو بهتر موقعو ملندو. تنهنڪري نبي ﷺ به حملو ڪرڻ مناسب نه سمجهيو، سڀئي صحيح سلامت مديني واپس آيا.
جنگين جو خاتمو
الحمد الله ! جو سڀني دشمنن جي شر ۽ فساد جو نيٺ خاتمو ٿيو، ۽ نبي ﷺ لاثاني رحمدلي سان سڀني کي معافي ڏني. هنن سڀني جنگين ۾ نبي ﷺ ۽ مسلمانن کي لاچار وڙهڻو پيو. ڪڏهن به مسلمانن پاڻ ڪڏي جنگ ڪا نه ڪئي. سڀ جنگيون حملن روڪڻ ۽ جان بچائڻ لاءِ ڪيون ويون. نبوت جي زماني ۾ هڪ شخص به انهي لاءِ قتل ڪو نه ٿيو ته هو بت پرست يا پارسي يا يهودي هو يا عيسائي هو. قرآن مجيد ۾ خدا تعاليٰ هن مطلب کي صاف ۽ چٽو بيان ڪيو آهي. قرآن شريف ۾ آهي لا اڪراه في الدين يعني دين جي معاملي ۾ ڪنهن تي زور ڪونهي.
بادشاهن ڏانهن اسلام جي دعوت موڪلڻ
نبي ﷺ کي خدا جي حڪم موجب اسلام سڄيءَ دنيا جي اڳيان پيش ڪرڻو هو. تنهنڪري جلد ئي سڀني ملڪن ڏانهن قاصد ۽ خط اسلام جي دعوت ڏيڻ لاءِ موڪليائون. خطن ۾ حاڪمن ۽ بادشاهن ڏانهن لکيو ويو ته توهان پنهنجي ملڪ جا سردار آهيو، جيڪڏهن اوهان اسلام رد ڪندو ته اوهان جي ماڻهن جي گمراهيءَ جو بار به اوهان جي سر تي پوندو.
جيڪي خط نبي ﷺ لکيا سي اڃا تائين موجود آهن مگر هن ننڍڙي ڪتاب ۾ هي خط نه ٿا ڏيئي سگهجن. حبش جو بادشاهه نجاشي عيسائي هو. نبي ﷺ جي مبارڪ خط جي پڙهڻ بعد هو مسلمان ٿيو.
منذر بن سادي بحرين جو بادشاهه هو، ايران جي شهنشاه کي خراج ڏيندڙ هو. نبي ﷺ جي خط پهچڻ شرط مسلمان ٿيو ۽ هن جي رعيت جو به گهڻو حصو مسلمان ٿيو. عمرو بن عاص عمان جي بادشاهه ڏي خط کڻي ويو. هو ۽ هن جو ڀاءُ مسلمان ٿيا ۽ رعيت جو به وڏو حصو مسلمان ٿيو.
جيع بن متي، (لقب مقوقس) مصر ۽ سڪندريه جو شاهه عيسائي هو. بادشاهه چيو ته اسان کي پنهنجو مذهب آهي. اسان ان کي ترڪ نه ڪنداسين جيستائين ڪو ٻيو بهتر دين نه ملندو. ايلچيءَ جوان چيو ته مان توهان کي اسلام جي دعوت ٿو ڏيان جو سڀني مذهبن جي ماڻهن لاءِ ڪامل مذهب آهي. ڪجهه بحث کان پوءِ مقوقس چيو ته مون هن ڳالهه جو غور ڪيو آهي اڃان مون کي اسلام آڻڻ جي رغبت ڪا نه ٿي ٿئي، اگرچه هو ڪنهن به وڻندڙ شيءِ کان ڪو نه ٿو روڪي. مان ڄاڻان ٿو ته محمدﷺ نه نقصان پهچائيندڙ جادوگر آهي نه ڪوڙو ڪاهن آهي، ۽ هن ۾ نبوت جي ئي علامت ٿي ڏسجي. مان هن ڳالهه جو وڌيڪ ويچار ڪندس. پوءِ خط کي هاٿي جي ڏندن جي دٻي ۾ رکي مهر هڻي خزاني ۾ رکرايائين، ۽ نبي ﷺ ڏي هڪ خط تحفن سميت موڪليائين. دلدل مشهور خچر به هن ڏياري موڪليو هو.
روم جي قيصر ڏانهن خط
هر قل قسطنطنيه جو شاهه، روم جي بادشاهت جو نامور شهنشاهه هو ۽ عيسائي هو. نبي ﷺ جو ايلچي خط مبارڪ هن کي بيت المقدس ۾ وڃي ڏنو. هر قل ايلچيءَ جي شان لاءِ هڪ وڏي درٻار ڪئي، ۽ کائنس نبي ﷺ به نسبت گهڻيون ڳالهيون پڇيون. تنهن کان پوءِ وڌيڪ تحقيقات واسطي حڪم ڪيائين ته ملڪ ۾ ڪو مڪي جو شخص آيل هجي ته پيش ڪيو وڃي. اتفاق سان ابوسفيان ٻين مڪي جي سوداگرن سان گڏ شام ۾ آيل هو. هن کي درٻار ۾ آندائون قيصر هن جي ساٿين کي چيو ته مان ابوسفيان کان سوال ٿو پڇان. جيڪڏهن هو غلط جواب ڏي ته ٻڌائجو. ابوسفيان انهن ڏينهن ۾ نبي ﷺ جو جاني دشمن هو. هن جو پنهنجو بيان آهي ته مون کي اهو ڊپ نه هجي ها ته منهنجا ساٿي منهنجو ڪوڙ ظاهر ڪندا ته گهڻيون ڳالهيون ڪوڙيون ٺاهيان ها، مگر هن وقت قيصر جي اڳيان سچ ڳالهائڻو پيو. سوال ۽ جواب هي آهن:
قيصر : محمد ﷺ جو خاندان ۽ نسب ڪهڙو آهي؟
ابوسفيان: شريف ۽ عظيم.
هي جواب ٻڌي هرقل چيو ته سچ آهي ته نبي شريف گهراڻي مان ٿا ٿين، انهيءَ ڪري ته انهن جي فرمانبرداري ڪرڻ ۾ ڪنهن کي مار (شرم) نه ٿئي.
قيصر : محمد ﷺ کان اڳي به ڪنهن عرب ۾ يا قريش ۾ نبوت جي دعويٰ ڪئي آهي؟
ابوسفيان: نه .
هي جواب ٻڌي هرقل چيو ته ائين هجي ها ته مان سمجهان ها ته اڳين جي ريس ٿو ڪري.
قيصر: نبي ٿيڻ کان اڳي ڪڏهن هي شخص ڪوڙ ڳالهائيندو هو يا ڪوڙ ڳالهائڻ جي تهمت مٿس آئي يا نه؟
ابوسفيان: نه
هرقل جواب تي چيو ته ائين ٿيڻو ئي ناهي ته جنهن شخص ماڻهن تي ڪوڙ نه ٺاهيو سو الله تعاليٰ تي ڪوڙ ٻڌي.
قيصر : هنجي پيءُ ڏاڏن ۾ ڪو شخص بادشاهه ٿيو آهي؟
ابوسفيان: نه.
هرقل هن جواب تي چيو ته جيڪڏهن ائين هجي ها ته مان سمجهان ها ته نبوت جي بهاني سان پي ڏاڏي جي سلطنت حاصل ڪرڻ جو خيال اٿس.
قيصر : محمد ﷺ کي مڃڻ وارن ۾ مسڪين عرب ماڻهو زياده آهن يا سردار يا زور وارا گهڻا آهن؟
ابوسفيان : مسڪين ۽ حقير ماڻهو.
هرقل هي جواب ٻڌي چيو ته هر هڪ نبي کي پهريائين مڃڻ وارا هميشه مسڪين ۽ غريب ماڻهو پي ٿيا آهن.
قيصر : هنن ماڻهن جو تعداد روز بروز وڌي ٿو يا گهٽجي ٿو؟
ابوسفيان : وڌي ٿو.
هرقل چيو ته ايمان جي اها خصوصيت آهي جو آهسته آهسته پيو وڌي ۽ وڃي ڪماليت کي پهچي.
قيصر : ڪوئي شخص هن جي دين کان بيزار ٿي وري ڦري وڃي ٿو يا نه؟
ابوسفيان : نه.
هرقل چيو ته ايمان جي لذت جو اهو ئي تاثير آهي جو جڏهن دل ۾ ويهي ٿو وڃي ۽ روح تي پنهنجو اثر قائم ٿو ڪري تڏهن جدا نٿو ٿئي.
قيصر : هي شخص ڪڏهن وعدو يا عهدنامو ڀڃي ٿو؟
ابوسفيان : نه، باقي هن سال اسان جو هن سان عهدنامو ٿيو آهي، ڏسجي ته ڇا ٿو ٿئي.
ابوسفيان ٿو چوي ته مان فقط هن جواب ۾ ايترو جملو وڌيڪ وجهي سگهيس، مگر قيصر ان تي ڪو ڌيان ڪو نه ڏٺو ۽ چيائين ته نبي عهد شڪن ڪين ٿيندا آهن. عهد شڪني دنيا وارا ماڻهو ڪندا آهن نبي دنيا جا طالب ڪين آهن.
قيصر: ڪڏهن هن شخص سان اوهان جي لڙائي به ٿي آهي؟
ابوسفيان: هائو.
قيصر: جنگ جو نتيجو ڇا ٿيو؟
ابوسفيان: ڪڏهن هو غالب پيو ڪڏهن اسان.
هرقل چيو ته خدا جي نبين جو اهو ئي حال ٿيندو آهي پر آخرڪار خدا جي مدد ۽ فتح انهن کي ئي حاصل ٿي ٿئي.
قيصر: هن جي تعليم ڪهڙي آهي؟
ابوسفيان: هڪ خدا جي عبادت ڪريو، پي ڏاڏي جو طريقو (بت پرستي) ڇڏي ڏيو، نماز، روزو، سچائي، پاڪدامني، مائٽن لاءِ خاص شفقت انهن حڪمن جي پابندي اختيار ڪريو.
هرقل چيو ته جنهن نبي جي اچڻ جو وعدو ٿيل آهي تنهن جون نشانيون اسان کي اهي ئي ٻڌايل آهن. مون سمجهيو ٿي ته نبي پيدا ٿيڻو آهي. مگر ائين نه ٿي ڄاتم ته عربن مان پيدا ٿيندو.
ابوسفيان ! جيڪڏهن تو سچا پچا جواب ڏنا آهن ته هو هن جاءِ تي جتي مان ويٺو آهيان ضرور قبضو ڪندو شال مان سندس خدمت ۾ پهچان ۽ نبي ﷺ جا پير ڌوئان.
تنهن کان پوءِ خط مبارڪ پڙهيو ويو. درٻار جي اميرن دانهون ڪوڪون ڪيون ۽ مون کي درٻار مان ڪڍي ڇڏيائون. منهنجي دل ۾ انهيءَ ڏينهن کان پنهنجي ذلت جو نقش ۽ حضرت ﷺ جي آئينده عظمت جو يقين ٿي ويو.
ايران جي ڪسريٰ ڏانهن خط
خسرو پرويز ايران جو ڪسريٰ مشرقي دنيا جي اڌ جو شهنشاهه هو ۽ پارسي مذهب هوس. هن خط مبارڪ کي غصي ۾ چاڪ ڪري ڇڏيو، ۽ چيائين ته منهنجي رعيت جو هڪڙو گهٽ درجي جو ماڻهو مون ڏي ٿو خط لکي ۽ پنهنجو نالو منهنجي نالي کان اڳ ۾ ٿو لکي ! تنهن کان پوءِ خسرو بازان کي جو يمن ۾ سندس وائسراءِ هو حڪم لکيو ته هن شخص کي (نبي ﷺ) گرفتار ڪري مون ڏي روانو ڪريو.
طائف جي ماڻهن ڏاڍي خوشي ڪئي ته هاڻي محمد ﷺ ضرور تباهه ٿيندو ڇو ته شهنشاهه ڪسريٰ هن کي گستاخي جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي. جڏهن هي آفيسر نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو تڏهن نبي ﷺ فرمايو ته سڀاڻي وري حاضر ٿجانءِ. ٻئي ڏينهن نبي ﷺ فرمايو ته اڄ رات تنهنجي بادشاهه کي خدا هلاڪ ڪري ڇڏيو: وڃ وڃي تحقيقات ڪر. آفيسر هي خبر ٻڌي يمن ڏانهن موٽي ويو. اتي وائسراءِ وٽ سرڪاري اطلاع اچي چڪو هو، ته خسرو کي سندس پٽ قتل ڪري وڌو آهي، تخت جو مالڪ شيرو به آهي جو پيءُ جو قاتل هو.
هاڻي باذان نبي ﷺ جي عادتن، اخلاقن، تعليم ۽ هدايت جي پوري تحقيقات ڪئي، ۽ تحقيقات بعد مسلمان ٿيو، درٻار ۽ ملڪ جو گهڻو حصو به مسلمان ٿيا.
جو ايلچي نبي ﷺ موڪليو هو تنهن موٽي اچي عرض ڪيو ته ايران جي شاهه خط کي چاڪ ڪري ڇڏيو. ان وقت نبي ﷺ فرمايو ته هن پنهنجي ملڪ کي چاڪ ڪري ڇڏيو. ٿيو به ائين ٿوري وقت کان پوءِ ايران جي سلطنت مسلمانن جي هٿ ۾ آئي ۽ جنهن قوم چار پنج هزار ورهيه اڌ دنيا تي بادشاهت ڪئي تنهنجو نالو نشان به مٽجي ويو.
فرده بن عمرو خزاعي قيصر جي طرفان شام جو گورنر هو. جڏهن هو مسلمان ٿيو تڏهن قيصر کيس گهرائي چيو ته اسلام ڇڏي ڏي. فرده انڪار ڪيو. قيصر هن کي قيد ڪيو ۽ پوءِ قتل ڪيو. خدا جي پياري بندي دولت، حڪومت، عزت ۽ جان سڀ شيون ڦٽي ڪيون، مگر اسلام نه ڇڏيائين.
ذي الڪلاع حميري يمن ۽ طائف جو حاڪم هو. هو پاڻ کي خدا ڪوٺائيندو هو، ۽ ماڻهن کي پنهنجي اڳيان سجدو ڪرائيندو هو. مسلمان ٿيڻ کان پوءِ هڪ ڏينهن ۾ ارڙهن هزار ٻانها آزاد ڪيائين، عمر رضي الله، فاروق جي عهد ۾ سلطنت ڇڏي مديني ۾ اچي رهيو ۽ عبادت ۾ زندگي گذارڻ لڳو.
وفدن (ڊيپوٽيشن) جو اچڻ
نبي ﷺ جي مشهور ٿيڻ کان پوءِ عرب ملڪ جي هر ڪنهن ڀاڱي مان هر ڪنهن قبيلي جا مکيه ماڻهو نبي ﷺ وٽ دين به نسبت گفتگو ڪرڻ ۽ عهدنامي لاءِ اچڻ لڳا – گهڻو ڪري سڀني کي اسلام سچو نظر آيو ۽ پنهنجي ملڪ ۾ موٽڻ بعد پنهنجن ماڻهن کي به اسلام تي آندائون. انهن وفدن جو بيان ۽ دين بابت گفتگو هن ننڍڙي ڪتاب ۾ ڏيڻ محال آهي مگر ڪي مکيه ڳالهيون هت لکجن ٿيون.
محارب جو وفد
محارب جي وفد ۾ هڪڙو شخص هو جنهن کي نبي ﷺ سڃاتو، ۽ فرمايائون ته مون توکي اڳي به ڏٺو آهي. هن شخص چيو ته هائو حضور ﷺ مون کي ڏٺو به هو ۽ مون سان ڳالهايو به هو. ۽ مون بلڪل خراب لفظن ۾ حضور کي جواب ڏنا هئا، ۽ تمام خراب طرح سان حضور جي ڪلام جو رد ڪيو هيم هي عڪاظه جي بازار جو ذڪر آهي جتي حضور جن ماڻهن کي سمجهائيندا پي وتيا.
پوءِ هن شخص عرض ڪيو ته يا رسول الله! منهنجي پهرين حالت جي معافيءَ واسطي دعا فرمايو. رسول الله فرمايو ته اسلام انهن سڀني ڳالهين کي ميٽي ٿو ڇڏي جي ڪفر ۾ ٿيون هجن.
عامد جي وفد ۾ ڏهه شخص هئا. هو هڪڙي ڇوڪري کي سامان تي وهاري نبي ﷺ وٽ حاضر ٿيا. نبي ﷺ پڇيو ته سامان تي ڪنهن کي وهاري آيا آهيو. هنن جواب ڏنو ته هڪڙي ڇوڪر کي. پاڻ فرمايائون ته توهان کان پوءِ هو سمهي پيو، هڪڙو شخص آيو، خرزين چورائي کڻي ويو. هڪ شخص چيو ته خرزين ته منهنجي هئي. پاڻ فرمايائون ته هائو گهٻراءِ نه، هو ڇوڪر اٿيو، چور جي پٺيان پيو، هن کي وڃي پڪڙيائين، ۽ سڀ اسباب صحيح سلامت ملي ويو. جڏهن هي ماڻهو موٽي ويا تڏهن ڇوڪرن کان معلوم ٿين ته سچ پچ اهو واقعو ٿي گذريو هو. هي ماڻهو انهيءَ تي ئي مسلمان ٿي پيا.
نجران جا عيسائي
نجران جي عيسائين جو وفد حاضر ٿيو. هو مسلمان به ٿيا. هنن سان عهدنامون ٿيو جنهن موجب هنن جزيه ڀرڻ قبول ڪيو، ۽ ان جي عيوض هنن کي هي سند ملي. نجران وارن کي خدا ۽ محمد رسول الله ﷺ جي حفاظت حاصل ٿيندي. جان مذهب زمين ۽ ملڪيت جي متعلق سڀني کي جي حاضر آهن يا غير حاضر آهن قبيلن جا صاحب آهن يا تابعدار آهن سڀني جي حالت ۾ يا حقن ۾ ڦير گهير نه ڪبي، ۽ جو ڪجهه گهٽ يا وڌ انهن جي قبضي ۾ آهي سو بدلايو نه ويندو. گذريل زماني جا خون ۽ جهڳڙا معاف اٿن. هنن کي بيگر ۾ نه وهائبو هنن کان پيداش جو ڏهون حصو نه ورتو ويندو ۽ هنن جي علائقي مان فوج نه لنگهائبي. هڪڙو عيسائي راهب (درويش) هن وفد جي موٽي اچڻ جي خبر ٻڌي سڄي حقيقت معلوم ڪري نبي ﷺ جي خدمت ۾ حاضر ٿيو ۽ اسلام اختيار ڪيائين.
آل عمران
هن کان پوءِ اسقف ابو الحارث عيسائي جيڪو گرجا (مندر) جو امام هو ۽ جنهن جي عزت قسطنطيه جي بادشاهه وٽ تمام گهڻي هئي، سو ان علائقي جي جج ۽ گورنر ۽ ٻين سردارن سان گڏ نبي ﷺ جي خدمت ۾ پهتو. نبي ﷺ هنن کي مسجد ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني. هنن اڀرندي طرف منهن ڪري عبادت ڪئي. بحث واسطي ڪيترا يهودي به اچي گڏ ٿيا. هڪڙي ڀيري يهودين ٻنهي مسلمانن ۽ عيسائن تي اعتراض ڪرڻ جي غرض سان چيو ته محمد صاحب اوهان جي اها مرضي آهي ڇا ته اسان توهان جي عبادت ڪريون جيئن عيسائي عيسيٰ ؑ جي عبادت ڪندا آهن؟ نبي ﷺ فرمايو ته الله جي پناه ! جو مان الله کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي عبادت ڪريان يا ڪنهن ٻئي کي غير الله جي عبادت جو حڪم ڏيان. خدا مون کي انهي ڪم واسطي نه موڪليو آهي، نڪي مون کي اهڙو حڪم ڏنو اٿس. جڏهن اهي عيسائي موٽڻ لڳا تڏهن هنن نبي ﷺ کان هڪ سند ساڳي قسم جي حاصل ڪئي، مگر هن ۾ مندرن ۽ پادرين حفاظت جو وعدو وڌيڪ چٽائي سان بيان ٿيل هو. نبي ﷺ ابو عبيده کي هنن سان گڏ جزيو اڳاڙڻ واسطي موڪليو. هن جي فيض واريءَ صحبت کان ان علائقي ۾ اسلام گهڻو پکڙيو.
ڪي ٿورا واقعا
هن ڪتاب لکڻ ۾ جنگين جو ذڪر لکڻ وقت ٻيا واقعا لکڻ ۾ نه آيا انهي ڪري ته متان ان ذڪر سمجهڻ ۾ مشڪلات پوي. تنهنڪري هن باب ۾ ڪي رهيل ٿورا مکيه واقعا لکجن ٿا.
حضرت عبدلله (يهودي) جو مسلمان ٿيڻ
حضرت عبدلله يهودين جيڪو وڏن فاضل شخصن مان هڪڙو هو، هن جو نسب يوسف ؑ سان ٿي مليو. هن نبي ﷺ کي وعظ ڪندي ڏٺو ۽ هيٺيان نبيﷺ جا الفاظ ياد ڪري ڇڏيائين. انسانو! پنهنجي پرائي کي سلام ڪندا ڪريو، ماني کارائيندا ڪريو، مائٽن سان چڱي هلت رکو ۽ رات جي وقت جڏهن ماڻهو سمهي رهن تڏهن توهان خدا جي عبادت ڪندا ڪريو. هي لفظ ٻڌي هن جي دل ايمان سان روشن ٿي. نبي ﷺ جي خدمت ۾ اچي ڏکين مسئلن بابت گفتگو ڪيائين، ۽ تسلي جهڙا جواب ٻڌي مسلمان ٿيو. پوءِ هن عرض ڪيو ته منهنجن ماڻهن کان منهنجي به نسبت راءِ پڇو. نبي ﷺ يهودين کي گهرايو عبدلله لڪي بيٺو. سڀني يهودين چيو ته هو عالم سيد بن سيد آهي، ۽ اسان سڀني کان بهتر آهي. يهودين ائين چيو ئي مس ته حضرت عبدلله هڪدم ٻاهر نڪري ڪلمون پڙهندي سامهون اچي بيٺن. جڏهن هنن ڏٺو ته هي مسلمان ٿيو آهي تڏهن چوڻ لڳا ته هو جاهل بن جاهل ذليل آهي، ۽ اسان سڀني کان خراب آهي. خداوند ڪريم هن بزرگ صحابي کي اسلام تي آڻي سڀني يهودين لاءِ پنهنجي حجت ختم فرمائي.
ابوقيس (عيسائي) جو مسلمان ٿيڻ
حضرت عبدلله کان پوءِ ابوقيس سرمه بن ابي انس به اسلام قبول ڪيو. هو عيسائي راهب (درويش) هو. نهايت فصيح شاعر، وعظ ڪندڙ ۽ مذهبي علم جو فاضل هو. هن بزرگ کي اسلام تي آڻڻ سان خداوند رحيم سڀني نصارن تي حجت ختم فرمائي.
سلمان پارسي جو مسلمان ٿيڻ
سنه 2 هجريءَ ۾ سلمان پارسي مسلمان ٿيو. هو اصفهان جو ويٺل هو. هن جي قديم مذهب ۾ ابلق گهوڙي جي پوڄا ڪئي ويندي هئي، هو سچي دين جي تلاش ۾ گهر کان نڪتو، ۽ عرب ملڪ تائين آيو. ڪنهن هن کي پڪڙي ٻانهو ڪري وڪڻي ڇڏيو. علمي تحقيقات کان پوءِ يهودي مذهب ۾ داخل ٿيو. جنهن يهوديءَ وٽ ٻانهپ ۾ رهندو هو اهو اڪثر پيدا ٿيڻ واري نبي ﷺ جون وصفون بيان ڪندو هو. جڏهن حضرت سلمان رضي الله مديني ۾ نبي ﷺ کي ڏٺو، تڏهن انهن نشانين ۽ آثارن ۽ خبرن مان جي پنهنجي ڌڻيءَ کان ٻڌيون هيائين، حضرت ﷺ کي سڃاڻي ورتائين ۽ مسلمان ٿيو.
هن ننڍڙي ڪتاب ۾ اهو بيان نٿو لکي سگهجي ته نماز، روزا، زڪواة، حج، اذان (بانگ) وغيره. ڪڏهن مقرر ٿيا ۽ منجهن ڪهڙا فائدا آهن. مگر شراب به نسبت ڪجهه ٿورو بيان هن واسطي ٿو لکجي ته خبر پوي ته مسلمان خدا جي حڪمن جي تعميل ڪئين هڪدم ڪندا هئا.
شراب جو حرام ٿيڻ
هجرت جي چوٿين سال جي برڪتن مان وڏي برڪت هي آهي ته شراب جي حرام ٿيڻ جو اشتهار ڪڍيو ويو. حضرت انس جو بيان آهي ته ڪي ماڻهو ابو طلحه جي گهر ويٺا هئا. مون هنن کي شراب پي پياريو. ايتري ۾ پڙهو اچڻ لڳو ته شراب حرام ٿي ويو. ابو طلحه ٻڌندئي چيو ته جيترو شراب باقي آهي سو ٻاهر اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ ڏينهن مديني جي گهٽين ۾ شراب وهي هليو.
ثمامه جو مسلمان ٿيڻ
سنه 5 هجري ۾ نبي ﷺ ڪجهه سوار نجف جي طرف روانا فرمايا. هو موٽڻ وقت ثمامه بن اثال کي گرفتار ڪري آيا ۽ مسجد جي ٿنڀ سان ٻڌي ڇڏيائونس. نبيﷺ اتي اچي پڇيو ته ثمامه ڪهڙو حال آهي؟ ثمامه چيو ته محمد منهنجو حال چڱو آهي، جيڪڏهن توهان منهنجي قتل جو حڪم ڪيو ته اهو حڪم هڪڙي خوني جي حق ۾ بجا آهي. جيڪڏهن توهان انعام فرمائيندو ته هڪ شڪرگذار تي رحمت فرمائيندو، ۽ جيڪڏهن مال جي ضرورت هجيو ته جيترو گهر جيو اوترو ٻڌايو. نبي ﷺ ٻئي ڏينهن به ساڳيو سوال ڪيو ۽ ٽئين ڏينهن به ساڳيو سوال ڪيو. ثمامه جواب ساڳيو ئي ڏنو. پاڻ حڪم ڪيائون ته ثمامه کي ڇوڙي ڇڏيو. ثمامه آزاد ٿي باغ ۾ ويو. اتي غسل ڪري مسجد ۾ موٽي آيو ۽ اچڻ سان ڪلمو پڙهيائين.
ثمامه چيو ته يا رسول الله! خدا جو قسم آهي ته سڄي جهان ۾ حضور کان وڌيڪ ڪنهن به شخص سان مون کي نفرت نه هئي، پر هاڻي ته سڄي دنيا ۾ حضور کان وڌيڪ مون کي ڪو پيارو ڪونهي.
ڪافرن سان رحمدلي
ثمامه مڪي پهتو ته مڪي جي ڪافرن کي چيائين ته ياد رکجو ته ثمامه کان هاڻي اوهان کي هڪ داڻو ڪڻڪ جو به نه ايندو، جيستائين نبي ﷺ جي اجازت نه ملندي. ثمامه پنهنجي ملڪ ۾ اچڻ شرط مڪي ڏي وڃڻ وارو ان بند ڪيو. ان جي بند ٿيڻ ڪري مڪي جا ماڻهو ڏاڍا تنگ ٿيا. نيٺ هنن لاچار ٿي نبي ﷺ کي استدعا ڪئي نبي ﷺ کي لکيو ته ان دستور موجب وڃڻ ڏيو. ياد رکڻ گهرجي ته انهن ڏينهن ۾ مڪي جا ماڻهو نبي ﷺ جا جاني دشمن هئا. هن قصي مان نبي ﷺ جي رحمت ڏسو جو هڪ ته هڪڙي خونيءَ جي جان بخشي فرمايائون، ۽ ٻيو دشمنن ڪافرن کي به ان جي تڪليف کان ڇڏايائون.
حديبيه جو صلح
سنه 6 هجري ۾ نبي ﷺ پنهنجو هڪڙو خواب مسلمانن کي ٻڌايو. فرمايائون ته مون ڏٺو ته مان ۽ مسلمان مڪي پهتا آهيون ۽ بيت الله جو طواف پيا ڪريون. هي خواب ٻڌڻ سان وطن جي سڪايل مسلمانن کي تمام گهڻو شوق جاڳيو ۽ نبي ﷺ کي مڪي جي سفر لاءِ سنباريائون. سفر ذوالقعد مهيني ۾ ڪيو ويو جنهن ۾ دستور موجب عرب جنگ ڪين ڪندا هئا. مسلمانن جنگ جو سامان پاڻ سان ڪو نه کنيو. جڏهن حديبيه ۾ پهتا، تڏهن عثمان بن عفان کي قريش ڏانهن ايلچي ڪري موڪليائون. هن جي وڃڻ کان پوءِ اسلامي لشڪر ۾ هُلُ اٿيو ته عثمان رضي الله کي قتل ڪري وڌو اٿن، تنهن تي نبي ﷺ بنا هٿيارن ۽ بنا سامان جي لشڪر کان جان قرباني جي بيعت ورتي. بيعت ڪندڙن جو تعداد چوڏهن سو ٿيو. هن بيعت جو حال ٻڌي قريش ڊڄي ويا. عروه بن مسعود جيڪو قريشن جي طرف کان آيو هو تنهن موٽي وڃي قريشن کي چيو ته اي قوم! مان ڪيترائي ڀيرا نجاشي قيصر ۽ ڪسريٰ جي درٻار ۾ ويو آهيان. مگر مون کي اهڙو بادشاهه نظر ڪو نه آيو جنهن جي عظمت ان جي درٻارين جي دل ۾ اهڙي هجي جهڙي محمد ﷺ جي سندس ساٿين ۾ آهي. منهنجي راءِ آهي ته هن سان صلح ڪيو. پوءِ نيٺ صلح ٿيو. جنهن جو ڪجهه بيان اڳي به ڏنل آهي. صلح جو هڪڙو شرط هو ته قريش جو ڪو ماڻهو مسلمان ٿي مسلمانن وٽ ويندو ته نبي ﷺ اهو شخص موٽائي ڏيندو. پر جيڪڏهن قريشين وٽ ويندو ته قريش موٽائي نه ڏيندا. اهو شرط ٻڌي سڀ مسلمان جوش ۾ اچي ويا. مگر نبي ﷺ کلي اهو شرط به منظور ڪيو. انهيءَ شرط به نسبت قريش جو خيال هو ته هن شرط کان ڊڄي ڪوئي به شخص آئينده مسلمان نه ٿيندو. پر اڃا شرطن تي صحيح ئي ڪا نه ٿي هئي ته سهيل بن عمرو (جنهن مڪي جي ماڻهن جي طرفان صحيح ڪئي) تنهنجو پٽ ابوجندل مسلمان ٿي نبي ﷺ جي خدمت ۾ پهچي ويو. قريش هن جا وار ٻڌي پيرن ۾ زنجير وجهي گهلي وٺي ويا مسلمانن کي جوش ڏاڍو آيو پر نبي ﷺ جو حڪم سمجهي صبر ۾ رهيا.
نبي ﷺ جن حديبيه ۾ ئي رهيل هوا ته اسي ماڻهو تنعيم جبل کان صبح جي وقت، جڏهن مسلمان نماز ۾ مشغول هئا، هن ارادي سان لٿا، ته مسلمانن کي نماز منجهه ئي قتل ڪري ڇڏيون. هي سڀ ماڻهو گرفتار ڪيا ويا ۽ حضرت ﷺ انهن کي رحمدلي ڪري ڇڏي ڏنو.
عهدنامي جو هڪڙو شرط اهو هو ته هن سال مسلمان موٽي وڃن، ۽ ٻئي سال کين طواف ڪرڻ جي اجازت آهي. تنهنڪري حديبيه کان سڀئي مديني ڏي موٽيا. هن عهدنامي کان پوءِ سورت الفتح جو نزول حديبيه ۾ ئي ٿيو هو. حضرت عمر پڇيو ته يا رسول الله اهي عهدنامو اسان جي لاءِ فتح آهي ڇا؟ پاڻ فرمايائون ته هائو.
ابو جندل کي قريش قيد ۾ بند رکيو هو. هن قيد ۾ ئي سچي دين جي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي. جو شخص هن جي نگهباني لاءِ رکيو ويندو هو تنهن کي هو ايمان جي هدايت ڪندو هو. خدا جي قدرت جو ابوجندل پنهنجي سچي دل جي ڪوشش ۾ فتحياب پي ٿيو، ۽ اهو شخص مسلمان پي ٿيو. قريش هن ٻئي مسلمان کي به گڏ قيد ڪندا هئا، ۽ ٻئي قيدي گڏجي انهي ئي قيدخاني ۾ اسلام جي تبليغ ڪندا هئا. الغرض ابوجندل جي قيد ٿي مڪي ۾ پهچڻ جو نتيجو اهو ٿيو جو هڪ سال ۾ اٽڪل ٽي سؤ شخصن ايمان آندو. هاڻي قريشن پڇتايو ته اسان ڇو عهدنامي ۾ ايمان وارن کي موٽائي وٺڻ جو شرط درج ڪرايو، پوءِ ڪي ٿورا شخص چونڊي نبي ﷺ جي خدمت ۾ موڪليائون ته اسان عهدنامي جي هن شرط تان هٿ ٿا کڻون. هنن مسلمانن کي پاڻ وٽ گهرايو. نبي ﷺ عهدنامي جي برخلاف ڪرڻ پسند نه فرمايو. هاڻي نيٺ مسلمانن سمجهيو ته جو شرط ظاهرا مشڪل ٿي لڳو سو ڪيتري قدر مفيد ثابت ٿيو. هاڻي مسلمانن سمجهيو ته ڇو اگرچه نبي ﷺ مسلمانن کي انهيءَ شرط جي برخلاف ڏٺو ته به کلي منظور ڪيو هئائون. حضرت عمر نٿي سمجهيو ته اهو عهدنامو سچ پچ مسلمانن لاءِ فتح هو، هاڻي اها ڳالهه به ثابت ٿي.
اسلام جو واڌارو
هر ڪوئي شخص جنهن کي سر ۾ دماغ آهي ۽ دماغ ۾ فهم آهي سو ابو جندل جي قصي مان سمجهي ويندو ته اسلام جي صداقت ڪهڙي الاهي طاقت سان پي پکڙي، ۽ ڪهڙي طرح حق جي طالبن جي دل تي قبضو پي ڪيائين جو وطن جي دوري، مائٽن کان جدائي، قيد، ذلت، بک، اڃ، خوف، طمع، ترار، ڦاسي مطلب ته دنيا جي ڪائي شيءِ ۽ ڪوئي جذبو هنن کي اسلام کان روڪي نه ٿي سگهيو. هن حديبيه جي صلح جو حقيقي فائدو هي ٿيو جو ٻنهي طرفن کان آمدرفت جي روڪ لهي ويئي، ۽ ماڻهو مسلمانن سان ملي ٿي سگهيا. تنهنڪري اسلام جي حقيقت سمجهائڻ لاءِ وڌيڪ وجهه مليا. انهي ڪري جيترا ماڻهو هن سال مسلمان ٿيا ايترا اڳي ڪنهن به سال ۾ نه ٿيا هئا.
نبي ﷺ جو حج
سنه 7 هجري ۾ صلح جي شرط موجب نبي ﷺ ٻه هزار صحابي ساڻ ڪري مڪي پهتا. مڪي وارن عهدنامي موجب روڪ ڪانه ڪئي، پر پاڻ گهرن کي قفل هڻي ابوقبيس جبل جي چوٽيءَ تي هليا ويا. اتان مسلمانن جا اعمال ڏسندا رهيا. نبيﷺ جن ٽي ڏينهن مڪي ۾ رهي پوءِ مديني ڏي واپس ٿيا. مڪي جي منڪرن تي مسلمانن جي جوش، عبادت جي سادي طريقي ۽ هنن جي اعليٰ ايمانداري (جو خالي شهر ۾ ڪنهن جو پائي جو نقصان به نه ٿيو) جو عجيب اثر پيو، جنهن سون کي اسلام جي طرف مائل ڪيو.
ٽن مدبر شخصن جو مسلمان ٿيڻ
انهن ايمان آڻڻ وارن ۾ هڪڙو خالد بن وليد هو جنهن پوءِ مسليم ڪذاب کي شڪست ڏني ۽ سڄو عراق ۽ اڌ شام فتح ڪئي. اهڙي جاني دشمن ۽ بهادر سپاهي جو خود به خود مسلمان ٿيڻ اسلام جي سچائي جو معجزو آهي. هن وقت عمرو بن عاص به مسلمان ٿيو، اهو ساڳيو عمرو جو اعليٰ قابليت جي ڪري حبش جي بادشاهه ڏانهن ايلچي ڪري موڪليو ويو هو انهي لاءِ ته حبش ڏانهن ڀڄي ويل مسلمانن کي واپس موٽايو وڃي، سو مسلمان ٿيڻ کان پوءِ مصر جو فاتح (فتح ڪندڙ) ٿيو ۽ مصر جي گورنري هلائڻ ۾ نهايت مدبر پالٽيشن ثابت ٿيو. انهن ئي ڏينهن ۾ عثمان بن طلحه به مسلمان ٿيو. هو ڪعبي جو مهتمم ۽ ڪنجي جو مالڪ هو. جڏهن هي ناميارو سردار، جنهن جي شرافت ۽ حسب نسب سڄي ملڪ ۾ مشهور هئي، نبي ﷺ جي خدمت ۾ مديني پهتو تڏهن نبي ﷺ فرمايو، ته اڄ مڪي پنهنجي جگر جو ٽڪر اسان کي ڏنو.
بني طي جو فساد
سنه 9 هجريءَ ۾ بني طي جي قبيلي بغاوت (فساد) ڪئي. ان وقت انهيءَ علائقي جو حاڪم علي المرتضيٰ هو هن فسادين کي پڪڙي مديني موڪلي ڏنو. انهن قيدين ۾ حاتم طائي مشهور سخيءَ جي ڌي به هئي. هن نبي ﷺ جي خدمت ۾ هئين عرض ڪيو ته مان ترم جي سردار جي ڌيءَ آهيان منهنجو پيءُ رحم ۽ ڪرم ۾ مشهور هو، بکين کي طعام ڏيندو ۽ غريبن تي رحم ڪندو هو. هو مري ويو، ڀاءُ شڪست کائي ڀڄي ويو، هاڻي توهان مون تي رحم ڪريو. هي ٻڌي نبي ﷺ فرمايو ته تنهنجي پيءُ ۾ مومنن واريون صفتون هيون. پوءِ هن کي ۽ هن جي سهيلين وغيره کي ڇڏي ڏنائون، ۽ مسافريءَ جو سٽمر ۽ لباس به عنايت فرمايائون.
عدي بن حاتم جو مسلمان ٿيڻ
عدي بن حاتم جو پنهنجو بيان آهي، ته مون کي رسول الله جي نالي تي سخت نفرت هئي، ڇو ته مان عيسائي هوس، پنهنجي قوم جو سردار هوس ۽ منهنجي قوم غنيمت جو چوٿون حصو مون کي ڏيندي هئي. هن فساد وقت مان شام ڏانهن هليو ويو هوس. منهنجي ڀيڻ نبي ﷺ وٽان آزاد ٿي سڌو مون وٽ شام ۾ آئي. منهنجي ڀيڻ نهايت دانا ۽ عقلمند هئي. مون پڇيس ته نبي ﷺ به نسبت تنهنجي ڪهڙي راءِ آهي. هن جواب ۾ چيو ته منهنجي راءِ آهي ته جلد هن وٽ وڃ. مان مديني ويس، ان وقت نبي ﷺ مسجد ۾ هئا. مون وڃي سلام ڪيو. فرمايائون ته ڪير آهين؟ مون چيو ته عدي بن حاتم. نبي ﷺ مون کي وٺي گهر ڏانهن هليا. واٽ تي هڪ بلڪل پوڙهي عورت ملي. هن نبي ﷺ کي بيهاريو. پاڻ دير تائين هن وٽ بيٺا رهيا. ۽ هوءَ پنهنجو ڊگهو داستان ٻڌائيندي رهي. مون دل ۾ چيو ته هي شخص بادشاهه ته هرگز ناهي. پوءِ حضرت ﷺ گهر پهتا، ۽ هڪڙو چمڙي جو گاديلو کاٻر سان ڀريل منهنجي اڳيان وڇايائون، ۽ فرمايائون ته هن تي ويهو. مون چيو ته نه حضور جن هن تي ويهن. فرمايائون ته نه توهان ئي ويهي رهو. مان گاديلي تي ويٺس. حضرت ﷺ زمين تي ويٺا وري به منهنجي دل اها شاهدي ڏني ته هي بادشاهه هرگز ناهي.
هاڻي نبي ﷺ فرمايو ته توهان ته رڪوسي (عيسائن جو هڪڙو فرقو) آهيو؟ مون چيو ته هائو. فرمايائون ته پنهنجي قوم کان غنيمت ۽ پيدائش جو چوٿون حصو وٺندا آهيو؟ مون چيو ته هائو. نبي ﷺ فرمايو ته ائين ڪرڻ ته توهان جي دين ۾ جائز ناهي. مون چيو ته سچ آهي ۽ دل ۾ چيم ته هي ضرور نبي (ﷺ) آهي سڀ ڪجهه ٿو ڄاڻي، هن کان ڪجهه به لڪل ڪانهي. پاڻ وري فرمايائون ته عدي شايد هن دين ۾ داخل ٿيڻ کان هن ڪري ٿو ڀڄين جو سڀ ماڻهو غريب آهن. خدا جو قسم هنن ۾ ايترو ڌن اچڻو آهي جو ڪوئي شخص ڌن وٺڻ وارو نه لڀندو.
عدي ! هن دين ۾ داخل ٿيڻ کان هن ڪري ٿو ڀڄين جو اسان تعداد ۾ ٿورا آهيون، ۽ اسان جا دشمن گهڻا آهن. خدا جو قسم اهو وقت ويجهو اچي پيو آهي جڏهن تون ٻڌندين ته اڪيلي عورت قادسيه (ايران جو اڳيون تختگاهه) مان هلندي، ۽ مڪي جو حج ڪندي، ۽ هن کي ڪنهن جو به خوف نه ٿيندو.
عدي ! هن دين ۾ داخل ٿيڻ کان هي ڳالهه به شايد توکي روڪي ٿي ته حڪومت ۽ سلطنت ٻين قومن جي هٿ ۾ آهي. خدا جو قسم اهو وقت ويجهو آيو آهي جڏهن تون ٻڌندين ته بابل جو سفيد محل (نوشيران جو درباري ديوانخانه) مسلمانن جي هٿ ۾ ايندو.
عدي ! ٻڌايو ته لا اله الا الله جي چوڻ ۾ توهان کي ڪهڙو انديشو آهي؟ خدا کان سواءِ ڪو ٻيو عبادت جو لائق ٿي سگهي ڇا؟
عدي ! ٻڌايو ته الله اڪبر جي چوڻ ۾ اوهان کي ڪهڙو عذر آهي الله کان وڏو ڪوئي به آهي ڇا؟
عدي ٿو چوي ته هن تقرير کان پوءِ مان مسلمان ٿيس منهنجي اسلام آڻڻ بعد نبي ﷺ جي چهري مبارڪ تي خوشي ۽ فرحت ظاهري پي ڏسڻ ۾ آئي. عدي ٿو چوي ته هن واقعي کي ٻه سال گذريا ۽ ٽيون سال پي هليو ته مون بابل جي محلات کي فتح ٿيندي به ڏٺو ۽ هڪ پوڙهي عورت کي قادسيه کان مڪي حج لاءِ اڪيلو ايندي به ڏٺو، ۽ مون کي اميد آهي ته ٽين ڳالهه به سچي نڪرندي.
نبي ﷺ جو آخري حج
سنه 10 هجريءَ ۾ نبي ﷺ حج جو ارادو ڪيو. جڏهن ماڻهن کي خبر پئي تڏهن نبي ﷺ سان گڏ مڪي وڃڻ لاءِ ماڻهن جا انبوه اچي مديني ۾ جمع ٿيا. رستي ۾ به ٽولين جون ٽوليون شامل ٿينديون ويون. مڪي ۾ هڪ لک ۽ چاليهه (يا چوويه) هزار ماڻهو جمع ٿيا. نبي ﷺ ٽڪريءَ تي چڙهي نهايت موثر خطبو پڙهڻ فرمايو، ۽ شروعات ۾ فرمايائون ته مان خيال ٿو ڪريان ته وري ڪڏهن اهڙي مجلس ۾ مان اوهان کي نه ملندس. (نبي ﷺ کي خبر هئي ته سندس لاڏاڻو ويجهو آيو آهي.) خطبي ۾ تمام چڱيون هدايتون ڏيڻ فرمايائون، ۽ ائين به چيائون ته مان اوهان ۾ اها شيءِ ڇڏي ٿو وڃان جنهن کي جيڪڏهن مضبوط جهليندؤ ته ڪڏهن گمراهه نه ٿيندؤ. اهو اهي قرآن، الله جو ڪتاب. پڻ فرمايائون ته اوهان منجهه هميشه اهڙا ماڻهو هجن جي اسلام جي تعليم ڏيندا رهن. تنهن کان پوءِ ماڻهن کي فرمايائون ته قيامت ڏينهن منهنجي به نسبت اوهان کان پڇيو ويندو. توهان ڇا چوندو؟ سڀني چيو ته اسان شاهدي ڏينداسين ته توهان الله جا حڪم اسان کي پهچايا، ۽ رسالت ۽ نبوت جا حق ادا ڪيا.
جڏهن نبي ﷺ خطبي کان فارغ ٿيا تڏهن هن آيت جو نزول ٿيو ته اڄ مون توهان جي دين کي ڪامل ڪيو، ۽ اوهان تي پنهنجي نعمت کي پورو ڪيم، ۽ مون توهان لاءِ دين اسلام پسند فرمايو.
نبي ﷺ جي رحلت جي ويجهائي
سنه 11 هجري اهو سال آهي جنهن ۾ خدا جي رسول رسالت جي حق ادا ڪرڻ بعد پنهنجي موڪليندڙ ڏانهن موٽڻ فرمايو. انتقال (وفات) کان ڇهه مهينا اڳي اذا جاءَ نصر الله سورت نازل ٿي. هن جي نازل ٿيڻ بعد نبي ﷺ امت کي چئي ڏنو ته مان جلد دنيا مان وڃڻ وارو آهيان. آيت اکملت لکم دينکم جي نازل ٿيڻ کان پوءِ هي مطلب وڌيڪ چٽو ٿيو.
مسلمانن کي آخري هدايتون
نبي ﷺ رمضان ۾ ڏهن ڏينهن جو اعتڪاف ڪندا هئا، مگر آخري رمضان ۾ 20 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيائون، تنهنجو سبب بيبي فاطمه کي اهو ٻڌايائون ته منهنجو موت ويجهو آهي. صفر مهيني جي منڍ ۾ خدا جي نبي ﷺ آخرت جي سفر جي تياري به ڪئي. هڪ مهينو اڳي مهاجرن ۽ انصار کي گڏ ڪري خطبو پڙهيائون ۽ وصيتون ڪيائون، ۽ مسلمانن کي دعائون ڪيائون. ائين به فرمايائون ته مان انهن فتحن کي ڏسان پيو جيڪي توهان کي حاصل ٿينديون، مون کي اهو انديشو ڪونهي ته توهان مشرڪ ٿيندو، پر ڊپ هي آهي ته دنيا جي رغبت ۾ ۽ فتنهي۾ پئجي هلاڪ نه ٿيو، جيئن اڳيون امتون هلاڪ ٿيون. آخر ۾ فرمايائون ته سلام توهان تي ۽ انهن سڀني تي جي اڄ کان وٺي قيامت تائين اسلام جي وسيلي منهنجي بيعت ۾ داخل ٿيندا.
تپ جو شروع ٿيڻ
29 صفر سومر جي ڏينهن بيماري شروع ٿي، سخت تپ (بخار) سان مٿي ۾ سور ٿيو. بدن اهڙو گرم هو جو هٿ سهي نٿي سگهيو. نبي ﷺ فرمايو ته نبين کان وڌيڪ ڪنهن کي تڪيلف ڪانه ٿي ٿئي. تنهنڪري اجر به زياده ٿو ٿئي. حضرت ﷺ جڏهن بيمار ٿيندا هئا تڏهن هڪڙي دعا پڙهي پنهنجا هٿ جسم تي ڦيرائيندا هئا. هنن ڏينهن ۾ بيبي عائشه ساڳي دعا پڙهي سندن هٿ تي شوڪاري هٿ ڦيرائڻ تي هئي ته نبي ﷺ سندس هٿ مبارڪ کي پاٻوهه مان روڪي ڇڏيو.
قبرن پوڄڻ جي منع ڪرڻ
وفات کان پنج ڏينهن اڳي فرمايائون ته اوهان کان اڳي هڪڙي امت ٿي گذري آهي جنهن نبين جي قبرن کي سجدو ٿي ڪيو، اوهان ائين نه ڪجو. فرمايائون ته اي خدا منهنجي قبر کي مون کانپوءِ بت نه بنائجانءِ جنهن جي پوڄا ڪئي وڃي. انهن ڏينهن ۾ ٻن شخصن جي ڪلهن تي ٽيڪ ڏيئي مسجد ۾ آيا ۽ سڀني کي ڪوٺي (سڏائي) نصحيتون ڏنائون.
پوءِ فرمايائون ته ڪنهن شخص جو مون تي حق هجي ته گهري. هڪڙي شخص چيو ته مون کان ٽي درم وٺي هڪڙي فقير کي ڏنا هيو، سي اڃا نه مليا آهن. هي قرض هڪدم ادا ڪيو ويو. پوءِ سڀني خدا جي نبي ﷺ کان پنهنجي پنهنجي حق ۾ دعا ۽ برڪت حاصل ڪئي.
نماز ۽ اصحابين جي محبت
بيماريءَ جي چوڏهن ڏينهن مان يارهن ڏينهن تائين پاڻ نماز پڙهائيندا رهيا. يارهين ڏينهن سومهڻي وقت ٽي دفعا تياري ڪيائون، مگر ٽيئي ڀيرا وضو ڪندي بيهوش ٿي ويا، آخرڪار فرمايائون ته ابوبڪررضي الله نماز پڙهائي جڏهن ابوبڪر رسولﷺ جي مصلي تي وڃي بيٺو تڏهن سندس ۽ اصحابين جي دل اهڙي ڀرجي آئي جو رئڻ لڳا ۽ رئڻ جو آواز نبي ﷺ جي ڪن تائين پهتو. ان وقت طبيعت ڪجهه بهتر هئي، تنهنڪري پاڻ اچي نماز پڙهايائون. نماز بعد فرمايائون ته مسلمانو! مان توهان کي خدا جي حوالي ٿو ڪريان.
سخاوت
گهر ۾ جو ڪجهه هو سو خدا جي راهه ۾ ڏنو ويو. جنهن رات جي صبح جو انتقال ٿيو ان ڏينهن حضرت بيبي عائشه ڏيئي جو تيل اڌارو گهرايو. نبي ﷺ وٽ ايترو سامان به ڪونه هو جو تيل خريد ڪجي. سندن زره مبارڪ به اڳيئي ڳهه (گدوي) رکيل هئا.
آخري نماز
صبح جي وقت رسول ﷺ حجري مبارڪ جو پردو هٽايو جو مسجد جي طرف هو ڏٺائون ته مسلمان صف درست ڪري نماز پيا پڙهن. هن پاڪ نظاري ڏسڻ کان چهري مبارڪ تي خوشي ظاهر هئي. نبي ﷺ وڌي مسجد ۾ ويا ۽ ابوبڪر صديق جي پٺيان نماز پڙهيائون. هن نماز کان پوءِ حضرت ﷺ تي ٻيو فرض جو وقت نه آيو.
موڪلاڻي ۽ رحلت
سڪرات جي وقت فاطمه کي پڄاڻي به نسبت ڪجهه فرمايائون. فاطمه روئي ويٺي، تڏهن هٿ مبارڪ سان ڳوڙها اگهيائون ۽ فرمايائون ته نه روءِ. پوءِ فاطمه جي پٽن حسن رضي الله ۽ حسين رضي الله کي گهرائي کين چميون ڏنائون. پوءِ بيبين کي آڻايائون. تنهن کان پوءِ علي مرتضيٰ کي ڪوٺايائون. سر مبارڪ کي هنج ۾ ڪري رکيو. هن وقت به ديني هدايتون ۽ نصيحتون پي ڏنائون.
نيٺ 12 ربيع الاول سنه 11 هجري سومر جي ڏينهن 63 سالن (قمري) ۽ چئن ڏينهن جي ڄمار ۾ منجهند جي وقت جسم پاڪ کان روح انور پرواز ڪيو؛ انا الله وانا اليه راجعون. نبي ﷺ جي عزيزن ۽ مائٽن کي سخت افسوس ٿيو ۽ ڳوڙها وهايائون، مگر نبي ﷺ جي حڪم موجب دانهون ۽ واڪا ڪرڻ کان پاڻ کي روڪيائون.
اصحابين جو احوال
اصحابي وفات جي خبر ٻڌي سراسر حيران ۽ ديوانا ٿي ويا. ڪو جهنگ ۾ نڪري ڀڳو ۽ ڪو ششدر ٿي جتي هو تتي پهچي ويو. عمر فاروق جو اهو حال هو جو هن کي يقين ئي نه ٿي آيو ته ڪو خدا جي رسول انتقال فرمايو آهي.
تڪفين ۽ تدفين
نبي ﷺ کي ٽن ڪپڙن جو ڪفن ڏنو ويو. پهريائين گهر وارن پوءِ مردن پوءِ عورتن پوءِ ٻارن نماز پڙهي. حجرو مبارڪ سوڙهو هو. تنهنڪري ڀيري ڀيري سان ڏهن ماڻهن پي نماز پڙهي تنهنڪري تدفين مبارڪ اربع جي رات عمل ۾ آئي.
پڄاڻي
نبي ﷺ پنهنجي سڄي حياتي ماڻهن کي سڌارڻ ۾ ۽ اسلام سيکارڻ ۾ گذاري. کين دنيا جي ڪنهن به عيش عشرت ڪين لالچايو. سڀ ڪجهه خيرات ۾ ڏيئي ڇڏيندا هئا. تنهنڪري ڪيترائي ڏينهن سندن گهر جي چلهي ۾ باهه ئي ڪانه ٻرندي هئي. نبي ﷺ کي بادشاهيءَ جو ذرو به خيال نه هو مگر کين چئن دشمنن سان وڙهڻو پيو، ۽ ان جو نتيجو ٿيو جو سڄو عرب جو ملڪ پنهنجي هٿ هيٺ اچي ويو ۽ ماڻهو کين ايتري قدر مڃيندا هئا جو هو پنهنجي جند سندن مٿان قربان ڪيو بيٺا هئا. تنهن هوندي به پاڻ نڪا دولت گڏ ڪيائون. نڪي محلاتون اڏايائون، نڪي بادشاهن وانگي عام ماڻهن کي پاڻ وٽ اچڻ کان منع فرمايائون.