ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

اسلام آهي اتحاد ۽ نظام

اسلام جي تعريف هي ڪلمه آهي ته الله کانسواءِ ڪوبه معبود ڪونهي، ۽ حضرت محمد ﷺ سندس موڪليل يا پيغام پهچائيندڙ آهي. عبادت جي معنيٰ رڳو نماز ناهي. الله تعاليٰ جي سڀني حڪمن جي پيروي کي عبادت ٿو چئجي. تنهنڪري ان ڪلمه جو مطلب هي ٿيو ته فقط الله تعاليٰ جي ٻانهپ ڪجي نه شيطان جي يا پنهنجي حرصن جي يا پيرن فقيرن ۽زبردست ظالمن جي. هي حڪم الله تعاليٰ جا اسان کي سندس رسول ﷺ جي معرفت پهتل آهن جيڪي قرآن شريف ۽ صحيح حديثن مثلاً صحيح بخاري ۾ موجود آهن. سڀني مسلمانن کي گهرجي ته قرآن شريف معنيٰ سان پڙهن ۽ هن مضمون جي پڙهندڙن کي استدعا آهي ته سڀني مسلمانن کي هي هدايت ڪن ته قرآن شريف معنيٰ وارو آڻايو ۽ هر روز ان کي معنيٰ سان پڙهو.
اسلام جون توصيفون ته گهڻيون ئي آهن پر انهن مان فقط ڪي مکيه توصيفون ڏجن ٿيون:
(1) تسليم يعني خدا جي قانونن ۽ حڪم جي پوري پوري فرمانبرداري.
(2) صلح، سلامتي ۽ امن امان نه جهيڙا ۽ فساد.
(3) ذات انسان خصوصاً سڀني مسلمانن لاءِ خير خواهي، همدردي ۽ محبت، نه ٻين سان دشمنيون ۽ ٻين جا نقصان ڪرڻ.
(4) ايمان ۽ چڱا عمل ڪرڻ.
(5) علم ۽ نيڪ اخلاق.
(6) مالي ۽ اخلاقي ترقي.
(7) اتحاد ۽ نظام.
هنن مان پوئين توصيف سڀني کان وڌيڪ ضروري آهي، ڇو ته ان کانسواءِ اسلام جي عمارت بيهي نٿي سگهي، ۽ ان کانسواءِ ڪابه ترقي بلڪل محال آهي. تنهنڪري مان هن مضمون ۾ فقط اتحاد ۽ نظام بابت ڪجهه لکڻ گهران ٿو.
الله تعاليٰ جي توحيد يعني هيڪڙائي جو لازمي نتيجو آهي سڀني انسانن جي وحدت يعني ايڪو، ٻڌي ۽ اتفاق. قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته سڀ انسان هڪ امت آهن. هڪ هنڌ فرمايل آهي ته اي انسانو مون اوهان کي هڪ ئي نفس مان ٺاهيو ۽ ذاتين ۽ قبيلن ۾ فقط سڃاڻپ لاءِ رهايو. اوهان ۾ وڌيڪ عزت وارو اُهو آهي جنهنجا عمل چڱا آهن. افسوس هي آهي ته اُهو ئي اسلام جيڪو سڀني انسانن کي هڪ ڪرڻ لاءِ، هڪ ڌاڳي ۾ ٻڌڻ لاءِ آيو، تنهن اسلام جا پيروي ڪندڙ خود پاڻ ئي هڪ ٻئي کان جدا ٿي ويا. جدائي جو نتيجو هي ٿيو اهي ساڳيا مسلمان جي علم، هنر، دولت ۽ حڪومت هٿ ڪري سڄي دنيا تي غالب پيا سي جُدا ٿيڻ بعد وري جاهل، سڃا ۽ غلام ٿي ذليل ۽ تباه ٿي ويا.اهڙي حالت ٿيڻ کانپوءِ به مسلمانن جي اڃا اک نٿي کُلي.
هندستان کان ٻاهر مسلمانن ۾ گهڻي قدر سجاگي ۽ ترقي شروع ٿي ويئي آهي. مگر هندستان جا نَوَ ڪروڙ مسلمان ”ڇُڙ ڇُڙ گابا“ هئڻ ڪري ترقي ڪرڻ بدران هر طرح جون مصيبتون ڏسي رهيا آهن. اسان ۾ اتحاد نه هئڻ جو وڏو سبب هي آهي جو اسان اصلوڪي اسلام (قرآن شريف) کي ڦٽي ڪري پنهنجو پنهنجو مذهب ٺاهي مختلف فرقا بنائي هڪ ٻئي سان وڙهي هڪ ٻئي کي ناس ڪري رهيا آهيون. الله تعاليٰ اسان کي مسلمان جو لقب ڏنو مگر اسان پاڻکي شافعي ۽ مالڪي، حنبلي ۽ حنفي، شيعا، سني مقلد ۽ غير مقلد صوفي ۽ قلندري وغيره وغيره سڏائي ۽ جدا مسجدون ۽ جدا امام مقرر ڪري اسلام جي شيرازه کي بگاڙي ڊاهي ڇڏيو آهي. نه رڳو اسان فرقا ٺاهيا آهن، پر اسان ٻين فرقن وارن کي گمراه، فاسق بلڪه ڪافر ۽ مرتد ڄاڻيو ويٺا آهيون. اسان اها ڳالهه وساري ڇڏي آهي ته هر ڪو ڪلمه گو مسلمان آهي. جيڪڏهن اسان سڀ هڪ الله، هڪ رسول ۽ هڪ ڪتاب جا پيروڪار آهيون ته ڇو نه ٿا هڪ ٻئي کي مسلمان ڪري سمجهون. جيڪڏهن فروعي ڳالهين ۾ اختلاف ٿيو ته ڪهڙي ڳالهه آهي. قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ رسول الله ﷺ کي ٿو فرمائي ته تون يهودي ۽ ڪرستانن کي چَؤ ته اچو ته هڪ ڳالهه تي اتفاق ڪيون جا توهان ۾ ۽ اسان ۾ عام آهي. اُها آهي ته خدا سان ڪنهن کي به شريڪ نه ڪيون. هاڻي جڏهن ڪرستانن سان هڪ ڳالهه تي اتفاق ڪرڻ جو حڪم آهي ته پوءِ اسان لاءِ شرم آهي جو اسان پاڻ ۾ ئي اتفاق نٿا ڪيون. جنهن کي به قرآن شريف ۾ پورو ايمان آهي، سو پڪو مسلمان آهي. اسان کي گهرجي ته فقط مسلمان سڏايون جيڪو لقب اسان کي الله تعاليٰ ڏنو آهي نه شيعا سني وغيره جي لقب سان جيڪي پاڻ اسان پاڻ ٺاهيا آهن. ائين بيشڪ آهي ته جهل جي ڪري اسان ۾ خراب عقيدا، بدعتون ۽ بدرسمون رواج ۾ اچي ويون آهن. پر ان جو علاج فقط هي آهي ته اسان وري به قرآن شريف ڏي رجوع ٿيون. اسان سڀئي جيڪر قرآن شريف معنيٰ سان پڙهون ۽ بحث مباحثا ڦٽي ڪري هڪ ٻئي سان ملي وڃون ۽ فقط مسلمان سڏايون ته فرقا سڀ ڊهي ويندا. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ٿو فرمائي ته سڀئي ملي الله جي رَسي يعني قرآن شريف کي مضبوط جهليو ۽ فرقا ٺاهي جُدا نه ٿيو. ٻئي هنڌ فرمايل آهي ته ڪافرن منجهان نه ٿيو جن دين کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري فرقا ٺاهيا. هن مان ثابت آهي ته جيڪي ماڻهو فرقو ٺاهي ٻين کان جُدا ٿين ٿا سي ڪافر آهن نعوذبا لله منها. قرآن شريف ۾ ائين به فرمايل آهي ته سڀ مؤمن ڀائر آهن. حضرت جن جاقول آهن ته سڀ مسلمان هڪ ڀت وانگر آهن ۽ سڀ مسلمان هڪ جسم وانگر آهن پر اڄوڪا مسلمان هڪ ٻئي جا ڀائر يا خيرخواهه ٿيڻ بدران هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا آهن. هڪ ٻئي جو چڪين ماس ٿا کائين ۽ هڪ ٻئي تي ظلم ڪري هڪ ٻئي کي ۽ سڄي قوم کي تباه ۽ برباد ٿا ڪن. اهي ظالم ڪيتري قدر مسلمان آهن تنهنجو پاڻ فيصلو ڪن. جيڪي ٻين جا دشمن آهن سي پنهنجا دشمن آهن. الله ۽ الله جي رسول جا دشمن آهن ۽ الله ۽ الله جو رسول به سندن دشمن آهن.
مسلمانو! خبردار ٿيو ايڪو ڪريو ، مسلمان ٿيو، ڪافر نه ٿيو، ۽ پاڻ کي دنيا ۽ آخرت جي تباهيءَ کان بچايو.
هاڻي سوال آهي ته ايڪو ڪئين ٿئي. ان جو هڪ جواب ته مٿي ڏنل آهي ته اسان سڀني کي گهرجي ته قرآن شريف معنيٰ سان پڙهون، مذهبي جهڳڙا ۽ فرقا ڦٽي ڪيون، پاڻي کي ۽ ٻين کي فقط مسلمان سڏيون؛ پر ٻي ضروري ڳالهه هيءَ آهي ته اسان پاڻ کي هڪ نظام هيٺ آڻيون. نظام کانسواءِ ڪجهه به ٿي نٿو سگهي. ڏسو ته جيڪڏهن گهر جا ڀاتي گهرجي پرئي مڙس جي فرمانبرداري نه ڪن ته گهرڪيئن هلي ۽ ڳوٺ جا ماڻهو ڪنهن وڏيري جي ضابطي هيٺ نه اچن ته خرابيون ٿي پون ۽ جيڪڏهن ملڪ ۾ حاڪم يا بادشاهه نه هجي ته پوءِ ته ڍينگو ئي ڍيري. اسلام انهيءَ اسلام نظام تي ايترو زور ڏنو آهي جو گويا اسلام آهي ئي نظام. قرآن شريف ۾ آهي ته الله تعاليٰ جي اطاعت (تابعداري) ڪيو ۽ الله جي رسول ﷺ ۽ امير جي اطاعت ڪيو جيڪو اوهان منجهان هجي. حضرت محمد ﷺ کان پوءِ حضرت ابوبڪر ۽ حضرت عمر وغيره مسلمانن جا امير ٿيا ۽انهن وري علائقن ۾ حاڪم يا امام مقرر ڪيا جن جي اطاعت ڪئي ويئي، ۽ انهيءَ نظام ۽ اطاعت جي ڪري مسلمان ترقي ڪندا ويا. فقط هي شرط آهي ته امير اسلام تي پورو هجي ۽ قرآن ۽ حديث موجب حڪومت هلائي ۽ فيصلا ڪري ۽ ٻين نيڪ ۽ زبردست عالمن سان مشوره (صلاح مصلحت) ڪري. اوائلي زماني ۾ اسلام جا خليفا ۽ سندن حاڪم ئي مسلمانن کي نظام هيٺ رکندا آيا. اُهي وڏا عالم ۽ نيڪ عامل هئا. دين به اُهي ئي سکاريندا هئا. مسجدن جا امام به پاڻ هوندا هئا ۽ زڪوات به پاڻ اڳاڙي ان جي خرچ ڪرڻ جو بندو بست ڪندا هئا. هو پاڻ کي حاڪم نه سڏيندا هئا. پر خدا جا ٻانها ۽ خلق جا خادم هوندا هئا. يزيد کان وٺي سچي خلافت هلي ويئي فقط بادشاهه ٿيا. بادشاهه جي طاقت غير محدود هئي ۽ بادشاهي موروثي ٿي پئي. بادشاهن ۽ سندن مقرر ڪيل حاڪمن مسجدن جي امامت ڪرڻ ڦٽي ڪئي انهيءَ ڪري اسلامي نظام بگڙندو ويو. تنهن هوندي به جيستائين مسلمان بادشاهه هئا ۽ آهن تيستائين سڄو اسلامي نظام کين ئي رکڻ گهربو هو ۽ رکڻ گهرجي. مگر هن وقت هندستان ۾ اسان انگريز سرڪار جي ماتحت آهيون تنهن صورت ۾ اسلامي نظام اسانکي ئي رکڻو آهي ۽ ضروري رکڻ گهرجي ورنه اسان جو اسلام رڳو نالي جو اسلام آهي. اسلام اسان کي هو نئن ئي نظام هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. مگر ان نظام کي اسان پنهنجي جاهلائي جي ڪري بيڪار بڻائي ڇڏيو آهي. ٻيون قومن ڪلب ٿيون ڪڍن ۽ انجمنون ۽ ايسوسيئيشنون قائم ٿيون ڪن مگر اسلام اڳئي هڪ ڪامل ترين ايسوسيئيشن آهي. اسان جا ڪلب اسان جون مسجدون آهن. مسجدن ۾ پنج وقت اسان ميٽنگ ٿاڪيون. ۽ هڪ امام جي زيردستي ۾ فرض ادا ٿا ڪيون. ستين ڏينهن وري هڪ وڏي ميٽنگ جامع مسجد ۾ ڪيون ٿا ۽ سال ۾ ٻه ڀيرا عيدن جي موقعي تي وري انهيءَ کان به وڏيون ميٽنگون ٿين ٿيون ۽ سڄي دنيا جي مسلمانن جي ميٽنگ سال ۾ هڪ ڀيرو حج جي موقعي تي مڪي شريف ۾ منعقد ٿئي ٿي. مون اڳئي چيو آهي ته اوائلي زماني ۾ مسجدن جا امام حاڪم هوندا هئا ۽ اسلام هو ئي سيکاريندا هئا. هاڻي به اسان کي انهيءَ اصول تي اسلامي نظام کي زور وٺائي ترقي ڪرڻ گهرجي.
مسجد جو امام اهو مقرر ڪرڻ گهرجي جيڪو علم، عقل ۾ سڀني کان بهتر هجي. هو ڪنهن جو محتاج يا نوڪر نه هجي. هو قوم جو خيرخواهه جان نثار ۽ خادم هجي ۽ ڪابه لالچ رکندڙ نه هجي اڄ ڪلهه جا امام ٻين جا محتاج آهن تنهنڪري هوبي ڊپائي سان حق گوئي ڪري نٿا سگهن. مگر جيڪڏ هن اسان چڱو ۽ غني امام رکون ۽ هر طرح ان جي اطاعت ڪيون ۽ قرآن شريف جو هي اهم ۽ ضروري حڪم ته پنهنجي امير جي اطاعت ڪيو، بجاآڻيون ته پوءِ هيءَ اسان جي نظام جي پهرين ڪڙي ٿيندي. جيڪڏهن امام قابل يا طاقت وارو نه هجي تڏهن ته بلڪل ضرور ڪجهه بااثر هجي. ته به بهتر آهي ته امام سان ٻيا ٽي چار چونڊيل ماڻهو به شامل ڪجن جن جي صلاح مصلحت ۽ مدد سان امام ڪاروبار هلائي. سڄي تعلقي جا امام وري ٽئين ٽئين مهيني يا ڇهين ڇهين مهيني بعد هيڊ ڪوارٽر ۾ گڏ ٿي ميٽنگ ڪن ۽ پاڻ مان هڪ يا ٽي چار قابل ۽ لائق امام چونڊين جيڪي سڄي تعلقي جو نظام رکن. اهڙي طرح تعلقن جا چونڊيل امام وري ضلع جو امام يا ٽي چار لائق امام چونڊين ۽ اُهي وري گڏجي ”جمعيت امامان سنڌ“ جي حيثيت ۾ سڄي سنڌ جي امامن کي پنهنجي حڪم ۽ هدايتن هيٺ هلائين. ساڳئي طرح ”جمعيت امامان هند“ هئڻ گهرجي ۽ دنيا جي سڀني ملڪن جي چونڊيل امامن جي ميٽنگ وري حج جي موقعي تي مڪي شريف ۾ ٿئي.
اهڙي نظام قائم ڪرڻ ۾ وڏي مشڪلات آهي، ڪن هاڻوڪن امامن ۽ ڪن جاهل پيرن جي مخالفت ٿيندي مگر دنيا ۾ ڪوبه چڱو ۽ اصلاح وارو ڪم اهڙو ڪونهي جنهن جي مخالفت نه ٿيندي. مگر سڀ ڪم سياڻپ ۽ مصلحت سان ڪبو ۽ صبر ۽ استقلال کان ڪم وٺبو ته الله تعاليٰ ضرور ڪاميابي نصيب ڪندو. پر شرط هي آهي ته جيڪو هي ڪم شروع ڪري سو پنهنجو غرض نه رکي، ٻين جي خدمت ڪندڙ هجي. ۽ هٺ وڏائي ڪانه هجيس ۽ جيڪو اڳئي امام هجي تنهن جي مخالفت نه ڪري پر ان کي شامل ڪري ۽ کيس صلاح ڪار ۽ مدد گار ڏيئي ان مجهان ئي ڪم ڪڍي جيستائين ڪو بهتر امام مقرر ڪرڻ جو موقعو ملي. جيڪڏهن ڪٿي ڪو پير هجي ته ان پير کي ئي عرَض ڪجي ته ان اصلاحي ڪم جو باني پاڻ ٿئي جيڪڏهن باني نه ٿئي ته گهٽ ۾ گهٽ همدردي ڪري. همدردي ۽ مدد گاري نه ڪري ته گهٽ ۾ گهٽ مخالفت ته نه ڪري. کيس اڪيلائي ۾ سمجهائجي ته مسلمانن جي اصلاح ۽ نظام جي مخالفت ڪرڻ اسلام ۽ الله تعاليٰ جي مخالفت ڪرڻ آهي جيڪڏهن توهان مخالفت ڪندؤ ته ان م توهان کي دنيائي نقصان به رسندو ڇو ته ماڻهن ۾ سجاڳي ضرور ٿيڻي آهي پوءِ توهان جو وقار هليو ويندو. جيڪڏهن پوء به پير صاحب باز نه اچي ته خدا تي توڪل رکي ٻين ماڻهن ۾ پروپيگنڊا شروع ڪري ڏجي ۽ جيتري قدر ماڻهن ۾ سجاڳي ۽ ايڪو ۽ طاقت پيدا ٿئي اوتري قدر ڪم شروع ڪري ڏجي.
اهڙي ڪم ۾ ٻي مشڪلات ٿيندي ڪن..... زميندارن جي مخالفت. زميندار ۽ وڏيرا هن وقت اسان تي حڪومت هلائي رهيا آهن پوءِ ڪي چڱا آهن ته ڪي ظالم به آهن. اهي ڪڏهن ڪين چاهيندا ته حڪومت تي زور سندن هٿن مان نڪري ٻين جي هٿ ۾ اچي. انهن وڏيرن ۽ زميندارن کي ساڳي طرح عرض ڪجي جيئن پيرن کي، يعني وڏيري کي ئي ان ڪم جو بانيڪار ڪجي ته حڪومت وري به سندس ئي هٿ ۾ رهي فقط هي شرط هجن ته هو اسلام تي هلي، مسلمانن جو خيرخواهه ۽ همدرد ٿئي ۽ ڳوٺ جي ڪن نيڪ ماڻهن جي صلاح سان ڪم هلائي. ان ۾ وڏيري جو شان ٻيڻو ٿي پوندو ۽ هن جا ديني ۽ دنيوي امور ازخود سنوارجي ويندا.
مٿئين رٿ مان ڏسبو ته امام ۽ ميمبرن جي چونڊ ڪرڻي آهي. چونڊ جو ڪم نهايت ئي نازڪ ۽ مشڪل آهي. ڇاڪرڻ گهرجي. سڀني ڳوٺ جي ماڻهن کي مسجد ۾ گڏ ڪري قسم کڻائجي ته اسان اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏينداسين جي اسان ۾ وڌيڪ لائق آهن ۽ ٻيو هي وعدو قسم تي وٺڻ گهرجي ته جيڪي امام ۽ ميمبر گهڻن ووٽن تي مقرر ٿيندا انهن جي اطاعت اسان سڀ ڪنداسين توڙي اسان جي نظر ۾ اُهي لائق نه هجن ۽ توڙي هنن جا فيصلا اسان جي راءِ جي مخالف هُجن. ٻي ضروري ڳالهه آهي ته ووٽ مخفي هئڻ گهرجن جيئن ڪنهن کي به خبر نه پوي ته ڪنهن ڪنهن کي ووٽ ڏنو.
بهرحال هي ڪم سولو ناهي نهايت مشڪل آهي. پر انهيءَ جو اهو مطلب ناهي ته اهو ڪم اڻ ٿيڻ جهڙو آهي. انسانن لاءِ بيشڪ ظاهر طور اڻ ٿيڻ جهڙو پيو ڏسجي. پر هي ڪم الله تعاليٰ جو پنهنجو آهي ۽ الله تعاليٰ ئي ان کي پورو ڪندو، بشرطيڪ اسان ان ڪم کي بنا خود غرضي جي نماڻائي سان ۽ صبر ۽ استقلال سان لڳي وڃون. آهي ڪو سنڌ ۾ اهڙو خدا جو بندو جو سنڌ جي ڳوٺ ڳوٺ ۾ گشت ڪري اسلامي نظام قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري جنهن کانسواءِ اطاعت امير جي اهم فرض جي بجاآوري بلڪ اطاعت الله ۽ رسول ڪانه ٿي ٿئي.
ياد رکڻ گهرجي ته جيڪو به مسلمان پوءِ وڏيرو يا پير هجي اسلامي نظام جي مخالفت ڪندو ۽ چونڊيل امير جي اطاعت ڪرڻ کان انڪار ڪندو سو شريعت موجب شايد ڪافر آهي. بغاوت ڪندڙ باغي آهي ۽ واجب القتل آهي. فقط هي ڳالهه آهي ته انگريزن جي بادشاهي اندر اهڙي سزا اسان ڏيئي نٿا سگهون.
(توحيد مارچ 1939ع)