ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

تاريخ اسلام جو هڪ واقعو

حضرت ابوبڪر رضي الله پنهنجي زندگيءَ ۾ ئي خلافت جو فيصلو ڪري ڇڏيو. ان فيصلي موجب حضرت عمر رضي الله خلافت جو بار پنهنجي سر تي کنيون، ۽ اسلام جي لاءِ نهايت ڪارآمد ثابت ٿيو. هن جي اخلاقي قوت مضبوط ۽ منصفي راڄ تيز هو. هلت چلت ۾ بي ڊپو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ اڻ ٿڪ هو. اندروني ضابطي قائم ڪرڻ بعد پهريون پهريون ڪم اهو ڪيائين جو مثنه جي مدد لاءِ لشڪر گڏ ڪري موڪليائين. انهيءَ لشڪر جو سردار ابو عبيده هو جنهن ميدان ۾ پهچي سڄي لشڪر جي ڪمان پنهنجي هٿ ۾ کنئي. مثنه جي نيڪ صلاح جي ابتڙ هن، اهڙي ميدان ۾ جتي لشڪر کي هيڏي هوڏي ڦيرائڻ محال هو، هڪدم ايرانين سان گڏ جنگ شروع ڪري ڏني، جنهن ۾ هن کي سخت شڪست آئي، ۽ پاڻ به مارجي ويو. مگر ايرانين پنهنجي فتح جو فائدو نه ورتو، ۽ آخر مثنه جي چالاڪي هنن تي غالب پيئي، فرات نديءَ جي مغربي شاخ تي بويب وٽ کين سخت شڪست ڏنائين. مثنه وري ساڳيو ملڪ هٿ ڪيو، ۽ هرا ۾ گهڙيو.
هن وقت نئون بادشاهه يزد جرد ايران جي تخت تي ويٺو. هن نوجوان جوشيلي بادشاهه نه رڳو عربن کي هرا مان تڙي ڪڍڻ جي ڪمر ٻڌي، پر سندن ملڪ وٺڻ جو به پڪو ارادو ڪيائين. انهيءَ مطلب سان هڪ لک ماڻهن جو لشڪر هڪدم عراق عرب ڏي ڏياري موڪليائين، انهيءَ رٿ سان ته ڏکڻ ڏي رخ رکي مسلمانن کي زور سان شڪست ڏيئي ٻاهر ڪڍي. ست صفون مسلمان مثنه جي زير ڪمان ايڏي وڏي لشڪر سان پڄڻ جي ڀيڻي نه ڏسي وري به عراق عرب خالي ڪري بيابان جي حد تي وڃي بيٺا، ۽ مديني مان ڀرتي جي اچڻ جو انتظار ڪيائون.
جڏهن مسلمان ايرانين جي حملي لاءِ انتظار ۾ بيٺا هئا تڏهن سندن ماهر جنرل مثنه تپ کان بيمار ٿي وفات ڪئي. سعد ابن وقاص جنهن کي خليفي ڀرتي سان موڪليو سو هاڻي سڄي لشڪر جو سپه سالار ٿيو. لشڪر جو تعداد ٽيهه هزار ٿيو. هي قادسيه جي جنگ تمام سخت لڳي ۽ سڄا ٽي ڏينهن هلي. ٻنهي ڌرين جي پهلوانن بهادري جهڙا ڪم ڪري ڏيکاريا، ٽيئن ڏينهن تي ايرانين جو لشڪر ٽٽي پيو. سخت نقصان ۽ سندن جنرل جي قتل ٿيڻ بعد ايراني اتر ڏانهن وٺي ڀڳا. هن جنگ جا سنه 15 هجري ۾ لڳي نيٺ عراق عرب جو آخرين فيصلو ڪري ڇڏيو. عراق بنا روڪ جي وري قبضي ۾ آندو ويو، ۽ هرا جي ماڻهن جن مثنه جي عهدنامن کي ڦاڙي چاق ڪري ڇڏيو هو تنکي سندن دغا جي سزا ڏيڻ لاءِ مٿن وڌيڪ ڍل مقرر ڪئي ويئي.
هرا جي آسپاس وارن شهرن ۽ ڳوٺن کي آڻ مڃائڻ بعد سعد بابل ڏانهن وڌيو جتي ايرانين جو باقي لشڪر فيروزان هرمزان ۽ مهران جي هٿ هيٺ ڪٺو ڪيو ويو هو. هنن کي اتي به اهڙي شڪست آئي جو ڇڙوڇڙ ٿي ويا. مهران ايران جي گادي جي هند مداين ڏانهن نڪري ويو، هر مزان پنهنجي شهر اهواز ڏانهن ڀڄي ويو، ۽ فيروزان نهاوند ڏانهن روانو ٿيو جتي ايران جي بادشاهه جو خزانو رکيل هو. مگر جيستائين مداين جو شهر جتي مهران لشڪر سان لٿل هو ڌارين جي قبضي ۾ رهي تيستائين عراق عرب ۾ عربن جو ويهڻ محال هو، تنهنڪري سعد لاچار انهيءَ بادشاهي شهر تي ڪاهيو. اهو شهر جتي هاڻي بغداد آهي تنهن کان 15 ميل مٿي دجله نديءَ جي ڪپ تي هو. بغداد وانگر اهو شهر به ٻنهي ڪپن تي هو. مداين جي معنيٰ ئي آهي ٻه شهر - پري کان بادشاهن ۽ اميرن جي عاليشان ۽ رنگا رنگي محلاتن جي نظاري سادن عربن کي حيران ڪري ڇڏيو. ٿوري وقت جي محاصري (گهيري) کان پوءِ شهر جي ماڻهن دروازا کڻي کوليا. مداين جي فتح بعد دجله جي الهندي وارو سڀ ملڪ عربن جي هٿ هيٺ آيو. ڪسريٰ جي محلات ۾ شڪراني جي نماز پڙهي ويئي جنهن ۾ سڄو لشڪر شامل ٿيو.
سعد هاڻي سڄي عراق عرب جو جنگي سردار ۽ ملڪي حاڪم ٿيو، پنهنجو هيڊ ڪواٽر مداين ۾ ڪيائين. هو شاهي محلات ۾ رهيو، ۽ ملڪ جي انتظام ۾ مصروف ٿيو. پر جلد ئي کيس ٻي جنگ مجبورن ڪرڻي پيئي. ايران جو بادشاهه جو جبلن جي الهندي طرف هلوان ۾ رهيو پيو هو تنهن هڪ وڏو لشڪر مداين جي طرف وڃڻ لاءِ روانو ڪيو. سعد جو لشڪر مداين کان 50 ميل اتر اڀرندي جلوله وٽ دشمن کي سامهون ٿيو، ۽ سخت نقصان سان شڪست ڏنائينس. هلوان خود ورتو ويو، ۽ سندس مضبوط قلعي ۾ لشڪر رکيو ويو. جڏهن مداين ۽ جلوله جي لٽ جو مال مديني ۾ پهتو تڏهن خليفو عمر رضي الله روئي ويٺو. سبب پڇڻ تي جواب ڏنائين ته انهيءَ دولت ۾ مان پنهنجي قوم جي زواليت ٿو ڏسان. سچ به ائين هو. شاندار ۽ تڪڙين فتحن جي ڪري عربن جون اهي سادگي محنت ۽ خود قرباني جون وصفون رفته رفته گم ٿي ويون جن جي ڪري شروعات ۾ هنن کي فتحون حاصل ٿيون.