يڪ تندرستي هزار نعمت
(1) تازي هوا - نڪ مان ساهه کڻڻ گهرجي، ڊگهي ساه کڻڻ جي ورزش ڪجي، جاءِ جون دريون بند نه ڪجن ۽ سمهڻ مهل سوڙ يا لٽو نڪ تي وجهڻ نه گهرجي. تازي هوا ۽ اُس چمڙيءَ کي به کارائجي.
(2) تازو ۽ صاف پاڻي- پاڻي هر هر پئجي، پر ٿورو ٿورو ۽ ڍڪ ڍڪ ڪري پيئڻ گهرجي. ماني کائڻ مهل پاڻي نه پيئجي. صبح جو نيراني ۽ رات جو سمهڻ مهل پاڻي پيئڻ گهرجي. گرم پاڻي انهن وقتن تي پيئڻ قبضي ۽ بد هاضمي لاءِ چڱو آهي. هر روز صابُڻ يا ميٽ سان وهنجڻ گهرجي ۽ وهنجڻ بعد ٽوال سان خوب مهٽڻ گهرجي.
(3) تازو ۽ صاف کاڌو- چانهه، ڪافي، شراب، تماڪ، آفيم، وغيره کان قطعي پرهيز ڪرڻ گهرجي. گوشت، مڇي ۽ گرم مصالحي سان گهٽ واهپو رکجي. ان، ڀاڄيون ۽ ميوا، کير، مکڻ ۽ ڏڌ طبيعت جي موافقت تي کائجن ته بلڪل مفيد آهن. هاضمي جو گهڻو مدار آهي زور چٻاڙڻ سان ۽ خوش مزاج رهڻ تي. خصوصن ماني کائڻ مهل دماغي ڪم ۽ ڳڻتين کان پري رهڻ گهرجي. دل کي خوش رکڻ گهرجي. نڪي گهڻو کائجي، نڪي هر هر کائجي. چڙ ۽ ڪاوڙ به هاضمي کي خراب ٿا ڪن.
(4) صفائي - صبح جو اُٿڻ مهل ۽ رات جو سمهڻ مهل ڏندڻ ڪرڻ گهرجي. ننڍن ٻارن جو وات ۽ ڏند ڪپهه يا صاف اڳڙي لوڻ جي پاڻي ۾ پسائي اُن سان صاف ڪرڻ گهرجن. گرم پاڻيءَ ۾ لوڻ وجهي اُن سان گرڙيون ۽ گروڙا ڪرڻ گهرجن ۽ نڪ صاف ڪرڻ گهرجي. اکين کي بار بار پاڻيءَ جا ڇنڊا هڻڻ گهرجن. ڏينهن وارا ڪپڙا سمهڻ وقت بدلائي ٻيا ڪرڻ گهرجن.
(5) تندرستي جو وڏو مدار ورزش تي آهي. هر روز ڪم از ڪم 15 منٽ ورزش ضرور ڪرڻ گهرجي. گهمڻ به ضروري ورزش آهي، ٿي سگهي ته ڊڪڻ به گهرجي. رانديون ڪرڻ به تندرستيءَ لاءِ چڱيون آهن.
نوٽ - مٿيون هدايتون هڪ وڏيءَ تختيءَ تي لکي تختي ڀت تي ٽنگي ڇڏڻ گهرجي.
(ملا مخزن جنوري 1931ع)