ٽيون تعليمي تجربو
مٿئين بيان مان ڏسڻ ۾ ايندو ته وڏيءَ ڇوڪريءَ گويا ساڍن چئن سالن ۾ ننڍيءَ ساڍن ٽن سالن ۾ ستن سالن جو ڪم ڪڍيو، اگرچه کين ڪا باقاعدي چڱي تعليم ڪانه ملي. پويون مکيه سال ته ڪنهن اسڪول ۾ ئي ڪونه پڙهيون، نه وري کين ڪو پنهنجو شوق هو. امتحان ڏيڻ کان بيزار هيون. گهڻو وقت راند ۾ لڳائينديون هيون. مون کين امتحان جي تياري فقط هن لاءِ ڪرائي ته ٻين لاءِ خصوصن ماستر صاحبن لاءِ مثال قائم ڪريان ته هنن کي به پنهنجي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي امتحان لاءِ تيار ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي. مون کي ڏاڍو ارمان ٿيندو آهي ته ماستر صاحب جن جو ڌنڌو ئي آهي تعليم ڏيڻ، سي پنهنجي نياڻين کي تعليم ڇو نه ٿا ڏين. هو چوندا آهن ته اسان کي ڪو کين نوڪري ته ڪرائڻي ڪانهي. منهنجي خيال ۾ نوڪري ڪرائڻ عيب ته ڪونهي. اٽلندو چڱو ڪم آهي. اڄوڪي وقت ۾ 20 يا 25 رپيا مهينو پگهار وڏي غنيمت آهي.
ازان سواءِ ماسترياڻيون هونديون ته زنانا اسڪول گهڻا کولي سگهبا، ۽ زناني تعليم ترقي ڪندي. پر اگرچه نوڪري ڪرڻي نه هجي ته به تعليم فائدي واري ناهي ڇا! افسوس آهي جو ماستر ماڻهو ٿي ڪري اهڙو جواب ٿا ڏين. مان پنهنجي سر نهايت خوش ٿيندس جيڪڏهن منهنجيون نياڻيون تعليم ڏينديون. پر تعليم ڏين خواه نه ڏين منهنجو وڌيڪ شوق اهو آهي ته هو پاڻ علم واريون ٿين ۽ هميشه علم پڙهنديون رهن. انهيءَ ڪري امتحان کان پوءِ پاڻ وڌيڪ هنن کي علم پڙهڻ تي آماده ڪيو اٿم. هاڻي هو اردو ۽ انگريزي ٿيون سکن ۽ پڻ ديني ڪتاب ۽ تاريخون، جاگرافيون، اردو ۽ ٻيا ڪتاب پڙهنديون آهن. مطلب ته ڄمڻ کان مرڻ تائين ڪتاب پڙهڻ گهرجن ۽ علم کي وڌائيندو رهجي.
مٿئين بيان مان هي به سمجهي سگهجي ٿو ته تعليم ڏيڻ ڪا ڏکي ڳالهه ڪانهي. منهنجي ڇوڪرين کي اگرچه باقاعدي يا لاڳيتي چڱي تعليم ڪانه ملي ته به درجا ٽپنديون ٿورڙي عرصي ۾ ڪم ڪڍي ويون. مون کي خاطري آهي ته جيڪڏهن مان کين باقاعدي ٻه ڪلاڪ روز ٻن سالن تائين تعليم ڏيان ها ته ٻن سالن ۾ ستن سالن جو ڪم ڪڍي وڃن ها ۽ ورنيڪيولر فائنل امتحان ۾ فل پاس ٿين ها. مگر مون وڏي ڇوڪريءَ کي فقط ساڍا 4 مهينا ۽ ننڍي کي فقط ساڍا 5 مهينا تعليم ڏني. انهيءَ عرصي ۾ به بلڪل ٿورڙو وقت تعليم ڏيندو هوس. مگر جيڪا تعليم ڏيندو هوس سا اصولن ۽ سمجهه سان. مان جيڪڏهين رواجي طرح تعليم ڏيان ها ته هرگز درجا ٽپي ڪو نه سگهن ها. ڪي ماستر شايد چوندا ته ڇوڪرين کي خداداد ذهن هوندو، هرگز نه. خداداد ذهن هجين ها ته ننڍي ڇوڪريءَ جي اها حالت نه هجي ها جو مارچ 1931 ۾ ٻاراڻي ڪتاب جي ٻئي سبق جا لفظ به نه لکي سگهي ها. تعليم جو نمونو ئي اهڙو آهي جو ٻار جو ذهن کولي ٿو. بي اصولي تعليم ڏيڻ سان ذهن خراب ٿو ٿئي، ۽ اصولي تعليم ڏيڻ سان ذهن کلي ٿو. افسوس جو گهڻا ماستر اصولي تعليم ڏيڻ کان ڏاڍو ٽهن ۽ ڀڄن ٿا. جيڪڏهن اصولي تعليم ڏين ته کين به ڏاڍو مزو اچي، شاگردن کي به خوشي حاصل ٿئي. ذهن کلي، ڪم به ٿوري وقت ۾ پورو ٿئي ۽ نتيجو به ڪرامت جهڙو نڪري. خصوصن حساب سيکارڻ مون کي ڏاڍا سولا ٿا لڳن. هڪڙي هفتي ۾ سڄي سال جا حساب سيکاري ويندو هوس. مان نڪي ٻڌائيندو هوس، نڪي حساب ڪري ڏيکاريندو هوس. فقط سوال پڇندو ويندو هوس ۽ ڇوڪريون ٺيڪ جواب ڏينديون وينديون هيون. گهڻي قدر جنسي شيون وڌيڪ ڪم آڻيندو هوس، خصوصن هيٺين ڪلاسن ۾ سڀ حساب پهريائين زباني ڪرائيندو هوس، پوءِ سليٽ تي. گهڻي ڪرامت مون کي هن اصول ۾ ڏسڻ ۾ آئي ته سولي تان ڏکئي ڏي وڃجي. مان پهريائين تمام سليس ۽ ننڍڙا حساب ڏيندو هوس، ۽ پوءِ رفته رفته ڏکيرا ڪندو ويندو هوس. ان مان اها ڪرامت ظاهر ٿيندي هئي جو ڇوڪرين اصول به پاڻيهي سمجهي وينديون هيون. ڪيترائي ڀيرا ائين ٿيو جو بنا سوالن پڇڻ جي حساب ڏيندو ويس ۽ ڇوڪريون پاڻيهي برابر ڪنديون ويون.
ڪتاب جو سبق ڇوڪريون پنهنجي منهن پڙهنديون هيون. مان فقط سبق تي ٽي چار سوال مطلب جا پڇندو هوس، جن مان خبر پوندي هئي ته سبق جو مطلب يا خيال سندن مغز ۾ ويٺو آهي يا نه. ان جو نتيجو اهو ٿيو جو جيڪو سبق هو پڙهنديون هيون، تنهن تي غور ڪري سمجهي ان جا خيال مغز ۾ وهارينديون هيون. مگر ڪتاب پڙهائڻ جو ڪم مون پوئين سال ۾ ڪيو جڏهن ڇهون ڪتاب شروع ڪيائون. جيڪڏهن پهرئين درجي کان ئي اهي عادت مان منجهن وجهان ها ته خبر ناهي ته ڪيتري قدر سندن ذهن ۽ سمجهه کلي ها.
(اخبار تعليم جولاءِ 1934)