ترقي ۽ تعليم
اڄوڪي زماني ۾ اگرچه سائنس ڪماليت وٺي چڪي آهي ۽ ريلون، تارون ۽ ڪلون جاري ٿي ويون آهن ته به اها آسودگي ڪانهي. سبب هي آهي جو نه اها تعليم آهي ۽ نه اهي معلم آهن. بد اخلاقي ۽ فساد ۽ بيجا اسراف ۽ بيجا عيش عشرت قوم ۽ ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن. حالتون اهڙيون بدلجي ويون آهن، جو اسان جا اسڪول به قوم جي ترقي لاءِ ڪجهه نه ڪري سگهيا آهن. ماستر اهو مقرر ڪيو ٿو وڃي، جنهن رڳو ورنيڪيولر فائنل امتحان پاس ڪيو آهي اهو خيال ڪونه ٿو ڪيو وڃي ته هو رڳو پيٽ پالڻ لاءِ ماستر ٿيڻ ٿو گهري يا قومي سڌاري جو به ڪو شوق اٿس، اخلاقي حالت چڱي اٿس يا خراب، علم ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوق اٿس يا اٽلندو ڪتابن کان نفرت اٿس. پوءِ جن ماسترن کي پاڻ کي ئي علم ڪونه هوندو ۽ سڌريل نه هوندا ته ڪيئن ٻين ۾ علم جو شوق پيدا ڪندا ۽ ٻين کي سڌاريندا؟
ماستر اهو ئي ڪامياب ۽ ڪارگر ٿي سگهندو، جنهن کي علم هوندو ۽ علم وڌائڻ جو شوق هوندو ۽ ان سان گڏ محنتي ۽ نيڪ اخلاق هوندو. پهاڪو مشهور آهي ته نصحيت کان مثل بهتر آهي ۽ علم جي مڻن کان عمل جي رتي بهتر آهي. هر هڪ ماستر کي ائين سمجهڻ گهرجي ته ملڪ ۽ قوم جي ترقي جو بار مون تي آهي، مان ئي ڌڻيءَ جي مدد سان قوم ۽ ملڪ جو گرو، رهبر، مرشد ۽ مصلح ٿي ٿو سگهان ۽ قوم کي ترقي جي اوج تي آڻي ٿو سگهان. کيس ڄاڻڻ گهرجي ته تعليم جو مقصد اهو ناهي ته شاگرد طوطي وانگر لکي پڙهي وڃن ۽ حساب ڪري سگهن ته امتحان پاس ڪري وڃي ڪا نوڪري کڻن، پر مقصد اهو آهي ته منجهن مفيد عادتون ۽ گڻ، مثلن ايمانداري، نفس کي ضبط هيٺ رکڻ، ادب ۽ مروت، ٻين جي مدد ڪرڻ، تابعداري، وفاداري، صفائي ۽ تندرستي، محنت ۽ اورچائي پيدا ٿين. منجهن مفيد علم ۽ واقفيت حاصل ڪرڻ جو شوق پيدا ٿئي، جو علم ۽ واقفيت کين روزمره جي زندگي ۽ آئينده جي لاءِ ڪم اچي. شاگرد جيڪي جيڪي سکن، تنهن تي عمل ڪن ته منجهن عمل ڪرڻ جو مادو پيدا ٿئي.
سڌريل ملڪن جهڙوڪ آمريڪا ۾ ماستر نه رڳو شاگردن کي سچي تعليم ڏيندا ۽ سڌاريندا آهن، پر ڳوٺ جي ماڻهن کي به ڏيندا ۽ سڌاري جا ڪم ڪرائيندا آهن. مثلن انجمون ٺاهيندا آهن، ڪلب ۽ لائبريريون کوليندا آهن، صفائي سٺائي ۽ صحت جو انتظام رکندا آهن، ڀرم ۽ بدرسمون بند ڪندا آهن، ليڪچر ۽ تقرريون ڏيندا آهن. وغيره وغيره. اهڙن ڪمن ڪرڻ ڪري هنن کي وڏي عزت ملندي آهي. اسان جي ملڪ جي ماسترن کي اها عزت نٿي ملي، جا معلمن کي ملڻ گهرجي. اگرچه اسان جي ملڪ جي ماسترن ۾ سچي معلمن وارا گڻ نه هجن ته به اسان جو فرض آهي ته کين عزت ڏيون. جيڪڏهن کين عزت ڏينداسين ته هو به عزت جي لائق ٿيڻ لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪندا. ازان سواءِ جيڪڏهن شاگرد ڏسندا ته اسان جي استادن کي اسان جا وڏا عزت ٿا ڏين ته پوءِ پاڻ به استادن کي عزت ڏيندا ۽ سندن فرمانبردار رهندا. پر جڏهن هو ڏسندا ته اسان جا وڏا ماستر کي ليکن به ڪو نه ٿا ته پاڻ به عزت ۽ فرمانبرداري ڪونه ڪندا، جنهن جو نتيجو اهو ٿيندو، جو نڪي علم پرائيندا، نڪي نيڪ اخلاق ۽ ادب ۽ مروت سکندا. پوءِ هو پنهنجن وڏن جي به عزت ڪونه ڪندا، نڪي سندن فرمانبرداري ڪندا. تنهن ڪري ماسترن کي عزت ۽ مان ڏيڻ ۾ اسان جو ئي فائدو آهي ۽ کين عزت نه ڏيڻ ۾ اسان جو ئي نقصان آهي. پر جيڪڏهن ڪا اهڙي ڳالهه ڪنهن ماستر سان ڪرڻي هجي، جا ناراضپو ڏيکاريندڙ هجي ته اها بلڪل خلاصي وقت ڪرڻ گهرجي، جئين ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ کي معلوم نه ٿئي.
(اخبار تعليم جون 1930ع)