ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علم ۽ ترقي (ڊائيلاگ)

زبيده- ادي! هي جو چوڌاري ”ترقي“، ”ترقي“ جا آواز پيا ٻڌجن اها ڪهڙي بلا آهي؟
حميده- ڀيڻ! ڏسجي ٿو ته اڄ ڪلهه ترقي انهيءَ کي ٿو چئجي ته ملڪ ۾ ريلون ۽ ڪارخانا هجن، ماڻهو شاهوڪار هجن، زالن ۽ مردن کي ڇوٽ آزادي هجي، کائجي پيئجي، موجون ماڻجن، ڇا جو دين ڇا جو ڌرم، نڪا آهي پاپ جي پرواه، نڪا پڃ جي پچار.
زبيده - ڀلا ٻڌاءِ ته سچي ۽ ڪامل ترقي ڇا آهي؟
حميده-1- سچي ۽ ڪامل ترقي اها آهي جو هڪ ته اسان اهڙا تندرست هجون، جو بازن ۽ دماغ جو ڪم ڪرڻ سان ٿڪ ته نه ٿئي پر اٽلندو خوشي ٿئي. 2 - اسان جا اخلاق اهڙا هجن جو سدائين سچ تي قائم رهون ۽ ذات انسان سان محبت رکون، خصوصن پاڙيوارن ۽ مائٽن سان ڀلايون ڪريون. 3 - هوشياري ۽ دنيا جي واقفيت ايتري هجي، جو پنهنجو گذران به ڪشادو ڪمائي سگهون مسڪينن کي مدد ڪري سگهون، پيدائش وڌايون ۽ خرچ گهٽايون. 4 - روحاني طاقت اهڙي هجي جو هر وقت ڌڻي کي ياد رکون ۽ فقط کانئس ڊڄون، ايتري قدر جو گناهن کان نفرت پيدا ٿئي ۽ چڱاين ڪرڻ جو دلي چاه ٿئي.
زبيده- ادي اهڙي ترقي ڀانيان ٿي ته هن وقت ڪٿي به ڪانهي. يورپ، آمريڪا ۽ جپان جو هن وقت سڌريل ۽ ترقي يافته سمجهيا وڃن ٿا، سي سچ پچ سڌريل ۽ ترقي يافته آهن ڇا؟
حميده- ڀيڻ! اهي ملڪ گهڻي قدر سڌريل ۽ زور وارا آهن. علم عقل منجهن گهڻو آهي ۽ شاهوڪار به منجهن گهڻا آهن پر افسوس ته منجهن مذهب جو شوق ڪونهي، عيشن عشرتن ۾ گهڻي قدر غلطان آهن. سادگي ڇڏي ڏني اٿن. مسڪينن سان پوري همدردي ڪانه اٿن. ٻيون به منجهن ڪي خرابيون آهن جن جي ڪري منجهن گوڙ ۽ فساد گهڻا آهن ۽ گمان آهي ته جيڪا ترقي ڪئي اٿن سا به ڊهي ويندي.
زبيده- ڀلا هي ته ٻڌاءِ ته دين ڌرم کان سواءِ ترقي ڪري نٿي سگهجي ڇا؟ جي نه، ته پوءِ انهن ملڪن ڪيئن ترقي ڪئي آهي؟
حميده- دين ڌرم کان سواءِ ڪجهه به ترقي ڪري نٿي سگهجي. انهن ملڪن جيڪا ترقي ڪئي آهي، سا به هن ڪري جو ڪيترن ئي ڌرمي اصولن تي عمل ڪندڙ آهن.
زبيده- ڀلا اهي اصول ڌرم کان سواءِ رڳو عقل جي وسيلي معلوم ڪري نٿا سگهجن ڇا؟
حميده- هرگز نه. تاريخ پڙهي ڏسجي ته اهي سڀ اصول پهريائين پهريائين نبين ۽ رشين سيکاريا، جن کي ڌڻيءَ اسان جي سڌارڻ لاءِ موڪليو. اهو عقل ۽ علم به انهن سيکاريو. تاريخ مان هي به ڏسجي ٿو ته جڏهن نبي ۽ رشي پيدا ٿيا، تڏهن جن ماڻهن انهن جي تعليم تي عمل ڪيو سي سچي ترقي حاصل ڪري وڏي اوج کي رسيا. يورپ جا ماڻهو هٺ ۾ پئجي سمجهڻ لڳا آهن ته هي عقل ۽ علم اسان کي ڌڻي ڪو نه سيکاريو آهي پر اسان کي پاڻهي حاصل ٿيو آهي. حيف آهي سندن سمجهه تي.
زبيده- ڀلا ايترو ته ٻڌاءِ ته سڀئي يورپي بي دين آهن ڇا؟
حميده- نه ادي، سڀئي ته بيدين ڪين آهن، پر بيديني گهڻي ٿي ويئي آهي خصوصن روس جي ملڪ ۾.
زبيده- جيڪا دنيائي ترقي ۽ شاهوڪاري يورپ، آمريڪا ۽ جپان ڪئي آهي سا چڱي ناهي ڇا؟
حميده- چڱي بيشڪ آهي، پر ان سان گڏ دينداري، پرهيزگاري، سادگي ۽ سخاوت جا گڻ ضرور هئڻ گهرجن نه ته پاڻيهي ڏسندينءِ ته اها شاهوڪاري به هلي ويندي ۽ فساد ۽ سڃائي جو دؤر شروع ٿيندو.
زبيده- ڀلا اسان جي ملڪ جي حالت ڪهڙي آهي؟
حميده- ادي! اسان جي سنڌڙي ويچاري ته هر حالت ۾ پست پيل آهي. نه اسان وٽ دين آهي نه دنيا. لکين ماڻهو اهڙا مسڪين آهن، جن کي رکي ماني به ڍو تي نصيب نه ٿي ٿئي. سندن ڪکاوان جهوپڙا نه سج جي گرمي کان کين بچائي ٿا سگهن نه سياري جي سرديءَ کان. نه ڪپڙو پورو اٿن نه اوڇڻ. بيمار ٿين ته دوا ڪرائڻ لاءِ پائي به ڪانهين.
زبيده- اها حالت ڇو ٿي آهي؟ اسان ۾ دين ڌرم ڪونهي ڇا؟
حميده- دين ڌرم جا خيال ته ماڻهن ۾ آهن، پر اهي فائدي ڏيڻ جي بدران نقصان پهچائيندڙ آهن.
زبيده- سو وري ڪيئن؟
حميده- سبب هي آهي ته علم نه هئڻ ڪري سچي ڌرم جي خبر ڪا نه اٿئون. رڳو ڀرمن، سنسن ۽ خراب رسمن ۾ وڪوڙجي برباد پيا ٿيون. جهل اسان کي زبون ڪري ڇڏيو آهي.
زبيده- پوءِ انهيءَ جو علاج ڪهڙو آهي، اسان ڪيئن ترقي ڪري سگهنداسون؟
حميده- علاج آهي علم علم علم. علم کان سواءِ ڪجهه به ڪين ٿي سگهندو، خصوصن ڌرمي علم ضرور هئڻ گهرجي. هڪ ڳالهه جي ڪري ته سڀ علم ڌرمي آهي. جيڪو به علم فائدي وارو آهي سو سڀ ڌرمي علم آهي. وڏي ڳالهه هي به آهي ته زالون سڀ تعليم يافته هئڻ گهرجن. جيستائين سڀ زالون نه پڙهنديون تيستائين ترقي هرگز نه ٿيندي. اها قوم جنهن ۾ مرد پڙهيل هجن ۽ عورتون جاهل هجن، تنهن جو مثال ان ماڻهو جهڙو آهي جو اڌ رنگ جي مرض ۾ ورتل هجي. اڌرنگ جي مرض ۾ هڪڙو پاسو تازو هوندو آهي ۽ ٻيو پاسو سڪي پوندو آهي. اهو ماڻهو چري پري به ڪين سگهندو. ڀلا جنهن قوم جو اڌ يعني زالون جاهل هونديون، سا قوم اڌرنگ جي بيماري ۾ ورتل نه چئبي ته ڇا چئبي. مطلب ته سچي ترقي حاصل تڏهن ٿيندي جڏهن سڀ مرد ۽ عورتون پڙهيل هونديون.
زبيده- ادي جي ائين آهي ته پوءِ اسان سنڌي ماڻهو ڇو نه ٿا سڀئي علم کي لڳي وڃون؟
حميده- سبب هي آهي ته جاهلن کي علم جي فائدن جي خبر ڪانهي. شاهوڪار پنهنجي دولت ۽ حياتي عيش ۽ عشرت ۾ وڃائي رهيا آهن. جن کي سچي علم جي سچي لذت آيل آهي، سي تمام ٿورا آهن. انهن مان به ڪن کي ته طاقت ڪانهي يا همت ڪانهي، جو اٿي ڳوٺ ڳوٺ جي محلي محلي ۾ تقريرون ڪري ماڻهن کي سجاڳ ڪن ۽ منجهن علم پرائڻ جو شوق پيدا ڪن.
زبيده- پوءِ تڏهن چئبو ته نا اميدي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪينهي، اسان ۾ نڪو علم ٿيندو نڪا ترقي.
حميده- نه نه هرگز نه، ڌڻيءَ مان اميد ڪڏهن به نه وڃائبي آهي. اسان کي گهرجي ته ڌڻيءَ کان سوال ڪريون ته اسان ۾ ڪي اهڙا ماڻهو پيدا ڪري، جن ۾ پنهنجي ملڪ ۽ قوم لاءِ سچي حب ۽ همدردي هجي، جي پنهنجو سک ۽ آرام ڦٽائي سڀني ماڻهن کي ڌڻي ڏانهن سڏين، پاپن کان پاسو ڪرائي چڱي واٽ ڏسين، اسان هندن مسلمانن ۽ ٻين قومن جي وچ ۾ اتفاق ۽ محبت پيدا ڪن ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه آهي ته اسان ۾ علم جو شوق پيدا ڪن، علم حاصل ڪرڻ لاءِ گهڻا اسڪول ۽ ڪاليج کولائين.
(اخبار تعليم فيبروري 1933ع)