ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2236
  • 368
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

پيسٽالازي

پيسٽالازي جي حياتيءَ جو ذڪر ڏاڍو وڻندڙ ۽ نصيحت آميز آهي. تنهن کان سواءِ سندس جيڪي ڪتاب تعليم به بنسبت لکيل آهن، تن جي سمجهڻ لاءِ سندس حياتيءَ جو ذڪر پڙهڻ تمام ضروري آهي.
جان هينري پيسٽالازي سئٽزرلنڊ جي زيوُرڪ شهر ۾ سنه 1746 ۾ ڄائو. اڃا پنجن ورهين جو هو ته پڻس وفات ڪئي. کيس ۽ سندس ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي، سندن ديندار ماءُ جيڪا پاڻ تڪليفون سهي اولاد جو ڀلو ڪندي هئي ۽ سندن وفادار نوڪر بابليءَ نپائي وڏو ڪيو. انهي وفادار نوڪر هن جي پيءُ کي سڪرات جي وقت تسليٰ ڏني هئي ته مان توهانجي ڪٽنب کي ڇڏي نه ويندس. اهڙيءَ حالت ۾ پيسٽالازيءَ کي اهو فائدو هو، جو هن ۾ محبت جو مادو ننڍي هوندي کان زور وٺڻ لڳو ۽ دماغ جي ترقيءَ کان اڳيئي هن جي دل چڱي ٿيڻ لڳي. جڏهن هو پهريائين اسڪول ۾ پڙهڻ ويٺو، تڏهن سندس سنگتي مٿس ٽوڪون ڪرڻ لڳا ۽ "احمق پور جو ڀوُڪ هئنري“ نالو رکيائونس. مگر جڏهن ڏٺائون ته هو بنا غرض جي ٻين سان ڀلائي ڪندڙ آهي، تڏهن کيس ڀنائڻ لڳا. هڪڙي ڀيري ڇا ٿيو، جو ڌرتي جي ڌٻڻ تي سڀ ماستر ۽ شاگرد اسڪول جي جاءِ مان نڪري اُٿي ڀڳا. اهڙي خوفناڪ وقت ۾ هو اسڪول جي جاءِ ۾ وڃي پنهنجي سنگتين جون قيمتي شيون کڻي آيو. هو پنهنجي موڪل جا ڏينهن پنهنجي ڏاڏي وٽ وڃي گذاريندو هو. سندس ڏاڏو ٽن ميلن جي مفاصلي تي هڪڙي ڳوٺ جو پادري هو. اُتي هن ڇوڪري کي ٻهراڙيءَ جي غريب ماڻهن جي حالت جي خبر پيئي ۽ ڏٺائين ته ڪهڙيءَ طرح ڪوئي نيڪ انسان هنن کي سڌاري سگهي ٿو. وڏي هوندي هو چوندو هو ته جيڪو وقت مون ڏاڏي سان گذاريو، سو منهنجي تعليم جو مکيه جزو هو. هن هڪڙي هنڌ لکيو آهي ته ٻار جي لاءِ الله تعاليٰ جو خوف سکڻ جو سڀ کان چڱو رستو آهي ڪنهن سچي ديندار کي ڏسڻ ۽ سندس ڪلام ٻڌڻ. هن جي ڏاڏي مٿس ايترو اثر پيدا ڪيو، جو هن جي مرضي ٿي ته مان به انهيءَ ڪم کي لڳان، تنهن ڪري هو ديني علم پڙهڻ لڳو.
شاگردپڻ ۾ ئي ثابت ٿي چڪو ته پيسٽالازي ڪو رواجي انسان نه هو. هن جي ڏينهن ۾ سئٽزرلينڊ جي ننڍڙي تعليم گاهه جي شاگردن ۾ دماغي ۽ اخلاقي جذبو ۽ جوش پيدا ٿيو. ڪن مشهور اُٰستادن خصوصن باڊمر سئٽزرلينڊ جي اڳوڻي حالت ”سادي رهت ۽ بلند همت پيدا ڪرڻ جو شوق جاڳايو، ۽ شاگردن جي هڪ جماعت جنهنجو مهندار لويٽر هو ۽ جنهن ۾ پيسٽالازي به گهڻي قدر شريڪ هو، سا مصلحن (سڌاريندڙن) جي هڪ ٽولي بنجي پيئي. جنيوا ۽ زيوُرڪ جهڙن وڏن شهرن جا رهاڪو ٻين ماڻهن تي غير واجبي حق ماڻيندا هئا“ اُنهن جي مهندارن يعني جنيوا جي ماجسٽريٽن هنن جي پاران ڪانٽرڪٽ سوشل ۽ ايمائل نالي ڪتاب رد ڪيا. اهي ڪتاب لارڊن جي غير واجبي حقن جي برخلاف لکيل هئا. ماجسٽريٽن جي انهيءَ هلت وٺڻ ڪري زيوُرڪ جي سڌاري چاهيندڙ شاگردن ۾ سخت غصو پيدا ٿيو. اگرچه سندن رسالو ميمورئل ملڪي ڪمن بابت مضمون ڪين لکندو هو، تنهن هوندي به هڪڙي شاگرد مـُـلـَـر اُن رسالي ۾ هڪڙو زبردست مضمون لکيو. ماجسٽريٽن فتويٰ ڏني ته اهو مضمون بغاوت (فساد) جي ثابتي آهي. ويچارو ملر اُٿي ڀڳو ۽ مٿس شهر نيڪاليءَ جو حڪم جاري ٿيو. پيسٽالازي ۽ سندس ڪي دوست جيل ۾ وڌا ويا ۽ ميمورئل رسالو بند ڪيو ويو.
پيسٽالازيءَ جون پهريون پهريون تصنيفون انهيءَ رسالي ۾ لڀن ٿيون. انهن ۾ هو وڏين اُميدن وارو ماڻهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. پاڻ اُن ۾ لکي ٿو ته جيڪڏهن ڪو به ماڻهو پنهنجون خواهشون ظاهر ڪري ته ڪنهن به ماڻهوءَ کي اُن تي اعتراض آڻڻ جو حق ڪونهي. هڪڙي خواهش اها ڏيکاري اٿس ته ڪو ماڻهو تعليم جا ٿورا اُصول ساديءَ طرح لکي تيار ڪري، جيئن سڀ ڪنهن کي سمجهڻ ۾ اچن، ۽ ڪي سخي ماڻهو گڏجي اُنهن جي ڇپائڻ جو خرچ پاڻ تي کڻن، انهيءَ لاءِ ته اهو ننڍڙو ڪتاب عام ماڻهن کي مفت يا تمام ٿوريءَ بها تي ملي. پوءِ پادري اهو ڪتاب مائرن ۽ پيرن ۾ وراهين، انهيءَ لاءِ ته هو پنهنجي اولاد کي عقل ۽ دينداريءَ جي طريقي سان نپائي وڏو ڪن. پر اٰتي وري ائين به ٿو لکي ته شايد ايتريون ڳالهيون هڪ ئي وقت گهرڻ مناسب نه آهي يعني اڃا اهڙو وقت نه آيو آهي جو ماڻهو اهڙي ڳالهه قبول ڪن ۽ خوشي سان مدد ڪن.
ميمورئل رسالو انهيءِ ڪري بند ڪيو ويو، جو لارڊن کي معلوم هو ته اُن جا هلائيندڙ سندن مخالف هئا. پيسٽالازيءَ کي اُن وقت بلڪ هميشه غريب ڪڙمين تي لارڊن جو ظلم ڏسي سخت افسوس ٿيندو هو. پيسٽالازي هاڻي ديني علم ڇڏي قانوني علم سکڻ لڳو. روُسي ليکڪن جي فصيح ڪتابن پڙهڻ ڪري پيسٽالازيءَ کي سادي طرح ۽ فطرت جي اصلوڪي حالت موافق حياتي گذارڻ جو شوق جاڳيو، سو ڇا ڪيائين جو پنهنجا دستخط ڪتاب ساڙي کيتي ڪرڻ جو ارادو ڪيائين.
هڪڙو ٻيو شخص به انهيءَ ارادي ۾ ساڻس شامل ٿيو. پيسٽالازي ٻالڪپڻ ۾ هڪڙي ڀيري هڪڙي وڏي سوداگر جي دڪان ۾ رانديڪن وٺڻ جي ارادي سان گهڙي ويو. اُتي ان سوداگر جي ڌيءَ ائنا نالي کيس ملي. هوءَ ست ورهيه کانئس وڏي هئي. هن کيس سمجهايو ته خر چائو نه ٿي، اهي پئسا رکي ڇڏ. انهيءَ واقفيت ٿيڻ کان گهڻو پوءِ هو پاڻ ۾ ڳالهين ۾ ٺهي ويا يعني هڪ ٻئي سان شادي ڪرڻ جو اردو ڪيائون، مگر ائنا جا ماءُ پيءُ انهي ڳالهه ۾ راضي نه هئا. پسٽالازي ۽ ائنا محبت وري هن ڪري به وڌيڪ ٿيندي ويئي، جو ٻنهي جو سگنتي هڪ جوان شخص بيمار ٿي پيو ۽ هو ٻئي وٽس ويندا هئا. هو ويچارو آخر مري ويو. هي سنگتي پيسٽالازيءَ کان ٽي ورهيه وڏو هو ۽ هن پيسٽالازيءَ کي چڱيءَ طرح سمجهيو هو. مرڻ وقت جيڪا نصيحت پيسٽالازيءَ کي ڏنائين، تنهن منجهه جنهن ڳالهه کان منع ڪيائينس، تنهن تي چڱو ٿيو جو پيسٽالازيءَ وڏي هوندي ڌيان ڪو نه ڏنو، ڇو ته جي ڌيان ڏئي ها ته خلق جو ڀلو ڪٿي ٿئي ها. اها نصيحت هيءَ هئي: "مان هاڻي وڃان ٿو، تون اڪليو رهجي ويندين. اهڙي ڪم ۾ هٿ نه وجهجانءَ، جنهن ۾ پنهنجي چڱائي تو کي آڏو اچي ۽ ٻين ۾ اعتبار رکڻ ڪري مشڪلاتن ۾ پوين. اهڙو ڪو آرام وارو ڌنڌو کڻ، جنهن ۾ ڪو خطرو نه هجي. ڪنهن وڏي ڪم ۾ تيستائين هٿ نه وجهجانءِ جيستائين ڪو دورانديش، جهانديده ۽ سچو دوست تنهنجو مددگار ٿئي ۽ تو کي اُنهن خطرن کان پري رکي، جن ۾ تون ٽپي پوندين.
جڏهن پيسٽالازي ۽ ائنا جي دوستي ايتري قدر وڌي ويئي، جو مڱڻي ڪرڻ جو پڪو ارادو ڪيائون، تڏهن پيسٽالازي هڪ ورهيه برن شهر جي پسگردائيءَ ۾ کيتي سکڻ ۾ گذاريو. سندس اُستاد ايجادن (نون خيالن ۽ هنرن کي ڳولي ڪڍڻ) کان مشهور هو. پيسٽالازي هنجا نوان خيال هڪدم پڪڙي ورتا. پيسٽالازي جهڙو اڳي ملڪي ڳالهين ۾ جوش ۾ تار ٿي ويو هو، تهڙو هاڻي وري کيتيءَ جي خيالن ۾تار ٿي ويو، مگر ٻنهي ۾ سندس نوان خيال گهڻا صحيح ۽ سچا به نڪتا.
انهيءَ ورهيه ۾ ائنا ۽ پيسٽالازي هڪ ٻئي ڏي خط لکندا رهيا. هنن جا خط جي اڃا تائين حفاظت سان رکيل آهن، سي رواجي محبت جي خطن کان بلڪل نرالا آهن. هڪڙي خط ۾ پيسٽالازي پنهنجو بيان ٿو لکي، جنهن مان سمجهي ٿو سگهجي ته جيڪي عيب صواب ٻين ماڻهن هن ۾ ڏٺا ٿي، تن مان ڪجهه ڪجهه پاڻ به ڏسي ٿي سگهيو. هڪري خط ۾ هيئن ٿو لکي ته "منهنجي پياري! جيڪي مون ۾ مکيه عيب آهن ۽ جن مان مون کي آئينده زندگيءَ ۾ شايد ڇيها رسن، سي هي آهن:
”آئيءَ ويل جو خيال نه رکڻ. مشڪلاتن جو خيال نه رکڻ ۽ اوچتين مشڪلاتن ۾ منجهي پوڻ. رواجي اُٿ ويهه جي قانونن ۾ ۽ ٻين ڪيترين ڳالهين ۾، جي هرڀرو مکيه نه آهن، تن ۾ جا مان سخت غفلت ڏيکاريندو آهيان، تنهنجي بيان ڪرڻ جو ضرور ڪونهي، ڇو ته اهي عيب ته مون ۾ سڀ ڪوئي ڏسي ٿو سگهي. منهنجي پياري! مون تي فرض آهي ته تو کي اڳواٽ ئي مان ٻڌائي ڇڏيان ته جيڪي فرض پنهنجي گهر واريءَ جا مون تي هوندا،تن کي ملڪي فرض گهٽ ڄاڻندس، يعني پنهنجي ملڪ لاءِ ڪو فائدي جو ڪم ڪرڻو هوندم ته پنهنجي گهرواري جي فائدي يا نقصان ڏي ڪو نه ڏسندس. اگرچه پنهنجي گهرواريءَ سان نهايت محبت رکندس، تڏهن به هن جون ڳوڙهن ڀريون اکيون مون کي پنهنجي ملڪ جي خير خواهيءَ جي مشڪل ڪمن ۾ ٽپي پوڻ کان ڪين روڪينديون، پوءِ ڪجهه به ٿي پوي. مان پنهنجي گهرواريءَ سان سڀ دل جو حال اوريندس ۽ بلڪل ڳجهين صلاحن ۾ به هنکي پاڻ سان شريڪ ڪندس. منهنجو گهر سادگي ۽ سچائيءَ جو نمونو ٿيندو. هڪ وڌيڪ ڳالهه هيءَ آهي ته مون کي پنهنجي حياتيءَ ۾ وڏن ۽ مصيبت وارن ڪمن ۾ ضرور هٿ وجهڻو پوندو. مون جو شروعات ۾ ئي اهي پڪا اردا ڪيا هئا ته سڄي حياتي پنهنجي ملڪ جي ڪم ۾ لڳائيندس، سي مان ڪڏهن ڪين وساريندس. جڏهن ڏسندس ته ملڪ جي فائدي لاءِ سچ چئي ڏيڻ جي ضرورت آهي، تڏهن ڪنهن به انسان جو خوف نه رکندس، هڪدم سچ چئي ڏيندس. منهنجي سڄي دل منهنجي مـُـلڪ جي مـِـلڪ آهي.
پنهنجي هم وطنين جي مصيبتن گهٽائڻ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه، ملڪيت توڙي جان، جوکي ۾ وجهندس، ڪهڙيون به مشڪلاتون مون تي ۽ منهنجي ڪٽنب تي اينديون ته اُنهن جي پرواه بلڪل ڪا نه ڪندس. منهنجي پياري! مون هاڻي کليو کلايو پنهنجي چال ۽ ارادا تو کي ٻڌايا. سڀني ڳالهين تي ويچار ڪر. پنهنجا عيب صواب توکي ٻڌائي مون پنهنجو فرض ادا ڪيو. جيڪڏهن انهن عيبن ٻڌڻ ڪري تو ۾ منهنجي لاءِ عزت گهٽ ٿئي، ته به من منهنجي اخلاص (سچائيءَ) جو قدر ڪرين، جو اگرچه پنهنجي دل جي مرادن حاصل ڪرڻ جو تمام گهڻو شوق اٿم، تڏهن به پنهنجا عيب تو کان ڪين لڪايا اٿم.“
جوان ڇوڪري به وري اهڙي عاشق جي لائق هئي. هن جواب ۾ لکيو ته ”اهڙي شرافت ۽ اهڙي بلند همتي منهنجي دل وٽان آهن.“ شادي بعد ڇائيتاليهه ورهين جي عرصي ۾ هن نيڪ زال پنهنجي پيار جهڙي ئي حب الوطني ڏيکاري ۽ گهڻي شوق سان پيسٽالازيءَ کي اهڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ همٿايائين ۽ جيڪي به مصيبتون ۽ مشڪلاتون انهن ڪمن ۾ مٿس آيون، سي بنا ڪرڪڻ جي سٺائين.
پيسٽالازيءَ جو نوان خيال کيتي بابت پرايا هئا. سو سمجهيائين ته اهڙيءَ طرح کيتيءَ ڪرڻ سان ٿوريئي وقت ۾ دولت هٿ ڪندس. زيورڪ کان ٿورو پري هن هڪ ردي زمين جو ٽڪر ورتو ۽ هڪڙي بئنڪ کان ٿورا پئسا اُڌارا وٺي ڀاڄيون ۽ گاه پوکڻ جو ارادو ڪيائين. سيپٽمبر 1769 ۾ شادي ڪيائين ۽ ڇهن مهينن بعد انهي گهر ۾ جو اُن زمين وٽ جوڙيو هئائين، تنهن ۾ ٻئي وڃي رهيا.
اگرچه کيتي بابت چڱا اُصول سکيو هو، ۽ محنت به گهڻي ڪيائين، ته به فتح يابي حاصل ڪا نه ٿيس. بئنڪ وارن پئسا موٽائي ورتس، جو هنن ڀانيو ته پيسٽالازي خبردار نه آهي. سندس زال جي مائٽن هن وقت سندس مدد ڪري کيس بک کان بچائي ورتو.
انهيءَ ڌنڌي ۾ پيسٽالازي کي آخر ڪاميابي حاصل ٿئي ها يا نه ٿئي ها، تنهن کان اڳيئي پاڻ کي ملامت ڪرڻ لڳو ته ڇو هن ڪم ۾ غلطان ٿي ويو آهيان؟ ڪاڏي ويا منهنجا اهي خلق جي ڀلي ڪرڻ جا خيال؟ افسوس! مان پنهنجي سڄي طاقت پنهنجي فائدي جي ڪمن ۾ لڳائي رهيو آهيان! اهي خيال هن تي هيڪاري وڌيڪ تڏهن زور ڀري ويا، جڏهن پٽ ڄائس، ۽ هن وقت اهي خيال لازمن تعليم ڏي لڙڻ لڳا. هن وقت تائين هن کي ڪڙمين جي خراب حالت جي گهڻي خبر پئجي رهي هئي. ڪيئن هنن کي اهڙي حالت کان ڇڏائي سڌارجي؟
انهيءَ سوال جو جواب پيسٽالازي وٽ فقط هڪڙو هو. ڪهڙو؟ تعليم! اڄوڪي زماني جي ماڻهن جو خيال آهي ته تعليم جيڪڏهن بلڪل ڪاميابيءَ سان حاصل ڪجي ٿي ته فقط مزوريءَ کان ڇڏائي سرڪاري نوڪريءَ جو لائق ڪري ٿي. پيسٽالازي جو اهو خيال نه هو. هن جو مطلب هو ته رڳو ڪتاب پڙهڻ تعليم نه آهي. هن غريب ڪڙمين جي ٻارن ڏي ڏسي اهو سوال پئي پڇيو ته هنن جي اخلاقي ۽ دماغي حالت ڪيئن سڌارجي؟ رڳو ڪتابن جو علم ڪين سڌاريندن. اها ڳالهه ايتري ضروري نه آهي ته جن ڳالهين جو هنن کي علم نه آهي، تن جو علم هئڻ گهرجين، پر اها ڳالهه ضروري آهي ته جيڪي چڱيون هلتون ۽ عادتون هنن ۾ نه آهن، سي هئڻ گهرجن. چڱن عملن جو مدار وري چڱن خيالن ۽ محبت واري دل تي آهي. جيڪڏهن اسين هنن سان اهڙيءَ طرح هلون، جو هنن تي پڪو اثر وهي ته اسين هنن کي پيار ڪندڙ ۽ هنن جو ڀلو چاهيندڙ آهيون ته هنن جون دليون کلي پونديون ۽ اسان کي به هو محبت ۽ عزت ڏيندا. هنن کي نه رڳو وڏن جي عزت ڪرڻ سيکارجي، پر پنهنجي عزت رکڻ به سيکارجين. هنن کي پنهنجي پاڻ مدد ڪرڻ ۽ پنهنجي گذران لاءِ وس آهر ڪمائڻ سيکارجي. تنهن ڪري پيسٽالازيءَ ارادو ڪيو ته تمام غريب ٻارن کي پنهنجي گهر ۾ ٽڪائي محبت سان هنن کي نپايان ۽ کيتي ۽ ڪتڻ جو ڪم کين سيکاريان، جيئن جلدئي پنهنجو گذران پاڻ ڪمائي سگهن. اهڙي طرح جيڪا آزمائش پنهنجي لاءِ پئي ڪيائين، سا ڇڏي ٻين جي لاءِ آزمائش شروع ڪيائين، جنهن ۾ بيشمار تڪليفن ڏسڻ جو امڪان هوس.
پهريان پهريان ٻار 1774 جي سياري ۾ پنهنجي گهر آندائين. جيڪي تڪليفون سندس زال ۽ چئن ورهين جي پٽ کي انهيءَ ڪري ٿيون، سي اهڙيون هيون، جو ڪنهن به ٿوري گهٽ جوش واري خيرخواهه جي همٿ هارجي وڃي ها. هڪڙي هنڌ لکيائين ته منهنجي گهر واريءَ کي ڏاڍي تڪليف سهڻي پيئي، پر ڪا به تڪليف اسان جي انهيءَ ارادي کي مٽائي نه سگهي، پاڻ اسان پنهنجو سڀ وقت، طاقت ۽ پئسا تعليم سڌارڻ ۽ ماڻهن کي گهرو تعليم ڏيڻ ۾ لڳايا.
اهي ٻار جن جو تعداد ويهن کان مٿي نه هو، سي پيسٽالازيءَ پنهنجا ٻار ڪري سنڀاليا. هو پيسٽالازيءَ سان گڏجي اونهاري ۾ باغ ۽ ٻنين ۾ ڪم ڪندا هئا ۽ سياري ۾ گهر ۾. جدا سبقن تي ڪو تمام ٿورو وقت لڳايو ويندو هو. هو هٿن سان ڪم به پيا ڪندا هئا ۽ سکندا به هئا. پيسٽالازيءَ جو خيال هو ته پهريائين ڳالهائڻ سکجي، پوءِ لکڻ ۽ پڙهڻ. هو ٻارن کي گفتگو ڪرڻ جو استعمال ڪرائيندو هو. گفتگو انهن ڳالهين ۽ ڪن شين بابت ڪرائيندو هون، جن سان هنن جو روزمره جو واسطو هوندو هو. هنن کي انجيل جا ٽڪرا به چوارائيندو هو، جي هنن کي ياد ٿي ويا.
چوڻ ۾ ٿو اچي ته ٿورن ئي مهينن ۾ هنن غريب ٻارن جي تصوير ئي اوَر ٿي ويئي. اگرچه فقط روٽي ۽ ڀاڄي ءَ تي گذران هون، ته به مضبوط ۽ روشن روءِ ٿي پيا هئا، ۽ هنن جي منهن ۾ خوشي ۽ سچائي ۽ تيز فهمي، جي اڳي هنن ۾ بلڪل ڪين هيون، سي هاڻي ظاهر پئي بکيون. هنن دستڪاريءَ ۾ خواه اُن سان لاڳو سبقن ۾ چڱي ترقي ڪئي ۽ ٻنهي ۾ ڏاڍو مزو پئي آين. هنن جي الفاظن خواه عملن ۾ سندن خيرخواه اُستاد جي پيار واري سنڀال پئي بکي.
هن تعليمي آزمائش ماڻهن جو ڌيان گهڻي قدر ڇڪايو، ۽ جڏهن هڪ ورهيه کان وڌيڪ عرصو گذريو، تڏهن هڪڙي اخبار جي مهتمم پيسٽالازيءَ کي سندس اخبار ۾ هڪ امداد طلب اعلان لکڻ تي آماده ڪيو. انهيءَ اعلان ۾ پيسٽالازي پنهنجي تعليمي تجربي جو بيان ڏنو آهي. لکيو اٿس ته ”مون ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته غريب ٻار جو پوري بدني، اخلاقي ۽ دماغي ترقي نٿا ڪن، سو نه انهيءَ ڪري ته سدائين پورهئي ۾ لڳل ٿا رهن، پر انهيءَ ڪري جو هنن جي زندگي گوڙ بگوڙ ۽ بي ترتيبيءَ ۾ ٿي گذري، ٻيو بک ڏک جي ڪري، ۽ وجهه ملڻ وقت حد کان ٻاهر وڃڻ جي ڪري ٽيون انهن جي وحشي نفس کي ڊگهي واڳ ڏيڻ جي ڪري، ۽ چوٿون نا اُميدي جي ڪري، جنهن ۾ هو اڪثر مبتلا رهن ٿا. مون ثابت ڪري ڏيکاريو آهي ته جن ٻارن سستيءَ ۽ پنڻ ۾ پنهنجي تندرستي، طاقت ۽ همٿ وڃائي ڇڏي هئي، سي باقاعدي ڪم ڪرڻ سان وري تندرست ۽ خوش مزاج ٿي پيا آهن ۽ جلد وڌندا پيا وڃن. مون ڏٺو آهي ته جيڪڏهن هنن کي خراب حالتن کان ٻاهر آڻجي ٿو ته هو جلد مهربان، ايمان وارا ۽ همدرد ٿي ٿا پون. سڀ کان وحشي ٻار تي به پيار جو اثر پوي ٿو، ۽ جو ٻار مصيبتن ۾ مبتلا رهيو آهي، تنهن جون اکيون به خوشيءَ ۽ عجب کان روشن ٿي پون ٿيون. جيڪڏهن ورهين جي مصيبتن کان پوءِ به نرميءَ ۽ ميٺاج سان هنن کي محبت جو هٿ ٿو ڏجي، ۽ مون کي پڪ ٿي ويئي آهي ته جڏهن ٻار جي دل تي چڱو اثر پيدا ٿو ڪجي، تڏهن اُن جو نتيجو هن جي واڌاري ۽ چال تي تمام گهڻو پيدا ٿو ٿئي.“
انهيءَ ڪري پيسٽالازيءَ جو خيال هو ته تمام غريب ٻار اهڙي نموني جي اسڪول ۾ نپائي وڏا ڪجن، جتي هنن کي کيتيءَ ۽ هنر جو ڪم ڪرڻو پوي، جتي پنهنجي هٿن سان ڪاريگريءَ سان ڪم ڪرڻ سکن، ۽ جتي هنن جي وقت جو گهڻو حصو دستڪاريءَ ۾ لڳي، ۽ تعليم ۽ تربيت اُن ڪم سان شامل يا لاڳو هجي. تنهن ڪري هن پنهنجي اسڪول کي وڌائڻ لاءِ مدد گهري. پيسٽالازيءَ کي مدد ملڻ ڪري وڌيڪ همت ٿي. هن کي ٻارن لاءِ پيار تمام گهڻو هو، ويتر سندس سڀاءُ اهڙي قسم جو هو، جو پنهنجي سڀ ڪنهن ڪم ۾ فتحياب ٿيڻ جي حد کان ٻاهر اُميد رکندو هو. انهن سببن ڪري هن پنهنجو اسڪول وڌايو. نتيجو اهو ٿيو، جو هو کٽي پيو. انهيءَ کٽجڻ جا ٻيا به گهڻائي سبب هئا. ٻارن کي سڌارڻ ته پيسٽالازيءَ جي وس هو، پر انهن جي ماءُ پيءُ کي ڪيئن سڌاري، جي اڪثر ڪري پينو هئا، ۽ جن منجهه عيب به ڪيترائي هئا، جي اهڙن ماڻهن ۾ عام آهن. انهن ڪوتاه نظر ماڻهن سمجهيو ته پيسٽالازيءَ اسان جي ٻارن جي پورهئي مان پئسا ٿو ڪمائي. تنهنڪري هو اڪثر سندس گهر ويندا هئا، هن کي برو ڀلو ڳالهائيندا هئا ۽ اڪثر پنهنجن ٻارن کي پسٽالازيءَ جي ڏنل نون ڪپڙن ۾ ڀڄي نڪرڻ تي آماده ڪندا هئا، سندس فتحياب نه ٿيڻ جو اهو وڏو سبب هو. پر ٻيو سبب هي به هو ته پيسٽالازيءَ کي ضابطي ۽ انتظام رکڻ جي پوري لياقت نه هئي. ۽ ان کانسواءِ آزمائش به اهڙي طرح هلايائين، جو فائدي جي بدارن اٽلندو نقصان پيس. پاڻ ٿو چوي ته منهنجو اُصول هو ته شروعات کان وٺي ڪم شروع ڪجي ۽ پهريائين تعليم جو بنياد ٻڌڻ گهرجي. انهيءَ پنهنجي اُصول جي برخلاف مون ٻارن کي اهڙي ڪم ۾ وڌو، جو هنن لاءِ بلڪل ڏکيو هو ۽ کهرين شين جي ٿلهن ڌاڳن تي استعمال ڪرائي هوشيار ڪرڻ کان اڳيئي مون هنن کان نازڪ ڌاڳا ٺهرايا، ۽ ڪپهه جي ڪپڙي ٺهرائڻ کان اڳِيئي ريشمي مال ٺاهڻ جو ڪم ڪرايو مان. انهيءَ غفلت جي سڌ پوڻ کان اڳيئي مان قرض ۾ ٻڏي ويس، ۽ منهنجي پياري زال جي ملڪيت جو وڏو حصو ۽ اُميدون گويا گهڙي ۾ دونهون ٿي پيون.
قرض خواهن جو قرض ڪيئن ڇڏايو ويو، تنهنجي تفصيل وار خبر ڪانهي. فقط ايتري معلوميت آهي ته سڀ ٻار جيڏانهن جا هئا، اوڏانهن موڪليا ويا، ۽ ٻني قرض خواهن کي مقاطعي تي ڏني ويئي، پر پيسٽالازي ٻنيءَ واري گهر ۾ ئي رهيو. اهو فيصلو سنه 1780 ۾ ٿيو.
نيپوهاف (پيسٽالازي جي گهر) جي دردناڪ وقت جو جيڪو بيان پيسٽالازي پوءِ ڏنو، تنهن ۾ لکيو اٿس ته منهنجا وار اڇا ٿي ويا هئا، ته به اڃا ٻار هوس. جي طاقتون دل کي قوي ڪنديون آهن، سي اگرچه ڪمزور ٿي ويون هيم، ته به مون اهڙي طوفاني زماني ۾ به پنهنجو هميشه وارو ارادو قائم رکيو. پنهنجن ڏکن جي ڪري مان ٻين جا ڏک ۽ انهن جا سبب اهڙيءَ طرح سمجهي ٿي سگهيس، جيئن ڪو به ماڻهو اهڙن ڏکن ڀوڳڻ کانسواءِ سمجهي نه سگهندو. مون به اهي ئي ڏک ڏٺا، جي ٻين ڀوڳيا. عجب جهڙي ڳالهه آهي ته جن متن تي مون پنهنجو اسڪول هلايو هو، تن جي سچائي تي مون کي ايتري پڪ ڪڏهن ڪا نه ٿي هئي، جيتري انهيءَ آزمائش ۾ فتح ياب نه ٿيڻ کان پوءِ ٿيم.
پيسٽالازيءَ کي اڃا به ڪي ٿورا دوست هئا، جن هن خيالن کي حقارت سان نه ٿي ڏٺو. انهن مان هڪڙو هو آئزلن، ايفمرائڊز اخبار جو مهتمم. هن دوست هن کي پنهنجي اخبار ۾ مضمونن لکڻ لاءِ همٿايو. انهن مضمونن ۾ پنهنجاتعليمي اُصول بيان ڪيا اٿس. انهن جي بيان ڪرڻ جي هتي جاءِ ڪانهي، مگر هن ئي ڪتاب ۾ اهي اُصول اڳتي اچي ويندا. اُن وقت جي ماڻهن انهن اُصول کي نڪي سمجهيو،نڪي انهن تي ڌيان ڏنو. انهن مان هڪڙو اُصول هي آهي: فطرت جو رستو، جو ماڻهن جون طاقتون ظاهر ڪري ٿو، سو کليل ۽ سنئون سڌو هئڻ گهرجي، ۽ انساني تعيلم آرام ڏيندڙ عقل حاصل ڪرڻ لاءِ سادي ۽ سڀ ڪنهن لاءِ سولي هئڻ گهرجي. فطرت ماڻهن جون طاقتون استعمال ڪرڻ سان ظهور ۾ آڻي ٿي، ۽ انهن طاقتن کي ڪم آڻڻ سان انهن جو واڌارو ٿئي ٿو. هتي آرام جي معنيٰ سستي ۽ ننڊ نه آهي، مگر هتي آرام جي معنيٰ آهي الله تعاليٰ جي رضا ۾ راضي رهڻ ۽ الله تعاليٰ جو راضپو حاصل ڪرڻ. دل جو آرام سچي تعليم سان حاصل ٿئي ٿو. هو چوي ٿو ته الله تعاليٰ ۾ ايمان آڻڻ انسان جي فطرت جو ڀاڱو آهي ۽ سڀ تعليم جو بنياد اهو ايمان هئڻ گهرجي.
اهي مضمون نڪي ماڻهن کي پورا سمجهه ۾ اچي سگهيا، نڪي انهن تي ڪنهن ڌيان ڏنو. تنهن ڪري پيسٽالازيءَ جي دوستن هن کي ساڳيائي خيال ڪنهن وڻندڙ ۽ وندرائيندڙ نموني ۾ لکڻ لاءِ آمادو ڪيو. انهن جي صلاح موافق پيسٽالازيءَ هڪ اهڙو قصو لکڻ شروع ڪيو، جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جو فوٽو نڪري اچي ۽ انهن جي دردناڪ حالت جا سبب انهن جي سڌاري جا علاج بيان ٿي وڃن. حيرت انگيز تيزيءَ سان هڪ کنڌي جي ڪتاب جي سٽن جي وچ ۾ هن ”ليونارڊ ۽ جرٽروڊ“ ڀاڱو پهريون لکي پورو ڪيو. هن قصي جي آکاڻي اهڙي پوري بيان ڪيل هئي، جو اُن کي ڀاڱو پهريون چوڻ ئي غلط آهي، پر پيسٽالازيءَ پوري انهيءَ آکاڻيءَ کي وڌايو، تنهڪري پهرئين ڪتاب کي پهريون ڀاڱو ۽ ٻئي کي ٻيو ڀاڱو ٿو سڏجي. اهو پهريون ڀاڱو آئزلن جي ڪوشش سان هڪڙي ڪتب فروش ڇپايو ۽ ڪتاب هڪدم مشهوري حاصل ڪئي ۽ تمام گهڻو پسند پيو. هوشيار نقاش فطرت جي شين جي تصوير نه رڳو ظاهر پوري ڪڍندو آهي، پر منجهس اهڙي حڪمت رکندو آهي، جو ڪي ڳالهيون جي رواجي ماڻهن کي اصل ڌيان ۾ ڪين اينديون آهن، سي نقل ۾ هن کي چٽيون ڏسڻ ۾ اينديون آهن. سئٽزرلنڊ جي ڪڙمين جي حالت جو فوٽو به پيسٽالازيءَ اهڙو ئي ڪڍيو آهي. انهن ڪڙمين جو بيان نه رڳو ظاهري پورو آهي، پر منجهس اهڙيون ڳالهيون ظاهر ڪيل آهن، جي فقط لکن مان ڪنهن هڪڙي خدائي ڏنل فراست واري انسان کي ڏسڻ ۾ ٿيون اچن، پر هن ڪم واسطي فراست کان سواءِ ٻين شين جي به ضرورت هئي، يعني حب ۽ همدرديءَ جي.
پهرئين ڇاپي جي ديپاچي ۾ لکيو اٿس ته ”جيڪي مون هن ڪتاب ۾ بيان ڪيو آهي، سو سڀ مون پاڻ ڏٺو ۽ ٻڌو آهي، ۽ جيڪي به ماڻهن کي چوندو، ڀانئيندو، ويساهه رکندو، دريافت ڪندو ڏٺو ۽ ٻڌو اٿم، تنهن منجهه مون ذرو به وڌاءُ نه ڪيو آهي، نڪو پنهنجو ڪو خيال اُن سان ملايو اٿم.“
جتي به جرمن ٻولي پڙهڻ ۾ ٿي آئي، اُتي هن ڪتاب تمام گهڻي شهرت حاصل ڪئي. ۽ اگرچه اڪثر ماڻهن کي رڳو چڱي آکاڻيءَ جي ڪري ٿي وڻيو، ته به ڪن دماغ وارن ماڻهن اُن جون اندروني خوبيون به پروڙيون. برلن شهر جي زراعتي انجمن هن ڪتاب جي مصنف ڏي شڪرنامو ۽ هڪ سونو ٻلو موڪليو، ۽ هڪدم اها عام قبوليت هيٺ اچي ويئي ته پيسٽالازي ٻهراڙيءَ جي حالت کان پورو واقف آهي، ۽ هنن کي بهتر حالت ۾ آڻڻ لاءِ چڱا خيال اٿس. اهو ڪتاب دنيا جي انهن ڪتابن مان آهي، جي هميشه زنده رهڻ گهرجن. سڀڪنهن انسان، خصوص ماسترن، کي ضرور پڙهڻ گهرجي.
هن ڪتاب ۾ ڪيترن هنن تي پيسٽالازيءَ جي ذاتي تجربن جي خبر پوي ٿي. مثلن هڪڙي هنڌ لکي ٿو ته " جنهن پيار ۽ صبر سان جيترو ۽ کريل ٻارن جو گوڙ ۽ فساد برداشت پئي ڪيو، سو بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي. ٻارن جون اکيون ڌاڳي تي هئڻ بدارن هيڏي هوڏي پئي ڦريون، جنهن ڪري ڌاڳو بعضي تمام ٿلهو بعضي سنهو پئي ٿيو. جڏهن ڌاڳو کرين پئي، تڏهن اک وٺي مٺين جون مٺيون دريءَ کان ٻاهر اُڇلائي پئي ڇڏيائون. نيٺ انهيءَ حرڪت جي ٽيٽ پئجي ويئي ۽ جرٽروڊ انهيءَ ڪري شام وقت سڀني جو ڪم توري ڏسندي هئي.“ انهي بنسبت پيسٽالازي پنهنجو تعليمي متو ڪماليت حاصل ڪرڻ وارو هن طرح بيان ڪيو آهي ته جيڪي تون اکيون ٻڌي ڪري نٿو سگهين، سو تون بلڪل ڪو نه ٿو ڪري سگهين.“
ڪتاب ۾ ائين چيل آهي ته ”جرٽروڊ پنهنجو تعليمي رستو الفاظن ۾ سمجهائي ڪين ٿي سگهي.“ پيسٽالازيءَ هتي سچ پچ پنهنجي حالت بيان ڪئي آهي. پر جرٽروڊ وانگر پاڻ به بعضي بعضي اهڙو معنيٰ سان ڀريل لفظ چئي وجنهدو هو، جو تعليم جو بنياد هجي. مثلن هڪڙي ڀيري جرٽروڊ هڪڙي اسڪول ماستر کي چيو ته ”جيڪي ٻارن لاءِ ماءُ پيءُ نٿا ڪري سگهن، سو تو کي ڪرڻ گهرجي. سڀ کان وڏي گهرج جيڪا ٻارن جي آهي سا لکڻ، پڙهڻ ۽ حساب سکڻ نه آهي. اهو سڀ ڪجهه سکڻ بيشڪ انهن لاءِ فائديمند آهي، پر جيڪا سچ پچ مکيه ڳالهه آهي، سا آهي ڪجهه ٿيڻ (يعني چڱن ۽ وڏن ڪمن ڪرڻ جو لائق ٿيڻ ۽ چڱيءَ دل وارو ٿيڻ). جڏهن اسڪول ماستر ۽ اسڪول هلائيندڙ هن حقيقت کي چڱي طرح پروڙين، تڏهن قومي تعليم جي سڌاري جي ڪجهه اُميد پيدا ٿئي ٿي.“
جرٽروڊ ٻارن کي ننڍپڻ ۾ ئي دستڪاريءَ ۾ چالاڪ ڪرڻ جي ڪوشش ورتي. لکڻ ۽ پڙهڻ جي تعليم ڏيڻ ۾ تڪڙ ڪانه ڪيائين، پر جيڪا جفا ڪيائين، سا انهيءَ تي ته ٻار ننڍي هوندي ئي ڳالهائڻ سکن. پاڻ چوندي هئي ته ”جيڪڏهن ڪنهن شخص کي ڳالهائڻ ئي نٿو اچي، ته رڳو لکڻ ۽ پڙهڻ مان ڪو گهڻو فائدو ڪو نه ٿيندس، ڇو ته لکڻ ۽ پڙهڻ ڳالهائڻ جو هڪڙو حرفتي يا غير فطرتي نمونو آهي.“ ٻارن کي تعليم ڏيڻ ۾ هوءَ سيکاريندڙ جو نمونو ڪين وٺندي هئي. هن جي زباني تعليم هن جي ڪم ڪار ۾ لڪل هوندي هئي، ۽ اها زباني تعليم اُن ڪم سان لاڳو هوندي هئي. هن جي اِنهي تعليمي رستي جو نتيجو اهو ٿيو، جو هر ڪو ٻار پنهنجي عمر آهر ڪاريگر، سمجهو ۽ ڦڙت ٿي پيو. هن ڪتاب ۾ ڏيکاريل آهي ته علم بيڪار آهي، جيستائين اُن جو بنياد عمل تي ٻڌل نه آهي. پادري کي پڪ ڄمي ويئي ته جيڪڏهن تعليم جو مقصد آهي سچو انساني عقل حاصل ڪرڻ، ۽ جيڪڏهن اُن جو وري آخرين مقصد آهي سچو دين سڃاڻڻ، ته تڏهن زباني تعيلم کان اڳ گهروُ ڪم ڪرڻ جو دائمي استعمال ڪرائڻ گهرجي. انهيءَ ڪري هن گهڻن لفظن استعمال ڪرڻ کان سواءِ ٻارن کي ماٺ ميٺ ۾ ڪم واريءَ زندگيءَ ۾ وجهڻ جي، ۽ اهڙي طرح خدا تعاليٰ جي ماٺيڻي عبادت ۽ ذات انسان لاءِ حب جي بنياد ٻڌڻ جي، ڪوشش ڪئي. انهيءَ مطلب واسطي هو پنهنجي مختصر ديني تعليم جو هر هڪ لفظ روزمره جي واقعن سان لاڳو ڪندو هو، ايتري قدر جو جڏهن هو الله تعاليٰ ۽ ازل بابت ڪجهه چوندو هو، تڏهن ٻار گويا ائين ئي ڀائيندا هئا ته هو پيءُ ماءُ ۽ گهر گهاٽ بابت ٿو ڳالهيون ٻڌائي، يعني اُنهن شين بابت جن کان هو چڱي طرح واقف هئا، اهڙي طرح هن اسڪول ماستر بنيادي تعليم تي واڌارو پئي ڪيو. جيئن ماستر ڇوڪرن جي دماغ سڌارڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي، تيئن پادريءَ وري اُنهن جي دلين سڌارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ مرضي هيس ته جيڪي به ٻارن جي مغز يا دل ۾ وجهجي، سو اهڙو صاف ۽ چٽو هجي، جهڙو آسمان ۾ ماٺيڻو چنڊ. انهيءَ مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ هن ٻارن کي خبرداري سان ڏسڻ ۽ ٻڌڻ تي هيرايو ۽ هنن جي ڌيان ڏيڻ جي طاقت وڌايائين.
اگرچه ٻارن لاءِ گهڻو پيار هوس، تڏهن به شوخيءَ کان خالي نه هو. پيسٽالازي چوندو هو ته تعليم ۾ پيار فقط تڏهن ڪارائتو ٿيندو، جڏهن ڊپ سان ڳنڍيل هوندو، ڇو ته ٻارن جا ڪنڊا ڪرڙا (يعني خراب عادتون) پٽي ڪڍڻا آهن، جي هو پاڻ ڪڏهن ڪين ڪڍندا آهن، جيستائين تربيت سان گڏ مٿن زور نه رکبو آهي.
پنهنجن خيالن جي پکيڙڻ لاءِ هن هڪڙي هفتي وار اخبار ڪڍي ۽ 1782 جو سڄو سال هلايائينس. پر خريدار ايترا ٿورا هئا، جو لاچار ٿي اخبار بند ڪيائين. اخبار بيشڪ عقلي ڳالهين ۽ خيالن سان ڀريل هئي، پر نه انهيءَ قسم جون ڳالهيون ۽ خيال، جن لاءِ اخبارن جا پڙهندڙ شائق آهن. انهيءَ اخبار ۾ انسان جي وڌڻ ۽ ٻوٽي جو وڌڻ جي تشبيهه (هڪجهڙائي) ڏانهن اشارو ٿيل آهي. اها تشبيهه اڳ به ڪم آندل هئي، پر پيسٽالازي سندس شاگرد فروبيل اِن مان گهڻا سبق سيکاريائون. انهيءَ اخبار ۾ انهيءَ تشبيهه به نسبت هي جملو آهي ”اي اونهاري جا ڏينهن! مون کي سيکار ته انسان جيڪو مٽي مان ٺهيو آهي، سو اهڙيءَ طرح ٿو وڌي ۽ پڪو ٿئي، جيئن ڌرتيءَ ۾ پوکيل ٻوُٽو.“
1787 کان وٺي 1797 تائين پيسٽالازيءَ ڪجهه ڪين لکيو.اگرچه هيستائين پيسٽالازي تمام مشهور ٿي ويو هو ۽ جرمني ۽ ٻين ملڪن جي وڏن ماڻهن ۽ مصنفن سان واقفيت حاصل ٿي هيس ۽ عزتون ۽ لقب مليا هئس، تڏهن به ذري گهٽ بک ٿي مئو. انهيءَ حالت ۾ کيس نااُميديءَ کان سواءِ ڪجهه به حاصل ڪين هو. اسان اڳيئيءَ لکيو آهي ته پيسٽالازيءَ جي حياتي ۽ هن جاڪم سڀ دين تي ٻڌل هئا. جيتوڻيڪ ملڪي ۽ جمهوري خيالن جي زور وٺڻ ڪري هن کي ڪرستاني مذهب ۾ شڪ پوڻ لڳو، تڏهن به هو هاڻوڪن ڪرستانن کان وڌيڪ پڪو ڪرستان هو.
هن وقت هو شڪايت ٿو ڪري ته کيتي منهنجو سڀ وقت کنيو ٿي وڃي، سياري جي فرصت واسطي دل ڏاڍو ٿي چاهي، منهنجو وقت پاڇي وانگر گذرندو ٿو وڃي. انهيءَ وقت پيسٽالازيءَ جي عمر ڇائيتاليهه ورهيه هئي ۽ ڀانيائين ٿي ته مون هيستائين ڪجهه به ڪين ڪيو آهي. هنن کي ٻيا پنج ورهيه انتظار ڪڍڻو پيو، تنهن کان پوءِ کيس ڪجهه ڪرڻ جو وجهه مليو.
هڪڙا ماڻهو ٿيندا آهن، جن جو دماغ ۽ خيال تمام سٺا هوندا آهن، ٻيا وري اهڙا آهن، جي عمل ۽ انتظام ۾ تکا هوندا آهن. پر اهڙا ماڻهو ڪي ورلي ٿالڀن، جي ٻنهي ۾ تکا هجن. پيسٽالازي ۾ اگرچه عمل ۽ انتظام به نسبت گهٽتايون هيون، مگر تنهن هوندي به هو ٻنهي ڳالهين ۾ قابل هو. هن نه رڳو ڳولي ڪڍيو ته ڇا ڪرڻ گهرجي، پر ائين ڪرڻ لاءِ عاليشان ڪوششون به ڪيائين. اسان ڏٺو آهي ته هنجي نيوهاف واري ڪوشش رڳو سندس هئي. اهڙيءَ طرح ٻي ڪوشش جيڪا سٽئنز واري ڪيائين، سا به رڳو سندس هئي. هن جو بيان اڳتي ايندو، مگر انهي کان پوءِ جيڪي ڪم ڪيائين،تن ۾ ٻيا به ساڻس شامل هئا. سٽئنز کان اڳي پيسٽالازي جيڪي پنهنجا خيال ظاهر ڪيا، تن مان ڪجهه ڏجن ٿا:
پيسٽالازيءَ اها ڳالهه سوچي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي ته غريب ماڻهن کي ڪيئن مفلسي ۽ تباهيءَ کان بچائجي. هن جو خيال هو ته سندن اها حالت تيستائين هلندي ايندي، جيستائين اخلاقي ۽ دماغي مفلسي قائم هوندن، تنهنڪري تيستائين بهتريءَ جي اميد ڪا نه رهندي، جيستائين اهڙي تعليم نه ملندن، جا هنن کي وڌيڪ نيڪ ۽ سمجهوُ ڪري. تمام وحشي ماڻهن جي ٻارن کي چڱي طرح جاچي ڏسڻ مان معلوم ٿيس ته هنن ۾ به چڱين لياقتن ۽ گڻن جو ٻج موجود آهي، جنهن کي چڱي طرح سنڀالي وڌائجي ته هو هوشمند ۽ ايماندار انسان بنجي پوندا پر اُن وقت جي تعليم اِهو سڌارو بلڪل ڪو نه ٿي ڪيو. ٻارن جي لياقتن ۽ گڻن کي سڌارڻ ۽ وڌائڻ بدران اُنهن کي ٻين جو علم ۽ ٻين جا خيال ياد ڪرايا ويندا هئا.
تنهن ڪري اُن وقت جي تعليم ٻار جي ذاتي لياقت کي اُڌارن خيالن سان دفن ڪرڻ کان سواءِ ٻيو ڪجهه ڪين ڪندي هئي. هن اُصول تي عمل ڪري هن ٻارن جي اندروني قوتن کي زور وٺائڻ جو رستو ڳولي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي، ۽ ڏٺائين ته فطرت انساني قوتن کي زور ٿي وٺائي اُنهن کي ڪم آڻڻ سان ۽ جيئن اهي قوتون وڌيڪ ڪم ٿيون آڻجن، تيئن اُهي وڌيڪ زور ٿيون وٺن. انهن قوتن کي فقط روزمره جي حالات ۽ ڌنڌن ۾ شامل ٿيڻ سان ڪم آڻي ٿو سگهجي. تنهن ڪري هن بدني ۽ دماغي ڪم، ڌنڌو ۽ تعليم، ڪارخانو ۽ اسڪول هڪ ٻئي سان شامل ڪيا. تعليم بنسبت هو ڪڏهن به ائين چوڻ کان نه ٿڪبو هو ته جيستائين اوائلي سبق تمام پوري طرح نه سکي رهجن، تيستائين اڳتي نه وڌجي.
مطلب ته پيسٽالازيءَ جو مکيه خيال اهو هو ته جيڪو سچو علم، ڪمائتيون طاقتون ۽ شريف جذبا ڪوئي به شخص حاصل ڪري ٿو، سي فقط هن جي ذاتي لياقت جو وڌارو آهن، جو واڌارو هنجي خدائي ڏنل طاقتن کي زور وٺائڻ ۽ ظاهري دنيا کي پنهنجن حواسن سان پروڙڻ سان ٿئي ٿو. انهيءَ واڌاري ۽ پروڙ جو هڪ خاص قدرتي سلسلو آهي، جنهن جي اسڪول ماستر بلڪل خبر ڪا نه ٿا لهن.
سنه 1798 ۾ سئٽزرلينڊ فرينچن جي قبضي ۾ آيو. سڀ انتظام فرينچ نموني تي رکيو ويو ۽ سئٽزرلينڊ جي حڪومت پنجن ناظمن جي هٿ ۾ ڏني ويئي. پيسٽالازي رعيتي راڄ جي فائدي ۽ غير محدود بادشاهت جي برخلاف هو، تنهنڪري هن نئين سرڪار جي قلمي پٺ ڀرائي ڪئي. اهي ناظم ليونارڊ ۽ جرٽروڊ جي مصنف کي پنهنجو مددگار ڏسي ڏاڍا خوش ٿيا ۽ هنکي سندس نون خيالن جي پکيڙڻ لاءِ هڪڙي اخبار جو مهتمم ڪيائون. هنن سمجهيو ته جيئن ٻيا به ڪنهن غرض سان سرڪار جي پٺ ڀرائي ٿا ڪن، تيئن پيسٽالازيءَ جو به ڪو غرض هوندو. پر جڏهن پڇيائونس ته تو کي ڇا گهرجي، تڏهن چيائين مان اسڪول ماستر ٿيڻ ٿو گهران. ناظمن خوشيءَ سان هنکي پنهنجي نئين رستي سان تعليم ڏيڻ جي موڪل ڏني ۽ آرگا ۾ هڪڙي اسڪول کولڻ لاءِ پئسن ڏيڻ جو انجام ڪيائون.
پر اخبار جي مهتمم ۽ نئين اسڪول جي تجويز اوچتو روڪجي پيون. سئٽزرلينڊ جي ڪئٿالڪ مذهب وارن ماڻهن کي پنهنجي آزادي وڃائڻ ۽ نئين سرڪاري جي تابعداري ڪرڻ پسند نه آئي، ڇو ته هنن فرينچن کي دين کان ڦريل، بلڪل خدا کي نه مڃيندڙ ٿي سمجهيو، تنهن ڪري فرينچن جي سپاهين مٿن حملو ڪري ڪيترين ئي زالن خواه ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو. ناظمن کي اندروني طرح اها سپاهين جي وحشياڻي هلت پسند نه آئي، مگر ظاهرن فقط ايترو ڪري سگهيا، جو 111 ٻڍن ماڻهن، 169 ڇورن ۽ 237 ٻين ٻارن جي گذران لاءِ بندوبست ڪرڻ لڳا، جو اُنهن جا سنڀاليندڙ قتل ڪيا ويا هئا. ناظمن مان هڪڙي لي گرئنڊ، پيسٽالازيءَ کي چيو ته في الحال ٻيون تجويزون ڦٽيون ڪري سٽئنز ۾ وڃي انهن ڇورن ۽ بيواهن ٻارن جي پرگهور ڪريو. پيسٽالازي اهڙو ماڻهو نه هو، جو اهڙي ڪم کان انڪار ڪري. هو هڪدم روانو ٿيو. ڪي جايون، جي ڪرستان فقيرياڻين جي مڪان سان ڳنڍيل هيون، سي ان مڪان جي فقيرياڻين جي موڪل کان سواءِ پيسٽالازيءَ جي حوالي ڪيون ويون. انهن جاين جي تيار ڪرڻ لاءِ مزور بيهاريا ويا. اڃا هڪڙو ڪمرو مس رهڻ جي لائق ڪيو ويو، ته پيسٽالازيءَ 40 ٻار وٺي اُن ۾ رهڻ لڳو. اهو جنوري جو مهينو هو ۽ سيارو به تمام سخت هو.
اهڙي مشڪل حالت ۾ پيسٽالازيءَ جي نون تعليمي رستن جي آزمائش شروع ٿي، جا پنجن مهينن تائين هلي. مشڪلاتون به تمام سخت هيون. شروعات ۾ پيسٽالازي ۽ سڀيئي ٻار فقط هڪڙي ڪمري ۾ رات ڏينهن بند پيل هوندا هئا. هڪڙي نوڪرياڻيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به مددگار ڪو نه هوس ۽ ٻارن واسطي سڀ ڪجهه پاڻ ڪرڻو پوندو هوس، رڳو پيشاب ٽورو ڪرائڻ به. جيترو ٿي سگهيو اوترو جلد ٻارن جو تعداد وڌائي 80 تائين آندو ويو. پوءِ ته ڪن ٻارن کي ٻاهر سمهڻو پوندو هو. اهي تڪليفون اگرچه وڏيون هيون، پر انهن کان به وڏيون تڪليفون ماڻهن جي مخالفت ۽ ڌڪار جي ڪري پيسٽالازيءَ کي پيش آيون. اهي ئي ماڻهو جن جي مدد لاءِ هو آيو هو، تن کي هو همدرد ڪين ٿي ڏسڻ ۾ آيو، مگر شيطان جو نوڪر ۽ انهيءَ سرڪار جو گماشتو، جنهن پنهنجا وحشي سپاهي موڪلي هنن غريب ٻارن جا ماءُ پيءُ قتل ڪرايا، ۽ هڪڙو پراٽيسٽنٽ جو سپاهين جي جسماني قتل سان گڏ وري روحن کي ناس ڪرڻ آيو هو. پيسٽالازي جنهن هنن جي فائدي لاءِ سخت ڪوششون پئي ڪيون، تنهن کي شٽئنز جي ماڻهن جي دشمني تي عجب پئي لڳو. مگر اسين ايترو قبول ڪنداسين ته اهڙين حالتن ۾ اها دشمني فطرتا ٿيڻي هئي.
انهن سخت مشڪلاتن هوندي به پيسٽالازي پورو پورو فتحياب رهيو. پنج مهينا جي هن ٻارن سان گذاريا، تن ۾ ٻارن جون دليون فتح ڪري ورتائين، ۽ هنن جي بدني، دماغي ۽ اخلاقي حالت جادوگري حد تائين تبديل ڪري ڇڏيائين. هڪڙي شخص اُن وقت چيو ته جيڪڏهن دنيا ۾ ڪو معجزو آهي ته هي آهي. اهو سڀ هن جي ايمان جي تقويت ۽ دل جي عجيب ڪشادگي جو نتيجو هو. هنکي پڪو ويساهه هو، هن پڪو ارادو رکي ڪم ڪيو، تنهنڪري هن کي فتحيابي ٿي.
اگرچه چڱي نتيجي نڪرڻ ڪري هن سخت محنت وڌيڪ وقت تائين نه ڪري سگهي ها، جو هنجي عمر ورهين ۾ هئي ۽ ان ڪري جلد سندس حياتي کي جوکو رسي ها. سچ پچ، جون 1799 ۾ وات مان رت پئي آيس ۽ انهيءَ وقت ئي فرينچ سپاهين، جن جي ڪري هو هت آيل هو، تن کيس وري اُتان اچي ڪڍيو. فرينچن کي آسٽرين پٺتي هٽايو، جنهن ڪري کين هڪ اسپتال جي ضرورت ٿي. انهيءَ ڪري هنن اهي جايون، جن ۾ پيسٽالازي ۽ ٻار رهندا هئا، سي پنهنجي لاءِ گهريون. تنهنڪري گهڻو ڪري ٻار ڪڍي ڇڏيائون. اتي نيٺ هن کي پنهنجي تندرستي جو خيال آيو ۽ هو جبلن ۾ ڪن چشمن وٽ وڃي رهيو. سندس اڪثر تعليمي خيال هن سٽئنز واري آزمائش سان ڀريل هئا. تنهنڪري سندس آزمودي جو ڪجهه بيان هتي سندس ئي الفاظن ۾ ٿو ڏجي، جو پنهنجي هڪڙي دوست ڏانهن خط ۾ لکي موڪليو هئائين.
”اڃا پئسن کان سواءِ مون وٽ ڪجهه به ڪين هو ته ٻارن جي ٽولي به اچي ويئي. انهن کي رهائڻ لاءِ نڪو بورچي خانو، نڪي ڪمرا ۽ نڪي بسترا هئا. انهيءَ ڪري پهريائين قصو ئي گڙ ٻڙ ٿي پيو. ڦورو به اهڙو منجهي پيو، جو لوکڻ جي واه ڪا نه ٿي سمجهي. پهرين ٿورن هفتن ۾ آءُ هڪڙي ننڍڙي ڪمري ۾ پوريو پيو هوندو هوس. هوا خراب هئي، ۽ ويتر جاءِ ۾ جيڪا ڦير گهير پئي ٿي، تنهنڪري مٽي پئي اُڏاڻي ۽ ورانڊا گندگي سان ڀرجي ويا. انهيءَ ڪري هوا وڌيڪ خراب ٿي پيئي.“
بسترن نه هئڻ ڪري پهريائين لاچار ٿي ڪن ٻارن کي رات جي وقت سندن گهر ڏانهن موڪليندو هوس. اهي ٻار گهڻو ڪري ٻئي ڏينهن جوُنئن ۽ ٻين جيتن سان ڀرجي ايندا هئا. پهريائين اچڻ وقت گهڻا ٻار انسانيت جي بدترين حالت جا نمونا هئا. ڪيترن کي چمڙيءَ جو دائمي مرض هو، جنهن جي ڪري هلي به مس ٿي سگهيا، يا مٿي ۾ پت هئن، يا جوُنئن سان ڀريل ٿڳڙيون ڍڪيل هئن. انهن مان ڪيترا وري اهڙا ضعيف هئا، جو گويا هڏن جا پڃرا هئا، منهن دردناڪ هئن ۽ ڊڄ کان نهاري نٿي سگهيا. ڪي وري وڏا بدمعاش هئا، جي پنڻ، ڪوڙ ۽ دغا ۾ پڪا ٿي ويا هئا. ٻيا وري مصيبت زده صابري، شڪي ۽ ڊڄڻا هئا، ۽ منجهن محبت جو انگ بلڪل ڪو نه ٿي ڏسڻ ۾ آيو. انهن ۾ ڪي وري کريل ٻار به هئا، جن دنيا جي عيش عشرت جو مزو چکيو هو، ۽ انهيءَ ڪري هٺ ۽ فخر دلي ٿي ڏيکاريائون. هنن ٻين کان پري رهڻ پسند ٿي ڪيو ۽ پنهنجي غريب سنگتين کي ڌڪار سان ٿي ڏٺائون. ٻين سان برابري هنن کي سخت ڏکي ٿي لڳي ۽ اسان جي گهرجي هلت چلت موافق رهڻ هنن کي محال ٿي لڳو، ڇو ته اها هلت چلت هنن جي اصلوڪين عادتن کان بلڪل ٻيءَ طرح جي هئي. پر جيڪو عيب سڀني ۾ عام هو، سو هو ڪمال سستي. اها سستي انهيءَ ڪري پيدا ٿي هئي، جو سندن بدن ۽ دماغ کي وزش ڪا نه نلي هئي. ڏهن مان هڪ ٻار مس الف، ب سکيل هو، ٻيو علم ته بلڪل ڪونه هون.“
منجهن اسڪولي علم نه هئڻ جي مون کي پرواه ڪا نه هئي، ڇو ته مون کي اُنهن خدائي ڏنل طاقتن ۾ ڀروسو هو، جيڪي تمام غريب ۽ ناتربيت يافته ٻارن ۾ به رکيل هونديون آهن. مون گهڻي وقت کان جاچي ڏٺو هو ته سندن جهنگائپ، بزدلي ۽ ظاهري ڪم لياقتيءَ جي پٺيان بهترين خاصيتون ۽ تمام قيمتي طاقتون لڪل هيون، ۽ هاڻي جن ٻارن جي وچ ۾ مان رهندڙ هوس، تن ۾ به فطرتي طاقتون جلدئي ظاهر ٿيڻ لڳيون. مون کي معلوم هو ته حياتي جون رواجي ضرورتون ماڻهن کي شين جي لاڳاپن سيکارڻ، فطرتي سمجهه ۽ ظاهري جهنگلائپ هيٺيان پوريل هجڻ ڪري ڪم آڻي ڪارائتيون ڪري نٿيون سگهجن، جيستائين اُنهن کي آزاد نٿو ڪجي. تنهنڪري منهنجو مقصد هو انهن طاقتن کي آزاد ڪرڻ ۽ گهرو زندگي جي صاف ۽ سادين حالتن تي انهن جو استعمال ڪرڻ. ڇو ته مون کي پڪ هئي ته رواجي تعليم ۾ انهيءَ ڳالهه جو نقص آهي ۽ پڪ به هيم ته اهي فطر تي طاقتون جلدئي منهنجن شاگردن جون دليون ۽ دماع بلند ڪري ڏيکارينديون.“
هاڻي مون ڏٺو ته منهنجون خواهشون ڪيئن پوريون ٿي سگهنديون. مونکي تسليٰ هئي ته منهنجو پيار ٻارن جي حالت اهڙي جلد ڦيرائي ڇڏيندو، جيئن بهار جو سج سياري ۾ ماريل نباتات کي وري نئين زندگي ڏيندو آهي. انهيءَ ۾ ڀليو ڪو نه هوس. بهار جي سج اڃا جبلن جي برف کي ڳاريو ڪين، ته منهنجا ٻار سڃاپڻ کان لنگهي ويا.“
پر مون کي اڳواٽ ئي نتيجو ٻڌائڻ نه گهرجي. جيئن مان اڪثر شام جي وقت پنهنجي گهرجي ڀرسان ٽوُه جو تڪڙو وڌڻ ويهي جا چيندو آهيان، تئين توهان کي منهنجن ٻوُٽن (ٻارن) جي واڌ جاچڻ ٿو گهران. منهنجا دوست! مان توهان کان اهو ڪينئون (جيت) ڪين لڪائيندس، جو بعضي پنن تي چهٽي پوندو آهي ۽ بعضي ته ول تي به.“
”مون پنهنجو ڪم فقط هڪ نوڪرياڻي سان بنا ڪنهن مددگار جي شروع ڪيو. مون کي رڳو تعليم ڏيڻي نه هئي، پر ٻارن جي بدني ضرورتن جي سنڀال به ڪرڻي هئي. منهنجي به اهائي مرضي هئي، ته مان اڪليو اهو ڪم ڪريان، ڇو ته ٻي حالت ۾ منهنجو مقصد پورو ڪين ٿئي ها، هن سبب ڪري جو دنيا ۾ ڪو ئي به شخص منهنجي تعليمي خيالن ۾ شريڪ ڪو نه ٿئي ها، ۽ اُن وقت اهڙو ماڻهو مون کي سجهندو ئي ڪو نه هو ، جو منهنجا خيال سمجهڻ جو لائق هجي.“
”جن تعليم يافته ماڻهن کي مدد لاءِ ڪوٺيان ها، سي جيتري قدر گهڻي تعليم پرائي هئائون، اوتري قدر منهنجي خيالن سمجهڻ کان قاصر هئا، ۽ جيڪي منهنجا سادا اُصول هئا، تن تي عمل ڪرڻ ته پنهنجي ماڳ، پر قبول به نٿي ڪيائون. انتظام وغيره به نسبت اُنهن جا خيال منهنجن خيالن کان بلڪل مخالف هئا. جنهن خيال تي سندن خاص اعتراض هو، سوهي ته تعليم جو ڪم غير فطرتي وسيلن کان سواءِ هلائجي ۽ فقط فطرت ۽ ٻارن جي آسپاس وارين شين جي اثر سان ۽ زندگي جي روزمره جي ضرورتن پورين ڪرڻ لاءِ ٻارن جون طاقتون ڪم آڻڻ سان تعليم ڏجي. اهوئي اُصول هو، جنهن تي مون کي فتح يابي جي اميد هئي، ۽ ٻين خيالن جو بنياد به انهيءَ ئي اُصول تي ٻڌل هو.“
”چڱي تعليم اها آهي، جنهن ۾ ٻار جي روح ۾ تمام اڻ لکيون تبديلون روز بروز بلڪ ڪلاڪ ڪلاڪ ۾ پييون ٿين، سي ٻار جي منهن، چپن ۽ اکين مان هڪدم سهي ڪري سگهجن. تعليم ڏيندڙ جي طاقت وانگر هئڻ گهرجي، جاگهرو حالتن رکڻ مان پيدا ٿيندي.“
”انهيءَ بنياد تي مون تعليم جي عمارت اڏي. مون پڪو ارادو ڪيو ته سڄي ڏينهن ۾ ڪو اهڙو منٽ به نه لنگهي، جنهن ۾ ٻارن کي منهنجي منهن ۽ چپن مان ائين معلوم نه ٿئي، ته منهنجي سڄي دل سندن آهي، ۽ اُنهن جي سعادت منهنجي سعادت آهي، ۽ هنن جون خوشيون منهنجون خوشيون آهن.“
”انسان پنهنجي فائدي لاءِ هڪدم هٿ ڊگهيڙي ٿو، ۽ ٻار خوشيءَ سان پنهنجي فائدي جي ڳالهه ٻڌي ٿو. پر تعليم ڏيندڙؤ! ياد رکو، ته جيڪي هو خوشيءَ سان ٻڌي يا ڪري ٿو، سو نه توهان جي لاءِ، پر پنهنجي لاءِ. اها چڱائي جنهن ڏانهن توهين هن کي ڇڪڻ ٿا گهرو، سان توهان جي خواهش ۽ جذبن تي ٻڌل نه هجي، پر اها چڱائي خود سچ پچ چڱائي آهي. جيڪي شيون ٻار جي سک سان لاڳاپو رکن ٿيون، انهن ۾ هو جي توهان جي حڪم جي ضرورت معلوم ڪري، ته پوءِ اها اميدر کي سگهجي ٿي ته هو سڀڪنهن حڪم جي تابعداري ڪندو. (يعني ٻار تابعداري تڏهن سکندو، جڏهن هن کي معلوم ٿيندو ته جيڪي حڪم هن کي ملن ٿا، تن جي تعميل ڪرڻ مان خود هن کي فائدو ۽ خوشي حاصل ٿا ٿين.)
”جيڪي به ٻار خوشيءَ سان ڪو ڪم ڪري ٿو، جنهن به ڪم مان هن کي جس ملي ٿو، جنهن به ڪم مان هن جون وڏيون وڏيون اُميدون پوريون ٿيون ٿين، جيڪي به هن جي طاقتن کي سجاڳ ٿو ڪري ۽ هنن کي ائين چوڻ جو لائق ٿو ڪري ته ” مان ڪري ٿو سگهان،“ اهو سڀ هن جو اُٰدم يا عزم آهي ۽ هن جي اُدم يا عزم جي طاقت وڌائيندڙ آهي. پر اُدم لفظن سان ڪو نه ٿو اُٿي. اهو فقط ڪامل تعليم سان، جا دل، دماغ ۽ بدن کي سڌاري ٿي، تنهن سان حاصل ٿو ٿئي. لفظ ڪا شي پيدا ڪين ٿا ڪن، لفظ فقط بيان ٿا ڪن يا چٽي تصوير ٿا ڏيکارين انهيءَ شي جي، جا اڳيئي حواسن يا طاقتن جي وسيلي خيال ۾ آيل آهي.“
”سڀني ڳالهين کان اڳي جنهن ڳالهه جو مونکي ضرور هو سو هئو ٻارن جو مون ۾ اعتبار ڄمائڻ ۽ انهن ۾ پاڻ لاءِ محبت پيدا ڪرڻ. مون کي پڪ هئي ته انهيءَ ۾ فتحياب ٿيندس ته باقي ڳالهيون ازخود اچي وينديون. دوستو! رڳو خيال ڪريو ته مان ڪهڙي حالت ۾ آيس، ۽ ماڻهن جي ۽ خود ٻارن جي مون ڏانهن ڪيتري ڌڪار ۽ دشمني هئي، ته پوءِ ڪجهه سمجهي سگهندؤ، ته ڪهڙين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو هوم.“
”اگرچه مددگار کان سواءِ مان تمام ڏکيو هوس، مگر مدگار جو نه هئڻ منهنجي ڪم جي فتحياب ٿيڻ لاءِ چڱو هو، ڇو ته انهيءَ ڪري ٻارن لاءِ مجبورا سڀ ڪجهه مان هوس. صبح کان وٺي رات تائين فقط آءٌ ساڻن گڏ هئس. جيڪي به هنن جي بدن يا روح جي لاءِ فائدي مند آهي، سو فقط منهنجي ئي وسيلي کين حاصل ٿيو ٿي. سڀ ضروري مدد، همدردي ۽ تعليم هنن کي سڌيءَ طرح مون کان ٿي ملي. هنن جا هٿ منهنجي هٿن ۾ ۽ منهنجون اکيون هنن جي اکين ۾ هيون.
”اسان کلندا ۽ رئندا گڏ هئاسين. هنن کي سئٽنز ۽ دنيا وسري ويئي. هنن کي فقط ايتري خبر هئي، ته هو مون سان هئا ۽ مان هنن سان هوس. کاڌي پيتي ۾ شريڪ هئاسين. مون وٽ نڪو عيال هو، نڪي دوست، نڪي نوڪر، ڪجهه به نه سواءِ هنن جي. مان هميشه ساڻن هوس بيماري ۾ خواه تندرستي ۾، جاڳندي خواه سمهندي. مان سڀني کانپوءِ سمهندو هوس ۽ سڀني کان اڳي اُٿندو هوس. سمهڻ واري جاءِ ۾ هنن کي تعليم ڏيندو هوس، جيستائين هنن کي ننڊ کڻي ويندي هئي. هنن جا ڪپڙا ۽ بدن نهايت غليظ هئا، پر مون پاڻ ٻنهي ڳالهين جي سنڀال ڪئي، جو انهن مان مون کي بيماري جي وچڙڻ جو هميشه امڪان هو. هن طرح مون رفته رفته ٻارن جون دليون هٿ ڪيون. ڪن ٻارن جي ته مون سان ايتري محبت ٿي ويئي، جو جڏهن پنهنجي ماءُ پيءُ جي واتان منهنجي گلا ٻڌندا هئا ته اُنهن کي چوندا هئا ته اهو ڪوڙ آهي. هنن سمجهيو ٿي ته ماڻهو مون سان ناحق جي هلت ٿا هلن، تنهن ڪري اٽلندو مون سان وڌيڪ محبت ٿين.“
”جڏهن بهار موٽي آيو، تڏهن سڀني کي معلوم ٿيو ته ٻار بلڪل خوش رکيا ويا هئا ۽ وڌندا پئي ويا ۽ رنگ سرخ ٿيندو پئي وين. ڪن ماجسٽريٽن ۽ پادرين هنن ٻارن کي ڏسي چيو ته هاڻي ته سڃاڻڻ ۾ ئي مس ٿا اچن. مهنا گذري ويا،تنهن کان پوءِ مس هڪڙي ٻار جي پي مون کي هٿ هٿ ۾ ڏيئي شڪرگذاري ظاهر ڪئي. پر ٻارن جون دليون ستت ئي مون پاڻ ڏي مائل ڪيون هيون. هو ڪڏهن ته روئي وهندا هئا، جيڪڏهن سندن پـِـير بنا سلام جي مون وٽ اچي وري بنا سلام جي پٺي ڏيئي هليا ويندا هئا. گهڻا ٻار مون وٽ تمام خوش هئا ۽ پنهنجي مائن کي چوندا هئا ته اسين گهر کان هت وڌيڪ خوش آهيون. جڏهن اڪيلا هوندا هئاسين، تڏهن مون کي چوندا هئا ته گهر ۾ اسان کي چڱي تعليم نه ملندي آهي ۽ ايندا آهن، ۽ ڪڏهن ته نڪو کاڌو کائڻ لاءِ ملي، نڪو بسترو سمهڻ لاءِ. تنهن هوندي به بعضي اهي ساڳيائي ٻارٻئي ڏينهن مائن سان گڏجي هليا ويندا هئا.“
”گهڻن ٻارن جي لاءِ پڙهڻ هڪ نئين ڳالهه هئي جڏهن هنن ڏٺو ته اسان پڙهي ٿا سگهون، تڏهن ڏاڌو شوق جاڳين، ٿورن ئي هفتن ۾ انهن ٻارن، جن ڪڏهن ڪتاب ئي ڪو نه کوليو هو، سي تمام گهڻي خوشي سان سڄو ڏينهن پڙهڻ ۾ لڳا پيا هوندا هئا. رڳو رات جي ماني کان پوءِ به جڏهن مان هنن کان پڇندو هوس ته ٻارو، هاڻي سمهندؤ يا پڙهندؤ، ته گهڻو ڪري، خصوصاً پهرين مهينن ۾، جواب ڏيندا هئا ته پڙهنداسين.پوين مهينن ۾ جڏهن هنن کي سويل ننڊ مان اُٿڻو پوندو هو، تڏهن گهڻو ڪري اهو جواب نه ڏيندا هئا. پر هن نئين اوائلي شوق جي ڪري مون کي چڱي نموني تي ڪم هلائڻ ۾ گهڻي مدد ملي، ۽ آخر تعليم ۾ فتحيابي حاصل ٿي، ۽ فتحيابي به اهڙي، جهڙي ڪڏهن خيال ۾ به ڪا نه هيم، تنهن هوندي به سخت مشڪلاتون درپيش هيم. پڇاڙيءَ تائين تعليم جو ڪم ڪنهن پوري انتظام تي هلائڻ محال هو.“
”منهنجو ايمان ۽ منهنجو شوق نڪي ڪن ٿورن ڇوڪرن جي ڪندپائيءُ کي لاهي سگهيا، نڪي سڄي ڪم کي هڪ انتظام هيٺ آڻي سگهيا. منهنجو خيال هو ته ظاهري انتظام جو بنياد دلين جي انتظام تي ٻڌڻ گهرجي. اهو انتظام اڃا ڪو نه هو، تنهن ڪري مون کي پهريائين اهو انتظام پيدا ڪرڻو هو، ڇو ته انهيءَ انتظام کان سواءِ مون کي نڪا تعليم جي پوري انتظام جي اُميد هئي، نڪا ٻئي عام انتظام رکي سگهڻ جي اُميد هئي. تنهن کان سواءِ منهنجي به مرضي نه هئي ته دلين جي انتظام کان اڳيئي ظاهري انتظام رکان. جنهن اعليٰ انتظام جو مون کي خيال هو، سو مون سمجهيو ته ٻارن جي هڪ جهڙي زندگي، هڪ جهڙو ڌيان، هڪ جهڙي ورزش ۽ هڪ جهڙين ضرورتن مان ازخود پيدا ٿيندو. جيڪڏهن مان ٻارن تي زور رکان ها، ۽ قانون ٺاهيان ها، ۽ تقريرون ڏيان ها، ته ٻارن جي دلين کي مهذب ڪرڻ ۽ دلين کي شريف ڪرڻ بدارن هنن کي پنهنجو دشمن بنايان ها ۽ هنن جي زندگي تلز ڪري وجهان ها. تنهن ڪري جيڪا منهنجي مراد هئي، سا بلڪل پوري نه ٿئي ها. پهريائين مونکي هنن ۾ پاڪ، چڱا ۽ شريف جذبا پيدا ڪرڻا هئا، انهيءَ لاءِ ته پوءِ ظاهري ڳالهين ۾ هو خوشيءَ سان ڌيان ڏين، ڪم ڪن ۽ فرمانبردار رهن. مطلب ته مونکي حضرت عيسيٰ جي اعليٰ قول جي پيروي ڪرڻي هئي ته "پهريائين اندر صفا ڪر، ته ٻاهر به صفا ٿئي.“هن قول جي سچائي منهنجي اسڪول ۾ چڱي طرح ثابت ٿي.“
”منهنجي هڪ مراد اها هئي ته ٻار سڀ هڪ ڪٽنب وانگر هڪ جهڙي زندگي گذارين ۽ هنن ۾ ڀائپيءَ جو رشتو پيدا ٿئي، ۽ هنن ۾ محبت، انصاف ۽ ٻين جي لاءِ رعايت پيدا ٿئي.“
اهي منهنجون مرادون حاصل ٿيون. هنن ستر جهنگلي ٻارن ۾ جلدئي اهڙا صلح، دوستي ۽ پيار جا لاڳاپا پيدا ٿيا، جهڙا سڳن ڀائرن ۽ ڀينرن ۾ به ورلي هوندا آهن.
جنهن اُصول تي هلڻ جي مون ڪوشش پئي ڪئي، سو هي هو: پهريائين پنهنجن ٻارن جون دليون ڪشاديون ڪري هنن ۾ رحمدلي ۽ همدردي پيدا ڪجي ۽ هنن جي روزمره جي حاجتن پورين ڪرڻ سان پيار ۽ مهربانيءَ جو اثر ايتري قدر دائما هنن جي عملي زندگي تي وجهجي، جو اهي خاصيتون هنن جي دلين ۾ محڪم ٿي وڃن. تنهن کان پوءِ هنن کي عقل ۽ دانائي سيکارڻ جي ڪوشش ڪجي ته انهن سڀني خاصيتن کي روزمره چڱيءَ طرح ۾ آڻڻ جا لائق ٿين. آخر انهن کي نيڪي ۽ بدي جا مسئلا ٻڌائجن ۽ لاڳو الفاظ نه سيکارجن. اها ڳالهيون روزمره جي واقعات سان شامل ڪري سيکارجن، جن تي هن سڄي تعليم جو بنياد ٻڌجي. اهڙي طرح جو ڇوڪرن کي پنهنجا ذاتي جذبا ياد اچن ۽ سچا واقعات هنن جي پيش نظر هجن، جن تي چڱن اخلاقن جي ضرورت ۽ خوبي سمجهڻ جو بنياد ٻڌن. جيڪي ٻيا ويهن لفظن ۾ سمجهائي سگهن ٿا، سو جيڪڏهن ٻن لفظن سان سمجهائڻ جي ڪوشش ۾ سڄيون راتيون لڳائجن، ته به ننڊ وڃائڻ جو ارمان نه ڪجي.
مون ٻارن کي سمجهاڻيون ڪي ورلي ڏنيون. مون سڌيءَ طرح نڪي اخلاقي سبق ٿي ڏنا، نڪي مذهبي. پر بعضي جڏهن هو سڀ ماٺ ۾ هوندا هئا، تڏهن کين چوندو هوس ته توهان نٿا ڀانيو ته گوڙ ڪرڻ کان هن حالت ۾ رهڻ بهتر ۽ وڌيڪ هو شمنديءَ جو ڪم آهي؟ جڏهن منهنجي ڳچيءَ ۾ چنبڙي پوندا هئا ۽ “بابا، بابا ڪوٺيندا هئا، تڏهن کين چوندو هوس ته ”منهنجا ٻارو، پنهنجي پيءَ کي دعا ڏيڻ چڱي ڳالهه آهي؟ مون کي هن طرح چمين ڏيڻ بعد وري پرپٺ مونکي تڪليف ڏيڻ تي اوهان جي دل وري ٿي! جڏهن اسان پنهنجي ملڪ جي مصيبت زده حالت بابت ڳالهيون ڪندا هئاسون ۽ هو پنهنجي بهتر حالت ڏسي خوشي ڪندا هئا، تڏهن کين چوندو هوس ته ”خدا ڪهڙو نه ڪريم آهي، جنهن انسان کي رحم واري دل ڏني آهي!“ هنن چڱي طرح سمجهيو ٿي ته هنن جيڪي ڪيو ٿي، سو آئيندي جي زندگيءَ لاءِ تياري هئي ۽ پڪي اُميد هين ته سندن اورچائيءَ مان کين سک حاصل ٿيندو. انهيءِ اُميد جي ڪري محنت ڪرڻ هنن کي سولي ٿي لڳي، ڇو ته اُٰن جو مقصد هنن جي مرادن ۽ اُميدن موافق هو. منهنجا دوست! نيڪي انهيءَ موافقت سان زور ٿي وٺي، جهڙي طرح ننڍو ٻوٽو اُتي چڱو ٿو وڌي، جتي زمين ساڻس موافق آهي ۽ اُنجي نازڪ جزن جون ضرورتون پوريون ٿي ڪري.
مون ٻارن ۾ اندروني طاقت جو وڌڻ معلوم پئي ڪيو، جا طاقت منهنجين اُميدن کان به وڌيڪ وڌيل ڏسڻ ۾ آئي، ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اهڙي ڏسڻ ۾ آئي، جو رڳو حيران پئي ڪيائين، پر دل تي عجيب اثر پئي ڪيائين.
جڏهن پسگردائيءَ وارو آلنڊارف شهر سڙي ڀسم ٿيو، تڏهن سڀني ٻارن کي ڪوٺي پنهنجي اڳيان جمع ڪيم ۽ کين چيم ته ”آلٽڊارف سڙي ويو آهي. شايد هن وقت اُتي سوکن ٻار آهن، جن کي نڪو گهر آهي، نڪو کاڌو، نڪي ڪپڙا. توهان اسان جي نامدار سرڪار کي استدعا نه ڪندو ته انهن مان ويهه اسان وٽ اچي رهن؟“ اهو جوش مون کي اڄ تائين اکين آڏو پيو ڦري، جنهن جوش سان هنن ورندي ڏني ته ”هائو! هائو!“ مون کين چيو ته ”منهنجا ٻارو!، پر پهريائين ويچار ته ڪريو ڪهڙي ڳالهه ٿا گهرو. پيسا اسانجي لاءِ ئي پورا مس آهن ۽ پڪ ڪانهي ته ڪو سرڪار انهن نون ٻارن لاءِ وڌيڪ پيسا ڏيندي. تنهنڪري توهانکي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوندي ۽ پنهنجن ڪپڙن مان ڪجهه حصو هنن ٻارن کي ڏيڻو پوندو ۽ بعضي ته ڪو ويلو بنا کاڌي جي به گذارو ڪرڻو پوندو. تنهن ڪري ائين نه چئو ته اسان هنن ٻارن جي هت اچڻ ۾ خوش آهيون، جيستائين هنن تڪليفن سهڻ لاءِ تيار نه آهيو. جڏهن زور سان ائين چئي بس ڪيم، تڏهن اها ساڳي ڳالهه کانئن چوارايم، انهيءَ لاءِ ته پڪ ٿئي ته سمجهي اٿن. پر جيڪو جواب ڏنو هئائون، تنهن کان ذرو به نه هٽيا ۽ سڀني گڏجي چيو ته "هائو! هائو! اسان وڌيڪ ڪم ڪرڻ، گهٽ کائڻ، ۽ ڪپڙا ڏيڻ لاءِ تيار آهيون، ڇو ته اسان جي مرضي آهي ته هو هت اچن.“
جن ماڻهن کي وطن ڇڏڻو پيو، تن منجهون ڪن ماڻهن ڪجهه پيسا منهنجن ٻارن لاءِ بخشش طور ڏنا. مون هڪدم ٻارن کي سڏي چيو ته ”هي ماڻهو لاچار پنهنجو وطن ڇڏي لڏي ٿا وڃن ۽ اها به خبرڪانهين ته ڪٿي سڀاڻي هنن کي گهر ملي سگهندو. اهڙي مصيبت جي وقت ۾ به هي پيسا توهان جي لاءِ ڏنا اٿن، ته اچو، هنن جو احسان مڃون. جيڪا احسان مندي ٻارن جي چهري ۽ زبان ظاهر ڪئي، تنهن هنن لڏيندڙن جي اکين ۾ آب جاري ڪري ڇڏيو.
هن نموني سان مون ٻارن ۾ شريف جذبا پيدا پئي ڪيا ۽ انهن جذبن جو بيان پوءِ پئي ڪيم، ڇو ته مون ڀانيو ٿي ته ٻارن کي اهڙيون ڳالهيون چورائڻ، جيڪي هنن جي مغز ۾ نه ويٺيون آهن، ناداني آهي.
اهڙن جذبن پيدا ڪرڻ بعد ٻارن کي اهڙا ڪم ڪرايم، جن مان تحمل يعني پاڻ کي وس ۾ رکڻ جو گڻ سکن، انهيءَ لاءِ ته جيڪي کڻڻ حاصل هئن، سي روزمره جي زندگي ۾ ڪم آڻين.
هن مان ڏسڻ ۾ ايندو ته اهڙيءَ حالت ۾ ضابطي جو انتظام رکڻ محال هو. ظابطو رفته رفته عام سڌاري ٿيڻ سان ازخود ٺهندو پئي ويو.
هن قسم جي اسڪول ۾ تعليم ڏيڻ ۾ ماٺ وڏي مدد ٿي ڏئي. مونکي تعليم ڏيڻ ۾ هن ڳالهه ڪري گهڻي سولائي ٿيندي هئي، جو هميشه ماٺ ڪرائڻ تي گهڻو زور رکندو هوس، ۽ ٻارن جي چهرن جاچڻ تي خاص ڌيان ڏيندو هوس، انهيءَ لاءِ ته معلوم ٿئي ته ڌيان ڏين ٿا يا نه، سمجهن ٿا يا نه. مان ايتري قدر فتحياب ٿيس جو اڃا کڻي چوندو هوس ته ”ماٺ“ ته هڪدم چپ ٿي ويندي هئي ۽ انهيءَ حالت ۾ آهسته ڳالهائڻ سان تعليم ڏيئي سگهندو هوس. ٻار منهنجا الفاظ گڏجي چوندا هئا، ۽ جنهن صورت ۾ ٻيو ڪو آواز ڪو نه هوندو هو، تنهن صورت ۾ اُچار جي ٿورڙي چڪ به پڪڙي وٺندو هوس. هروڀرو هميشه ماٺ ڪرائڻ ۾ فتح ياب ڪو نه ٿيندو هوس، تنهن ڪري بعضي ڇا ڪندو هوس، جو جڏهن هنن کي منهنجي پٺيان جملو چوڻو پوندو هو، تڏهن چوندو هوسانِ (گويا مسخريءَ طرح) ته پنهنجيءَ وچينءَ اڱر ۾ نظر ڪريو. توهان کي اعتبار ئي نه ايندو ته اهڙين خسيس ڳالهين مان بعضي وڏا نتيجا ٿا نڪرن.
مثلا هڪڙي ڇوڪر هئي، جا جهنگلي ماڻهوءَ کان ڪو ٿورو بهتر هئي. هن مٿو ۽ بدن سڌو رکڻ سان ۽ هيڏي هوڏي نه نهارڻ سان جيڪا اخلاقي ترقي ڪئي، سا توهان کي اعتبار ۾ ئي نه ايندي.
انهن آزمودن مان معلوم ٿيم ته فقط پاڻ کي سڌي رکڻ جي عادت دل تي ايترو اثر پيدا ٿي ڪري، جيترو رڳو لفظي تعليم ۽ تقرير مان ڪڏهن ٿيڻو نه آهي.
پنهنجن اُصولن جي ڪم اڻڻ ڪري منهنجا ٻار جلدئي خوش دل ٿي پيا ۽ سڀ ڪنهن شريف جذبي پرائڻ جا لائق ٿيا، اگرچه جڏهن مون وٽ آيا هئا، تڏهن هوش ۽ اخلاقي اُصولن کان بلڪل خالي هئا. هنن کي اڳ جي تعليم ڪا نه مليل هئي، تنهن جي ڪري ڪا مون کي تڪليف ڪا نه ٿي. بلڪ مان چئي سگهان ٿو ته منهنجو سادو تعليم جو رستو انهن ٻارن تي چڱو اثر ڪري سگهيو، جن اڃا ڪجهه ڪين سکيو هو. مگر جن اڳيئي غلط خيال حاصل ڪيا هئا، تن مونکي گهڻي تڪليف ڏني. اخلاقي اثر به انهن تي سولو پئجي سگهيو، جن اڳي تعليم ڪا نه ورتي هئي.
پر جڏهن ڪو ٻار ضدي ٿيندو هو ته مان به سخت ٿيندو هوس ۽ بدني سزا ڏيندو هوس. منهنجا دوست، اهو تعليمي اُصول ته بنا سزا جي فقط لفظن جي وسيلي ٻارن جون دليون هٿ ڪجن، سو بيشڪ چڱو آهي ۽ چڱين حالتن ۾ ڪم آڻي ٿو سگهجي. پر منهنجا گهڻا ٻار مختلف قسمن جا هئا، وحشي هئا ۽ منجهن خراب عادتون ڄمي ويون هيون. اهڙيءَ حالت ۾ بعضي مار ڏيڻ جو ضرور هو، خصوصا انهيءَ ڪري جو مون کي شوق هو ته جلدئي ٻارن کي سڌيءَ راه تي آڻيان. مون لاچار کان ٿي بدني سزا ڏني، پر ائين سمجهڻ بلڪل غلط آهي ته ڪو ائين ڪرڻ سان ٻارن جو اعتبار مون مان هليو ويو، يا مون سان محبت گهٽ ٿين، ڇو ته ڇوڪرن جي خيالن تي اتفاقي حادثن جو اٿر نٿو رهي. هنن تي اهي ڪم اثر ٿا ڪن، جيڪي گهڙي گهڙي هر روز ڏسن. هنن منهنجو پيار هر گهڙيءَ پئي ڏٺو. اهو ئي سبب آهي جو ماءُ پيءُ جي مار به ٻارن تي خراب اثر ڪو نه ٿي پيدا ڪري. پر رواجي ماسترن سان اها حالت لاڳو نه آهي، ڇو ته هو ٻارن سان رات ڏاينهن گڏ ڪو نه ٿا رهن، تنهنڪري اهي پيار جا لاڳاپا ڪين ٿا پيدا ٿين.
منهنجي مار ڪڏهن ضد پيدا ڪو نه ڪيو. جن ٻارن کي مون ماريو ٿي، تن کي گهڙي کن کان پوءِ جڏهن هٿ ٿي ڏنم ۽ چميون ٿي ڏنم، تڏهن هنن جي اکين مان چڱيءَ طرح ڏسي ٿي سگهيس ته منهنجي ڌڪن جو آخري نتيجو سچ به خوشي هئي. منهنجي هن قسم جي مار جيڪو اثر بعضي ڏيکاريندي هئي، تنهنجو هڪڙو مثال ٿو توهان کي ٻڌايان. هڪڙي ڏينهن هڪڙي ٻار، جنهن کي مان سڀني کان وڌيڪ ڀانئيندو هوس، تنهن انهيءَ پيار جي ڀروسي تي هڪڙي سگنتيءَ کي ناحق دڙڪا ڏنا. مونکي سخت ڪاوڙ لڳي ۽ مار ڏني مانس. هو پهريائين ايتري قدر دل شڪستو ٿيو، جو گهٽ ۾ گهٽ پاءُ ڪلاڪ سخت رنائين. جڏهن مان ٻاهر ويس، تڏهن هو اُٿيو ۽ انهيءَ سگنتيءَ وٽ وڃي معافي گهريائين، ۽ هن جا مٿس دانهن ڏئي هئي، تنهن لاءِ شڪر گذاري ڪيائين. اي منهنجا دوست! هي چريو نه آهي. هن ڇوڪري اهڙو حال اڳي ڪڏهن ڪو نه ڏٺو هو.
اها ڳالهه ٿيڻي ئي نه هئي، جو منهنجي اها هلت ٻارن تي خراب اثر پيدا ڪري، ڇو ته سڄو ڏينهن هو منهنجي پيار ۽ سنڀال جون ثابتيون پيا ڏسندا هئا. منهنجي دل هنن چٽي پئي ڏٺي، تنهن ڪري منهنجيءَ هلت تي اُلٽيون معنائون ڪين ٿي لڳائي سگهيا. مگر هنن جا مائٽ، دوست، غير ماڻهو ۽ ٻيا ماستر، جي اسڪول ۾ ايندا هئا، سي ائين نه هئا، ۽ منهنجي هلت تي اُلٽا اعتراض وٺندا هئا. مگر مون کي سڄيءَ دنيا جي غلط خيالن جي پرواه ڪا نه هئي.
انهيءَ ڪري مان بلڪل گهڻي ڪوشش ڪندو هوس ته ٻار منهنجي عملن جو سچو مقصد ۽ منهنجي سچي نيت پروڙين. منهنجا دوست، هن ڳالهه مان انهن اخلاقي اُپائن جي ويچار تي ٿو اچان، جي سچي گهرو تعليم ۾ ڪم آڻجن.
اوائلي ۽ سادي اخلاقي تعليم جا ٽي ڀاڱا آهن: پهريائين ٻارن جي جذبن کي ڪم آڻڻ ۽ صاف ڪرڻ سان اخلاقي روح پيدا ڪرڻ گهرجي. پوءِ هنن کي اهڙي تربيت ڏجي، جو پاڻ کي وس ۾ رکڻ جو استعمال ڪن، انهيءِ لاءِ ته حق ۽ نيڪيءَ جي ڪمن ڪرڻ جا لائق ٿين. تنهن کان پوءِ آخر ۾ هنن کي اهڙيءَ طرح تعليم ڏجي، جو ازخود غور ۽ ڀيٽ ڪرڻ سان اُهي اخلاقي حق ۽ فرض پوريءَ طرح سمجهن، جي سندن حالت سان لاڳو هجن.
هيستائين مون پهرين ٻن مقصد حاصل ڪرڻ جا اُپاءَ بيان ڪيا آهن. ٽئين مقصد حاصل ڪرڻ جا اُپاءِ به اهڙائي سادا ڪم آندم، ڇو ته انهيءَ لاءِ به مون رواجي ۽ روزمره جا اثر ۽ واقعا ڪم آڻي حق ۽ فرض سمجهايا. مثلاً جڏهن گوڙ ٿي ڪيائون، تڏهن هنن جي عقل کان ڪم ٿي ورتم ۽ پڇيم ٿي ته اهڙي حالت ۾ سکڻ ۽ سيکارڻ ممڪن آهي؟ مون کي ڪڏهن ڪين وسرندو ته سندن انصاف پسندي ۽ عقل ڪيتري قدر مضبوط ٿي ويا.
جيڪي اسان جي اسڪول جا ڪم هئا، تن بابت مان سندن راءِ پڇندو هوس. گهڻو ڪري شام جي ماٺيڻي وقت ۾ سندن عقل کان ڪم وٺندو هوس. مثلا جڏهن
ڳوٺ ۾ اها چوپچو پئي هلي ته ٻارن کي کاڌو چڱو نٿو ملي، تڏهن مون هنن کي چيو ته: ”منهنجا ٻارو! مون کي ٻڌايو ته گهر کان وڌيڪ سٺو کاڌو ٿو مليو يا نه ۽ چڱي طرح اوهان پاڻئي ويچار ڪري ٻڌايو ته توهان کي اهڙن عمدن طعامن تي هيرائڻ چڱو آهي، جو وڏي هوندي سخت محنت ڪرڻ سان به اهڙن طعامن کائڻ لاءِ پيسا نه ڪمائي سگهو؟ جيڪي توهان جي واسطي سچ پچ ضروري آهي، سو توهان کي ملي پيو يا نه؟ توهان ڀانيو ٿا ته انهيءَ کان وڌيڪ توهان کي ڏيڻ عقل ۽ انصاف جو حڪم ٿيندو؟ ڇا توهان جي مرضي آهي ته جيڪي هاڻي اسي ٻارن تي خرچيون ٿا، سو فقط ٽيهن يا چاليهن ٻارن تي خرچ ڪريون؟ اهوو به ڪو انصاف آهي؟“
اهڙي طرح جڏهن ٻڌم ته ڳوٺ ۾ پچار پئي هلي ته مان ٻارن کي سخت مارون ٿو ڪڍان، تڏهن مون کين چيو ته ”منهنجا ٻارو، توهان کي معلوم آهي ته مان توهان کي ڪيترو ڀانيان ٿو. پر مون کي ٻڌايو ته توهان جي مرضي آهي ته مان سزا ڏيان؟ توهان ڀانيو ٿا ته ڪنهن ٻيءَ طرح سان ڪن ٻارن جون جهونيون خراب عادتون ڪڍي سگهندس يا سڀني کي ماٺ ڪرائي سگهندس؟“ منهنجا دوست! اُن مهل مون پاڻ اُتي ڏٺو هو ته ڪيئن سڀني ٻارن سچي جذبي سان جواب ڏنو ته ”اسان سزا جي شڪايت ڪا نه ٿا ڪريون. اسان جي مرضي آهي ته مار کائڻ جا لائق نه هجون، پر اسان جي بيشڪ خواهش آهي ته جڏهن ڪو ڏوهه ڪريون، تڏهن ڀلي سزا ڏيو.“
گهڻيون ڳالهيون آهن، جي گهر ۾ سهي سگهجن ٿيون، مگر جتي هيترا گهڻا ٻار هئا، اُتي سهڻ جهڙيون نه آهن. مون ڪوشش ڪئي ته ٻار اها حقيقت پروڙين ۽ پاڻ ئي فيصلوڪن ته ڪهڙيون ڳالهين جي اجازت ڏيئي سگهجي ٿي ۽ ڪهڙين جي نٿي ڏيئي سگهجي. سچ آهي ته مون گفتگو ۾ ڪڏهن هنن سان آزاديءَ ۽ مساوات بابت ڳالهيون ڪو نه ڪيون. مگر مون هنن کي پنهنجي حاضريءَ ۾ آزادي ۽ بنا ڊپ ڳالهائڻ ٻولهائڻ لاءِ همتايو. نتيجو اهو ٿيو جو روز بروز مون هنن جي اکين ۾ وڌيڪ ۽ وڌيڪ ڪشادگي پئي ڏٺي. منهنجي آزمودي موجب اها حالت سچيءَ آزاد تعليم جي نشاني آهي. مون کي اها ڳالهه بلڪل نٿي وڻي ته جيڪو هنن جومون ۾ ويساهه ٿي ويو هو ۽ جو هنن جي اکين ۾ پئي بکيو، سو ڀڃي ڇڏيان. مون هميشه ڪوشش پئي ڪئي ته اهو سندن ويساهه به وڌيڪ ۽ وڌيڪ مضبوط ٿئي ۽ وڌيڪ آزاد طبع به ٿين ، جيئن هنن جي ملائڪي اکين ۾ ڪا ملو لائي ڏسڻ ۾ نه اچي، جن اکين کي ڏسي مون کي ازحد گهڻي خوشي حاصل ٿيندي هئي. مان منهن جو گهنڊ ۽ ملو لائي نه سهي سگهندو هوس. مان پاڻ هنن جو ملو لائي لاهيندو هوس ۽ پوءِ هو مرڪندا هئا، ۽ پاڻ به اها ڪوشش ڪندا هئا ته سدائين مرڪندڙ چهري سان گذارين.
ايترن گهڻن ٻارن هئڻ ڪري مون کي هر روز اهڙا وجهه ملندا هئا، جن جي مدد سان نيڪي ۽ بدي، عدل ۽ بي انصافيءَ جو تفاوت سمجهائيندو هوس. هيترن ٻارن ۾ نيڪي ۽ بدي هڪ جهڙا وچڙندڙ پکڙندڙ آهن. تنهنڪري جيڪڏهن نيڪي بدي تي غالب پوندي ته تمام چڱو نتيجو پيدا ٿيندو، ۽ جيڪڏهن بدي نيڪي تي غالب پوندي ته سڄو اسڪول تمام خراب ٿي پوندو. مان کلي طرح هيءَ ڳالهه ٻارن کي سمجهائيندو هوس. هڪڙي ڀيري ٻارن جي وچ م هڪ جهڳڙو ٿيو. اُن وقت جيڪي مون کين چيو، تنهن ايترو اثر پيدا ڪيو، جو مون ڪڏهن ڪين وسرندو. مون چيو ته ”منهنجا ٻارو، اسان سان به اُها حالت آهي، جيڪا گهڻن ٻارن واري گهر ۾ ٿيندي آهي. جڏهن هر هڪ ٻار پنهنجي منهن خراب عادتن تي زور ٿو رکي، تڏهن ايڏو فساد ٿي ٿو وڃي، جو تمام نرم دل ماءُ کي به لاچار زور سان فساد بند ڪرڻو ٿو پوي ۽ ٻارن کي حق ۽ انصاف ڏي نوڙائڻو ٿو پوي. مون کي به هاڻي ائين ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن توهان مونکي خوشيءَ سان انتظام رکڻ ۾ مدد نه ڪندو ته اسان جو اسڪول هلي ڪين سگهندو ۽ توهان وري به ساڳي حالت ۾ وڃي پوندو ۽ توهان جون مصيبتون اڳي کان به وڌيڪ ڳوريون لڳنديون، ڇو ته توهين هاڻي چڱي گهر، صاف ڪپڙن ۽ وقتي کاڌي تي هري مري ويا آهيو. منهنجا ٻارو، هن دنيا ۾ احتياج ۽ عقل ئي انسان کي چڱي طرح هلڻ سيکارين ٿا. جي اهي ٻئي ناڪامياب ٿا ٿين ته پوءِ هو انسان ڌڪار جوڳو آهي. ٿورو خيال ته ڪريو ته جيڪڏهن توهان کي سڀ ڪجهه به ملي ۽ پوءِ به حق انصاف ۽ نيڪيءَ جي پرواهه نه ڪريو ته توهان جي ڪهڙي حالت ٿيندي؟ گهر ۾ توهان جي ڪنهن نه ڪنهن سنڀال پئي ڪيو، پر عقل ۽ اعتقاد جي وسيلي توهان وڌيڪ شريف درجي کي رسي ٿا سگهو.
مان اڪثر اهڙين ڳالهين ۾ ڇٽڪي پوندو هوس ۽ اها پرواه نه ڪندو هوس ته ٻارن کي هر هڪ لفظ سمجهڻ ۾ ايندو يا نه، ڇو ته پڪ هيم ته جيڪي چيم پئي، تنهنجو مطلب هنن سمجهيو پئي.
وري ڪي ٻيا خيال به هتي بيان ٿو ڪريان، جن ٻارن تي تمام گهڻو اثر پيدا ڪيو. مسڪينن کي چڱي صلاح ڏيڻ ۽ مصيبت ۾ ڦاٿلن کي دلداري ڏيڻ کان وڌيڪ چڱو وڌيڪ شريف ڪو ڪم سمجهيو؟ پر جيڪڏهن جاهل ۽ نالائق رهندو ته توڻي نيڪدل هوندو، ته به ڪجهه ڪري نه سگهندو، پر جيڪڏهن علم پرائيندو ۽ لائق ٿيندو ته چڱي صلاح به ڏيئي سگهندو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي مصيبت کان آزاد به ڪرائي سگهندو.
مون اڪثر ڏٺو آهي ته عقل ۽ چال جي پڪائي لاءِ شريف ۽ اعليٰ ۽ عظيم خيال نهايت ضروري آهن.
اهڙي قسم جي تعليم سڀ ڪنهن طرح ڪامل هئڻ گهرجي، يعني ٻارن جي مختلف لياقتن ۽ مختلف حالتن موافق هجي. تنهن کان سواءِ اها تعليم من ۽ دماغ جي سائنس موجب ڏيڻ گهرجي، يعني سادگي، پيار، سر جوشي ۽ صبر سان ڏيڻ گهرجي. پوءِ فطر تامن اهڙو نازڪ ۽ روشن ٿيو پوي، جو سڀ ڪنهن سچ ۽ نيڪي جو هڪدم منجهس فوٽو ٺهيو پوي.
مان ڀانيان ٿو ته ٻار جي خيال جو پهريون واڌارو لفظي تعليم جي ڪري خراب ٿيو پوي، ڇو ته لفظي تعليم هن جي طاقتن ۽ حالتن جي موافق نه آهي. منهنجي آزمودي موجب فتحيابي انهيءَ تي منحصر آهي ته جيڪي ٻارن کي سيکار جي ٿو، سو ٻارن جي ذاتي تجربي سان موافق ٿي هنن کي هڪدم سچو ڏسڻ ۾ اچي.
مون کي ڪو به تعليمي سلسلو يا رستو يا هنر معلوم ڪو نه هو سواءِ انهيءَ جي جو ازخود منهنجي پيار ۾ ٻارن جي ويساه هئڻ سبب پيدا پئي ٿيو. نڪي وري مون ٻئي ڪنهن رستي جي پرواهه ٿي ڪئي. اهڙي طرح ٻارن جي تعليم کي مون پنهنجي اعليٰ مقصد کان گهٽ درجي تي رکيو. اهو اعليٰ مقصد هي هو: ”هنن جي ۽ منهنجي وچ ۾ گهرو لاڳاپن جي وسيلي هنن ۾ نيڪ خيال پيدا ڪرڻ ۽ مضبوط ڪرڻ.“
مون لفظن جي اڀياس تي گهڻو ڪري ٿورو زور ڏنو. جڏهن انهن لفظن ۾ لڪل خيالن جي سمجهاڻي ڏبي هئي، تڏهن به لفظن کي مکيه ڳالهه ڪري ڪين ڄاڻندو هوس.
ٻارن جي ڪم ۾ مونکي ترت فائدي وٺڻ جو ايترو خيال نه هو، جيترو بدني ترتيب ڏيڻ جو، جا ترتيب هنن جي طاقت وڌائڻ ۽ دستڪاري ۾ هوشيار ڪرڻ سان هننجي آئيندي زندگي ۾ ڪشادي گذران جو وسيلو ٿئي. اهڙي طرح منهنجو خيال هو ته ٻارن جي تعليم جو محور فقط سندن قدرتي قوتن جو استعمال ٿيڻ گهرجي. ۽ مون انهيءَ ڳالهه کي ضروري سمجهيو ته پهريائين هنن جي ڌيان، شين جي جانچي ڏسڻ ۽ يادگيريءَ جي قوتن کي استعمال ڏيئي زور وٺائجي. تنهن کان پوءِ عقل ۽ سببن مان نتيجن ڪڍڻ جي قوت کان ڪم وٺجي. رواجي تعليم جي ڪري اهڙا ماڻهو پيدا ٿا ٿين، جي رڳو ڳالهائي ڄاڻندا آهن ۽ سڀ ڪنهن ڏکئي سوال ۾ ٽپي پوندا آهن، مگر اونهو وڃي ڪين سگهندا آهن. انهن جي جاهليت سڀ کان وڌيڪ انساني ترقي ۽ سعادت کي صدمو پهچائي ٿي.
انهن اُصولن تي عمل ڪري مون پهريائين لکڻ پڙهڻ ۽ هجي تي ايترو ڌيان ڪو نه ڏنو، جيترو هنن جي قوتن کي استعمال ۾ آڻڻ تي ڏنم، انهيءَ لاءِ ته هنن جي سمجهه سڀ ڪنهن طرح ايترو وڌي جيترو ممڪن هجي.
شين جي سبقن ۾ جيڪي سکندا هئا، تنهن بابت پاڻ ٻوٺن ۽ جانورن کي جانچي ڏسڻ سان بلڪل تيزيءَ سان تحقيق ڪندا هئا. مون کي پڪ آهي ته اهڙي طرح هليو هلان ها، ته انهيءَ ڪم ۾ هنن کي ايتري عام واقفيت حاصل ٿئي ها،جا سڀ ڪنهن ڌنڌي ۾ هنن لاءِ ڪمائتي ٿئي ها، ۽ نه رڳو ايترو، پر امتحان به پاڻ ئي ڏيئي سگهن ها، ۽ اهو سڀ ڪجهه ٻاهر نڪرڻ کان سواءِ محدود حالتن ۾ ڪري سگهان ها. مان انهيءَ ڳالهه کي تمام ضروري ٿو سمجهان ته ماڻهن کي همٿائجي ته پاڻ کي پاڻ تعليم ڏين ۽ آزاديءَ سان پنهنجون طاقتون وڌائين. فقط انهيءَ وسيلي سان سڀ ڪنهن فرد جون خاص قوتون ۽ لياقتون پيدا ۽ ظاهر ٿينديون. مان ٻارن کي ڪهڙي به خسيس ڳالهه سيکاريندو هوس ته انهيءَ ۾ هنن کي ڪماليت وٺائيندو هوس ۽ وري پٺتي هٽڻ نه ڏيندو هوس. مثلا جو لفظ سکندا هئا، سو وري وسارڻ نه ڏيندو هوس، ۽ جيڪو اکر هيڪر چڱو لکندا هئا، سو وري گهٽ ٿيڻ نه ڏيندو هوس. جيڪي ٻار گهٽ هئا يا ڍرا هئا، تن لاءِ مون کي تحمل گهڻو هو، پر انهن ٻارن لاءِ تمام سخت هوس. جن ڪو ڪم چڱي طرح ڪري پوءِ وري گهٽ ڪيو. ڇوڪرن جي گهڻي تعداد ۽ ننڍوڏائي جي ڪري منهنجو ڪم آسان ٿي پيو. جهڙيءَ طرح ڪٽنب ۾ سڀني کان وڏو ۽ هوشيار ٻار پنهنجن ننڍن ڀائرن ۽ ڀينرن کي خوشيءَ سان پنهنجو علم ڏيکاريندو آهي ۽ اُن ۾ فخر وٺندو آهي، تهڙيءَ طرح منهنجي ٻارن کي به ڏاڍي خوشي ٿيندي هئي، جڏهن ڪا ڳالهه سکي ٻين کي سيکارڻ جا لائق ٿيندا هئا. هنن ۾ شرف حاصل ڪرڻ جو خيال جاڳيو ۽ ٻين کي سيکارڻ سان هنن کي ٻيڻي هوشياري حاصل پئي ٿي. اهڙي طرح سان مون لاءِ ٻارن منجهان ئي مددگار پيدا ٿي پيا. جڏهن ڏکين لفظن جي هجي سيکاريندو هوس، تڏهن ڪو ٻار ڪو لفظ چڱيءَ طرح سکي ويندو هو، ته هن کي ٻين جي سيکارڻ جي اجازت ڏيندو هوس. هي مددگار جي مون شروعات ۾ ئي ٺاهيا ۽ جن منهنجو نوع درجي بدر جي هٿ ٿي ڪيو، سي يقينا مون لاءِ اهڙا ڪمائتا ٿيا، جهڙا رواجي ماستر هرگز ڪين ٿين ها.
مان پاڻ به ٻارن سان گڏ سکيس پئي. اسان جو سڄو سرشتو اهڙو سادو ۽ فطرتي هو، جو مونکي اهڙو ماستر ملڻ ئي مشڪل هو، جو مون وانگي سکڻ ۽ سيکارڻ کي حقارت سان نه ڏسي. اهي هيون منهنجون اُميدون، مگر جنهن وقت اُميدون پوريون ٿيڻ تي هيون، تنهن وقت ئي مونکي سٽئنز ڇڏڻو پيو.“
دليرانه ڪوشش فقط وقتي اثر نٿيون رکن. بائرن نالي شاعر چيو آهي ته سچو خيال صديون ٿو هلي، ۽ ائين ڪڏهن ورلي ٿو ٿئي، جو ڪنهن انساني نيڪ عمل جو شرف رڳو انهي وقت تي منحصر رهيو هجي، جيترو وقت هو هلي ٿو. پيسٽالازيءَ جو سٽئنز وارو پنجن مهينن جو تجربو تعليم جي تاريخ ۾ هڪ عاليشان واقعو آهي. هاڻي هن کي سورهن آنا پڪ ٿي ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ جو سچو رستو لڌو، جنهن سان انسان کي پستيءَ مان ڪڍي بلنديءَ ڏانهن آڻي سگهجي، ۽ وري هن کي جو ذات انسان سان نهايت همدردي ۽ محبت هئي، سو اُن رستي تي عمل ڪرڻ ڌاران رهي نٿي سگهيو. پر ڪري سو ڪري ڇا؟ هن جا تعليمي خيال اُن وقت جي تعليمي اُستادن کان بلڪل نرالا هئا. هن جو ڳالهائڻ گگهو ۽ مس سمجهڻ جهڙو هوندو هو، اکر خراب هئس، ڊرائنگ ڪا نه ايندي هيس ۽ گرامر کي ڌڪاريندو هو. علم حيوانات ۽ نباتات جون ڪيتريون ئي شاخون سکيو هو، مگر انهن کي ڀاڱن ۾ ورهائڻ ۽ انهن جي مناسب نالن سانڊڻ تي ڌيان ڪو نه ڏنو هئائين. رواجي ليکو چوکو ايندو هوس، مگر ڊگهي ضرب ونڊ مشڪل لڳندي هيس. جاميٽريءَ جي سڌيان ڪرڻ جي ته شايد ڪڏهن ڪوشش ئي ڪانه ڪئي هئائين: ڪيترائي ورهيه ته ڪتابن کي هٿ به ڪو نه لاتو هئائين. پر اهو رواجي علم، جو عام ماڻهو هڪ يا ٻن ورهين ۾ سکي سگهن ٿا، تنهنجي بدارن پيسٽالازيءَ کي اهو علم هو، جنهن جي گهڻن ماسترن کي بلڪل سڌ ڪا نه هئي. انسان جي دل ۽ دماغ ۽ انهن کي زور وٺائڻ جي قانونن، انساني جذبن ۽ انهن کي جاڳائڻ ۽ شريف ڪرڻ جي هنر ۽ انساني فطرت کي سمجهڻ جي طاقت هن کي خدائي ڏات طور مليل هئي، ۽ اُن فطرت تي غور ڪرڻ کان هو ڪڏهن ڪين ٿڪبو هو. هن شخص کي اسڪول ماستر ٿيڻ جي خواهش هئي. پر ڪو اسڪول هن جي حوالي ڪرڻ تي ڪنهن کي همٿ ٿئي؟ ڪنهن جي به مرضي ڪا نه هئي، تنهن ڪري پيسٽالازيءَ کي ماٺ ڪري وهڻو پوي ها. پر برن جي ڀرواري شهر برگڊارف ۾ هن کي ڪي زور وارا دوست هئا. انهن هن کي ٻارن پڙهائڻ جي اجازت وٺي ڏني، نه وڏن ماڻهن جا ٻار پر گهٽ درجي وارن جا، جن مان ٽيهتر ٻار هڪڙي موچي جي گهر ۾ اچي جمع ٿيندا هئا. پر موچيءَ ۽ ٻارن جي ماءُ پيءُ کي هيءَ ڳالهه نه وڻي. هنن چيو ته جيڪڏهن وڏي درجي وارن ماڻهو کي اهو نئون تعليمي رستو پسند آهي ته پنهنجي ٻارن تي آزمائين. اهو هنن جو دليل هو به واجبي. هنن جي رنجش جي خبر پئجي ويئي، تنهنڪري اها اجازت رد ڪئي ويئي. مگر اها روڪ ٿورو وقت هلي. هن جا دوست موچيءَ کان وڌيڪ عاقل هئا. تنهن هن کي وڏن ماڻهن جي ٻارن جي اسڪول ۾ ٻاراڻي ڪلاس ۾ جاءِ وٺائي ڏني. انهي ڪلاس ۾ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون گڏجي سڀ پنجويهه ٻار هئا، جن جي عمر پنجن کان وٺي اٺن ورهين تائين هئي. هتي هن ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو فقط خيالي ماڻهو نه هو. ٻارن کي پنهنجي نموني اٺ مهينا پاڙهڻ بعد سرڪاري طرح هن جي تعليمي رستي جون خرابيون مڃڻ ۾ آيون.
نتيجو اهو ٿيو جو جون 1800 ۾ پيسٽالازيءَ کي برگڊارف جي ٻئي اسڪول جي ماستري ملي، جنهن ۾ ستر ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هيون، جن جي عمر ڏهن ۽ سورهن ورهين جي وچ ۾ هئي. اُتي پيسٽالازي اهڙو ڪامياب نه ٿيو.
پيسٽالازي هاڻي دل وجان سان پنهنجي نئين تعليمي رستي ٺاهڻ کي لڳي ويو. هيستائين جيڪي شاندار ڪاميابيون حاصل ڪيون هئائين، سي دل جي وسيلي، پر اسڪول کي ٻئي طاقتون دل خواه دماغ جون نروار ڪرڻيون آهن. پيسٽالازيءَ جي تعليم انهيءَ تي ڏني ٿي ويئي، جيڪي ٻارن پاڻ پئي ڏٺو. هن انهن ڳالهين تي گهڻو ڌيان ٿي ڏنو، جن جو تعلق ٻارن جي حواسن سان هو. هن کي انهيءَ ڳالهه تي غور ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته ٻار جي تعليم ڄمڻ کان ئي وٺي شروع ٿي ٿئي. ڄمڻ کان ئي ٻار پنهنجا حواس ڪم آڻي ٿو ۽ فطرت هن کي تعليم ڏئي ٿي. انسان جو فرض آهي ته ٻار کي درجي به درجي سندس عمر ۽ لياقت جي قدر تي هن جي حواسن تي اثر وهاري ۽ هن جون طاقتون ڪم آڻي. اسڪولي ڪتاب ۽ درجن جي ڪاپي به انهيءَ ئي اُصول تي ٺاهڻ گهرجن.
تعليم بابت گفتگو ڪندي پيسٽالازيءَ هڪڙي ڀيري چيو ته مان تعليم منَ جي سائنس جي قاعدن موجب ڏيڻ ٿو گهران. اُهي دائمي قاعدا، جن موجب ٻار ترقي ٿو ڪري. پر اُهي قاعدا اُن وقت تائين اڃا ڪنهن ڪين ڳولي ڪڍيا هئا ۽ هاڻي به بلڪل چڱيءَ طرح معلوم ڪين ٿيا آهن. پيسٽالازيءَ اُنهن قاعدن کي ڳولي ڪڍڻ ۽ اُنهن تي عمل ڪرڻ جي بلڪل گهڻي ڪوشش ڪئي. خوشي قسمتيءَ کان ڪي جوان هن جي ڪشش ۾ آيا ۽ هنن کيس گهڻي مدد ڪئي.
هن وقت پيسٽالازيءَ هڪڙي تعليمي انجمن واسطي پنهنجي تعليمي رستي جو بيان لکيو. اُن ۾ پهريان لفظ هي هئا ته ”مان من جي سائنس جي قانونن موجب تعليم ڏيڻ ٿو گهران.“ هن بيان ۾ عام تعليم جا مکيه ڪم هي ٻڌايا اٿس: ٻولي، ڊرائنگ لکڻ ۽ حساب. مسڪينن جي تعليم ۾ خاص طرح ٻن ڳالهين کي ضروري ڄاڻايائين: 1. ڳائڻ 2. قدرت جو حس ڏسي خوشي حاصل ڪرڻ جي تربيت. قدرت ۾ ڪيترائي وڻندڙ نظارا آهن، مگر ماڻهن ۾ اُنهن مان خوشي حاصل ڪرڻ جو مادو ڪمزور ٿي ويو آهي. انهيءَمادي کي درجي به درجي ٻارن جي عمر آهر نظارن ۽ خوبصورت شين ڏيکارڻ سان زور وٺائي ٿو سگهجي.
ارڙهين صديءَ جي آخري سال ۾ پيسٽالازي استقلال سان پنهنجو ڪم ڪندو رهيو، مگر رستو اڃا صاف نظر ڪين پئي آيس. مارچ 1800 ۾ پنهنجي هڪ دوست ڏانهن لکيائين ته ”حياتيءَ جا ٽيهه ورهيه هيبتباڪ تنگيءَ ۾ گذاريا اٿم. ايتريءَ ساريءَ عمر ۾ اڪثر ڪري تمام ضروري گذر جون شيون به ميسر نه پئي ٿيون اٿم، ۽ موچارن ڪپڙن نه هئڻ ڪري ٻين ماڻهن جي سنگت کان پاڻ پري پئي رکيو اٿم. ڪيترائي ڀيرا مون کي بنا مانيءَ کائڻ جي ويلو پئي گذريو آهي ۽ رستي تي هلندي روٽيءَ جو سڪو ٽڪر پئي کاڌو اٿم. اگرچه سڀني کان مسڪين ماڻهو به ميز جي چوڌاري مزي سان طعام کائيندا هئا. هي مصيبتون مون انهيءَ لاءِ پئي سٺيون آهن ۽ اڃا به پيو سهان ته مسڪينن جي مدد لاءِ ڪي تجويزون ڳولي ڪڍان.“ پيسٽالازيءَ کي مدد ملڻ جي سخت ضرورت هئي. هن وقت هن کي هڪڙو مددگار مليو، جو اگرچه اسڪول ماستر هو، ته به نئين رستي سکڻ لاءِ ۽ ٻين جي خيالن تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار گو. هن جو نالو هرمن ڪروزي هو ۽ عمر پنجويهه ورهيه هيس. هو ارڙهن ورهين جي عمر کان وٺي گبز ضلع اپنزل جي ڳوٺاڻي اسڪول ۾ ماستر هو. فرينچن ۽ آسٽرين جي وچ ۾ لڙائي لڳڻ ڪري اپنزل صلغ ۾ سخت ڏڪار اچي پيو، ۽ ٻارن جون ٽوليون بک کان بچائڻ لاءِ ٻئي پاسي موڪلڻيون پيون. فشر، جو پيسٽالازيءَ جو دوست هو ۽ جنهن کي تعليم جو شوق هو تنهن، ڪروزيءَ ڏانهن لکيو ته ٽيهن ٻارن کي برگڊارف جي ماڻهن پاڻ وٽ رکڻ قبول ڪيو آهي ۽ انهن ٻارن جي سنڀال لاءِ هڪڙو ماڻهو کپي. ڪروزيءَ ڇا ڪيو جو ٻارن جي هڪڙي ٽولي وٺي هڪ هفتو پنڌ ڪري اچي برگڊارف ۾ گهڙيو. برگڊارف جي سخي ماڻهن ڇوڪرا ورهائي کنيا. ڪروزيءَ کي انهيءَ قلعي ۾ جاءِ ملي، جو ڪجهه فشر ۽ ڪجهه پيسٽالازي ۽ ڪروزيءَ اسڪول کوليو. فشر جلدئي مري ويو، ۽ پيسٽالازيءَ ڪروزيءَ کي چيو ته گڏجي قلعي ۾ اسڪول هلايون. ڪروزيءَ کي هيستائين پيسٽالازيءَ جا سڀ خيال پسند اچي ويا هئا. سرڪاري عملي ڪائونسل 23 جولاءِ 1800 جي فرمان سان پيسٽالازيءَ کي مفت ۾ قلعي ۽ باغ جو ايترو حصو، جيترو هن کي گهربل هجي، ڏنو. اهريءَ طرح پيسٽالازيءَ جو برگڊارف وارو مشهور اسڪول جاري ٿيو.
جلدئي ڪروزيءَ ٻيا ٻه مددگار هٿ ڪيا. ٽابلر ۽ بس، جن ليونارڊ ۽ جرٽروڊ وارو ڪتاب پڙهيو هو. ڪروزيءَ جوبيان آهي ته ”اسانجي جماعت چئن مختلف قسمن جي ماڻهن جي ٺهيل هئي. هڪڙو اسڪول جو پايو وجهندڙ، جنهن بابت عام طرح ائين مشهور هو ته هو هڪڙو خيالي مصنف آهي، جنهن کي عمل ڪرڻ جو لياقت بلڪل ڪانهي، ۽ ٽي نوجوان، هڪڙو (ٽابلر) خانگي ماستر، جنهن جي ننڍائيءَ جو وقت اجايو وڃايل هو، جنهن علم سکڻ دير سان شروع ڪيو هو ۽ جنهن جي تعليمي ڪوشش اهڙو چڱو نتيجو ڪو نه ڏيکاريو هو، جهڙو هن جي چال ۽ لياقت جي ڪري ٿيڻ گهربو هو، ٻيو (بس) جلد بنديءَ جو ڪم ڪندڙ، جو پنهنجو فرصت جو وقت راڳ ۽ ڊرائنگ ۾ صرف ڪندو هو، ۽ ٽيون (ڪروزي پاڻ) ڳوٺاڻو اسڪول ماستر، جنهن تعليم ڏيڻ لاءِ پوري ۽ لياقت حاصل ڪرڻ کانسواءِ پنهنجا فرض پنهنجي طاقت آهر بجاءِ پئي آندا. اسان منجهان ڪنهن کي پنهنجو گهر ڪو نه هو. جن شخصن اسان کي پئي ڏٺو، تن تي اسان جي لياقتن به نسبت ڪو چڱو اثر ڪو نه ٿي ويٺو. تنهن هوندي به اسان جو ڪم تمام چڱو هليو، ۽ عام ماڻهن کي اهڙو پسند آيو، جو جيڪي اسان جا واقف هئا، تن کي ايتري اُميد ڪا نه هئي ۽ نڪي خود اسان کي ئي ڪا ايتري اُميد هئي.“
سرڪار جي مدد سان پيسٽالازيءَ ۽ ڪروزيءَ جي گڏيلن اسڪولن سان هڪڙو ٽريننگ ڪلاس ماسترن لاءِ لاڳو ڪيو ويو، ۽ ننڍن اسڪولن جا ماستر هڪ مهينو برگڊارف ۾ گذارڻ ۽ پيسٽالازيءَ کان سکڻ لاءِ موڪليا ويندا هئا، جيئن ڪي ورهيه هن کان پوءِ ساڳئي ئي شهر ۾ فروبيل کان سکڻ ويندا هئا. هي اسڪول جنوري 1801 ۾ کليو ۽ ذري گهٽ ٽي ورهيه پوري ڪاميابيءَ سان هليو. انهيءَ اسڪول ۾ پيسٽالازيءَ جو اهو خيال ته اسڪول ۽ گهر جي وچ ۾ جدائي ۽ اختلاف نه هئڻ گهرجي، سو پوريءَ طرح عمل آندو ويو. هڪڙي ڀيري هڪڙي شاگرد جي پيءُ اسڪول ڏسي رڙ ڪري چيو ته “هان! هي اسڪول ته ناهي، هي ته هڪڙو ڪٽنب آهي. پيسٽالازيءَ انهي ريمارڪ بابت ظاهر ڪيو ته اها سندس اسڪول لاءِ عاليشان واکاڻ هئي. جنهن رسيءَ سڀني ماسترن ۽ شاگردن کي ڳنڍي هڪ ڪيو هو، سا هئي محبت جي رسي. پيسٽالازيءَ کي ”بابو پيسٽالازي“ ڪري ڪوٺيندا هئا. جاءِ جي تنگيءَ ڪري شاگرد سو کان گهٽ رکيا ويا. هو بلڪل گهڻي آزادي ماڻيندا هئا ۽ انعامن يا سزائن کان سواءِ خوب محنت ڪندا هئا. سرڪاري توڙي خانگي رپورٽن ۾ اسڪول جي نتيجي جي بلڪل گهڻي تعريف ڪئي ويئي. جون 1802 ۾ برن ۾ عام تعليم جي پريزيڊنٽ ظاهر ڪيو ته “پيسٽالازيءَ ابتدائي تعليم جا سچا ۽ هر حالت سان لاڳو قاعدا ڳولي ڪڍيا آهن. هڪڙو شخص چارلس وڪٽر، جنهن اسڪول ڏٺو، سو لکي ٿو ته ٻار ٿورو سکيا آهن، پر جيڪي سکيا آهن، سو تمام چڱي طرح. هو تمام خوش آهن ۽ اها ڳالهه چڱيءَ طرح ظاهر آهي ته هنن کي سبقن مان تمام گهڻو مزو ٿو اچي. اها ڳالهه نئين تعليمي رستي جي واکاڻ آهي. پيسٽالازيءَ جهڙو ٻيو ماڻهو پيدا ٿيڻ ۾ گهڻو وقت گهربو، تنهن ڪري مون کي خوف آهي ته سندس لڌل رستو جيڪو ڀلي فصل جي اُميد ٿو ڏياري، سو نه هن زماني ۾، پر ايندڙ زمانن ۾ لڀندو. شاگردن حسابن ۾ خصوصا چڱي ترقي ڪئي هئي. هڪڙو سوداگر، جنهن کي پيسٽالازي ڪين وڻندو هو، سو ڇوڪرن کي ڏکيا اڻپور آسانيءَ سان ڪندو ڏسي حيرت ۾ پئجي ويو.
هن وقت تائين پيسٽالازيءَ اڳين رستن مٽائڻ ۽ سڌارن ڪرڻ لاءِ ڪوشش پئي ڪئي ۽ ماڻهن تي به چڱو اثر پيدا ڪيائين. پر هاڻي وري لهر اُبتڙ وهڻ لڳي. سئٽزرلنڊ جي ماڻهن پنهنجا چونڊيل ميمبر فرانس جي مشهور نيپولين بونا پارٽ ڏانهن پنهنجي آئيندي بادشاهت جي انتظام لاءِ موڪليا. انهن سان گڏ پيسٽالازي به چونڊيو ويو هو. هو نه اُنهن خيالن سان روانو ٿيو ته سئٽزرلنڊ جي آئيندي بادشاهت ڪهڙي ٿئي، پر انهن خيالن سان ته اسڪول جو انتظام ڪيئن هئڻ گهرجي. پئرس ۾ بونا پارٽ سان ملڻ جي استدعا ڪيائين. مگر بونا پارٽ کي ملڪن ٺاهڻ کان ملڪن ڊاهڻ (جنگ ڪرڻ ۽ ملڪن فتح ڪرڻ) جو خيال وڌيڪ هو، تنهن ورندي ڏني ته مون کي الف بي جي ڳالهين تي مٿو کپائڻو ڪونهي. تنهن هوندي به پنهنجي نائب مانجهه کي چيائين ته تون وڃي پيسٽالازيءَ جون ڳالهيون ٻڌ. پر هي رياضي دان انگريزي تعليم دانن سان شامل راءِ ٿيو ته ”پيسٽالازيءَ ۾ ڪجهه به ڪينهي.“ جڏهن پيسٽالازيءَ موٽي آيو، تڏهن ڪنهن پڇيس ته بونا پارٽ سان مليوَ؟ هن جواب ڏنو ته نه مان هن سان مليس، نڪي هو مون سان مليو. هن جي اها گستاخي، جو فاتح اعظم سان برابريءَ جا الفاظ ڪم آندائين، سا ماڻهن کي ڏاڍي ڏکي لڳي. مگر زمانو سڀ ڪنهن جو قدر نيٺ ڪري ٿو، ۽ هينئر يورپ نيپولين کان وڌيڪ پيسٽالازيءَ کي لائق ٿو سمجهي ۽ بلڪل گهڻو وڌيڪ عزت ٿو ڏئي.
سٽزرلئنڊ جي بادشاهت ۾ ڦير گهير ڪرڻ ڪري پيسٽالازيءَ کي اهو اسڪول بند ڪرڻو پيو. ٻن ٽن هنڌن تان نا اُميد ٿيڻ کان پوءِ نيٺ ورڊن جي قلعي ۾ اسڪول کولڻ جي کيس آڇ ٿي. سندس نائب به ٻارهن مهينن جي اندر اچي اُتي ساڻس شامل ٿيا. اهڙيءَ طرح تعليم جي تاريخ ۾ سڀني کان وڌيڪ مشهور اسڪول کليو. ڪن ورهين تائين فتحيابي حيرت انگيز ڏسڻ ۾ آئي. ڪيترن ئي ملڪن مان سرڪاري طور ماستر پيسٽالازيءَ جي رستي سکڻ لاءِ ورڊن ۾ ايندا هئا. شاگرد به پري پري جا ايندا هئا، جن مان ڪي پيسٽالازيءَ جي سنڀال هيٺ ڇڏيا ويندا هئا ۽ ڪي شهر ۾ رهندا هئا ۽ فقط ڏينهن جي وقت قلعي ۾ پڙهڻ لاءِ ايندا هئا. نون خيالن جي شوق جي لهر هڪدم زور وٺي ويئي. مگر تکي لهر سڀاويڪ قائم نٿي رهي. جنهن وقت ماڻهن جو جوش گهٽ ٿو ٿئي، تنهن وقت نااُميدي ظاهر ٿيڻ ٿي لڳي. ورڊن ۾ به ائين ئي ٿيو ۽ اسڪول جلدئي بند ٿيو. مگر جن اُصولن تي پيسٽالازيءَ عمل پئي ڪيو، سي بند ٿيڻ جا نه هئا، خصوصا جرمنيءَ ۾ ماستر قبول ٿا ڪن ته اسان پيسٽالازيءَ جي طريقهءِ تعليم مان گهڻو فائدو ورتو آهي.
اسان مٿي بيان ڪيو آهي ته شنهشاهه نيپولين الف بي جي سوالن تي مٿي مارڻ کان انڪار ڪيو. هن کي اها مغروري هئي، جا ڪنڌ ڀڃائيندي آهي. مگر پريشا (جرمني جي وڏي رياست)، جا (ورجينا) واري لڙائيءَ ۾ 1806ع ۾ زبون ٿي ويئي هئي، تنهن جي سرڪار کي اها سمجهه آئي ته اڄوڪا ٻار سڀاڻي مرد ٿيڻا آهن، پر ڪهڙي قسم جا مرد ٿيندا، تنهنجو سڄو مدار آهي تعليم تي. پرشيا ڪيئن وري پنهنجو ڪـَـرُ مٿي ڪري؟ پرشيا جي حاڪمن فيصلو ڪيو ته فقط ماڻهن کي چڱي تعليم ڏيڻ سان اسان جي بادشاهت وري ڪنڌ مٿي کڻي سگهندي. بادشاهه فرمايو ته ”اسان ملڪ وڃايوآهي ۽ ٻاهرين ملڪن جي نظر ۾ اسانجي طاقت ۽ عزت ڪري پيئي آهي، مگر اسان محنت ڪري پنهنجي ملڪ جي اندر وري به طاقت ۽ عزت حاصل ڪنداسين. انهي ڪري منهنجي خواهش آهي ته سڀني ڳالهين کان وڌيڪ ماڻهن جي تعليم تي گهڻو ڌيان ڏجي. ساڳي ورهيه ۾ اُتي جي راڻيءَ پنهنجي خانگي ڊائريءَ ۾ لکيو ته ”مان ليونارڊ ۽ جرٽروڊ جي پڙهڻ ۾ مشغول رهي آهيان، ۽ مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ٿئي، جو پڙهڻ وقت منهنجو سڄو خيال سئٽزرلئنڊ جي انهي ننڍڙي ڳوٺ ۾ وڃي ٿو پوي. جيڪڏهن پنهنجي مرضيءَ تي هلي سگهان ته جيڪر هڪدم گاڏي تيار ڪرائي پيسٽالازيءَ جي ڏسڻ لاءِ سئٽزرلئنڊ ڏانهن رواني ٿيان، شوق سان کيس هٿ هٿ ۾ ڏيان ۽ منهنجون اکيون لڙڪن سان ڀرجي منهنجي شڪر گذاري ظاهر ڪن. ڪهڙيءَ نه نيڪ دل سان ۽ ڪهڙي نه شوق سان هو ذات انسان جي ڀلائيءَ لاءِ محنت پيو ڪري! انسانيت جي پاران مان سندس ته دل شڪر گذار آهيان.“
اهڙيءَ طرح پرشيا هڪدم پيسٽالازيءَ جي اُصولن تي تعليم ڏيڻ شروع ڪئي، ڇو ته پريشا جي سڀني ماڻهن کي پڪ ٿي ويئي ته ترقيءَ جو مدار فقط تعليم تي آهي. پريشا جي بادشاهت سترهن نوجوان پيسٽالازيءَ ڏي موڪليا. وزير جيڪو خط پيسٽالازيءَ ڏي لکيو، تنهن ۾ لکيائين ته ”ماستريءَ جي شريف ڌنڌي هلائڻ لاءِ ماسترن کي نه رڳو دماغ جو سڌارو گهرجي، دل جو سڌارو به گهرجي، انهيءَ لاءِ ته پنهنجي ڪم کي متبرڪ سمجهي اهڙي چاهه سان ڪم ڪن، جيئن توهان پئي ڪيو آهي.“
ورڊن ۾ جيڪي شاگرد پيسٽالازيءَ وٽ پڙهيا، تن مان ڪيترن ئي وڏي هوندي چڱو نالو ڪڍيو. پيسٽالازيءَ کي هتي جيڪا ڪاميابي حاصل ٿي، تنهن جي شاهدي گهڻن وڏن ماڻهن ڏني آهي. تنهن هوندي به اسڪول جي زواليت جو ٻج منجهس موجود هو. اسڪول جي زواليت جا سبب گهڻائي هئا. پر اُهي تڏهن ظاهر ٿيا، جڏهن ماسترن جي وچ ۾ ڦيٽاڙو پيو. پيسٽالازي اسڪول جي اخلاقن ۽ ضابطي جو بنياد ڪٽنب جي لاڳاپن پيدا ڪرڻ تي ٿي ٻڌو ۽ پاڻ ٻارن جي لاءِ پيءَ جي بجاءِ ٿي ڪوشش ڪيائين، برگڊارف ۾ اهو پيوند پيدا ڪرڻ ممڪن هو، مگر ورڊن ۾ هڪ ته ڇوڪرا گهڻا هئا، ٻيو وري مختلف ٻولين ۽ عادتن وارا هئا. شاگردن هت به کيس ”بابو پيسٽالازي“ ڪري پئي سڏيو، پر جيئن پيءُ ٻارن کي سڃاڻي ٿو سگهي تيئن پيسٽالازيءَ لاءِ ٻارن کي سڃاڻڻ محال هو. تنهنڪري ڪٽنب جي نموني وارو ضابطو نه هلي سگهيو، نڪي وري اسڪول ۾ ڪو ضابطو رکيل هو. تنهن کانسواءِ پيسٽالازيءَ ناممڪن ڳالهين ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هن جو خيال هو ته تعليم اوائلي ڳالهين کان وٺي شروع ڪجي. پر هن وٽ ڇوڪرا وڏين عمرين وارا به پئي آيا، جن مان ڪي ته اڳي به ڪجهه سکيل هئا. هاڻي اهڙن ڇوڪرن کي ڪيئن مڃائجي ته توهان ڪجهه سکيل ڪين آهيو، هاڻي نئين رستي تي تعليم شروع ڪريو؟
پر انهن کان وڏو سبب اسڪول جي زواليت جو ٻيو هو. ماسترن ۾ هڪڙو جوزف شمنڊ نالي حسابي ڪم ۾ تمام تکو هو. هو بلڪل چالاڪ ماستر هو ۽ اسڪول جي سڌاري جو گهڻو مدار هن تي به هو. مگر هن جا خيال پيسٽالازيءَ جي خيالن موافق نه هئا، تنهنڪري هن اسڪول ۾ ڦيٽاڙو وڌو ۽ انهي بي اتفاقيءَجي ڪري پيسٽالازيءَ تمام ڏاڍو دل شڪستو ٿي پيو.
اسڪول جي سڪرات ڪي ورهيه هلي. انهيءَ دردناڪ عرصي جا ٻه واقعا بيان ڪرڻ جهڙا آهن. پهريون هو پيسٽالازيءَ جي تصنيفن جو ڇپائڻ، جنهن لاءِ شمنڊ ۽ پيسٽالازي پبلڪ کان چنڊو گهريو. پبلڪ اهڙي ڪشاده دلي ڏيکاري، جو پيسٽالازيءَ کي ٻه هزار پائونڊ ملي ويا. پيسٽالازيءَ کي گهڻي وقت کان نيوهاف ۾ يتيم خاني ڪڍڻ جو خيال هو. هاڻي هن اردو ڪيو ته اهي پئسا انهيءَ ڪم تي خرچ ڪريان. پر اهي سڀ پئسا ائين ڳري ويا، ڪنهن کي پتو ڪونهي ته ڪيئن ويا.
ٻيو واقعو هو پيسٽالازي جي آخري فتح. شمنڊ جي مخالفت هوندي به هن ورڊن جي نزديڪ ڪلنڊي ۾ هڪڙو ٻارهن رولو ٻارن جو اسڪول کوليو. هت سندس محنت جو ڦل اهڙو ئي نڪتو، جهڙو نيوهاف، سٽئنز ۽ برگڊارف ۾ نڪتو هو. اگرچه هو ٻڍو هو، پنهنجي خيالن ۾ محو رهندو ۽ رواجي ڪمن ڪرڻ جي لياقت نه هوندي هيس، تڏهن به ٻارن جي التفات ۽ محبت حاصل ڪرڻ ۽ هنن کي پنهنجي مرضيءَ تي هلائڻ لاءِ هن ۾ جادو جهڙو اثر هو. ٿورڙن ئي مهينن ۾ ٻارن جو تعداد ٽيهه وڃي ٿيو ۽ تعليم ۾ حيرت جهڙي ترقي ٿي وئي پيسٽالازيءَ پوءِ شمنڊ جي چوڻ تي اهو اسڪول قلعي ۾ آندو.
سنه 1824 ۾ ورڊن جي قلعي جو اسڪول جو ويهه ورهيه هليو هو، سو نيٺ هميشه لاءِ بند ٿيو، ۽ پيسٽالازيءَ پنهنجي حياتيءَ جا باقي ڏينهن (اٽڪل ٽي ورهيه) نيوهاف ۾ پنهنجي پوٽي وٽ وڃي رهيو. مرڻ کان هڪ ورهيه اڳي هن يوگن شهر ۾ يتيم خانو وڃي ڏٺو، جنهنجو ڪم يلر سندس اُصولن تي هلائيندو هو. ٻارن سندس شان ۾ هڪڙو گيت ڳاليو، جو ليونارڊ ۽ جرٽروڊ ۾ ڏنل آهي. هنن هن ٻڍي ماڻهوءَ جي سر تي عزت جي تاج رکڻ جي تياري ڪري ڇڏي هئي، مگر پيسٽالازيءَ انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”مان هن جي لائق نه آهيان، اهو تاج معصوميت لاءِ رکو.“
تاريخ 17 فبيروري 1847 ۾ ايڪاسي ورهين جي ڄمار پيسٽالازي هن دنيا مان لاڏاڻو ڪيو.
پيسٽالازيءَ جي سوانح عمريءَ مان جيڪي سبق ماستر ۽ ماءُ پيءُ سکي سگهن ٿا، تن جي بيان ڪرڻ لاءِ دفتر گهرجن. مگر هتي فقط ايترو چئي سگهجي ٿو ته ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ پيسٽالازيءَ جهڙي دل هئڻ گهرجي. تعليم جو سچو مقصد آهي بدني، اخلاقي، دماغي ۽ روحاني سڌارو، جيئن دنيا ۾ پنهنجي لاءِ خواه ٻين لاءِ چڱائي جا ڪم ڪري سگهجن ۽ آخرت جي چڱائي به حاصل ڪجي. جيڪڏهن بدن نٻل يا روڳي آهي ته انسان دنيا ۾ ڪجهه ڪري نٿو سگهي. جيڪڏهن اخلاق خراب آهن ته بدني ۽ دماغي طاقتون اُٽلندو نقصان ڪار آهن. تنهنڪري ماسترن کي گهڻو خيال ڏيڻو آهي شاگردن جي تندرستيءَ ۽ اخلاقن سڌارڻ تي . اخلاقن سڌارڻ لاءِ سڀ کان ضروري ڳالهه اها آهي ته ماسترن جي دل ۽ سندن اخلاق اهڙو هجن جهڙا پيسٽالازيءَ جا.