ٻاراڻن ڪلاسن بابت ڏنل هدايتن جو انتخاب
شروعات ۾ جيڪي به شاگرد ٻاراڻي ڪلاس ۾ تيار ڪرڻا هجن، تن کي الف ب هيٺئين نموني سيکارڻ گهرجي:-
سڀني شاگردن کي سليٽون، قلم کڻائي بورڊ جي سامهون بيهار جي ۽ بورڊ تي هڪ ليڪ سڌي چاڪ سان ڪڍجي ان ليڪ تي پهريائين قاعدي موجب الف ڪڍجي ۽ پوءِ شاگردن کي چئجي ته جيئن مون لکيو آهي تئين اوهين به سليٽ تي لکو، پوءِ هو اهڙيءَ طرح سليٽ تي معلم جي هدايت موجب اهو اکر لکن پوءِ ٻارن کي ٻڌائڻ گهرجي ته اهو جو مون بورڊ تي اکر لکيو آهي ۽ اوهان کان به لکايو اٿم ان جو نالو آهي الف، ۽ سڀني کان اهو نالو چورائجي اهڙيءَ طرح وري بورڊ تي به لکجي ۽ پڻ ساڳيءَ ريت شاگردن کان به لکائجي ۽ ان اکر جو نالو ٻڌائي شاگردن کي به سڃاڻائجي. انهيءَ ترتيب سان بورڊ جي وسيلي سڄي الف ب سيکارجي، جنهن ڪري شاگرد لکڻ ۽ پڙهڻ گڏ سکندا رهندا ۽ الف ب به سڃاڻي سگهندا. وڌيڪ تسليٰ ۽ پڪائي لاءِ هڪ تختي الف ب جي ٺاهجي جنهن ۾ وچواري اکر لکيل هجن، جيئن ته ج، س، ڙ، ڪ، ي، پ، ڏ، ا، ط، وغيره وغيره پوءِ ان تختيءَ تان ٻارن کان سوال پڇجن ته فلاڻو اکر ڏيکاريو، ائين ڪرڻ سان ٻارن کي جهٽ پٽ اکر پڪا ٿي ويندا. تنهن کان پوءِ ٻارن کي اُچارن يا آوازن جو استعمال ڪرائجي پر آوازن جو استعمال اهڙو هجي جو شاگرد سڀڪنهن اکر جا آواز ڪڍي سگهن ۽ ڏنل آوازن مان اکر سڄو ڪري سگهن. پوءِ کڻي لفظ ۾ پنج يا ڇهه آواز هجن. اُچارن سيکارڻ ۾ جيڪو به وقت لڳي سو ڀل لڳي پر ڪڪ هرگز نه ٿيڻ گهرجي. تنهن کان پوءِ اَ اِ اُ آ. جي فرحي شروع ڪرائجي پر هجي پاڙهڻ نه گهرجي سمورو ڪم اُچارن تي منحصر هئڻ گهرجي ۽ ڏنل زبر - زير - پيش - ۽ مد جا نالا شاگردن کي سڃاڻائجن. جڏهن ڀَ ڀِ ڀُ ڀا تائين پڙهائي رهجي، تڏهن انهن اکرن اندر ٺهيل لفظ سيکارجن. جيڪڏهن شاگردن کي اُچار اڳيئي سيکاريل آهن ته پوءِ بنا تڪليف جي اکر بلڪ لفظ به سڃاڻي سگهندا، جئن ته الف کي زبر ڏيئي ٻارن کان پڇبو ته هيءُ اکر ڇا لکيو اٿم؟ چوندا ته اَ، پوءِ وري ب کي پويان الف ڏيئي پڇبو ته چوندا ته اهو آهي با، پوءِ جنهن صورت ۾ اُچار سکيل هوندا تنهن صورت ۾ ٻئي اکر ٻه ٽي دفعا گڏي چوڻ کانپوءِ چوندا ته اهو آهي ”ابا“ اهڙيءَ طرح آب - بابا - اُڀ - باب، وغيره پاڻيهي سڃاڻي سگهندا. تنهن کان پوءِ سڄي فرحي اهڙن مثالن ۽ لفظن سڃاڻڻ سان پڙهائي، پوءِ اوُ - اي جي فرحي پڻ آوازن جي رستي پڙهائڻ گهرجي ۽ ان جو استعمال به مٿي ڏيکاريل اَ اِ اُ آ واريءَ فرحيءَ جهڙو هئڻ گهرجي ۽ پاڙهڻ وقت ان مان ٺهيل لفظن جو استعمال ڪرڻ گهرجي جيئن ته اَبو - اَٽو - بوٽ - بي بي - وغيره وغيره.
پوءِ ٻنهي قسم جي پڙهيل فرحين مان ٺهيل لفظن جو خوب استعمال ڪرائي ڪتاب شروع ڪجي.
منهنجي آزمائش آهي ته اهڙي سٺي استعمال کان پوءِ شاگرد ڪتاب جا سبق پاڻيهي پڙهي ويندا آهن ۽ ڪهڙو به اڻ پڙهيل اکر اُچارن جي رستي لکي ويندا آهن تنهن کان پوءِ انگ هيٺينءَ ريت سيکارڻ گهرجن:-
جن شاگردن کي انگ سيکارڻا هجن تن کي قطار ڪري بورڊ جي سامهون بهارجي ۽ انگن سيکارڻ وقت تيليون موجود هجن ۽ پڻ سليٽ قلم شاگردن کي هٿ ۾ هجي، پوءِ هڪ تيلي ڪڍي ٻارن کان پڇڻ گهرجي ته هي گهڻيون تيليون آهن؟ چوندا ته هڪ، پوءِ بورڊ تي هڪ جو انگ ٻارن کي لکي ڏيکارجي ۽ ٻڌائجين ته هڪ هيئن لکبو آهي ۽ اوهين به سليٽ تي لکو. وري ٻي تيلي به شامل ڪري پڇڻ گهرجي ته هيءَ گهڻيون تيليون آهن؟ چوندا ته ٻه، وري ٻن جو انگ بورڊ تي لکجي ۽ ٻارن کان به لکائجي. ٻارن کي ٻڌائجي ته هر هڪ تيليءَ جو نالو آهي ايڪو. تنهنڪري هڪ تيليءَ کي هڪ ايڪو ٻن کي 2 ايڪا ۽ 3 کي ٽي ايڪا چئبو آهي.
اهڙيءَ ريت پنجن ڇهن انگن سيکارڻ وقت ان سان جوڙ ڪٽ به سيکارڻ شامل ڪجي يعني ڇهه تيليون ڪڍي ٻارن کان پڇڻ گهرجي ته هيءُ گهڻيون تيليون آهن؟ چوندا ته ڇهه آهن، پوءِ انهن مان ٻه تيليون ڪڍي پڇڻ گهرجي ته هاڻي گهڻيون تيليون ٿيون؟ اهڙي ريت ٽي تيليون ڪڍي يا ٻه تيليون وجهي مٽ سٽ ڪري سيکاريل ڇهن اندر جوڙ ڪٽ جو نمونو استعمال ڪرائجي. جڏهن 9 تائين سيکاري رهجي ۽ 10 جو انگ سيکارجي تڏهن 10 تيليون گڏي ٻڌجن. پوءِ شاگردن کان پڇجي ته هن ۾ گهڻا ايڪا آهن؟ ٻار ٻڌائيندا ته 10 ايڪا آهن، اتي ٻڌائڻ گهرجي ته 10 ايڪن کي گڏي ڏهاڪو چئبو آهي، ڏسو ڏهاڪو ڪهڙو ٿلهو آهي. باقي ايڪو ڇڙيل ان سان شامل ڪو نه آهي، تنهنڪري ايڪي جي بدران ٻڙي ڏيئي ڏهاڪو ٿلهو ٿا لکون جهڙو ٺهيل آهي. | پوءِ وري ٻي تيلي شامل ڪري پڇجي ته هاڻي گهڻا ايڪا ۽ گهڻا ڏهاڪا ٿيا؟ ٻار چوندا ته هڪ ايڪو آهي ۽ هڪ ڏهاڪو آهي (ايڪن ۽ ڏهاڪن جي سڃاڻپ جي نشاني سنهائي ۽ ٿلهائي ڪجي) پوءِ معلم ٻڌائي ته هڪ ايڪو ۽ هڪ ڏهاڪو سو ٿيا يارهن، اهو لکجي. | | يعني ايڪو سنهو آهي ۽ ڏهاڪو ٿلهو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ اهڙا 10 ايڪا پيل آهن، ساڳيءَ ريت وري 2 تيليون ڪڍي ان سان ڏهاڪو شامل ڪري ٻارن کان پڇجي، ٻار چوندا ته اهو آهي 2 ايڪا ۽ هڪ ڏهاڪو، جيڪڏهن ٺهيل انگ جي شاگردن کي خبر نه پوي ته معلم انهن کي ٻڌائي ته اهو ٿيو ٻارهن سو لکيو وڃي 2| اهڙيءَ طرح 3|، 4|، 5|، 6|، وغيره سيکارڻ گهرجن، جڏهن 20 تائين اهڙي طرح سمجهائي رهبو تڏهن اڳتي 100 تائين پاڻيهي شاگرد لکي سگهندا يا بلڪل ٿوريءَ سمجهاڻيءَ سان سمجهي ويندا.
(ملا مخزن مارچ 1935ع)