رسومات تباهي
ڪجهه وقت ٿيو جو مرحوم مولوي حاجي الاهي بخش صاحب هڪ ڪتاب نالي رساله نيڪ صلاح تصنيف ڪري ڇپايو، ان جا سڀ نسخا بلڪل جلد وڪامي ويا، ۽ ان لاءِ خريدارن جا خطن پٺيان خط اچڻ لڳا مگر پنن جي مهانگائي ۽ ٻين سبب ڪري مولوي ممدوح (تعريف ڪيل) صاحب جن اهو رسالو ٻيهر ڇپارائي نه سگهيو. تنهنڪري سندن اجازت سان ان ڪتاب کي ڪجهه مختصر ڪري مسلمانن جي فائدي لاءِ ٻئي نالي سان ڇپائي پڌرو ڪجي ٿو.
هن ڪتاب ۾ انهن بد رسمن جو بيان ڪيل آهي جي اسان جي دين ۾ لازم نه آهن، بلڪ ناجائز آهن. انهن رسمن مسلمانن کي ترين ڀر ڪيرايو آهي، ۽ تباهي کي ويجهو پهچايو آهي. تنهنڪري هي ڪتاب اهڙو ضروري آهي جو سڀ ڪنهن مسجد ۾ رکڻ گهرجي، انهيءَ لاءِ ته پڙهيل مسلمان اهو ڪتاب اڻ پڙهيلن کي پڙهي ٻڌائين. جي شخص هي ڪتاب پڙهن تن کي گهرجي ته مجلسن ۾ خواهه ميلن ۾، مسجدن خواهه مڪانن ۾ هي ڳالهيون ٻين ماڻهن کي ٻڌائين. اميد ٿي ڪجي ته جي ماڻهو هي ڪتاب پڙهندا يا هي ڳالهيون ٻڌندا سي هن تي عمل ڪري خدا ۽ خدا جي رسولﷺ جو راضپو حاصل ڪندا ۽ دنيا ۽ آخرت جي سعادت پرائيندا. آمين (1921)
شروعات
حمد ۽ صلوات بعد ظاهر هجي ته، الله تعاليٰ جيڪي شيون ۽ جانور هن جهان ۾ خلقيا آهن تن سڀني ۾ انسان کي وڏو درجو بخشيو اٿس. الله تعاليٰ انسان کي عقل ڏنو آهي جنهن جي وسيلي هو چڱائي ۽ برائيءَ کي پروڙي ٿو سگهي. مگر عقل هوندي به هن دنيا جا ڪيترائي ماڻهو گمراهه ٿي تباهه ٿي پيا آهن. تنهن ڪري الله تعاليٰ پنهنجي رحم سان سڀ ڪنهن زماني ۾ اسان کي سمجهائڻ لاءِ پيغمبر پي موڪليا. آخري زماني ۾ حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ کي موڪليائين، ۽ سندن هٿان قرآن شريف به اسان جي هدايت لاءِ موڪليائين. حضرت محمد ﷺ جن جي سڀ هلت چلت پوري هئي ۽ الله تعاليٰ کين قرآن شريف ۾ اسوة حسنه (يعني بهترين نمونو) سڏيو آهي، ۽ حڪم ڪيو اٿس ته اسان کي سڀ ڪنهن ڪم ۾ حضرت محمدﷺ جن جي پيروي ڪرڻ گهرجي. تنهن ڪري ضروري آهي ته اسان اهي سڀ رسمون ۽ هلتون جي حضرت محمد ﷺ جي سنت جي مخالف آهن سي ڦٽيون ڪري، سندن سادي سڌي روش اختيار ڪريون. ڪي ماڻهو افسوس آهي جو چون ٿا ته هي اسان جي وڏن جون رسمون آهن سي نه ڇڏينداسون. وڏن جي رسم وڌيڪ يا حضرت جن جي پيروي وڌيڪ؟
پهرين رسم جهنڊ جي
اها رسم هي آهي جو جيڪڏهن ڪنهن شخص کي اولاد نه ٿيندو آهي ته جيڪو آسپاس يا پري اوري، پير فقير اهل مماتيءَ جو مشهور ٻڌل هوندس ان تي ويندو آهي، ۽ پنهنجي دل ۾ خيال ڪندو آهي ته هي پير منهنجي دل جي مراد ڄاڻي ۽ پوري به ڪري سگهندو. اهو ويساهه آڻي هو سوال ٿو ڪري ته اي ولي سونهارا! تون مون کي پٽ ڏي ته توکي آءُ نر جو نر ڏيندس، يعني ڪو سانُ يا گهيٽو يا ٻڪري تنهنجي درگاهه ۾ وٺي ايندس.
پوءِ جيڪڏهن خدا جي قدرت سان هن کي پٽ ٿو ڄمي ته هو سمجهي ٿو ته هي پٽڙو مونکي فلاڻي پير ڏنو آهي. هاڻي مون تي فرض آهي ته جيستائين نر جو نر نه ڏيان تيستائين پٽ جي جهنڊ يعني مٿي جا وار نه لهرايان. پوءِ جڏهن جهنڊ لهرائڻ جو سعيو ٿيندو تڏهن پٽ جو پيءَ ساري قبيلي ۾ سڏ ڏيندو، وهٽ واڙي گهوڙي گاڏي گڏ ڪندو، سڄي ڄڃ جي کاڌي پيتي جو سامان تيار ڪندو. گهر ۾ داڻو نه هوندس ته قرض کڻي ٽپڙ ٽاڙي وڪڻي ڪيئن به ڪري پورت ڪندو. جي گهر ۾ پردو هوندو ته به ڄڃ جا سڀ ماڻهو پير جي سکا ۾ سڀ شڪ شبها لاهي ڇڏيندا، ۽ شرم ٽارڻ لاءِ ٻيا چوندا ته پيرن جي پار ڏي غيرت ۽ شڪ نه آڻجي. مطلب ته سڀ مڙس ۽ زالون پاڻ ۾ بي حجاب کلندا ۽ ڳالهائيندا ۽ ائين پيا چوندا ته الله سائين شل اهڙيون مرادون سڀ ڪنهن جون پوريون ڪري. اهي نادان نٿا ڄاڻن ته هن هڪ مراد ۾ ڪيتريون نامراديون پيدا ٿيو پون.
1) خدا جي خلقيل انسان ۾ اهو ويساهه رکڻ ته هو اهڙا ڪم ڪري ٿو سگهي نسور ڪفر آهي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي:
اَللهُ خَالِقُ كُلِّ شَیۡءٍ ۫ وَّ هُوَ عَلٰی كُلِّ شَیۡءٍ وَّکِیۡلٌ ﴿۶۲﴾
يعني الله تعاليٰ ڪل شيءِ جو پيدا ڪندڙ آهي ۽ سڀ شيءِ تي تصرف ڪندڙ آهي. خلقڻ ۽ پيدا ڪرڻ جي قدرت فقط الله تعاليٰ کي آهي. ڪنهن ٻئي کي انهيءَ قدرت ۾ شامل ڪرڻ شرڪ آهي. قرآن شريف موجب جنهن شخص شرڪ رکيو بهشت ۾ نه ويندو.
2) مخلوق جو نذر باسڻ پڻ ڪفر آهي. اهو نذر وارو گوشت حرام آهي. الله تعاليٰ جل شانهو ٿو فرمائي ته:
حُرِّمَتْ عَلَیۡكُمُ الْمَیۡتَۃُ وَالدَّمُ وَلَحْمُ الْخِنْزِیۡرِ وَمَاۤ اُهِلَّ لِغَیۡرِ اللهِ
يعني مردار وهندڙ رت، سوئر جو گوشت، خدا تعاليٰ جي نالي کان سواءِ ڪنهن ٻئي جي نالي تي ڪٺل جانور اوهان جي لاءِ حرام آهن. مولانا عبدالحي لکنوي صاحب فتويٰ ڏني آهي ته جيڪي پَهِرُو وَلين جي واسطي ڪسن ٿا سي وَمَاۤ اُهِلَّ لِغَیۡرِ اللهِ جي حڪم ۾ داخل آهن. ٻئي هنڌ فرمايو اٿس ته جيڪو نذر مئن جي واسطي ولين سڳورن جي مقبرن وٽ ورتو وڃي ٿو سو حرام آهي. مخلوق جي واسطي نذر باسڻ جائز ناهي، ڇو ته نذر باسڻ عبادت آهي ۽ عبادت مخلوق واسطي ناهي. ٻيو ته جنهن واسطي نذر ٿو ڪجي سو ميت آهي، ۽ ميت ڪنهن به شيءِ جو مالڪ ٿي نه ٿو سگهي. ٽيون ته نذر باسيندڙ شخص سمجهي ٿو ته اهي ڪم ميت ٿو ڪري اهو ويساهه ڪفر جو آهي. اهڙا ڪفر جا ويساهه گهڻن جاهل ماڻهن ۾ ڏسجن پيا، جيئن ته ڪن ماڻهن کي چئبو آهي ته ڇوڪر جو مٿو اتي ئي کڻي ڪوڙايو ۽ اهو گهٽو اتي ئي خيرات ڪري ڏيو ته چوندا آهن ته جي ايئن ڪنداسين ته پير ڇوڪر کي ماري يا کاري ڇڏيندو. ڏسو ناداني ماڻهن جي، ايئن نٿا ڄاڻن ته ماريندڙ ۽ جياريندڙ فقط خدا تعاليٰ آهي ۽ نفعو ۽ نقصان پهچائڻ وارو به اهو ئي مولا آهي.
3) اجايو خرچ ڪرڻ شيطاني ڪم آهي، مفت پنهنجي لاءِ زياني آهي. الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ٿو فرمائي ته:
اِنَّ الْمُبَذِّرِیۡنَ کَانُوۡۤا اِخْوَانَ الشَّیٰطِیۡنِ ؕ
يعني اجايو و خرچ ڪندڙ شيطان جا ڀائر آهن.
4) بي حجابي جي دستور جاري ڪرڻ کان ٻڏي مرڻ ڀلو آهي. ڏسو الله تعاليٰ قرآن شريف ۾ ڪهڙو حڪم ڪيو آهي:
وَ قُلۡ لِّلْمُؤْمِنٰتِ یَغْضُضْنَ مِنْ اَبْصَارِھِنَّ وَ یَحْفَظْنَ فُرُوۡجَہُنَّ وَلَا یُبْدِیۡنَ زِیۡنَتَہُنَّ
يعني مومنياڻين کي چؤ ته پنهنجي اکين کي ڍڪين ۽ پنهنجي ڳجهن انگن جي حفاظت ڪن ۽ پنهنجي سينگار کي ظاهر نه ڪن. سخت ارمان جي ڳالهه آهي ته ڪيترائي مسلمان مڪريل زالن کي پيرن جي مقبرن تي جن ڪڍائڻ لاءِ وٺي ٿا وڃن جتي هو بيشرم ٿي هزارين ڌارين مردن جي اڳيان لهر ٿيون هڻن ۽ پير جا مجاور هنن کي کاڏيءَ ۾ پٺيءَ تي هٿ ٿا گهمائين.
جنهن شخص کي ڪنهن ولي وٽ وڃي سوال ڪرڻو هجي ته هن طرح سان دعا پني ته ڌڻي منهنجا! هن ڪامل ولي جي وسيلي منهنجو مشڪل آسان ڪر ته آءَ هي نذرانو تنهنجي نالي جو ادا ڪندس، يا هن درگاهه جي فقيرن کي آڻي ڏيندس. پوءِ جڏهن خدا تعاليٰ جي فضل سان پنهنجي مراد حاصل ڪري تڏهن ڳوٺ ۾ غريبن مسڪينن کي کارائي ڇڏي. جيڪڏهن درگاهه جي فقيرن کي ڏيڻو هجيس ته پاڻ اڪيلو وڃي گهٽو يا ٻڪر ڏيئي اچي، ناحق ڇوڪر جي جهنڊ سان گڏ پنهنجي جهنڊ نه لهرائي، نڪي سڄي ڄمار قرض جي بار هيٺ ڳهي ۽ مري.
ڇٺيءَ جي رسم
ڇٺيءَ جي رسم غريبن خواهه آسودن تي مفت جي چٽي آهي. ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن طعام رڌي مٽن مائٽن کي کارائيندا آهن، يا ٻن ٽن رپين جي مٺائي ورهائيندا آهن. جنهن شخص اهو ڪم سر انجام نه ڪيو سو سڄي قبيلي ۾ بدنام ٿيندو. جنهن گهر ۾ ڇٺيءَ جو ڀت ويندو آهي تنهن کي وري ان جي پٺيان پيسو ٽڪو ڀرڻو پوندو آهي. هي رسم به سنت جي مخالف آهي. ڇٺيءَ ۾ رڳو ناموس ۽ رياءَ تي خرچڻ حرام آهي جيئن ته قرآن شريف ۾ آهي:
اِنَّ الْمُبَذِّرِیۡنَ کَانُوۡۤا اِخْوَانَ الشَّیٰطِیۡنِ ؕ
هن آيت مان صاف معلوم ٿيندو. حديث شريف ۾ پڻ آيل آهي ته:
من يرائي يرائي الله به ومن يسمع يسمع الله به
يعني جو شخص ماڻهن جي ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ واسطي ڪو ڪم ٿو ڪري ته الله تعاليٰ ان شخص کي ڏيکاريندو ۽ ٻڌائيندو، يعني الله تعاليٰ ان شخص کي خوار ۽ شرمسار ڪندو.
ٻار جي ڄمڻ کان پوءِ ستين ڏينهن يا ڪو سبب هجي ته ان کان پوءِ پٽ لاءِ ٻه پهرو ۽ نياڻيءَ لاءِ هڪ پهرو ذبح ڪجي. پٽ لاءِ ٻه پهرو نه ٿي سگهن ته هڪ پهرو ڪافي آهي، شريعت شريف ۾ زياده تڪليف کان معافي آهي. گوشت جون ٽيون حصو فقيرن کي ڏيڻ گهرجي باقي ٻه حصا مٽن مائٽن ۽ پاڙي وارن کي ڏجن. ماءُ ۽ پيءُ، ڏاڏي ۽ ڏاڏيءَ کي به اهو گوشت کائڻ جائز آهي. جنهن شخص کي هڪ پهرو به لڀي نه سگهي تنهن کي عقيقي ڪرڻ جو ضرور ئي ڪونهي، ڇو ته نڪي هي ڪم فرض آهي نڪي واجب. مگر حنفي مذهب ۾ مستحب آهي.
رسم طوهر
سبحان الله هي رسم طهر جي ڪهڙي نه عمدي اسلامي رسم آهي، جا مسلمانن ۽ غير مسلمانن جي وچ ۾ فرق ڪرڻ ۽ سڃاڻڻ جو وسيلو آهي. اها پيغمبرن سڳورن جي سنت آهي. طهر ڪرڻ مان هڪڙو فائدو هي آهي جو اڻ طوهريل ماڻهوءَ کي هڪڙي قسم جي خارش ٿئي ٿي، جنهن مان هن ۾ مشتزنيءَ جي عادت پوڻ جو امڪان آهي. اها عادت اهڙي خراب آهي جو ماڻهوءَ کي جلد نٻل ۽ ضعيف ڪيو ڇڏي ۽ منجهائنس مرداني قوت به هليو وڃي. ڊاڪٽر چون ٿا ته طهريل ماڻهن ۾ اها عادت گهڻو گهٽ آهي.
هي رسم هن طرح بجا آڻجي. جڏهن ٻار طوهر جي بار سهڻ جهڙو ٿئي، تڏهن هڪدم حجام گهرائي بنا تڪليف ڪم لهرائي ڇڏجي. اجايو ڇو پاڻ کي ڪاڄ جي مصيبت ۾ وجهجي، ۽ مٽن مائٽن کي سڏ ڏيئي ناموس لاءِ وڏو خرچ ڪجي. نقل آهي ته حضرت عمرو بن العاص رضي الله کي ڪنهن شخص طوهر جي دعوت ڏني. هن قبول نه ڪئي. ڏسو اصحابن سڳورن جي تقويٰ. اڄوڪي زماني ۾ ڪو کڻي سڏي ته پوءِ ڪير ٿو ڇڏي. هن نقل موجب اها طوهر جي دعوت بڇڙي بدعت ڄاڻبي. پر جي کڻي مڃون ته مباح آهي ته به مباح کي لازم ڪري وٺڻ ڪراهت آهي. مولانا عبدالحي لکنوي صاحب پنهنجي فتويٰ ۾ صاف طرح ڏيکاريو آهي ته ڪنهن به ڪم کي رڳو رسم جي پابندي موجب لازم ۽ ضروري ڄاڻڻ ڪراهت آهي. ان بابت هڪ حديث به بيان ڪئي اٿس جنهن جو مطلب آهي ته نماز بعد کٻي پاسي کان ڦرڻ ۽ سڄي پاسي منهن ڪرڻ مستحب آهي، هاڻي ان مستحب کي پاڻ تي لازم ۽ واجب ڄاڻڻ شيطان کي پنهنجي نماز جي ثواب مان ڀاڱو ڏيڻ آهن.
هي ڪاڄ ڪرڻ جي رسم جهڙي شريعت موجب ناپسند آهي تهڙي عقل موجب بڇڙي آهي. ڇو ته جيڪڏهن ڪاڄ وارو آسودو هوندو ته هن جو سڀ مال اجايو ويو، نڪو ثواب مليس نڪا عزت حاصل ٿيس، ناحق ناموس تي پنهنجو مال خرچ ڪيائين. پر جي سڃو هوندو ته وڏي مصيبت ۾ پيو. جي ماني نٿو کارائي ته پاڻ کي مهڻن سان ٿو مارائي. لاچار دل وڏي ڪري وياج تي قرض کڻي پورت ڪندو. جڏهن سڀ ڄاڃي ڀت کائي راهي ٿيندا تڏهن هو ويچارو اچي ڳڻتين ۾ پوندو، ۽ سڄي عمر سندس دل جو ڦٽ پيو چڪندو.
ڪي نادان ماڻهو وري ڇا ڪندا آهن جو جيستائين ڪاڄ جي طاقت پاڻ ۾ نه ڀائيندا آهن تيستائين طهر نه ڪرائيندا آهن، ۽ پيا سنڀرندا آهن. سنڀرندي سنڀرندي ڇوڪر اچي بالغ ٿيندو آهي، پوءِ مس مس مٿا مونا هڻي قرض کڻي طهر ڪرائيندا آهن. اهڙي ڇوڪر جي ان وقت اگهڙ ڏسڻ گناهه آهي. ان وقت مٽن مائٽن کي ڪيڏي نه شرمندگي ٿيندي. حجام کي گهرجي ته ان وقت طوهر ڪرڻ انڪار ڪري نه ته گنهگار ٿيندو. ڪي مسلمان ته وري هن رسم وقت ناچ ڪرائيندا آهن ۽ راڳ ڳارائيندا آهن، ۽ هن پاڪ سنت ۾ ڪيتريون ئي بدعتون آڻي گڏائيندا آهن جن کان شل الله تعاليٰ سڀني کي ڇڏائي!
شاديءَ جون رسمون
هي رسم انسان جي نسل جاري رکڻ ڪري جامع البرڪات (يعني برڪتن سان ڀريل) آهي، ۽ شيطاني خيالن کي دور ڪرڻ سببان ام الحسنات (چڱاين جي ماءُ آهي). اها رسم آهي نڪاح جو عقد. قرآن ڪريم ۽ حديث شريف ۾ نڪاح ڪرڻ بابت گهڻو تاڪيد آهي. حديث سڳوريءَ ۾ آهي ته:
النکاح من سنتی فمن رغب عن سنتی فليس منی
يعني نڪاح منهنجو طريقو آهي، پوءِ جنهن منهنجي طريقي کان منهن موڙيو سو منهنجو امتي ناهي.
ٻي حديث ۾ آهي:
تنا کحو وتوالدوا وتکا ثرو فانی اباهی بکم الامم يومالقيامت ولو بالقسط
يعني نڪاح ڪريو ٻار ڄڻيو ۽ گهڻا ٿيو، آءُ تحقيق اوهان کان امتن ۾ قيامت جي ڏينهن خوش ٿيندس اگرچه ڪريل ٻار هوندو. نڪاح ۾ هي حڪمت آهي ته جيئن انسان ٻين جانورن کان شرف ۾ وڌيڪ آهي تيئن پاڻ ۾ گڏجڻ جو دستور يعني نڪاح به سندن شان ۽ عزت موافق آهي. ڏسو ٻيا ويچارا حيوان، هڪ مادي ته سوَ سان. انهيءَ نڪاح جي نعمت جا شڪر ۽ احسان انسان کي دل و جان سان ڳائڻ گهرجن ۽ گڏهن ۽ ڪتن وانگر گهتون نه کائڻ گهرجن. جي ماڻهو انهيءَ نعمت جو شڪر ادا نٿا ڪن، بلڪ پنهنجي زالن کان سواءِ ٻين هنڌن ٿا لڙڪن سي ماڻهو ناهن، ڍور آهن، ڍور به کانئن بهتر آهن، ڇو ته هنن کي عقل ڪونهي ۽ هنن لاءِ خدا تعاليٰ وقت ۽ موسمون مقرر ڪري ڇڏيا آهن. مومن لاءِ زال ڍال آهي پر اها جا نڪاح سان حلال آهي، ٻي جيءَ جو جنجال آهي. حديث شريف ۾ آهي ته جنهن نڪاح جو عقد ٻڌو تنهن اڌ ايمان جو لڌو. نڪاح جي چڱائيءَ بابت ٻيون به گهڻيون ئي حديثون آهن. پر افسوس صد افسوس جو هن سڳوريءَ سنت کي جنهن کي اسان مٿي ام الحسنات سڏيو آهي تنهن کي گهڻن نادانن بڇڙن بدعتن ۽ خرابين جي گڏڻ سان ام المفسدات (خرابين جي ماءُ) ڪري ڇڏيو آهي. اهڙي ڪا بد رسم ڪانه رهي آهي جا ماڻهن شاديءَ ۾ نه ڪئي آهي. مطلب ته هر گهر ۽ هر شهر ۾ پليگ وانگر پکڙجي ويئي آهي. هاڻي شاديءَ جي برباديءَ جون بد رسمون ٻڌو:
1 - عاليشان رسم
اڪثر عزت وارن ماڻهن جي هي رسم آهي جو پنهنجو ٻار وهاري ڇڏيندا آهن. ۽ ڪنهن به مٽ مائٽ کي عار جي سببان ڪين ڏيندا آهن. ائين پيا چوندا آهن، ته ڪو مٽ اسان جي مَٽُ ڪونهي. پر اهو اجايو هٺ آهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جو شان حضرت نبي آخر الزمان کان مٿي نه آهي، جنهن پنهنجيون نياڻيون پنهنجي عزيزن کي ڏنيون. هي جاهل ماڻهو جنهن ڪم کي پنهنجي وڏائي ۽ فخر ڀائين ٿا تنهن ۾ ڪيتريون ذلتون کائين ٿا. حديث شريف ۾ آيو آهي ته جنهن وقت جنازو تيار ٿئي هڪدم نماز پڙهائي دفن ڪيو ۽ جڏهن نياڻي بالغ ٿئي تڏهن بنا دير جي پرڻائي ڇڏيو. انهيءَ حديث ۾ اهو اشارو آهي ته جيئن جنازي ۾ دير ڪرڻ ڪري مڙهه بانس ڪندو تيئن بالغ نياڻيءَ جي پرڻائڻ ۾ دير ڪرڻ ڪري عزت ناموس ناس ٿيندي. جاهل ماڻهو ٻار وهارڻ کي چادر ڍڪائڻ سڏيندا آهن. پر خدا پناهه ڏئي مڙني اشرافن کي. ڪٿي ته انهيءَ چادر مان وڏيون بدناميون پيدا پيون ٿين. اها رسم اصل ڪافرن جي آهي. عرب جهالت جي زماني ۾ پنهنجيون نياڻيون پرڻائڻ جي عار کان ماري ڇڏيندا هئا. حضرتﷺ جن اها رسم ڪڍي ڇڏي مگر هن زماني ۾ اها رسم جاري آهي، ڇو ته اڳيان ڪافر رڳو هڪ ڀيرو ڌيون ماريندا هوا، هي روز ٿا مارن، ۽ خدا جي مخلوق جو ساهه گهڙيءَ گهڙيءَ ٿا ساڙين. انهيءَ اندر جي باهه گهڻن جو خانو خراب ڪري ڇڏيو ۽ گهڻن زاهدن کي بي ايمان ڪري ڇڏيو. اي ڀائرو! مسلمانو! پوري وقت تي ٻار اٿاريو، پاڻ تان بار ٽاريو. قرآن شريف ۾ آيل آهي ته:
وَ اَنۡکِحُوا الْاَیَامٰی مِنۡكُمْ وَ الصّٰلِحِیۡنَ مِنْ عِبَادِكُمْ وَ اِمَآئِكُمْ ؕ اِنۡ یَّكُوۡنُوۡا فُقَرَآءَ یُغْنِہِمُ اللهُ مِنۡ فَضْلِہٖ ؕ وَاللهُ وَاسِعٌ عَلِیۡمٌ ﴿۳۲﴾
يعني اوهان ۾ جيڪي يتيم هجن تن سان نڪاح ڪيو ۽ انهن ٻانهن ۽ ٻانهين سان جي صالح هجن. جيڪڏهن اهي سڃا هوندا ته الله تعاليٰ هنن کي پنهنجي فضل سان دنيا دار ڪندو. الله تعاليٰ گذران ڪشادو ڪندڙ ۽ ڄاڻندڙ آهي.
ٻي آيت شريف ۾ آهي ته:
فَلَا تَعْضُلُوۡہُنَّ اَنۡ یَّنۡکِحْنَ اَزْوَاجَہُنَّ اِذَا تَرَاضَوْا بَیۡنَہُمۡ بِالْمَعْرُوۡفِ ؕ
يعني انهن زالن کي پنهنجن مڙسن سان نڪاح ڪرڻ کان منع نه ڪيو وڃي چڱي سلوڪ ۽ مهر سان پاڻ راضي رهن.
هڪڙي حديث شريف ۾ آهي ته، ”جنهن شخص کي ٻار ڄائو، تنهن کي جڳائي ته ان جو نالو موچارو رکي علم ۽ ادب سيکاري ۽ جڏهن بالغ ٿئي تڏهن ان کي پرڻائي ڇڏي.“
ٻي حديث شريف ۾ آيو آهي ته، ”ٽن شين ۾ دير نه ڪر، هڪ نماز جڏهن ان جو وقت اچي. ٻيو جنازو حاضر ٿئي، ٽيون اڻ پرڻيل عورت جڏهن ان جي لائق مڙس لڀي.“
ٽين حديث شريف ۾ آيو آهي ته، ”جڏهن توهان وٽ ڪو شخص اچي جنهن جي دين ۽ چال چلت کان اوهان راضي آهيو تڏهن نياڻي ان کي پرڻائي ڇڏيو، نه ته زمين ۾ فساد ٿو ٿئي.“ مطلب هيءُ آهي ته جنهن ماڻهوءَ جون عادتون ۽ اسلام توهان کي پسند اچي ۽ توهان وٽ سڱ لاءِ اچي ته ان کي سڱ ڏيو ۽ ٻار وهاري نه ڇڏيو نه ته وڏو فساد يعني زنا، قتل ۽ خواري خرابي گهڻي پيدا ٿيندا.
2 - ونواهه وٺڻ جي رسم
ڪي ماڻهو وري ٻار وهارن نه ٿا، پر پاڻ تي ٻئي قسم جي ملامت جو بار چاڙهن ٿا، يعني مهر کان سواءِ پيسا وٺي سڱ ٿا ڏين. جيڪو گهڻا پيسا ڏئي تنهن جا مائٽ ٿا ٿين، ۽ نيلام وانگر واڪ ڏئي آس پاس سڱ جي هاڪ وجهن ٿا. هيءُ ڪهڙي نه بڇڙي رسم آهي جنهن ۾ نڪو شرم آهي نڪو مرم آهي. اهي پئسا شرعي حڪم موجب رشوت آهن، انهن جو وٺڻ ۽ کائڻ حرام آهي، وٺڻ وارو گنهگار ۽ بدنام آهي. انهن پيسن ۾ برڪت ڪانهي، الٽو ٻيڻو گناهه آهي. مولانا عبدالحي لکنوي صاحب پنهنجي فتويٰ ۾ چيو آهي رسول ڪريم ﷺ رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ تي لعنت ڪئي آهي، ۽ هيءَ به رشوت آهي جو ڪنوار جو وارث نڪاح کان اڳ يا پوءِ گهري ٿو وٺي، يا پئسن نه ملڻ ڪري پرڻائي ڏيڻ ۾ راضي نٿو رهي. باقي جيڪڏهن اڻ گهريو پاڻئون ڄاڻئون خوشيءُ سان ڪو شخص ڪنوار جي وارثن کي نڪاح کان اڳي ڏيندو ته اهو سوکڙي آهي ۽ جائز آهي. ٻين فقيهن سڳورن به انهيءَ شرطي وٺڻ کي رشوت سڏيو آهي.
3 – ونواه
شادي جي سرانجاميءَ وقت ڪنواريتا ڪنوار کي هڪ ڪوٺيءَ ۾ وهارين ٿا، جنهن کي ونواهه چون ٿا. اهو وهڻ اهڙو لازم سمجهن ٿا جو ڪنوار گرميءَ ۾ پئي رجهي يا بيماريءَ ۾ ڳري ته به اتان هرگز نه نڪري. شرع ۾ اهو ڪم هروڀرو لازم نه آهي. غير لازم سمجهڻ گناهه آهي. ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي ته اسان جي نزيديڪيءَ ۾ هڪ ڳوٺڙي ۾ ڪنهن ڪنوار کي ڪوٺڙي ۾ ونواهه ڏنائون، جيري جاڳندي ماڻهو کي قبر جي حوالي ڪيائون. اتفاق سان موسم گرميءَ جي هئي، ڪنوار کي اچي تپ ٿيو. جنهن حڪيم کي آندائون تنهن چيو ته محرقو تپ آهي ۽ هن کي تنگ جاءِ ۾ وهڻ ڪري موت جو الڪو آهي. صلاح ڏنائين ته هن کي ٻاهر هوا ۾ وهاريو. ڪنوار کي ٻاهر وهارڻ هنن کي سخت خراب لڳو، هنن پنهنجي رسم جو قائدو نه ڀڳو. آخر ڪنوار ڪوٺيءَ جي ڪاڙهي ۾ گهٽجي مري وئي. ڏسو ماڻهن جي ناداني جن پنهنجي ماڻهوءَ جو مرڻ پسند ڪيو مگر پنهنجي رسم کي بند نه ڪيو.
4 – ڳانا، سڳا وغيرھ
عام ماڻهو شادي وقت گهوٽ ۽ ڪنوار لاءِ ڪيترائي سڳا ٿا ڪن، ٻانهن ۽ پيرن لاءِ ڳانا ٿا ٺاهن ۽ ونواهه کان وٺي لاڏا ٿا ڳائن. ڳانا هن ڪري ٿا ٻڌن جو هنن جو ويساهه آهي ته جي گهوٽ ڪنوار کي ڳانا ٻڌل هوندا ته هنن تي جن ڀوت ۽ نظر اثر نه ڪندا. هيءُ نه رڳو ڀرم آهي پر ڪفر ۽ شرڪ آهي. ڇو ته اسلام موجب نفعي ۽ نقصان رسائڻ جي قدرت فقط الله تعاليٰ کي آهي. سهرن ۽ لاڏن چوڻ مان شيطاني حرص پيدا ٿو ٿئي. تنهنڪري جهڙي طرح عورت کي پنهنجو هار سينگار ڌارين مردن کان لڪائڻو آهي، تهڙيءَ طرح موهيندڙ آواز ڌارين مردن جي ڪنن تي وجهڻ به ناجائز سمجهڻ گهرجي.
عورت جو اهو آواز هڪڙو قاصد آهي، جو ڪن جي رستي ٻئي ماڻهوءَ جي دل ۾ محبت کڻي ٿو وڃي، پوءِ ٻڌڻ مان ڏسڻ جو شوق پيدا ٿئي ٿو، جنهن مان نيٺ زنا جي گناهه ڪرڻ جو امڪان آهي.
5 – غير رسمون
ڪٿي وري ساندهه ٻه ٽي ڏينهن دهل وڄائين ٿا ۽ دهلن تي مڙس ۽ زالون ڳائن ٿا، هي سڀ لهو و لعب بيهودو عيش عشرت آهي. هن ۾ اهو ئي نقصان آهي جيڪو لاڏن ڳائڻ ۾ آهي.
مطلب ته اهي مڙئي رسمون، گهوٽ ڪنوار کي سهرا ۽ ڳانا، ونواهه کي لازم ڪري سمجهڻ، گهوٽ کي ميندي لائڻ، ان کان ڪندي ڪپائڻ، گهوٽ کي هروڀرو ان وقت کاري تي وهنجارڻ، کاري جي هيٺيون ڏيئو ٻارڻ، ڍڪڻي ڀڃائڻ، تر موائڻ، ڦل چونڊائڻ، سهرا ڳائڻ، مهري گهمائڻ، دهل وڄائڻ، ٽپا ڏيڻ. زالن ۾ مردن جو گڏ کلڻ ۽ ڳالهائڻ ستر ڏورڻ غيرت ٻوڙڻ سڀ شريعت موجب ناجائز ۽ بلڪل بڇڙيون رسمون آهن. شاديءَ جو دستور اهو آهي جو خدا جل شانه ۽ رسول الله ﷺ وٽ منظور آهي. ان ۾ فقط ستن ڳالهين جو هجڻ ضروري آهي.
1) ڪنوار گهوٽ کان ننڍي هجي نه ته به هڪ جيڏي.
2) زباني چوڻ سان ڪم ڪجي، هروڀرو مڱڻي جي ٽيڪڙي ۾ نه پئجي.
3) شاديءَ جي وقت مٽ مائٽ يار دوست ڀلي اچن، ويهي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪن ۽ کائن پيئن.
4) مجلس ۾ ڪنوار جو وارث نڪاح وجهي ڏئي ۽ گهوٽ جي طرفان قبوليت ٿئي.
5) مناسب مهر مقرر ڪجي، تمام گهڻو هرگز نه ڏجي.
6) گهوٽ ۽ ڪنوار کي هڪ خلاصي جاءِ ۾ وهارجي ۽ ٻنهي کي صاف پاڻي ۾ صلوات پڙهي اهو پاڻي پيارجي. جي نه هجي ته ساڳيءَ طرح کير پيارجي ۽ ٻنهين جي حق ۾ خير جي دعا گهرجي، کين الله صاحب جل شانه کي سُپارجي (پارت ڪجي).
7) ڏاج ۾ ضروري گهربل سامان ڏجي ۽ ان جي ڄاڻائڻ لاءِ ڪو ميڙ نه ڪجي. سنت موجب اها آهي شادي ان کان سواءِ ٻي ڪل بربادي.
ڪڃرين، راڳ ۽ ناچ ڪرائڻ جي رسم
سڀني رسمن ۾ بڇڙي رسم هي آهي جو ڪي دنيادار ماڻهو پنهنجي ناموس واسطي ڪڃرين کي گهرائي راڳ ۽ ناچ ڪرائيندا آهن. الله تعاليٰ جل شانه انسان کي عقل ڏنو آهي، جنهن ڪري هو ٻين حيوانن کان شرف ۾ وڌيڪ آهي. اسان کي گهرجي ته انهيءَ بي بها نعمت مان فائدو وٺون. اسان کي عقل ڊوڙائڻ گهرجي ۽ ڏسجي ته ڪهڙا ڪم اسان جي لاءِ چڱا آهن ۽ ڪهڙا نقصان وارا آهن. هن رسم ۾ نقصان تمام گهڻا آهن. جنهن وقت ۾ اهو شعور کلي ٿو تنهن وقت زنا جو زور هلي ٿو، ۽ سڀ ڪنهن عضوي کي زنا حاصل ٿئي ٿي، فقط مخصوص عضوي جي مدعا رهي ٿي. ڌارين عورتن ڏي ڏسڻ اکين جي زنا، ڳالهائڻ زبان جي زنا، آواز ٻڌڻ ڪنن جي زنا، اوڏانهن وڃڻ پيرن جي زنا آهي. هي محفل آهي يا فساد جي بلا آهي؟ هڪ جيڏن جي چوياري آهي يا ٻنهي جهانن جي خواري آهي؟ قرآن شريف ۾ الله تعاليٰ جل شانه مردن کي ڌارين زالن ڏي نهارڻ کان ۽ زالن کي ڌارين مردن ڏي نهارڻ کان منع فرمائي آهي. حديث شريف ۾ آهي ته جو شخص بڇڙي نگاهه سان ٿو ڏسي ان کي قيامت جي ڏينهن شيهو پگهاري اکين ۾ وجهندو. زنا بابت حديثن ۽ قرآن ڪريم ۾ سخت ڀُلڪار (جهڻڪ) آهي.
اهڙين مجلسن ۾ نه وڃڻ ڪري آخر دل ڪاري ٿي وڃي ٿي ۽ گناهه ڪرڻ بعد ڪا پشيماني يا پرواهه نه ٿي رهي. جنهن جي اندر ۾ اهڙو خيال پيدا ٿئي ٿو تنهن کي ايمان وڃائڻ جو وڏو ڀوءُ آهي. حديث موجب مومن اهو آهي جنهن کي چڱي ڪم ڪرڻ مان فرحت اچي ۽ بڇڙي ڪم ڪرڻ کان سخت ارمان ۽ پشيماني ٿئي. هن مان صاف آهي ته جنهن شخص کي گناهه ڪرڻ بعد غم نه ٿيو تنهن جو ايمان ويو. اهڙي مجلس ۾ اڪثر ساز وڄائجن ٿا. حديث شريف ۾ آهي ته حضرت جن فرمايو ته خدا تعاليٰ مون کي سازن جي بند ڪرڻ لاءِ اڪثر حڪم ڏنو آهي. هاڻي جنهن شخص اٽلندو سازن کي رواج ڏياريو سو خدا تعاليٰ ۽ خدا جي رسول جي اڳيان ڪهڙو نه شرمسار ٿيندو. اهڙين مجلسن ۾ ويٺلن ماڻهن کي اوجاڳي ڪري اڪثر بيوقتي ننڊ ٿي اچي، جنهن ڪري صبح جي نماز هنن کان وڃي ٿي ۽ دنيا جي ڌنڌن ۾ به پورو وقت لڳائي نه ٿا سگهن، تنهن ڪري دنيا ۽ آخرت ٻنهي ۾ عذاب سهڻا ٿا پون، ۽ خواريءَ کان سواءِ ٻيو ڪجهه به حاصل نٿو ٿئي. ڪي ماڻهن راڳ ڪندڙ جي محبت ۾ گرفتار ٿي گهر ٻار ڇڏي ديوانن وانگر هن جي پٺيان لڳن ٿا ۽ پنهنجو خانو ويران ڪري عزت ۽ ادب کي برباد ڪن ٿا. اي مسلمانو! خوار خراب شخصن کي ڏسي سبق سکو، غفلت ڇڏيو توبه ڪيو ۽ اهڙن راڳن ۾ پاڻ کي غرق نه ڪيو.
مرڻي تي بد رسمون
1) جيڪڏهن ڪو ماڻهو مري ٿو تڏهن گهر وارن لاءِ ڏاڍو ظلم ٻري ٿو. يعني جنهن مهل ميت ساهه ڏيندو تنهن ساعت بلڪ ان کان اڳ ڀَتَ جو سعيو ٿيندو. پوءِ سڀ ننڍا ننڍا وڏا، عورتون، ڇوڪر ٻاڪر اچي ڀت تي گڏ ٿيندا. انهيءَ ڀت کي اهڙو لازم ڪري سمجهندا آهن جو اتفاقن جي ڪنهن وارث اهو ڀت نه ڪيو ته ان جو اهو مائٽ ڪنو ٿي مئو، ۽ جو ڀت جي پيٽ ۾ چيو تنهنجو مئل مائٽ سرهو ٿيو. ڏسو هيءُ ڪيڏو نه ظاهر ظهور انڌير آهي. موت جي وقت سڀڪو وارث پريشان ۽ دلگير آهي. اهڙي وقت ۾ مائٽ وري اچي ڀت جي تيڙ ڀيڙ ٿا لائن. هوڏانهن ميت سڪرات ۾، هيڏانهن سڀ مائٽ ڪانڌپي جي تات ۾. هوڏانهن ماڻهو پيو مري، هيڏانهن ٻڪرو پيو ٻيڪاٽ ڪري. هيڏانهن وارثن لاءِ انڌو ڪار. هيڏانهن هيءُ طعام کائڻ لاءِ تيار. هوڏانهن ڇورا ٻار ميت جي فراق ۾ سڪ کان پيا ڦاٽن هيڏانهن بيجا مائٽ ڀت کائي نڪ کان پيا ڦاٽن. عجب آهي انهن جي اهڙي سنگدلي ۽ بيحيائي تي جو مائٽن جي موت کي رمضان جي عيد ڪري ٿا سمجهن، ڪو به خوف خدا جو يا خلق جي خواري جو ڪو نه ٿا ڪن.
ڪتاب ۾ جتي ڪٿي هيءَ ڳالهه ثابت ٿيل آهي ته اها مصيبت جي گهران ٽن ڏينهن تائين مهماني کائڻ ۾ وڏي خراجت آهي. مولانا عبدالحي صاحب پنهنجي فتويٰ ۾ هي عبارت ڪئي آهي.
لاباح اتخاذ الضيافته ثلاثته ايام فی ايام المصيبته
ترجمون: مصيبت جي ڏينهن ۾ ٽن ڏينهن تائين مهماني وٺڻ درست نه آهي. ترمذي شريف جي حاشيه ۾ آهي ته ابن همام چيو آهي ته اهل ميت وارن کان مهماني وٺڻ ڪراهت آهي، ڇو ته اها مهماني سک ۾ جائز آهي، ڏک ۾ نه. اها بڇڙي بدعت آهي جيڪڏهن وارث غير حاضر آهي يا ناقابل آهي تڏهن ته اهو طعام ماڻهن لاءِ حرام آهي، ٻي صورت ۾ به ڪراهت کان خالي نه آهي.
فان کان فی الترکته صغير لم يتخذ و اذلک من الترکته کذا فی التاتار خانيه
ترجمون: پوءِ جيڪڏهن ورثي ۾ ڪوئي ننڍو وارث هجي ته ان ورثي مان خيرات نه ڏيو.
هن مان معلوم ٿيندو ته اهڙي ورثي مان مهماني ڏيڻ به جائز نه آهي. حديث شريف جو ته هيءُ حڪم آهي ته پاڙي وارن تي لازم آهي ته ان ڏينهن پنهنجي گهران طعام کڻي اچن ۽ اچي هن مصيبت وارن ۽ ڏورانهن مهمانن کي کارائن. حديث ۾ آهي ته:
قال النبی ﷺ اصنعو لاهل جعفر طعاما فانه قد جاءِ هم ما يشغلهم
ترجمو: جڏهن حضرت جعفر جي موت جي خبر آئي، تڏهن نبي ﷺ فرمايو ته اهل جعفر واسطي طعام تيار ڪيو جو انهن وٽ اها شي (جعفر جو موت) آئي آهي جنهن هنن کي رنجايو آهي. ائين ڪرڻ نٿو جڳائي جو اڄوڪي وقت جي ماڻهن وانگر مصيبت گڏي ڏين ۽ ماتم جي مئل کي ٻيهر ماري ڇڏين.
2) ماڻهوءَ جي مرڻ وقت سڀ ڪنهن ماڻهوءَ کي کپي ته ان جي ڪفن جي تياري ڪري. ڪفن دفن جو ڪم سرانجام ڪري پوءِ وڃي پنهنجي ڪم ڪار کي لڳي. جي ماڻهو انهيءَ ڪم ۾ سستي ڪندا سي ڏوهي ٿيندا. جيڪڏهن ڪن مسلمانن گڏجي اهو ڪم پورو ڪيو ته سڀ تان بار لٿو، نه ته هر ڪو شهر وارو گنهگار ٿيو. سڀ ڪنهن مسلمان کي اهو ڪم ڪفن، غسل، جنازي جي نماز جو سکڻ گهرجي. ۽ ان جي سکڻ ۽ ڪرڻ ۽ عار نه ڪجي.
ماڻهو هن ڪم کي بلڪل خسيس ڄاڻن ٿا ۽ ان جي ڪندڙ کي نڀاڳو ۽ ڏائڻ ڀائن ٿا. ايئن هن ڪري ٿيو آهي جو اڪثر غسل ڏيندڙ جو اهو حال آهي جو طمع جي ڪري هن جي نيت ڦري ويئي آهي. هو دل ۾ اهو خيال آڻيندا آهن ته من ڪو معتبر ماڻهو مري ته اسان جو وارو وري. تنهن ڪري ضروري آهي ته ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ کي انهيءَ ڪم لاءِ مقرر نه ڪجي. سڀڪو ماڻهو ان ڪم ۾ پاڻ کي ٻڌل سمجهي، ۽ ان ڪم کي خسيس ڪري نه ڄاڻي. مطلب ته سڀ ماڻهو گڏجي اهو ڪم پورو ڪن. پوءِ جيڪو لٽو ڪپڙو وغيره وارثن کي خيرات ڏيڻو هجي سو جنهن کي وڻين تنهن کي خيرات طور ڏيئي ڇڏين. خيرات هميشه مسڪينن ۽ محتاجن کي ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن هن ڪم لاءِ خاص طرح هڪڙو ماڻهو مقرر ڪبو ۽ ان کي لٽا ڪپڙا وغيره ڏبا ته هن جي نيت ڦري ويندي.
3) ڪي ماڻهو اڳواٽ ملن کي پئسا يا ڪپڙا باسي ختما ڪرائيندا آهن، ۽ چوندا آهن ته هيترو ڪي هيترو توهان کي ڏينداسين. جيڪڏهن توهان اسان جي مائٽن کي ختمون پڙهي بخشيندو. اهو ختمي جو ثواب نڪي پڙهندڙ کي ملندو نڪي ميت کي رسندو، ڇو ته ختمو پڙهڻ عبادت آهي، ۽ عبادت جو ثواب تڏهن ملندو جڏهن ان جو بدلو نه ورتو ويندو، جي ان جو بدلو ورتو ته ان جو ثواب برباد ٿيو. جيڪڏهن ڪنهن ملان ختمي پڙهڻ جا پيسا ورتا ته هن کي ثواب نه ملندو ته وري بخشيندو ڇا؟ تنهن ڪري پيسا ۽ پڙهڻ اجايا ويا. مولانا عبدالحي صاحب پنهنجي فتويٰ ۾ لکيو آهي ته قرآن شريف پڙهڻ جي محنت وٺڻ حرام آهي. هڪ يا ٻن ختمن جي عيوض هڪ ٻه روپيا مقرر ڪرڻ ظاهر ظهور مزوري مقرر ڪرڻ آهي. مشڪوات شريف ۾ روايت آهي ته جو شخص قرآن شريف پڙهڻ کي دنيا ڪمائڻ جو وسيلو ٿو ڪري. اهو شخص قيامت جي ڏينهن اهڙي شڪل سان اٿندو جو هن جي منهن تان گوشت ڪوريل هوندو. صاف هڏو هوندو. باقي جيڪڏهن انهيءَ وقت ڪي دوست ۽ مائٽ ازخود گڏجي بنا طمع جي ختمون پڙهي ميت کي بخشين ته ان جو ثواب ميت کي ملندو ۽ ختمي پڙهندڙ کي به اجر ملندو.
4) ختمي يا ماني ڪرڻ جي رسم - اها رسم هيءَ آهي جو ماڻهو ميت جي مرڻ کان پوءِ ٽئين ڏينهن تي يا تنهن کان پوءِ وڏو ڀت ڪندا آهن. جنهن ڀت تي پنهنجي عزيزن خوشين ۽ دوستن کي سڏ ڏئي گهرائيندا آهن. انهن ماڻهن کان پڇجي ته اها ماني ڪهڙي نيت سان ٿا ڪيو. مٽن مائٽن کي ثواب ملڻ واسطي يا جيرن جي دل راضي ڪرڻ واسطي؟ جيڪڏهن هنن کي ثواب جو خيال آهي ته اهو انهيءَ رواجي ختمي مان ملڻ محال آهي، ڇو ته خيرات جا وڌيڪ حقدار آهن مسڪين ۽ محتاج، نه رڳو مائٽ ۽ يار. هيءَ ڳالهه به سڀ ڪنهن کي معلوم آهي ته ڀت ۾ ڪنهن محتاج مسڪينن کي ڪونه ٿا سڏين. اتفاقن ڪنهن غريب مائٽ کي برادريءَ جي سڏ ۾ ٿا سڏين نه ته اڪثر آسودن ماڻهن کي ناموس ٿا کارائين، يا جنهن يار دوست جو کاڌو هوندائون ان کي ٿا ڪوٺين، خاص طرح مسڪين جي کارائڻ جو ڪو به خيال ڪو نه ٿا ڪن. جيڪڏهن ڪو مسڪين سائل ايندو اٿن ته سڄو ڏينهن کين ٻاهر بيهاري گاريون ڏئي نيٺ اوبر جي ڪا ٿيلهي سندس منهن تي هڻندا آهن. جيڪي خيرات جا حقدار آهن تن کي در کان اندر نٿا ڇڏين، رڳو سکڻي خوشامد تي ٻين ماڻهن کي زور زور ڪيو پيا سڏين. هيءَ ماني نه پر جيئرن لاءِ ڪاني آهي، جو غريب مسڪين در تي دانهون پيا ڪن، ۽ ٻيا آسودا ماڻهو ڀتن جون ڀريون ٻڌيو سهڪندا پيا وڃن. عجب ته اهو آهي جو انهيءَ هوندي به اهي ماني ڪندڙ ثواب جي اميد پيا رکن. ثواب ته ثواب جي ماڳ اٽلندو الاهي عذاب جا لائق پيا ٿين. هنن کي گهرجي ته اهڙا سکڻا رياءَ وارا ختما نه ڪن. قرآن شريف ۾ رياءَ ڪرڻ وارن لاءِ سخت تنبيهه آهي. پر جي شخص چون ته اسان کي ثواب جي نيت ڪانهي. اسان رڳو مائٽن جي خوشامد ڪئي آهي، تن کي چوڻ گهرجي ته رڳي سکڻي ناموس تي اجايو ڇو گهر ڦرايو، ۽ انهيءَ اسراف کان پاڻ کي شيطان جو ڀائر ڇو ٿا ٺهرايو، اهي پئسا مسڪينن يتيمن ۽ رنن زالن جي مدد لاءِ خرچ ڪيو ته جيڪر اوهان جا مئل مائٽ ۽ اوهان پاڻ ڪيڏو نه اجر لهو. حديث شريف ۾ آهي ته جو شخص رنن زالن ۽ مسڪينن لاءِ ڪوشش ڪندڙ آهي سو الله تعاليٰ جي راهه ۾ ڪوشش ڪندڙ وانگر آهي. ٻي حديث ۾ آهي ته يتيم جي پرورش ڪندڙ بهشتي آهي، پوءِ اهو يتيم پنهنجن مان هجي توڙي ڪو ٻيو هجي. جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو ٿو ماني ڪري ته انهيءَ کي ٻيو هيءُ نقصان ٿو پوي جو سدائين قرض ڀرڻ جي ڳڻتيءَ ۾ ٿو گذاري. اي مسلمانو ڀائرو! رسمن جي پابنديءَ ۾ ڇو ٿا ڳرو. ڇو نه ٿا گهرج وارن جي مدد ڪرڻ ۾ پئسا خرچ ڪري الله تعاليٰ جل شانه جو راضپو حاصل ڪريو.
5) جن ماڻهن جي گهر ۾ قضيو ٿيندو آهي اتي گهڻيون عورتون گڏ ٿينديون آهن، ۽ اچي رسمي روڄ پار شروع ڪنديون آهن. اها رسم پِٽِڪي ۽ پارن جي بلڪل بڇڙي آهي. هن وقت ۾ اهل مصيبت جي دلداري ڪجي ۽ انهن کي صبر ڪرڻ لاءِ سمجهائجي. نه اٽلو ٻيڻو سور جاڳائجي. حصرت ابو سعيد روايت ڪئي آهي ته حضرت نبي ڪريم ﷺ پار ڪڍندڙ تي لعنت فرمائي آهي. هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪرڻ کان ٿورو اڳي نبي ڪريم ﷺ سڀني عزيزن کي فرمايو ته: منهنجي قضي وقت رئڻ پٽڻ کان پري ڀڄجو. اي مومنو! حضرت ﷺ جن جي پيروي پوري طرح ڪريو ته آخرت جي سعادت حاصل ڪريو.
مقبرن جي زيارت ڪرڻ جي رسم
مقبرن جي زيارت ڪرڻ مردن لاءِ مستحب ۽ ثواب آهي بشرطيڪ غير شرعي ڪمن کان پرهيز ڪئي وڃي. قبر کي سجدو ڪرڻ، چمي ڏيڻ، سر جهڪائڻ هٿ گهمائڻ، اهل قبر کي پنهنجي ڪم جي پورائي جو مالڪ ڄاڻي حق تعاليٰ ڏانهن ڪجهه خيال نه آڻڻ، پنهنجي حاجت اهل مقبري کان گهرڻ، ۽ ان جو نذر ۽ مڃتا پاڻ تي ڌرڻ، يا ڪو ٻيو اهڙو ناجائز ڪم هرگز ڪرڻ نه گهرجي. زيارت جو مسنون طريقو هي آهي جو اهل مقبره جي اڳيان بيهي يا ويهي قرآن ڪريم پڙهي ختمون ڏجي. ان جي ۽ پنهنجي حق ۾ خير جي دعا گهرجي. مقبره جي زيارت مان خاص مطلب هي آهي ته مقبره کي ڏسي موت کي ياد ڪجي، ۽ پنهنجي دل ۾ گناهن کي ياد آڻي توبهه ڪجي، ۽ پاڻ کي هئين چئجي ته جيئن هي تنهنجا دوست قريب هتان لڏي ويا، تيئن توکي به هڪ ڏينهن لڏڻو آهي ۽ هي ملڪ ڇڏڻو آهي، اتي ڪي چڱا عمل ڪر نه ته پوءِ پيشيمان ٿيندين. هن آيت شريف جي مضمون کي ياد ڪرڻ گهرجي.
وَ اَنۡفِقُوۡا مِنۡ مَّا رَزَقْنٰكُمۡ مِّنۡ قَبْلِ اَنۡ یَّاۡتِیَ اَحَدَكُمُ الْمَوْتُ فَیَقُوۡلَ رَبِّ لَوْ لَاۤ اَخَّرْتَنِیۡۤ اِلٰۤی اَجَلٍ قَرِیۡبٍ ۙ فَاَصَّدَّقَ وَ اَكُنۡ مِّنَ الصّٰلِحِیۡنَ ﴿۱۰﴾ وَ لَنۡ یُّؤَخِّرَ اللهُ نَفْسًا اِذَا جَآءَ اَجَلُہَا ؕ وَ اللهُ خَبِیۡرٌۢ بِمَا تَعْمَلُوۡنَ ﴿٪۱۱﴾
ترجمو: ان شيءَ کي خرچ ڪيو جا اسان توهان کي ڏني ان کان اڳيئي جو توهان مان هڪڙي کي موت اچي ويجهو پوي. پوءِ چوي ته اي رب منهنجا جي مون کي ٿوري وقت تائين مهلت ڏين ته صدقو ڏيان ها. الله تعاليٰ هرگز ڪنهن شخص کي مهلت نٿو ڏئي، جڏهن ان جي موت اچي ٿو. جيڪي ڪيو ٿا سو الله تعاليٰ ڄاڻي ٿو.
مطلب ته مرڻ جي وقت انسان گهڻو پيشيمان ٿو ٿئي، پر ان وقت پيشماني مان ڪجهه ڪين ٿو وري. جيڪي اڄ ڪرڻو آهي سو سڀان تي نه وجهجي. الله تعاليٰ ٿو فرمائي ته:
فَمَنۡ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّۃٍ خَیۡرًا یَّرَہٗ ؕ﴿۷﴾ وَ مَنۡ یَّعْمَلْ مِثْقَالَ ذَرَّۃٍ شَرًّا یَّرَہٗ ٪﴿۸﴾
ترجمو: جنهن چڱائي جو ذرو ڪيو سو ان ذري کي ڏسندو ۽ جنهن بڇڙائيءَ جو ذرو ڪيو سو به ان ذري کي ڏسندو. مطلب ته قيامت جي ڏينهن سڀ چڱائي مٺائي ظاهر ٿيندي.
اهڙيءَ طرح ويهي مقبري تي عبرت وٺجي، پنهنجي گناهن کان ندامت ڪجي، بيهودو وڃايل وقتن تي حسرت کائجي ۽ باقي حياتي چڱن عملن ۾ صرف ڪجي. حديث شريف ۾ پڻ انهيءِ ڳالهه ڏي اشارو آهي.
فزو رو ها فانها تذکر الاخره
ترجمو: پوءِ انهن قبرن جي زيارت ڪريو ڇو جو تحقيق اهي قبرون آخرت جي يادگيري ٿيون ڏيارين.
تنهنڪري قبرن جي زيارت ڪرڻ ۾ فائدو آهي ۽ مٿي بيان ڪيل شرعي ڪمن کان پرهيز ڪجي، نه ته ثواب جي بدران اٽلندو نقصان ٿيندو ۽ گمراهيءَ ۾ پئبو. هيءَ ڳالهه دل تي ضرور رکڻ گهرجي ته عورتن کي هرگز مقبري تي وڃڻ نه کپي. خصوصن اڄوڪي زماني ۾، جو عورتون جڏهن زيارت لاءِ نڪرن ٿيون، تڏهن شاديءَ وانگر وڳا ويس پهري هار سينگار ڇڻڪار ڪري وڃن ٿيون، ۽ وڏن ميلن ۾ حاضر رهن ٿيون. جنهن شخص کي اسلامي غيرت آهي سو اهڙي ڪم کان بيزار ٿيندو، ۽ هرگز زالن کي اهڙين مجلسن ۾ وٺي نه ويندو. ابوهريره روايت ڪئي آهي ته تحقيق رسول الله ﷺ قبرن جي زيارت ڪندڙ زالن تي لعنت فرمائي ٿو. خدا شل مومنياڻن کي ان ڪم کان پناهه ڏئي، ٻيو کُلي منهن بي حجاب زالن جو عام مجلسن ۾ وڃڻ اسلامي طريقن کان ٻاهر نڪرڻو آهي. خدا ۽ خدا جي رسول ﷺ جو سترُ بابت گهڻو تاڪيد آهي. هن بابت اڳي ئي هڪ آيت ڏني ويئي آهي ۽ ٻيون به ڪيتريون آيتون، حديثون ۽ بزرگن جون فتوائون ستر جو خاص تاڪيد ٿيون ڪن.
اي عزيزو! شال الله تعاليٰ توهان کي هدايت ڪري. توهان کي جڳائي ته پنهنجي خالق جي فرمانبرداري ڪيو، ۽ رسول ڪريم ﷺ جي روش موجب پير ڌريو ۽ جاهلن ۽ نادانن جي ريس ڪري گمراهيءَ جي ڪُن ۾ نه ڪرو. الله تعاليٰ جل شانه فرمايو آهي ته:
وَمَنۡ یُّطِعِ اللهَ وَ رَسُوۡلَہٗ فَقَدْ فَازَ فَوْزًا عَظِیۡمًا ﴿۷۱﴾
ترجمو: جنهن شخص الله ۽ الله جي رسول ﷺ جي فرمانبرداري ڪئي تنهن تحقيق وڏي فتحمندي حاصل ڪئي.
خداوندا! تون اسان سڀني مسلمانن کي پنهنجي اطاعت ۽ رسول ڪريم ﷺ جي متابعت جي توفيق عطا ڪر ۽ ڪامل ايمان بخش ۽ خاتمه و باالخير ڪر. آمين ثم آمين.
نوٽ: مٿين رسمن جي بيان مان معلوم ٿيندو ته مسلمانن جا ڪيترائي پئسا بلڪل ضايع ٿا ٿين. جن مان نڪو دنيائي فائدو ٿو ملين نڪي آخرت جو. جيڪڏهن اهي پئسا مسلمان مسڪين شاگردن کي ڏين يا تعليمي چندن ۾ ڏين ته جيڪر اسان جي پوئتي پيل قوم کي به فائدو ٿئي، ۽ خدا وٽ به اجر ملي. ڇو نه ائين نذر باسجي ته اي خدا منهنجي فلاڻي مراد پوري ڪر ته مان هيترو ڪي هيترو تعليمي ڪمن ۾ خيرات ڪندس. ڇو نه پٽ ڄمڻ وقت، طهر وقت، شاديءَ وقت ۽ مرڻ بعد جيڪي پئسا اجايا خرچ ٿا ڪجن سي به تعليم جي واڌاري لاءِ صرف ڪري ثواب حاصل ڪجي. اميد آهي ته زميندار ۽ شاهوڪار آئينده ايئن ڪندا ۽ ٻين لاءِ مثال ٿيندا.