ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ابتدائي تعليم جي حالت

اڪثر ڏسجي پيو ته رواجي اسڪولن ۾ اٽڪل 25 شاگرد ٻاراڻه ڪلاس ۾، 8 پهرئين درجي ۾، 5 ٻئي ۾، 3 يا 2 يا هڪ مٿين ڪلاسن ۾ آهن. يعني جن اسڪولن ۾ 40 يا 45 شاگرد آهن ۽ 2 ماستر پيا ڪم ڪن، تن اسڪولن مان هر سال 2 يا 3 يا گهڻي ۾ گهڻا 4 شاگرد چوٿون درجو پاس ٿا ڪن. هي خيال عام طرح مقبول آهي ته جيڪڏهن ڪو شاگرد چوٿون درجو پاس ڪرڻ کان اڳي ئي اسڪول ڇڏي ويو ته هو ڄڻ پڙهيوئي ڪين، ڇو ته هنن کي لکڻ پڙهڻ جلد وسري ويندو، تنهنڪري اهڙا اسڪول گويا هر سال فقط ٻن يا ٽن شاگردن کي تعليم يافته ڪن ٿا، جا بلڪل ارمان جي ڳالهه آهي پر در حقيقت تعليم اهڙي ناقص آهي، جو جيڪي شاگرد چوٿون درجو يا ڪو مٿيون درجو بلڪ ورنيڪيولر فائنل پاس ٿا ڪن، تن کي به تعليم يافته سڏڻ چوڪ آهي. هو لکڻ پڙهڻ ۽ ليکو چوکو سکن ٿا پر ان جو ڪو فائدو ڪون ٿا وٺي سگهن. ڇو ته تعليم اهڙي طوطي واري آهي، جو نڪا واقفيت ۽ علم حاصل ٿو ٿئي، نڪي وڌيڪ علم پرائڻ جو شوق پيدا ٿو ٿئي، نڪي دماغ ٿو وڌي ۽ نڪي دل ٿي سڌري. اهڙن اسڪولن تي ساليانو خرچ اٽڪل 1200 رپيا ٿو ٿئي. جو خرچ عام خيال موجب هر سال 3 يا 4 شاگردن کي تعليم يافته بنائي ٿو، مگر درحقيقت تعليم يافته ڪون ٿو بنائي. اهڙا اسڪول بند ڪرڻ جهڙا آهن.
تعليم جو سڄو مدار ماسترن تي آهي. جيڪڏهن ماستر پاڻ علم وارا هجن ۽ علم سان شوق رکندڙ هجن. ڪتاب ۽ اخبارون معالع ڪندڙ هجن ته چڱا معلم ٿي سگهندا بشرطيڪ منجهن شرافت ۽ محنت جا گڻ به هوندا.
ماسترن کي گهرجي ته سڄو زور ٻاراڻي ڪلاس تي لڳائين. اڪثر ڏسجي ٿو ته اٽڪل 25 شاگردن مان 8 کن شاگردن کي امتحان لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو ۽ ٻين کي رڳو الف ب الف ب چورائي ٿي وڃي. ڏاڍي عجب جي ڳالهه آهي جو ماستر سرڪاري خرچ تي ٽريننگ ڪاليج ۾ تعليم وٺي ٿا اچن ۽ پوءِ وڌيڪ پگهارن کڻڻ جا حقدار ٿا ٿين، پر جيڪي رستا پڙهائي جا ٽريننگ ڪاليج ۾ سکن ٿا، سي اتي ئي ڦٽي ڪري ٿا اچن. جيڪڏهن سکيل اصولن تي تعليم ڏين ته ٻارن کي 9 مهينن جي عرصي ۾ ٻاراڻو ڪلاس پاس ڪرائي سگهن. مگر هاڻي ڇا ٿو ٿئي جو 6 مهينا ته ٻار رڳو 52 اکرن پڙهڻ ۾ ٿا لڳائين ۽ گهڻا ٻار ڏيڍ ورهيه ۾ مس ٿا ٻاراڻو ڪتاب پورو ڪن. ماسترن کي گهرجي ته سالياني امتحان بعد ڪوشش ڪري 3 مهينن جي اندر نوان ٻار ٻاراڻي ڪلاس ۾ داخل ڪن ۽ اڳين خواه انهن کي سالياني امتحان لاءِ تيار ڪن ۽ جي شاگرد ٽن مهينن بعد داخل ٿين، تن تي به پوري پوري محنت وٺڻ گهرجي جئين انهن مان به ڪي ذهين شاگرد تيار ڪري وجهجن. پر اگرچه تيار نه ٿي سگهن ته به انهن جي تعليم تي به پورو ڌيان ڏيندو رهجي. ائين ڪرڻ سان گهڻو ڪري 25 ٻارن مان 15 يا 20 سالياني امتحان وقت پاس ڪرائي سگهبا، جن مان ڪم از ڪم 10 يا 12 مٿي چڙهندي وڃي چوٿون درجو پاس ڪندا. ٻاراڻي ڪلاس جي ترقي ۽ بهبودي لاءِ بنيادي ڪلاس آهي، تنهن ڪري ان ڪلاسن تي جيترو ڌيان ڏجي اوترو ٿورو آهي.
ٻاراڻي ڪتاب پاڙهڻ جي شروعات هن طرح ڪرڻ گهرجي. پهريائين پٽيءَ تي جزا ڪڍڻ ۽ آوازن ڪڍائڻ جو استعمال ڪرائجي. مثلن ٽوپي ۾ ٻه آواز آهن هڪ ٽو ٻيو پي. ڪتاب ۾ 3 آواز آهن هڪ ڪ ٻيو تا ٽيون ب. وري آواز ڏجن تن کي گڏي لفظ ٺاهڻ جو استعمال ڪرائجي. اهڙو استعمال 10 ڏينهن کن ڪرائجي. پوءِ پهريون سبق شروع ڪرائجي. پوءِ اَکِ لفظن مان اَ جو آواز ڪڍائي پوءِ ڏيکارجي ته اَ ڪهڙي طرح لکبو آهي. پوءِ ٻار به اَ لکن. ساڳي طرح اِ اُ آ بَ بُ قِ بُ با جا آواز ڪڍائي سڃاڻڻ ۽ لکڻ جو ايترو استعمال ڪرائجي، جو انهن مان ڪو به چڱي طرح سڃاڻي ۽ لکي وڃن. ائين ڪرڻ بعد ڪو به لفظ جو انهن آوازن مان ٺاهي سگهبو، سو ازخود لکي ۽ پڙهي ويندا مثلن ابا - باب - آب وغيره. پوءِ ٻيو سبق شروع ٿو ڪجي ۽ الف ۽ ب اکرن جا نالا ٻڌائجن. پوءِ ٻ جو اکر ڪڍائي ان سان به چارئي آواز شامل ڪجن. اهڙي طرح پ ۽ ڀ سان به. پوءِ انهن سان جيڪي لفظ ٺاهي سگهجن، تن جي پڙهڻ ۽ لکڻ جو استعمال ڪرائجي. سڄو ٻاراڻو ڪتاب انهيءَ اصول تي رٿيل آهي. اها ڳالهه وري به ياد رکڻ گهرجي ته لفظ شاگرد پاڻ پڙهي ۽ لکي وڃن. مثلن شاگرد جيڪڏهن ڀ ۽ ت لکڻ ۽ سڃاڻن سکيا آهن ۽ آوازن جو استعمال به ڪرايل اٿن ته پوءِ ڀت جي لکڻ ۽ سڃاڻڻ ۾ ڪا به تڪليف ڪانهي. پڙهڻ ۾ رڳو ٻن اوازن کي ملائڻو پوندن ۽ لکڻ ۾ ڀت لفظ جا ٻه آواز ڪري پوءِ لکي ويندا.
انگ ۽ کوڙا جنسي شين جي وسيلي، سمجهه سان ۽ سوالن سان سيکارڻ گهرجن. جيڪڏهن ماستر کي ڪم گهڻو آهي ته هيئن به ڪري ٿو سگهي، جو ٻارن کي رستو ڏيکاري ڇڏي پوءِ پاڻ ککڙيون يا ٻيون شيون ڳڻيندا ڏهاڪن جون ڍِڳيون ٺاهيندا وڃن ۽ پاڻ ارٿميٽيڪان تي يا ککڙين جي وسيلي کوڙا ٺاهيندا سکندا وڃن.
ٻاراڻي ڪتاب جا جملا اهڙيءَ طرح پڙهائجن، جيئن هو بهو ٻار ڳالهائيندا آهن، پر تنهن کان اڳي ٻارن سان تصوير تي سوال ڪجي ۽ جواب سڄن جملن ۾ وٺڻ گهرجي. گهڻو ڪري سڀني ڪلاسن ۾ ۽ سڀني ڪمن ۽ شاگردن کان سوالن جا جواب سڄن جملن ۾ وٺڻ گهرجن. انهيءَ لاءِ ته کين پنهنجي ٻولي صحيح ڳالهائڻ ۽ ڳالهه سمجهائڻ جي قابليت پيدا ٿئي. ٻارن کي اسڪول ۾ وهڻ کان وٺي حڪم جي تعميل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ تي هيرائجي. کين هن قسم جا حڪم ڏجن ته هڪدم ۽ ڊرل وانگر تعميل ڪن. اٿي بيهو، ويهي رهو، ڪتاب رکو، سليٽ کڻو، سليٽ مونڏي ڦيرايو، سليٽ رکو، هيڏي اچو، موٽي وڃو وغيره وغيره.
مطلب ته ٻاراڻو ڪلاس ۾ ئي انتظام ۽ پڙهائي چڱي هلي ته پوءِ مٿيان ڪلاس پاڙهڻ آسان ٿي پوندا. مٿين ڪلاسن لاءِ خواه ٻاراڻي ڪلاس لاءِ فقط هڪ اشارو ڏجي ٿو ته سڀ تعليم سوالن جي رستي ڏجي.
گهڻو ڪري سڀ ماستر سوالن جي رستي تعليم نٿا ڏين، جنهن جو نتيجو اهو ٿو ٿئي، جو شاگرد بلڪل بي سمجهه ۽ جاهل ٿا ٿين ۽ اسڪولن مان نڪرڻ بعد ٻنهي جهانن کان ٿا وڃن. ماستر چوندا آهن ته اسان کي ڪلاس ٿا ڏين گهڻا ۽ حاضري گهٽ وڌ، تنهنڪري سوالن جي رستي تعليم ڏبي ته ڪم پورا ڪري ڪين سگهبا. اهو جواب بلڪل غلط آهي. جيڪڏهن سوالن جي رستي تعليم نه ڏجي ته باقي ماسترن کي ڪرڻو ڇا آهي. ڪتاب، تاريخون، جاگرافيون وغيره وغيره شاگرد پاڻ به پڙهي سگهن ٿا، بلڪ حساب به انگي حسابن جي وسيلي گهڻي قدر پاڻ ڪري سگهن ٿا يا مٿين ڪلاسن جا شاگرد کين سيکاري سگهن ٿا.رڳو نالي طور ڪمن پورن ڪرڻ سان مطلب آهي ڇا؟ ڪتاب سڀ پڙهي وڃجن ۽ اچي ڪجهه به ڪين، نه سمجهه وڌي نه واقفيت وڌي ته پوءِ انهيءَ پڙهڻ مان فائدو ڪهڙو؟ ماسترن جو فرض آهي ته ڪهڙيون به حالتون هجن ته به ايمانداريءَ سان سڀ وقت سوالن جي ذريعي تعليم ڏين، پوءِ جيترو ڪم ٿي سگهي، اوترو چڱو. مني مني ڪلاڪ بعد 10 منٽ کن آرام وٺي وري ڪم کي لڳن.
پر حقيقت هئين آهي ته ماستر ڄاڻي واڻي سوالن جي تعليم نه ٿا ڏين، ڇو ته هڪ ته پوري قابليت ڪانهين ۽ ٻيو ته سوالن پڇڻ ۾ دماغ هلائڻو ٿو پوي ۽ ماستر ان کان اهڙو ڊنا بيٺا آهن، جو سوالن جي رستي تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن. جيڪڏهن ڪوشش ڪن ته رفته رفته هنن ۾ قابليت به پيدا ٿي وڃي ۽ تڪليف به ڪان ٿئين، بلڪ هنن کي ڏاڍو مزو اچڻ لڳندو. هي هڪ قدرتي اسرار آهي ته جنهن ڪم سان دلچسپي ٿي لڳي، اهو ڪيترو به گهڻو ٿو ڪجي ته به ٿڪ نٿو ٿئي ۽ جيڪو ڪم بي دليو ۽ خفگيءَ سان ٿو ڪجي، اهو ٿورو ئي ٿو ڪجي ته ڪڪ ٿيو پئجي. مثلن سنگت سان 20 ميل پنڌ ڪرڻ ۾ اهڙو ٿڪ نه ٿيندو آهي، جهڙو اڪيلائي ۾ 2 ميلن پنڌ ڪرڻ سان.
ماستر سوالن پڇڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن، تنهن لاءِ هي ثابتي بس آهي، جو کين چئجي ٿو ته سوال پڇو ته هو هڪا ٻڪا ٿي ٿا وڃن ۽ سوال پڇڻ کين بلڪل ڪونه ٿا اچن، جنهن منجهان معلوم ڪري ٿو سگهجي ته هن ڪڏهن به سوالن پڇڻ جي ڪوشش ئي ڪان ڪئي آهي. سوالن پڇڻ جي تعليم ته ڇڏيو پر ڪيترين رواجي هدايتن جي تعميل به ڪان ڪندا آهن مثلن صورتخطي لکائڻ ۾ ساڳيا لفظ ٻه ڀيرا نه چوڻ. حساب ڪري سليٽون هيٺ رکڻ. زباني حسابن جا جواب رڳو سليٽن ڦيرائڻ سان ڏسڻ، نمبر وار نه پڙهائڻ وغيره وغيره.
سوالن پڇڻ جا ڪي سليس قانون آهن، جن تي عمل ڪرڻ کان سواءِ سوالن جي سڄي تڪليف اجائي برباد ٿي ٿئي. انهن قانونن جي ماسترن کي رڳو خبر به ڪانهي. اهي قانون تعليم اخبار جي آگسٽ 1916ع جي پرچي ۾ ڏنل آهن. انهن مان مکيه قانون هيٺ ڏجن ٿا:-
1 - پهريائين شاگردن جو ڌيان ڇڪائي، پوءِ سوال هڪ ڀيرو سليس ۽ ٿورن لفظن ۾ سڄي ڪلاس کي ڏجي.
2 - ٿورڙو ترسي پوءِ ڪنهن به شاگرد ڏي آڱر جو اشارو ڪجي ته هو اٿي جواب ڏئي. سوال شاگردن کان نمبر وار يعني پهريون سوال پهرئين نمبر کان ٻيو سوال ٻئي نمبر کان نه پڇڻ گهرجن. هي ٻه قانون انهيءَ لاءِ آهن ته سڀئي شاگرد سوال ٻڌن.
3 - جيڪڏهن جواب برابر هجي ته ماستر چوي برابر، غلط هجي ته غلط، اڻپورو هجي ته اڻپورو وغيره پوءِ شاگرد ازخود ويهي رهي.
4 - جيڪڏهن جواب برابر ملي ته به گهڻو ڪري ماستر ٻئي شاگرد ڏي به اشارو ڪري ته اهو ساڳيو جواب ٻڌائي. اهو قانون انهيءَ لاءِ آهي ته سڀئي شاگرد جوابن تي به ڌيان ڏين ۽ جوابن ٻڌڻ جي عادت ڪري ڇڏين. جيڪڏهن جواب غلط ملي ته ٻئي شاگرد ڏي اشارو ڪجي ته اهو پنهنجو جواب ڏي. جيڪڏهن شاگردن کي جواب ڏيڻ نه اچي ته ڪن حالتن ۾ ٻيا سليس سوال پڇي پوءِ ساڳئي سوال تي اچجي ۽ ڪن حالتن ۾ ماستر پاڻ جواب ٻڌائي، جو جواب وري اشاري ڪرڻ سان شاگرد کان چورائي.
5 - ڪتاب، تاريخ، جاگرافي وغيره تي سوال اهڙيءَ طرح نه پڇجن، جو شاگرد وري طوطي وانگر ڪتاب جا جملا ڪم آڻيندا وڃن. هن لاءِ قابليت کپي جا رفته رفته استعمال ڪرڻ سان ٿيندي ويندي.
پهريان چار قانون بلڪل سولا آهن، مگر شرط آهي ته استعمال کپي. استعمال ڪرڻ سان عادت ٿي ويندي، پوءِ تڪليف بلڪل ڪان ٿيندي. انهيءَ استعمال لاءِ ضروري آهي ته ڇنڇر ڏينهن شاگردن کي 20 منٽ کن اڳي ڇڏي. ماستر گڏجي هڪ هنڌ اچن ۽ هڪڙو ماستر هڪڙي ڪلاس کي سوالن جي رستي تعليم ڏئي، پوءِ انهيءَ ڪلاس کي به موڪل ڏيئي. ٻيا ماستر ان ماستر کي ٻڌائين ته توهان فلاڻن قانونن جي تعميل نه ڪئي. جيڪڏهن ماستر پنهنجي منهن انهن قانون جي تعميل جو استعمال ڪندا ته ممڪن آهي ته ڪيترين ئي خامين جي کين خبر به نه پوندي.
ماستر صاحبن کي ڄاڻڻ گهرجي ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جون ڪنجيون سندن هٿ ۾ آهن. پاڻ ئي ملڪ ۽ قوم جا رهبر ۽ مصلح آهن. جيڪڏهن دل وجان سان ڪوشس ڪري پنهنجي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ڪندا ته انهيءَ ۾ سندن ۽ سندن اولاد جو به فائدو آهي، مگر هڪ ٻي ڳالهه به آهي ته جيستائين عورتون جاهل آهن، تيستائين ملڪ ۽ قوم جي ترقي هرگز نه ٿيندي. هاڻوڪن زنانن اسڪولن جون ماسترياڻيون اهڙيون تعليم يافته نه آهن، جو ڪارائتي تعليم ڏيئي سگهن ۽ ماسترياڻيون پيدا ڪري سگهن، تنهنڪري ماسترن جو فرض آهي ته مردانن اسڪولن ۾ ئي يا گهرن ۾ پنهنجين عورتن کي چڱي تعليم ڏيئي ماسترياڻين ٿيڻ لاءِ تيار ڪن ۽ اهڙي طرح زناني تعليم جو واڌارو ۽ سڌارو ڪن. جيڪڏهن ماستر پنهنجن شاگردن ڇوڪرن خواهه ڇوڪرين ۾ ڪتابن ۽ اخبارن پڙهڻ جو شوق پيدا ڪري سگهن جئين هو سڄي حياتي مطالعو ڪندا رهن ته پوءِ سمجهبو ته ماسترن پنهنجو فرض ادا ڪيو ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقيءَ جو بنياد وڌو.
(اخبار تعليم اپريل مئي 1929ع)