ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2233
  • 366
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

غير مسلمانن کي دعوت

عجب آهي ته دنيوي ڳالهين ۽ سائنس ۽ رياضي جي نتيجن بابت سڄي دنيا متفق ۽ يڪراءِ ٿيندي ٿي وڃي. مگر مذهب بابت اهڙا تعصب جا کوپا اکين تي چڙهي ٿا وڃن جو حق کي ڏسي نٿو سگهجي. ان لاءِ سبب گهڻا آهن پر هڪڙو سبب هي به آهي ته ملن، پادرين ۽ پنڊتين وغيره پنهنجي پنهنجي مذهب جي اصلي صورت اهڙي بگاڙي ڇڏي آهي جو اڄوڪي زماني جا ماڻهو انهن بگڙيل مذهبن کي رد ڪرڻ ۾ حق تي آهن. هو هرگز اهي بگڙيل ڳالهيون عقل ۽ ضمير جي برخلاف اختيار ڪري نٿا سگهن انهيءَ ڪري سڀ تعليم يافته سواءِ ڪن ٿورن جي مذهب کي ڪوڙن وهمن ۽ بيسود رسمن جو مجموعو سمجهي رهيا آهن. اسان جي مُلن، پيرن، درويشن ۽ نيم خواندهه مولوين به اهوئي ڪم ڪيو آهي جو اصل اسلام جي تصوير بگاڙي بد زيب ڪري ڇڏيو اٿن، مگر بفضل خدا قرآن شريف انهيءَ ئي صورت ۾ موجود آهي جنهن صورت ۾ رسول الله ﷺ جن جي زبان مبارڪ مان نڪتو.
اي پيارا غير مسلمانو! توهان مهرباني ڪري اسان جي بگڙيل ۽ ذليل حالت ڏي نه ڏسو. توهان فقط اصل قرآن شريف هٿ ۾ کڻي ان جي تعليم تي غور ۽ فڪر ڪريو. ۽ جيڪا تعليم توهان کي ذات انسان جي ترقي لاءِ چڱي ۽ ڪارگر نظر اچي سا اختيار ڪريو! مان توهان کي مسلمان ٿيڻ جي دعوت ڪونه ٿوڏيان. مان ٻين وانگر رڳو نالو اختيار ڪرڻ کي ڪجهه به نٿو سمجهان. مان فقط چاهيان ٿو ته مسلمان خواهه غير مسلمان چڱي راهه اختيار ڪري ان تي عمل ڪري ترقي ڪن. هي جو هڪ ٻين جي مذهبن تي حملا ڪيا ٿا وڃن ۽ غلطيون ڪڍيون ٿيون وڃن. خيال ڪيو ٿو وڃي ته هندو مسلمان ٿيندا ته هندن جي طاقت گهٽجي ويندي ۽ مسلمان هندو ٿيندا ته مسلمانن جي طاقت ويندي هلي، اهي خيال ۽ عمل بلڪل واهيات ۽ غلط ۽ نقصانڪار آهن. انهن مان تعصب ۽ دشمني وڌي ٿي. فساد ۽ خونريزيون ٿين ٿيون ۽ حق کي لڪايو ٿو وڃي. پنهنجي قومن کي گمراهه ڪيو ٿو وڃي ۽ ترقي جي بدران تنزل ۽ بربادي ٿي اچي.
گهڻن تعليم يافته ماڻهن جو خيال آهي ته مذهب سڀ ڪوڙا آهن ۽ مذهب جو ترقيءَ سان ڪو به واسطو ڪونهي. حقيقت ۾ ڏسبو ۽ تاريخ تي غور ڪبو ته ڪنهن به قوم تڏهن ئي ترقي ڪئي آهي، جڏهن ان ۾ مذهبي بيداري ٿي آهي. اهو غلط خيال آهي. عمل تڏهن پيدا ٿيو آهي جڏهن مذهب فقط ڪوڙن وهمن ۽ بي سود رسمن جو مجموعو وڃي رهيا آهن. حقيقت ۾ مذهب اُهي دائمي حقائق ۽ اصول ۽ قانون سيکاري ٿو. جن تي عمل ڪرڻ سان انفرادي خواه قومي ترقي حاصل ٿئي ٿي. دين جو مکيه ڪم آهي ڏيکارڻ ته ماڻهن کي انفرادي ۽ قومي زندگي ڪيئن گذارڻ گهرجي. ڪهڙا اخلاق ۽ عمل اختيار ڪرڻ گهرجن ۽ ڪهڙا نه ڪرڻ گهرجن. دين اخلاقي، روحاني، پنگتي ۽ سياسي اصول ۽ قانون ٿو سيکاري. مثلاً دين شاديءَ جو اصول ٿو سيکاري نه زنا جو. سچ ۽ ايمانداري ٿو سيکاري نه ڪوڙ ٺڳي. ٻين سان ڀلائي ڪرڻ ٿو سيکاري نه ظلم ڪرڻ. توهان چوندا ته اهڙا اصول اسان هوئين ئي ڄاڻون ٿا مذهب جو ان سان ڪهڙو واسطو، ائين هرگز ناهي؛ اهي ۽ اهڙيون ٻيون ڳالهيون پهريائين مذهب سيکاريون ۽ بلڪل چڱي طرح سان سيکاري ٿو جون نوع اڃا تائين به وڏن وڏن فيلسوفن کي به نٿو اچي.ازانسواءِ ٻيون سوين ڳالهيون آهن جن بابت خود فيلسوفن کي به پورو اعتبار ڪونهي. مثلاً سٽا هڻڻ وياج وٺڻ، شراب، جوا، زنا ۽ وڌوائون نه پرڻائڻ وغيره وغيره جا نقصان ڪيترائي تعليم يافته هاڻي به پوري طرح محسوس ڪري نه سگهن. تعليم يافته ماڻهن جي ذهن ۾ هي به خيال ويٺل آهي ته ڪابه تعليم سڀني ملڪن لاءِ يا سڀني زمانن لاءِ ڪارگر ٿي نٿي سگهي. ائين هرگز نه آهي. خدا جا قانون اڻ ٽر ۽ دائمي طور سچا آهن. انسان جي فطرت سڀني ملڪن ۽ سڀني زمانن ۾ ساڳي آهي. دين جا قانون ۽ اصول فقط اهي ئي سيکاريل آهن جي انسان جي فطرت موافق آهن اهوئي سبب آهن جو شيڪسپيئر شاعر جا مضمون سڀني ملڪن ۽ سڀني زمانن ۾ پسند پوندا آيا آهن ۽ پوندا ايندا، اگرچه انهن ۾ غلطيون به آهن، مگر الله تعاليٰ جو فطرت جو خالق ۽ مالڪ آهي سو ڪابه غلطي ڪري نٿو سگهي.
مان توهان کي اها دعوت ڪانه ٿو ڏيان ته مسلمان ٿيو. منهنجي خالص نيت هيءَ آهي ته مسلمان خواه غير مسلمان قرآن شريف جو مطالعو ڪري ان جي چڱين تعليمات تي عمل ڪري ترقي ڪن. تنهنڪري توهان کي عرض هي آهي ته توهان قرآن شريف پڙهو. ان تي غور ۽ فڪر ڪريو ۽ قومن جون تاريخون پڙهي نتيجا ڪڍو ته جن ترقي ڪئي تن ڪهڙن اصولن تي عمل ڪري ترقي ڪئي ۽ جن کي زوال آيوتن کي ڪهڙن بداعمالن ۽ اوڻاين جي ڪري زوال آيو. پوءِ توهان چڱي طرح فيصلو ڪري سگهندؤ ته قرآن شريف جون ڪهڙيون تعليمات ترقيءَ لاءِ ڪارگر آهن. پوءِ توهان اسلام ۾ داخل ٿيو يانه ٿيو، اسلام کي سچو سمجهو، مسلمانن سان وڙهو يا صلح ڪريو. ان جو مون کي خيال ڪونهي. مون کي فقط اهو خيال آهي ته هر ڪا قوم دل ۽ دماغ سان غور ۽ فڪر ڪري چڱي راه اختيار ڪري ترقي ڪري ۽ بس!!
مون کي يقين آهي ته جيڪڏهن تعصب ڦٽي ڪري غور ۽ فڪر ۽ تاريخي علم کان ڪم وٺجي ته مذهبي اصولن ۽ قانونن بابت ذري گهٽ اوتروئي اتفاق ۽ يڪرائي ٿي وڃي. جيتري سائنس تي ٿي آهي. مان هاڻي تمام ٿورڙن لفظن ۾ اسلام جي سطحي صورت پيش ٿو ڪريان. اسلام جي تعليم کي ٽن ڀاڱن ۾ ٿو وراهيان:- (1) ايمانات (2) عبادات (3) دنيائي زندگي جا قانون؛ هدايتون ۽ عمل ۽ اخلاق روحاني، اخلاقي پنگتي سياسي وغيره،
ايمانات بابت اسلام جو مکيه اصول آهي توحيد، معنى هڪ الله تعالى کانسواءِ ڪنهن جي به پرستش نه ڪرڻ ۽ ڪنهن جي به غلامي نه ڪرڻ. توحيد جو لازمي نتيجو آهي اتحاد، اتفاق ۽ صلح. جڏهن اسان سڀني جو هڪ ئي رب العٰلمين آهي ته اسان سڀ ڀائر آهيون، اسان کي ضروري هڪ ٻئي جو خيرخواهه ۽ مددگار ٿيڻو آهي. جيئن قوم جا فرد بداخلاق آهن ۽ هڪ ٻئي سان وڙهن ٿا ته سڀني جي بربادي ٿي ٿئي، تيئن دنيا جون قومون به جيڪڏهن هڪ ٻئي سان وڙهن ٿيون ۽ هڪٻئي تي ظلم ڪن ٿيون ته سڀني اهڙين قومن بلڪ سڄي دنيا لاءِ خرابي ۽ ترقي بدران تنزل ٿو اچي.
ٻيو اسان جو ايمان آهي ته الله تعالى سڀني ملڪن ۽ سڀني وقتن ۾ پنهنجا رسول موڪليا جن اسان کي سنئي راهه سيکاري ترقي ڪرائي. اسان جي اعتقاد موجب خالي ايمان بلڪل بيڪار آهي. ايمان آهي عمل، عمل کان سواءِ ايمان ائين آهي جيئن ميوي کان سواءِ درخت. سو فقط الله ۾ ايمان آڻڻ ڪهڙي ڪم جو آهي. جيڪڏهن اسان سندس قانونن ۽ حڪمن تي عمل نه ڪيون، اُهي قانون ۽ حڪم جڏهن الله تعالى ڪونه ٿوڏسي ۽ ٻڌائي ۽ ڏيکاري ته پوءِ کيس خالي مڃڻ مان ڪهڙو فائدو. تنهن ڪري اسان جو ايمان آهي ته هن پنهنجا پيغمبر موڪليا اسان کي پنهنجن حڪمن ۽ قانونن کان واقف ڪيو. الله تي ايمان آڻن آهي سندس حڪمن ۽ قانونن جي پيروي ڪرڻ اهوئي سبب آهي جو اسان الله تعالى تي ايمان آڻڻ سان گڏ سندس رسولن ۽ قانوني ڪتابن تي به ايمان ٿا آڻيون. جهڙي طرح اسان نه رڳو سرڪار کي ٿا مڃون پر سندس عملدارن ۽ قانونن کي به ٿا مڃون. اسان جو ٽيون مکيه ايمان آهي ته اسان انهن حڪمن ۽ قانونن تي عمل ڪنداسين ته انعام پائينداسين ۽ هن دنيا توڙي ٻي دنيا ۾ سعادت حاصل ڪنداسين ۽ جيڪڏهن عمل نه ڪنداسين ته سزا پائينداسين ۽ هت توڙي ٻي دنيا ۾ عذاب لهنداسين يعني چڱن عملن جو نتيجو به چڱو آهي ۽ بڇڙن جو بڇڙو. ساڳي طرح سرڪاري قانونن تي عمل ٿا ڪريون ته سرڪار فائدا ٿي ڏئي، نٿا ڪريون ته سزا ٿي ڏئي. اهو آهي اسان جو ايمان جيڪڏهن توهان کي ساڳيو ايمان رکڻ پسند نٿو اچي ته توهان جي مرضي.
عبادات بابت اسلام جا مکيه رڪن آهن. (1) نماز (2)روزو (3)زڪواة ۽ حج. اهي به انسان جي روحاني پاڪيزگي ۽ دنيائي ترقي ۽ سعادت لاءِ رٿيل آهن نه خالي ڏيکاوءَ لاءِ- اسان مسلمان جيڪڏهن علم سان انهن تي عمل ڪيون ها ۽ اهڙي طرح عمل ڪريون ها جيئن قرآن شريف ۾ سيکاريل آهي ته اسان جو تنزل ڪونه اچي ها. جيڪا ترقي اوائلي مسلمانن ڪئي تنهن کان به وڌيڪ ترقي ڪندا وڃون ها. انهن جي فائدن جو بيان لکجي ته هر هڪ تي ڪتاب ٺهي وڃي. نماز صفائي سٺائي، وقت جي پابندي، استقلال، پاڻ تي ضابطو رکڻ ،دل جي پاڪيزگي ۽ خدا ۽ خدا جي قانونن ڏي رجوع ٿيڻ ٿي سيکاري. جيئن نوڪر پنهنجي سائين جو سلام ڪندو آهي. پاڻ کي حڪم جو بندو ۽ پنهنجي سائين کي پاڻ تي اختيار وارو سمجهي حڪم احڪام وٺي پوءِ وڃي انهن تي عمل ڪندو آهي، تيئن اسان به پنج دفعا ڏينهن ۾خدا جي حضور ۾ حاضر ٿي عجز ۽ نياز ڏيکاري حڪم احڪام وٺي پوءِ انهن جي پيروي ٿا ڪريون. جيئن سلام ۽خالي خوشامد ڪري پوءِ ڪوبه خاوند جو ڪم نه ڪري ته خاوند هن کي لت هڻي ڪڍي ڇڏيندو. تيئن ڪوبه مسلمان جيڪڏهن خالي نماز پڙهي ۽ جيڪي منجهس پڙهجي ٿو تنهن تي عمل نه ڪري ته هو به الله تعالى وٽان تڙيل رهندو .تفاوت فقط هي آهي ته آقا کي پنهنجي نوڪر جي ڪم جو احتياج آهي، مگر الله تعالى بي نياز آهي. سندس جيڪي حڪم آهن تن تي عمل ڪرڻ ۾ اسان جو ئي فائدو ۽ اسان جي ئي ترقي آهي. حقيقتاً الله تعالى جي عبادت اُها آهي جا نماز کان پوءِ ڪجي ۽ دنيا ۾ سندس هدايتن موجب عمل ڪري پنهنجي ۽ ٻين جي ڀلائي ۽ ترقي ٿي ڪجي. ساڳي طرح روزا به استقلال ۽ پاڻ تي ضابطو رکڻ پرهيزگاري وغيره ٿا سيکارن. زڪواة قومي ڪمن ۾ قومي ترقي لاءِ مقرر ڪيل آهي. حج هڪ عالمگير ڪانفرنس آهي جنهن جي فائدن جي بيان لاءِ دفتر گهرجن.
توهان غيرمسلمان ڀائرن کي هي چارئي عبادات نٿا وڻن ته نه وڻن، مون کي ان جو ڪو خيال ڪونهي. باقي اسلام جو ٽيون ڀاڱو جو سيکاري ٿو ته دنيا ۾ ڪيئن گذارجي تنهن تي پوري طرح غورنه ڪيو تنهن جو سخت ارمان ٿو ٿئي. ڇو ته اهي سوال اهڙا آهن جن تي علم ۽ تاريخ جي وسيلي گهڻي قدر قطعي فيصلو ڪري سگهجي ٿو ته انهن قانونن ۽ هدايتن تي علم ڪرڻ سان ڪامل ترقي ڪري ٿي سگهجي يانه ۽ هن ڪري به سخت ارمان ٿو ٿئي جو انهن تي آساني سان بنا مسلمان ٿيڻ جي پنهنجي ئي مذهب ۾ رهي به عمل ڪري ٿا سگهون. تنهنڪري مان وري به استدعا ٿو ڪريان ته مهرباني ڪري اسلام جي هن قسم جي تعليمات تي غور ۽ فڪر ڪريو ۽ جيڪي تعليمات توهان کي وڻن تن تي عمل ڪري ترقي ڪريو!!

(ماهوار ”توحيد“ ڪراچي مارچ 1935)