ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

سرڪيولر ز

(هيٺ ڄاڻايل سرڪيولرز علامه علي خان ابڙو ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر،
فار محمدن ايڊيوڪيشن حيدرآباد ڊويزن هجڻ دوران جاري ڪيا)

1. جنهن اسڪول ۾ سرڪاري پگهار کڻندڙ نائب مقرر آهن تنهن جي هيڊ معلم کي ڪلاس ورهائي باقاعده بنا گسائڻ جي ڪم پورو ڪرڻو آهي ۽ ٽائيم ٽيبل ٺاهي ان موجب ڪرڻو آهي. هڪڙي ٽائيم ٽيبل ۾ ڪم ڏيکارڻ گهرجن ۽ ٻئي ٽائيم ٽيبل ۾ هر موسم جا وقت ڏيکارڻ گهرجن. هن ڪم ۾ ڀر واري لوڪلبورڊ اسڪول جا ٽائيم ٽيبل ڀت تي ٽنگي ڇڏڻ گهرجن. ٽائين ٽيبل انهن اسڪولن کي به ٺاهي رکڻ گهرجن جن کي سرڪاري نائب مليل ڪونهي.
2. جن اسڪولن ۾ سرڪاري پگهار کڻندڙ نائب آهن، انهن جي هيڊ معلمن کي نائبن وانگر بلڪ وڌيڪ باقاعدي روزانو ڪم ڪرڻو آهي ۽ بنا موڪل جي هرگز غير حاضر رهڻو نه آهي. هيڊ معلمن خواه نائبن کي موڪل لاءِ اڳواٽ درخواست موڪلڻ گهرجي. جيڪڏهن ايئن نه ٿيندو ته نائب جي پگهار ڪاٽبي يا نوڪري مان ڪڍي ڇڏبو ۽ هيڊ معلم جو قصور هوندو ته اسڪول مان نائب ڪڍيو ويندو ۽ وري نه ڏنو ويندو. جيڪڏهن مئنيجر جي پاران ٻيو ماڻهو پڙهائڻ لاءِ مقرر ٿيل آهي ته انهيءَ کي باقاعدي ڪم ڪرڻو آهي ۽ موڪلون وٺڻيون آهن ۽ نه مئنيجر کي.
جيڪڏهن هيڊ معلم يا مئنيجر جو عيوضي بنا موڪل غير حاضر رهي ته سرڪاري پگهار کڻندڙ ماستر اسان کي هڪدم کليو کلايو يا مخفي رپورٽ ڪري ۽ سندس ڪلاس جو ڪم بلڪل نه ڪري.
3. هر ڪنهن معلم کي پنهنجي ڪلاسن جي حاضري پاڻ ڀرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڪلاس جي ڪم لاءِ پاڻ جوابدار آهي. جيڪڏهن سرڪاري پگهار کڻندڙ نائب جو ڪم گهٽ هوندو ته کيس نوڪري مان ڪڍيو ويندو ۽ ڪو به عذر نه ٻڌو ويندو. جيڪڏهن نائب کي ڪي تڪليفون درپيش آهن جن جي ڪري ڪم سٺو نٿو ٿئي ته هڪدم روبرو يا ڊي - او لکي حقيقتون پيش رکي نه ته نوڪري کان برطرف ٿي ويندو. جيڪڏهن هيڊ معلم يا مئنيجر جي عيوضيءَ جو ڪم گهٽ هوندو ته کانئس نائب کسيو ويندو ۽ وري هرگز نه ڏنو ويندو.
4. جيڪڏهن هيڊ معلم يا نائب منظوريءَ سان موڪل تي ويو هجي ۽ موڪل جي عرصي کان وڌيڪ رهڻ جي ضرورت پويس ته هڪدم ٻي درخواست موڪلي ڏئي نه ته ساڳيو قدم کنيو ويندو جو مٿي فقره ٻئي ۾ ڄاڻايل آهي.
5. جيڪڏهن هيڊ معلم ڪوڙا شاگرد داخل ڪندو يا امتحان وقت ڪا ٺڳي ڪندو ۽ نائب اسان جي ۽ ممتحن جي ڌيان تي نه آڻيندو ته نائب کي نوڪريءَ مان ڪڍيو ويندو.
6. مٿين هدايتن مان سمجهي ٿا سگهو ته سرڪاري پگهار کڻندڙ تائين وارن اسڪولن ۾ ڪم گهٽ هئڻ ڪنهن به صورت ۾ اسان برداشت ڪري نه سگهنداسين. جيڪڏهن هيڊ معلم جو قصور ڏسنداسون ته کانئن نائب کسينداسين ۽ جيڪڏهن نائب جو قصور ڏسنداسون ته کيس نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏينداسون.
7. ڪو به ملان اسڪول ڪوڙا شاگرد داخل ڪندو، ڪوڙي حاضري ڀريندو يا امتحان وقت ٺڳي ڪندو ته نه رڳو گرانٽ ڪانه ملندي پر اسڪول لسٽ تان لاهبو بلڪه ڪن حالتن ۾ ڪيس پوليس جي حوالي ڪرڻو پوندو.
8. هڪڙي حيرت جي ڳالهه هيءَ آهي ته ڪنهن ٻار کي ممتحن ناپاس ٿو ڪري ته به هيڊ معلم ان کي مٿئين درجي ۾ ويهاري مٿئين درجي جا ڪم ٿو ڪرائي هي ڪم سخت بي قاعدي آهي ۽ ممتحن جي بي عزتي آهي، جيڪڏهن آئنده ڪو به معلم ائين ڪندو ته سخت قدم کنيو ويندو. اهڙي ناپاس ٿيل ٻار کي مٿي پاڙهڻ لاءِ درخواست به نه ڪرڻ گهرجي باقي خاص حالت هجي ته روبرو امتحان لاءِ مهربان بيٽ عملدار صاحب وٽ يا اسان وٽ آڻجي، پوءِ جيڪڏهن اسان منظوري ڏيون ته بيشڪ مٿئين درجي جا ڪم ڪرائڻ گهرجن. ٻين شاگردن کي مٿي ٽپائڻ لاءِ درخواست ڪرڻي هجي ته مهربان بيٽ عملدار صاحب جي معرفت موڪلڻ گهرجي؛ ان ۾ سڀ ضروري حقيقتون ڄاڻائڻ گهرجن مثلن: (1) گذريل سياري ۾ ڪهڙي درجي جو امتحان ڏنائين ۽ ڪيتريون مارڪون کنيائين (2) عمر (3) خاص منظوريءَ لاءِ سبب وغيره.
9. جڏهن ڪو هيڊ معلم نئين مڪتب رجسٽرڊ ٿيڻ لاءِ اسان کي درخوست موڪلي ته انهيءَ ۾ اهو ضرور ڄاڻائي ته جنهن ڳوٺ ۾ هو مڪتب رجسٽرڊ ڪرائڻ گهري ٿو تنهن ڳوٺ کي ويجهي ۾ ويجهو لوڪلبورڊ اسڪول يا رجسٽرڊ ملا اسڪول ڪهڙو آهي ۽ ڪيتري مفاصلي تي ۽ ڪهڙي طرف آهي ۽ انهي ڳوٺ جا ڪيترا شاگرد اهڙي لوڪلبورڊ اسڪول يا ملا اسڪول ۾ پڙهندڙ آهن.
10. شاگردن کي مٿئين درجن ۾ ٽپائڻ بابت درخواستون واسطيدار بيٽ آفيسرن جي معرفت اچڻ گهرجن ۽ نه سڌيون.
11. هن سرڪيولر جي ڪاپي هر هڪ هيڊ معلم کي يا مئنيجر کي پنهنجي دفتر تي رکڻ گهرجي.
12. حاضري رجسٽر ۽ جنرل رجسٽر وغيره جي گهر واسطيدار تعلقي ماستر کان ڪرڻ ۾ اچي ۽ نه اسان کان.

ڇوڪرين لاءِ اسڪالرشپون
سنڌ سرڪار ڇوڪرين لاءِ ڏهين رپئين هرماهه واريون 150 اسڪالرشپون منظور ڪرڻ فرمايون آهن. اهي انهن ڇوڪرين کي ڏيڻ ۾ اينديون جي ورنيڪيولر فائينل امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ اسڪول ماسترياڻيون ٿي ڪم ڪنديون.
اهي سڪالرشپون هيٺين شرطن تي ڏنيون وينديون:-
1. اميدوار ورنيڪيولر فائينل پاس ڪرڻ کان پوءِ اسڪول ماسترياڻيون ٿي ڪم ڪرڻ لاءِ ٻڌل رهنديون.
2. جيڪڏهن ڪو به ضلعي جو اسڪول بورڊ يا ميونسپالٽي کين پنهنجي اسڪولن ۾ ماسترياڻي ڪري رکڻ پاڻ تي هموار ڪندو.
3. اميدوار جو پيءَ يا سنڀاليندڙ هڪ اقرار نامون لکي ڏيندو جنهن لاءِ ڇهن سون جا 2 ضامن پڻ ڏيندو ۽ ضامن جي تصديق انهيءَ تعلقي جو مختيار ڪار ڪندو. جنهن تعلقي ۾ هو رهندڙ هوندا.
مٿين شرطن کانسواءِ عمر جي حد جو سوال پڻ سنڌ سرڪار جي زير ويچار آهي. جڏهن هن باري ۾ فيصلو ٿيو تڏهن اطلاع ڏنو ويندو.
سڪالرشپ لاءِ درخواستون هن آفيس جي معرفت جناب انسپيڪٽريس صاحبه آف گرلس اسڪولس سنڌ کي ڪرڻ گهرجن. درخواستن ۾ هيٺين حقيقت چٽيءَ طرح ڄاڻايل هجي:-
1. اميدوار جو نالو پيءُ جي نالي سميت
2. ڄمڻ جي تاريخ
3. ڄمڻ جو هنڌ
4. درجو جنهن ۾ پڙهي ٿي ۽ اسڪول جنهن ۾ پڙهندڙ آهي.
درخواست سان گڏ ڊسٽرڪٽ اسڪول بورڊ يا ميونسپل اسڪولبورڊ جنهن جي ماتحت اميدوار نوڪري ڪندي تنهنجي ريزوليوشن جي ڪاپي موڪلڻ گهرجي جنهن ۾ چٽيءَ طرح ڄاڻايل هجي ته بورڊ اميدوار کي ڪواليفائيڊ ٿيڻ بعد نوڪري ڏيڻ لاءِ تيار آهي. ان سان گڏ مٿي ڄاڻايل اقرار نامون پڻ موڪلڻ گهرجي.
جيڪا درخواست مٿين هدايتن موجب نه موڪلي ويندي اها دفتر ۾ داخل نه ڪئي ويندي.

ملا اسڪولس حيدرآباد جون حدون
سڀني حيدرآباد، ڪراچي ۽ ٿرپارڪار ضلعي جي ملن ۽ مولوين جي اطلاع لاءِ لکجي ٿو ته مهربان اسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب ملا اسڪولس حيدرآباد جون حدون ڦيرايون ويون آهن ۽ هاڻي هر هڪ کي هيٺيان تعلقا مليل آهن. انهن تعلقن جا ملا اڳتي هيٺ ڏيکاريل اسٽنٽ ڊپٽي صاحبن سان لکپڙهه ڪن.
فورٿ اسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب ملا اسڪولس حيدرآباد
1. مانجهند 2. ڪوٽڙي 3. ڪوهستان 4. ميرپور ساڪرو 5. ڪراچي تعلقي ۽ ميونسپالٽي.
سيڪنڊ اسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب ملا اسڪولس حيدرآباد
1. بدين 2. ٽنڊو باگو 3. جيمس آباد 4. ڏيپلو 5. مٺي 6. ننگر پارڪر 7. ڇاڇرو 8. ڊگري
ٿرڊ اسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب ملا اسڪول حيدرآباد
1. هالا 2. ٽنڊو الهيار 3. ديرو محبت 4. ميرپور خاص 5. سانگڙ 6. کپرو 7. سامارو 8. عمر ڪوٽ
فرسٽ اسٽنٽ ڊپٽي ايڊوڪيشنل انسپيڪٽر صاحب ملا اسڪول حيدرآباد
1. حيدرآباد 2. گوني 3. ميرپور بٺورو 4. سجاول 5. جاتي 6. شاه بندر 7. گهوڙا ٻاري 8. ڪيٽي بندر
(ملا مخزن 1938ع)