سادگي
هي ڪهڙي نه ظلم جي ڳالهه آهي ته جو دولت پيدا ڪندڙ لِسي ڪاڻ حيران هجن ۽ ٻيا فقط ڏيک ويک تي لک بلڪه ڪرور پيا اُڏائي ڇڏين. ڪتن کي ڪپڙا پهرائڻ ۽ گوشت کارائڻ، ويڙهو ڪڪڙن کي مکڻ کارائڻ ۽ ميلون ڪرائڻ، طرحين طرحين جا شڪار ڪري دولت کي دونهو ڪرڻ، لکن جا بنگلا ۽ لکن جا فرنيچر ۽ سينگار جا سامان رکڻ، سَوَن جون پوشاڪون پهرڻ (جن جو جٽاءُ فقط چار ڏينهن) شراب، ڪباب، راڳ ۽ رباب تي دولت لٽائڻ، آتشبازيون ڪرڻ، لقبن ۽ عُهدن ۽ خالي عزتن لاءِ هزارين بلڪه لکين رپيا خرچ ڪرڻ، اهي ۽ ٻيا ڪيترائي بيهودا ڪم ڪري پاڻکي ۽ پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي تباهه ڪرڻو نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. انکانسواءِ اسان جي ملڪ جي گهڻي دولت ۽ طاقت ڪن ٻين بداخلاقن ۽ بدتميزن ۾ به ضائع ٿي ٿئي، جهڙوڪ ڀنگ، چرس، تماڪ ۽ آفيم، کنڊ ۽ چانهه، جوابازي، زنا ۽ ٻيون بدڪاريون. سُستي ۽ فضول خرچي. چوريون ۽ ڌاڙا جهيڙا فساد ۽ ڪورٽن جا ڪيس، ٺڳيون، لچايون ۽ هڪ ٻئي جا نقصان ڪرڻ، جيڪڏهن انهن سڀني ڳالهين کي خيال ۾ آڻجي ته مون کي يقين آهي ته رڳو اسان جي سنڌ ملڪ ۾ سال ۾ ويهه ڪروڙ رپين جو ناحق نقصان ٿو ٿئي.
اسانجي ليڊرن کي جيڪڏهن سچ پچ پنهنجي قوم ۽ ملڪ جو درد آهي ۽ کين پنهنجي ۽ پنهنجي ملڪ جي ترقي جو اونو آهي ته تبليغ، تنظيم ۽ تعليم جي وسيلي بداخلاقين، اسراف ۽ جهل کي ٻن ڏين، قرضن ۽ وياجن کان ماڻهن کي آزاد ڪن ۽ دولتمند ماڻهن کي هدايت ڪن ته پنهنجي دولت کي اجايو لٽائڻ بدران ان کي وڌائڻ ۽ قوم جي ترقي تي خرچ ڪن. جيڪڏهن دولت گهڻي اٿن ۽ پنهنجي وطن لاءِ ايتري حُب ڪانه اٿن جو مسڪينن جي تعليم تي خرچ ڪن ته کوهه کوٽائين، باغ پوکائين جن ۾ ميوا ۽ ڀاڄيون جام ٿين ۽ قسم قسم جا ڪارخانه جاري ڪن جن ۾ مسڪين قسمن قسمن جا هنر سکن ۽ چڱي روزگار کي لڳن. هي به ياد رکڻ گهرجي ته سادگي ۾ صحت ۽ خوشي پاڻ وڌيڪ آهي ۽ عيش عشرت جي ڪري انسان ڪمزور، نٻل ۽ روڳي ٿي ٿو پوي جنهن ڪري کين سچي خوشي حاصل ڪانه ٿي ٿئي. توهان کي خبر آهي ته رسول الله ﷺ ۾ سادگي جو ڳڻ حد ڪمال هو پاڻ سڳورا نهايت سادا ڪپڙا پهريندا هئا. جيڪڏهن ڦاٽندا هئا ته انهن کي پاڻ ئي اڳڙي وجهي ٽوپو ڏئي وري پائيندا هئا. جُتي ڇڄدي هين ته پاڻ ئي چتي هڻي وري پائيندا هئا. کاڌو حدڪمال سادو هوندو هو. جَوَن جي ماني ۽ کارڪن تي ئي اڪتفا ڪندا هئا. بعضي ته ڪيترا ڏينهن سندن چُلهي ۾ باهه ڪانه ٻرندي هئي. گهر به نهايت سادا هون. فرنيچر اصل ڪونه. تڏي تي پٺي اگهاڙي سمهي پوندا هئا. ڪم ڪرڻ کان عار ڪونه ڪندا هئا. ٻهاري پائيندا هئا. ڪاٺيون ميڙي ايندا هئا. ڪوڏر هڻندا هئا. اُٺ ٻڪريون چاريندا هئا. واپار ڪندا هئا. ٻڪريون ڏهندا هئا. اي اڄوڪا مسلمان ڀائرو! توهان جو شان حضرت جن کان به مٿانهون آهي ڇا؟ جو ڪم ڪرڻ کان عار ٿا ڪريو ۽ سادن ڪپڙن پائڻ، سادي طعام کائڻ ۽ سادن گهرن ۽ سادي فرنيچر رکڻ کان شرم ٿا ڪريو. اٽلندو پوزيشن جي واسطي بيجا اسراف ٿا ڪريو. نمائش تي دولت ٿا لُٽايو. شادين ۽ غمين وغيره تي رسمن جي پابندي ڪري رسول ﷺ جي طريقي کي ڦٽي ڪري وڏا خرچ ٿاڪيو ۽ پاڻ کي ۽ ٻين کي برباد ٿا ڪريو. اي پيارا ڀائرو! پاڻ کي رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن کان وڌيڪ شان وارو نه سمجهيو. پوزيشن ۽ رعب جي مشرڪانه خيالن کي لتن هيٺان لتاڙيو. جيڪڏهن سادگي جي ڪري توهان کي ڪو ملامت ڪري ته کيس چئو ته مان رسول الله ﷺ جي سنت جي تابعداري ٿو ڪريان مون کي الله جو راضپو گهرجي. نه توهان جو، توهان ڀلي مون تي چٿرون ڪيو ۽ خوش ٿيو.
الله تعاليٰ شال اسان مان هٺ ۽ وڏائي ۽ سستي جا اوڳڻ ڪڍي ڇڏي ۽ نماڻائي ۽ سادگي ۽ محنت جاڳڻ اسان ۾ پيدا ڪري! آمين
(توحيد مئي 1935)