ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ضروري اطلاع

ڀروسي جهڙن چڱن مڪتبن لاءِ سماهي گرانٽ ڏيارڻ جي منظوري به آهي. جيڪو ئي معلم باقاعده تعليم ڏيندو، بنا موڪل غير حاضر نه رهندو، ماهواري نقشو هر مهيني موڪليندو رهندو ۽ پنهنجي اسڪول کي ٻارهن ئي مهينا آباد رکيو ايندو تنهن کي ٽئين ٽئين مهيني گرانٽ ڏياربي.
نائبن کي هر مهيني پگهار ڏيڻ جي منظوري ملي آهي. ورنيڪيولر فائنل امتحان پاس ڪيل کي 16 روپيا مهينو ۽ نا پاس ڪيل کي 9 روپيا مهينو ملندا. نائب ڏيارڻ لاءِ هي قاعدو ٺهيو آهي ته درجن جي تعداد کي 4 سان ضرب ڪري ضرب اپت ۾ ڪل شاگردن جو عدد جوڙ ڪبو. جيڪڏهن جواب 60 يا 60 کان ٿورو گهٽ ايندو ته نائب ڏياري سگهبو، جيڪڏهن جواب 90 يا 90 کان ٿورو گهٽ هوندو ته 2 نائب ڏياري سگهبا. جيڪڏهن جواب 120 يا ٿورو گهٽ هوندو ته 3 نائب، يعني جواب کي 30 سان ونڊ ڪري ڏسجي. جيڪو جواب ايندو اوترا معلم هيڊ ملا سميت ٿيندا. جيڪو ملا نابين آهي يا سنڌي ڪونه ڄاڻي سو جيڪڏهن تعداد موجب ٻه نائب رکندو ته هڪڙي جو پگهار سرڪاري ٿيندو ۽ مٿئين قاعدي موجب 60 تائين هڪ نائب جو حقدار آهي.
جنهن صورت ۾ نائب جي پگهار گرانٽ کان علاوه ٿي ملي يعني ڪم جي گرانٽ به ٿي ڏيارجي ۽ جدا وڌيڪ نائب جي پگهار به ٿي ڏيارجي تنهن صورت ۾ اهڙن اسڪولن جي ضابطي تي خاص نظر رکي ويندي.
1. ياد رکڻ گهرجي ته ملا ۽ نائب ٻنهي کي باقاعدي محنت ڪري تعليم ڏيڻ گهرجي ۽ ٻنهي کي بنا موڪل هرگز غير حاضر نه رهڻ گهرجي.
2. موڪل تي وڃڻ لاءِ اڳواٽ منظوري وٺي پوءِ وڃڻ گهرجي، جيڪڏهن مجبورن اوچتو غير حاضر ٿيڻ جو ضرور پوي ته بروقت ئي رپورٽ ڪرڻ گهرجي ۽ ٻنهي حالتن ۾ موڪل تان موٽي اچڻ جي رپورٽ به بروقت ڪرڻ گهرجي ته اڄ فلاڻي تاريخ صبح يا شام وقت اچي حاضر ٿيس ۽ ڪم کي لڳس.
3. نائب کي سال ۾ گهڻي ۾ گهڻو 20 ڏينهن موڪل ڏيئي ٿي سگهجي ۽ هڪڙي ئي وقت ۾ هفتي کان وڌيڪ ڏيئي نٿي سگهجي. امتحان جي وئڪيشن ان کان علاوه ڏيئي ٿي سگهجي.
4. نائب جڏهن موڪل تي وڃي تڏهن درخواست يا رپورٽ پنهنجي هٿ سان لکي ملا جي معرفت موڪلي ۽ جڏهن موٽي اچي تڏهن به پاڻ ملا جي معرفت رپورٽ موڪلي.
5. ملا کي گهرجي ته هر مهيني جي آخر ۾ رپورٽ موڪلي ته هن مهيني ۾ نائب سڄو مهينو حاضر رهيو يا هيترا ڏينهن موڪل سان يا بنا موڪل يا ڪاٽ پگهار سان فلاڻي تاريخ کان فلاڻي تاريخ تائين غير حاضر رهيو، جڏهن اهڙي رپورٽ پهچندي تڏهن پگهار جو بل ٺاهيو ويندو.