قاديانيت کي لوهار وارو ڌڪ
مون قاديانين جي لٽريچر (ڪتاب) گهڻي قدر پڙهي آهي. مرزا غلام احمد جو ڪتاب اسلامي فلسفه (انگريزي ۾ ٽيچنگز آف اسلام) پڙهيو اٿم. مولوي محمد علي لاهوري جو قرآن شريف جو تفسير بار بار پڙهيو اٿم خواجه ڪمال دين جون ڪيتريون ئي تصنيفون ۽ سندس ماهوار رسالو 1933ع کان وٺي پڙهندو آيو آهيان. وڏي ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪو وڏو پارسي ڪتاب مرزا غلام احمد جي نبوت جي ثابتي ۾ لکيو اٿن سو سڄو پڙهيو اٿم، اهڙي حالت ۾ مون کي پڪ آهي ته منهنجا سنڌ جا مسلمان ڀائر منهنجي راءِ کي پورو پورو وزن ڏيندا ۽ يقين ڄاڻندا ته مرزا غلام احمد جي نبوت جي دعوى بلڪل باطل آهي. مان پنهنجي مسلمان ڀائرن کي وڌيڪ يقين ڏيارڻ لاءِ ٻڌايان ٿو ته هندستان جا جيڪي به زبردست عالم آهن تن قاديانيت جون ٿڳڙيون اُڏائي ڇڏيون آهن. تازو علامه محمد اقبال، جو ايم اي بئرسٽر ۽ فلسفه جو ڊاڪٽر آهي ۽ جيڪو دنيا جو مشهور شاعر ۽ فيلسوف آهي، تنهن اعلان ڪيو ته قادياني بهائين کان به وڌيڪ خراب آهن ڇو ته قادياني منافق آهن پر سڀ کان وڏي ثابتي هيءَ آهي ته خود خواجه ڪمال الدين، محمد علي ۽ٻيا هزارين جيڪي مرزا غلام احمد جي آغوش ۾ پليا ۽ سندس ئي تعليم قبول ڪيائون سي به کيس نبي ڪري ڪونه ٿا مڃين. مولوي محمد علي جي عزت قاديانين وٽ ايتري هئي جو کيس خلافت جي گادي آڇيائون مگر هن چيو ته مان مرزا غلام احمد جي نبوت جوي قائل ئي نه آهيان ته پوءِ خلافت وري ڇاجي! تازو هڪڙي قادياني مولوي ٽي ڀيرا مون سان گفتگو ڪئي. چيائين ته اسان قرآن شريف کي آخرين ۽ ڪامل مڪمل ڪتاب ٿا سمجهون پر ان سان گڏ مرزا غلام احمد کي به نبي ڪري ٿا سمجهون ۽ جيڪو کيس نبي ڪري نه مڃيندو سو ڪافر آهي. سمجهيو ته هي چند هزاز قادياني دنيا جي سٺ ڪروڙ مسلمانن کي ڪافر ٿا ڪوٺين. مون کيس سوال ڪيو ته جنهن صورت ۾ قرآن شريف آخرين ۽ ڪامل مڪمل ڪتاب آهي ۽ جنهن صورت ۾ ان جو مُکيه ۾ مکيه مقصد آهي، اتحاد ۽ اتفاق ۽ فرقن ٺاهڻ جي ڪامل ممانعت (توهان جو فرقو ته وري اهڙو شديد آهي جو سڀني قرآن جي مڃندڙن کي ڪافر ٿو چوي،) جنهن صورت ۾ نبوت جو مسئله اهم ترين مسئلو آهي تنهن صورت ۾ قرآن شريف ۾ برابر واضح طور ڪلام چِٽائي سان بيان ٿيل هجي ها ته نبي اڳتي به پيدا ٿيندا. فلاڻين فلاڻين صدين ۾ پيدا ٿيندا انهن جا نالا فلاڻا ۽ نشانيون فلاڻيون هونديون ڏسو ته اڳين صحيفن ۾ ڪيئن نه نبين جي اچڻ جون ۽ خصوصاً آخرين پيغمبر محمد مصطفىﷺ بابت چٽيون پيشنگويون ڪيل آهن. پوءِ جيڪڏهن کائنس پوءِ به نبي پيدا ٿيا هجن ها ته قرآن شريف ۾ ته بلڪل وڌيڪ چٽائي، سان بيان ڪيل هجي ها. جواب ڏنائين ته اهڙي چٽائي ته ڪانهي پر ڪيترين ئي آيتن مان استدلال طور (دليل بازي يا چئجي ته ڌوڪي بازي،) سمجهي سگهجي ٿو ته نبوت جو درجو ملڻ بندڪونه ٿيو آهي. هن جواب مان ايترو ته قبول ڪري چُڪو ۽ ضرور قبول ڪرڻو هوس ته قرآن شريف ۾ ائين بالڪل فرمايل ڪونهي ته اڳتي به نبي پيدا ٿيندا. هاڻي جيڪڏهن ايئن به آهي ۽ پوءِ به ضد ڪري ٻين نبين جو پيدا ٿيڻ مڃجي ته اسلام ۾ فرقا ۽ تباهي نه ايندي ته ٻيو ڇا ايندو. پوءِ مولوي صاحب آيتون ٻڌائڻ لڳو جن بابت دعوى ڪيائين ته هنن مان نبين جو پيدا ٿيڻ ثابت ٿو ٿئي. سندس ترجمون ۽ تفسير بلڪ غلط ۽ تاويلات اهڙا هئا جن کي گهٽ ۾ گهٽ ڌوڪيبازي ضرور سڏي ٿو سگهجي.
مون کي يقين آهي ته انهيءَ ساڳئي مولويءَ کي ڪڏهن به اهڙي جرائت نه ٿيندي جو اهي ساڳيا تاويلات ڪتابي صورت ۾ ڇپائي. ڏسجي ٿو ته هنن قاديانين کي ڌوڪيبازي ۾ اهڙي ڪماليت حاصل ٿي ويئي آهي جو ساڻن بحث مباحثا سنڌ جا وڏا عالم به مشڪل ڪري سگهندا. ڇو ته هتي نه رڳو علم جي ضرورت آهي، پر ڌوڪيبازي واري حرڪت کي سمجهڻ جي پڻ ضرورت آهي. تنهنڪري جيڪڏهن ڪو تيز فهم عالم ساڻن بحث ڪري ته کيس گهرجي ته قاديانين کي چوي ته پنهنجو پوائنٽون ۽ دليل لکيل اڳواٽ ڏيو ته انهن تي غور ڪري پوءِ بحث ڪريون. پر ساڻن بحث ڪرڻ آهي ته بلڪل اجايو ڇو ته سندن دعوى جو مثال اهڙو آهي جهڙو ڏينهن کي رات ڪوٺڻ يا رات کي ڏينهن ڪوٺڻ. انصاف ته ڪريو ته گذريل تيرهن سؤ سالن ۾ حضرت ابوبڪر صديق رضي الله کان وٺي اڄ سوڌو ڪنهن به مسلمان کي ڪنهن به آيت ۾ نبين جي پيدا ٿيڻ لاءِ ڪو اشارو به ڪونه ڏسڻ ۾ آيو ۽ نه وري هاڻي به سٺ ڪروڙ مسلمانن جي بردست عالمن کي ڪٿي به ڪو اشارو معلوم ٿئي ٿو. پوءِ هنن قاديانين کي ڪيئن ٿو ڏسڻ ۾ اچي؟ آيتن جي تفسير ۾ هڪ اصول تمام ضروري آهي ته ربطه ۽ مضمون جي سلسله کي ڏسڻ گهرجي جيڪڏهن ان کي نه ڏسو ۽ رڳو ٻن ٽن لفظن کي وٺي انهن کي ڊگهو ڪبو ته واهيات تاويلات ڪري سگهبا.
تنهن کان پوءِ قادياني مولوي صاحب فرمايو ته جيڪڏهن قرآن شريف ۾ چٽو فرمايل ڪونهي ته اڳتي نبي پيدا ٿيندا ته وري ائين به چٽو فرمايل ڪونهي ته اڳتي پيدا ڪونه ٿيندا. ۽ خاتم النبين جو لفظ جو قرآن شريف ۾ حضرت جن ﷺ به نسبت فرمايل آهي ان ۾ ”ت“ تي زبر آهي تنهنڪري خاتم جي معنى آخري ناهي پر ان مان فقط افضليت جي معنى ٿي نڪري ۽ حضرت جن ﷺ بيشڪ سڀني رسولن ۽ نبين کان افضل آهن. مون چيو ته تيرهن صدين ۾ سڀني مفسرن انهن الفاظن مان اهوئي مطلب ڪڍيو آهي ته پاڻ سڳورا ﷺ آخري نبي آهن. نه رڳو ايترو پر لغتن ۽ بلڪ امام راغب جي مفردات ۾ به اهائي معنى ڏنل آهي. پر عجب ته هي آهي ته خود مرزا غلام احمد به نبوت جي دعوى ڪرڻ کان اڳ اهائي معنى ڪئي آهي ته پاڻ سڳورا آخرين نبي آهن، تڏهن قبول ڪيائين ته برابر مرزا غلام احمد ائين ئي لکيو هو پر سندن مطلب هو ته پاڻ سڳورا شريعت آڻيندڙ نبين ۾ آخري نبي آهن. هاڻي ڏسو ته ڌوڪيبازي ڪاٻي ٿيندي آهي ڇا؟ جيڪڏهن مرزا جو اهو مطلب هو ته ڇو نه ائين لکيائين ته پاڻ سڳورا شريعت آڻيندڙ يا ڪتاب آڻيندڙ نبين ۾ آخري آهن؟ مگر هونئن ٻيا نبي به پيدا ٿيا آهن ٻئي ڀيري قادياني مولوي صاحب اڪيلائي ۾ مون موٽ لنگهي آيو. ۽ منهنجي دماغ تي حمله ڪرڻ بدران دل تي حمله ڪيائين ۽ ان ۾ به ڪمال ڪري ڇڏيائين. پنهنجي روحانيت جا قصا ۽ مرزا غلام احمد ۽ ٻين جي روحانيت جا قصا اهڙي جوش سان بيان ڪيائين جو جهڙي تهڙي ماڻهوءَ کي ته جيڪر هڪدم متاثر ڪري ڇڏي ها ۽ گهڻن ئي ماڻهن کي هو متاثر به ڪندو هو. پڇاڙي ۾ چيائين ته مهرباني ڪري استخاره ڪري الله تعالى کان هدايت جو سوال ڪيو، پوءِ پاڻهي خواب ۾ توهان کي هدايت ملندي. مان سمجهان ٿو ته هن ۾ به وڏي ڌوڪيبازي آهي. هن ڪم لاءِ اهو استخاره ڪندو جنهن کي پنهنجي اڳوڻي عقيدي ۾ شڪ پوندو ۽ گمان ڪندو ته شايد مرزا غلام احمد سچو نبي هجي. پوءِ ٻليءَ کي خواب ۾ ڇڇڙا جي مثال وانگر رات جي وقت ۾ شيطاني خواب اچڻ جو بيشڪ امڪان آهي.
ٽئين ڀيري وري مولوي صاحب آيتون پيش ڪيون جن مان سندس مطلب بلڪل حاصل ڪونه ٿيو.
بعضي قادياني مبلغ هي دليل پيش ڪندا آهن ته مرزا صاحب جي قابليت ڏسو ۽ ڏسو ته ڪيتري قدر باطل خيالات جي ترديد ڪري سهڻيون تعليمات ڏنيون اٿس، تنهنڪري هو ضرور سچو نبي آهي. سندس قابليت يا ڪئريڪٽر يا تعليمات تي بحث ڪرڻ لاءِ مهينا کپن ۽ وڏا ڪتاب لکجن ته به سندن ضد کي ٽوڙي ڪين سگهبو. جيڪڏهن کڻي قبول به ڪجي ته مرزا غلام احمد قابل به هو ۽ سندس تعليمات به سهڻيون آهن ته نه ان مان هي نتيجو ڪڍي سگهجي ٿو ته ڇا هو هروڀرو سچو هو. هرگز نه. جيڪڏهن هو قابل هو. تعليمات چڱيون اٿس ته شاهه ولي الله صاحب ۽ امام رباني رحمته الله عليها گهٽ هئا ڇا؟ يا هن وقت مولانا ابو الڪلام آزاد ۽ علامه عنايت الله خان مشرقي کائنس گهٽ آهن ڇا؟
حديثن ۾ بلڪل چٽائي ٿيل آهي ته پاڻ سڳورا آخري نبي هئا ۽ ٻيو ڪو نبي پيدا ٿيڻ وارو ڪونهي. حدثين ۾ وڃڻ جو ضرورئي ڪونهي ڇو ته قاديانين کي ڏهه سچيون حديثون ٻڌائيون ته هو سؤ ڪوڙيون حديثون ٻڌائيندا. سچين حديثن به نسبت تاويل ڪندا ته انهن جو مطلب آهي ته نوان ڪتاب آڻيندڙ شريعت آڻيندڙ نبي پيدا ڪونه ٿيندو.
مون ڪنهن هنڌ پڙهيو آهي ته جڏهن مصر ۾ هڪ انگريزن جي پوليٽڪل ڪميشن انڪوائري ڪرڻ وئي هئي ته تڏهن مصري ماڻهن ان جو ڪامل بائيڪاٽ ڪيو. يعني ڪو به مصر جو ماڻهو انهن وٽ راءِ ڏيڻ ڪونه ويو. ان ڪميشن جا گورا ميمبر ڪنهن ڏينهن نيل نديءَ جي طرف گهمڻ نڪتا ۽ ٻنين ۾ ڪي هاري ڏٺائون. هڪ هاريءَ کي سڏ ڪري پڇيائونس ته تنهنجو نالو ڇا آهي؟ هن جواب ڏنو ته وڃي زغلول پاشا (سندن ليڊر) کان پُڇو. منهنجي به پنهنجي سنڌي ڀائرن کي صلاح آهي ته جڏهن قادياني ڪنهن سان به مذهبي گفتگو ڪري ته کيس اهوئي جواب ڏئي ته مون سان نه ڳالهاءَ، وڃي مولوي محمد صادق کڏي واري سان ڳالهاءِ. مون به اهوئي فيصلو ڪيو آهي ته قاديانين سان وري مذهبي بحث نه ڪندس. قادياني ضرور چوندا ته توهان جو اسان سان ڳالهائڻ کان پري ٿا وڃو، تنهن جو مطلب اهو ئي آهي ته توهان باطل تي آهيو ۽ اسان حق تي آهيون، تنهنڪري اسان سان بحث ڪري نه ٿا سگهو. کين چئجي (۽ واقعي آهي به ائين) ته توهان جو ڏينهن کي رات ۽ رات کي ڏينهن ڪوٺيندو ته ان تي بحث ڪرڻ مان فائدو ڪهڙو؟
قارئين کي منهنجي استدعا آهي ته جيڪڏهن مٿيون مضمون کين ڪارگر نظر اچي ته پوءِ جتي جتي ضرورت پوي اُتي ٻين مسلمانن کي به پڙهي ٻڌائين ۽ هي به استدعا آهي ته مضمون کي مناسب موقعن لاءِ پاڻ وٽ محفوظ رکي ڇڏين.
(توحيد جولاءِ 1937)