ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

33 سيڪڙو مارڪون ۽ ڪي تعليمي هدايتون

اسان جي امتحانن ۾ جيڪو شاگرد 33 في سيڪڙي مارڪون کڻي ٿو، تنهن کي پاس ڪيو ٿو وڃي. انهيءَ ڪري تعليم ڏيندڙ خواهه شاگردن ۾ هڪ قسم جي بي پرواهي پيدا ٿئي ٿي، يعني نڪي ماستر ڪامل تعليم ڏيڻ جي ڪوشش ٿا ڪن، نڪي شاگردن ۾ اهي گڻ پيدا ٿا ٿين جي زندگيءَ ۾ نهايت ضروري آهن، ۽ جن کان سواءِ دنيا ۾ سخت ناڪاميابيون ۽ سخت نقصان ۽ مصيبتون برداشت ڪرڻيون ٿيون پون. اهي گڻ هي آهن:
ته جنهن ڪم کي وٺجي تنهن کي ڪماليت وٺائجي ۽ اڌورو نه ڇڏجي، ۽ ان کي بيحد ڪمال صحيح طور ڪجي، نه ڪجهه صحيح ۽ نه ڪجهه غلط، ۽ ان ڪم ۾ ڪمال محنت، غور ۽ استقلال کان ڪم وٺجي. مگر 33 في سيڪڙي تي راضي رهڻ ڪري شاگردن ۾ اٽلندو سستي، بيپرواهي ۽ بي خيالي جا گڻ پيدا ٿا ٿين ۽ هو ڪو به ڪم چڱيءَ طرح ڪرڻ جي ڪوشش ئي نٿا ڪن. دنيائي ڪمن جا مثال وٺو. ڇا اسان اهڙي حڪيم يا ڊاڪٽر کان راضي رهنداسين جو مرضن جي سڃاڻپ ۽ صلاح فقط 33 سيڪڙو صحيح ۽ 67 سيڪڙو غلط ڪري؟ ڇا شاگردن لاءِ اهڙا ماستر ۽ ڪتاب ڪافي آهن جي 33 سيڪڙو صحيح 67 سيڪڙو غلط ڳالهيون سيکارين؟ ڇا دڪاندار ۽ ٻيا ماڻهو پنهنجا ڌنڌا ۽ ڪم ڪاريون هلائي سگهندا، جيڪڏهن ليکو چوکو 67 سيڪڙو غلط ڪن؟ ڇا اسان اهڙن ڪلارڪن ۽ خزانچين کان راضي رهنداسين جي حساب ڪتاب فقط 33 سيڪڙو صحيح لکن؟ ڇا اسين راضي رهنداسين جيڪڏهن ڪو پيغام پهچائيندڙ اسان جو پيغام 67 سيڪڙو غلط پهچائي يا ڪو خط ۽ درخواست يا دستاويز فقط 33 سيڪڙو صحيح لکي؟ جيڪڏهن نه ته پوءِ ڇو اسان شاگردن جي 33 سيڪڙو صحيح ۽ 67 سيڪڙو غلط ڪم تي راضي ٿا رهون، ۽ کين سڄي حياتيءَ لاءِ بيڪار ڪري ٿا ڇڏيون؟
جيڪڏهن تعليم جو ڪورس ڊگهو ۽ نامناسب آهي جنهن ڪري 33 سيڪڙو صحيح ڪم تي راضي رهڻو ٿو پوي ته پوءِ ماسترن کي گهرجي ته يڪمشت ٿي ان ڪورس جي مخالفت ڪن پر سو تڏهن جڏهين ماستر پهريائين پنهنجي فرض ادائي ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏين. مان سمجهان ٿو ته ڪورس ۾ گهڻيون ئي خاميون آهن پر معلمن جي تعليم ۽ شاگردن جي فرض ادائي ۾ به گهڻيون ڪوتاهيون آهن. جيستائين ڪورس ۾ ڪي تبديليون ٿين، تيستائين ماسترن کي پنهنجي قابليت موجب تجربا ڪرڻ گهرجن. جيڪي ڪم رکيل آهن تن مان سولا ۽ مکيه ۽ ڪارائتا ڀاڱا شاگردن کي چڱيءَ طرح سيکارين ۽ کين چون ته اهي تمام چڱيءَ طرح سمجهو ۽ ڪيو. پوءِ اهڙن ڀاڱن جو امتحان زباني خواه لکيل وٺي ڏسن ۽ پاس ٿيڻ لاءِ مارڪون گهڻيون رکن مثلن 75 يا 80 سيڪڙو. مان پنهنجي خيال موجب هيٺيون هدايتون مناسب ٿو سمجهان.
ماستر ڪنهن به ڪم جو ٿورو حصو بلڪل چڱي طرح سيکارين ۽ شاگردن کي به خبردار ڪري ڇڏين ته انهيءَ ڀاڱي ۾ امتحان فلاڻي تاريخ ٿيندو، ۽ اوهان کي 100 مان 100 مارڪون کڻڻيون آهن. پوءِ ڪلاس ۾ به گهڻو ڌيان ڏيندا ۽ گهر ۾ به شوق سان اهو ڪم ڪندا. هو نه رڳو محنت ڪندا پر غور ۽ سمجهه ڪم ڪندا. پوءِ ماستر سوالن جا پيپر اهڙا ٺاهين جنهن جا ٻه يا ٽي ڀاڱا هجن. پهرئين ۾ سولا سوال سولي نموني هجن ۽ اهي تمام مکيه ۽ ڪارائتين ڳالهين به نسبت هجن. ٻئي ڀاڱي ۾ سمجهه جا سوال هجن پر انهن ٻنهي ڀاڱن جا سوال سيکاريل ٽُڪري مان هجن.
جيڪڏهن ٽيون ڀاڱو به پيپر جو ڪجي ته ان ۾ فقط اهڙا سوال هجن جي شاگردن جي عام واقفيت ۽ سمجهه چڪاسين. انهن ٽن ڀاڱن ۾ پاس ٿيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 80، 50 ۽ 30 في سيڪڙو مارڪون مقرر ڪرڻ گهرجن. ٻي ضروري ڳالهه هي آهي ته شاگردن کي ڌُڪن هڻڻ کان (زباني توڙي لکيل جوابن ۾) سختي سان روڪين. شاگردن ۾ ڌڪن جي عام عادت آهي سا ڏاڍي نقصان ڪار آهي، ۽ اها عادت دنيا ئي ڪمن ۾ به هنن کان نٿي وڃي ۽ ان عادت مان پوءِ وڏا نقصان ٿا ٿين. اهڙي ماڻهوءَ جو دماغ هميشه منجهيل رهي ٿو. سمجهو ته ڪو ماڻهو مون کان حيدرآباد وڃڻ جو رستو ٿو پڇي، مون کي پڪ به ڪانهي ته ڪهڙو رستو حيدرآباد ڏي ويندو، تنهن هوندي به هن کي هڪڙو رستو وٺايان ٿو ۽ اهو رستو حيدرآباد جي بدران هن کي جهرڪن جي سامهون وڃي ٿو ڪڍي، پوءِ ڪيڏو نه نقصان پئجي ٿو وڃي. تنهنڪري ڌڪن هڻڻ جي عادت هر طرح زيان ڪار آهي، ۽ خواه مخواهه تعليم جي ڪم ۾ به شاگردن کي منجهيل ۽ ڏڏ ڪري ٿي وجهي. جتي مناسب ڏسڻ ۾ اچي اتي ڌڪن لاءِ اٽلندو مارڪون ڪاٽڻ گهرجن.
هاڻي تعليم بنسبت ڪي هدايتون ٿيو ڏجن.
(1) جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر جنسي شين جي وسيلي شاگردن کي عمل ڪرائي تعليم ڏجي. مثلن جيڪڏهن ڪجهه خريد ڪرڻو هجي ته شاگردن کي چئجي ته فلاڻو شيءَ هٽ تان يا اسٽور تان وٺون ٿا، اگهه هي آهي، هاڻي حساب ڪريو ته ڪيترا پئسا ڏيڻا پوندا؟ پوءِ هڪڙي شاگرد کي موڪلجي ته اها شي اوتري انداز ۾ وٺي اچي.
(2) تعليم ڏيڻ ۾ هميشه سوالن ۽ گفتگو جو رستو اختيار ڪجي. ان حالت ۾ شاگردن کي ڌيان ڏيڻو پوندو، پنهنجي مغز مان اڳ ڄاتل ڳالهه کوٽي ڪڍندا، غور ۽ فڪر ڪندا، پنهنجي راءِ ڏيندا ۽ پنهنجا خيال پنهنجن لفظن ۾ ظاهر ڪرڻ جو استعمال ڪندا.
(3) جيتري قدر ٿي سگهي اوتري قدر جيڪي جيڪي سيکارجي، تنهنجو لاڳاپو ڀيٽ تفاوت ۽ سمجهاڻي زندگي جي روزمره جي ڪمن ڪارين ۾ مشاهدن ۽ تجربن سان ڪجي شاگردن کي خيال ڪرڻ گهرجي ته جيڪي سکيو سين، سو ڪيتري قدر اسان کي دنيا ۾ ڪم ايندو.
(4) ماسترن کي تڪڙ هرگز ڪرڻ نه گهرجي مثلن ٻاراڻي ڪتاب ۾ جيستائين شاگرد ٻيو سبق چڱيءَ طرح پڙهي ۽ لکي نه سگهن تيستائين ٽيون سبق هرگز شروع ڪرڻ نه گهرجي، بلڪ ٽيون سبق شروع ڪرڻ بعد به ٻئي سبق جو دور وري ڪرائڻ گهرجي. ساڳئي طرح حسابن ۾ به جيستائين هيٺيان حساب ڪامل طور 18- آنا نه اچن، تيستائين اڳتي هرگز وڌڻ نه گهرجي. هيٺين حسابن جو وري وري استعمال ڪرائڻ گهرجي. پهريائين بيحد سولا حساب ڏيڻ گهرجن پوءِ تمام آهسته آهسته وڌائجن.
(5) اڪثر ماستر خواه شاگرد ڪچي شاگرد بنسبت سمجهندا آهن ته قدرتي طرح ڪند آهي. انهيءَ خيال جي ڪري نڪي ماستر ئي مٿس محنت وٺندو نڪي شاگرد پاڻ ئي چاه ڪندو. حقيقت ۾ شاگردن جي ڪچائيءَ جا سبب گهڻو ڪري هيٺيان ٿا ٿين:-
1- ڪا جسماني حرڪت يا بيماري جنهن لاءِ ڊاڪٽر جي تپاس ۽ علاج ضروري آهن.
2- ڪي ٻار ماءُ پيءَ جي بيوقوفي جي پيار جي ڪري راندين تماشن ۽ رلڻ ۾ سڄو وقت صرف ٿا ڪن، ۽ پڙهڻ تي دل ئي ڪا نه ٿا لڳائين.
3- ڪا دماغ جي خامي جنهن کي چڱا ۽ سمجهو ماستر ڳولهي ۽ درست ڪري ٿا سگهن. جڏهن آءُ ميٽرڪ ڪلاس جو شاگرد هوس تڏهن ٻيو هڪ مئٽرڪ ڪلاس جو شاگرد منهنجي ڪوٺيءَ ۾ لنگهي آيو ۽ چيائين ته مان سبق کي ويهه ڀيرا ٿو ڏيان ته به ياد نٿو ڪري سگهان، مون چيس ته ويهه! تاريخ مان هڪ ٽڪر ڪڍي ڏنو مانس ۽ چيو مانس ته هن کي فقط هڪ ڀيرو پڙهه ته پوءِ مان تو کان ان تي سوال پڇندس.
”ان سبق جو تت پنهنجن لفظن ۾ به ٻڌائيندين. هن اهو سبق فقط هڪ ڀيري پڙهيو، پوءِ منهنجي سوالن جا جواب ڏيئي ويو ۽ سڄو تت به ٻڌائي ويو. ان کان پوءِ هو سمجهي ويو ته گهڻن ڀيرن ڏيڻ جو ضرور ئي ڪونهي، فقط غور سان مضمون کي سمجهڻو آهي ۽ سمجهي ذهن ۾ وهارڻو آهي. مئٽرڪ امتحان ۾ باقي فقط 2 مهينا رهيل هئا، هو ڇوڪرو تمام چڱي طرح پاس ٿي ويو.
4- ڪن حالتن ۾ خود ماستر جي تعليم ردي آهي، يا آواز خراب اٿس يا تڪڙو ٿو ڳالهائي يا ڪو ٻيو عيب اٿس. ڪي ڇوڪرا ته کڻي پنهنجي منهن يا ٻين کان سکي ڪجهه نه ڪجهه ڪم ڪڍي ٿا وڃن، مگر سست ڇوڪرا رهجي ٿا وڃن.
5- ڪن حالتن ۾ وري شاگردن جو بنياد ڪچو آهي. ان حالت ۾ يا ته کين هيٺين درجن ۾ موٽائي موڪلجي، يا انهن کي خاص ماستر مقرر ڪري ڏجي جو خانگي طرح کين هيٺين درجن جي ڪمن کان شروع ڪرائي.
6- شاگردن کي لفظ پڙهڻ نه گهرجن پر مطلب جهٽڻ گهرجي. زبان اصل نه هلائجي جيڪي پڙهن سو چڱيءَ طرح سمجهن. سمجهڻ بعد ان تي غور ۽ فڪر ڪن ۽ پوءِ پنهنجي راءِ قائم ڪن ته اهو خيال يا ڳالهه ڪيتري قدر صحيح يا ڪارائتي ۽ ڪيتري قدر غلط ۽ بيڪار آهي. پوءِ ڪتاب بند ڪري دل ۾ خيال ڪن ته جيڪي پڙهيو سين سو ڪيتري قدر ياد اٿئون. پوءِ وري ڪتاب ۾ ڏسن ته ڇا رهجي ويو. پڙهڻ وقت شاگرد هميشه اهو خيال ڪن ته سڀاڻي مون کي هي سڀ ياد ٻڌائڻو آهي، پڇاڙيءَ ۾ فقط هي چوڻ ٿو گهران ته شاگردن مان اهو خيال بلڪل ڪڍي ڇڏجي ته مان گهٽ آهيان ۽ ههڙو يا جهڙو ٿي ڪين سگهندس. کين پڪ ڏيڻ گهرجي ته دنيا ۾ جيڪي وڏي ۾ وڏا ماڻهو ٿي گذريا آهن، جن عالمن يا هنرن ۾ ڪماليت ڪئي يا جن وڏا وڏا عهدا ۽ درجا حاصل ڪيا سي به اوهان جهڙا انسان هئا. اوهان به انهن جهڙا ٿي سگهو ٿا. رڳو هي شرط آهي ته توهان به هنن وانگر نيڪ اخلاق رکو. شاگردن کي دنيا جي زبردست هستين جا احوال ٻڌائڻ گهرجن، ۽ انهن کي چئجي ته توهان به انهن جهڙا ٿيڻ جي ڪوشش ڪندا رهو.
(اخبار تعليم جولاءِ 1935)