ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ائٽلس جاگرافي تعلقو قنبر

منڍ
جيئن ته ٻين ڪيترن تعلقن جون جاگرافيون نڪتل آهن، تيئن قنبر تعلقي جي جاگرافيءَ جي ضرورت محسوس ڪري تيار ڪئي وئي آهي. اڪثر ڪري ڏٺو ويو آهي، ته ماستر صاحب ٻارن کي طوطي وانگر ٻه ٽي سوال جاگرافيءَ جا پڪا ڪرائي ڇڏين ٿا، جنهن مان ٻارن کي مزو نٿو اچي، ائٽلس جاگرافي ٻوجهه سمجهن ٿا. جاگرافي سيکارڻ جا ٻه نمونا آهن: هڪڙو سير ڪرائي جنسي ڏيکارجي، ٻيو نقشي تي ۽ تصويرن سان حقيقتون سمجهائجن. هن ڪتاب ۾ اهي ٻئي نمونا چٽائيءَ سان سمجهايل آهن. اميد ته ماستر صاحب ۽ شاگرد منجهانئس پورو فائدو حاصل ڪندا.


(1) جاگرافي
جنهن علم مان زمين جي مٿاڇري جي خبر پوي، تنهن علم کي جاگرافي چئجي ٿو.
نقشو نمبر 1 پاڻيءَ ۽ خشڪيءَ جا ڀاڱا

(2) جهان جا طرف سڃاڻڻ
صبح جو – جنهن پاسي ڏانهن سج اڀرندو آهي، ان پاسي کي اڀرندو چئجي ۽ جنهن پاسي ڏانهن سج لهندو آهي، (اڀرندي جي سامهون) تنهن کي الهندو چئجي – اڀرندي ڏانهن منهن ڪري بيهبو ته ساڄي هٿ وارو پاسو ڏکڻ ۽ کاٻي هٿ وارو پاسو اتر ٿيندو. (ڏسو شڪل)
منجهند جو – صبوح ۽ شام جو ته اوهان طرف سڃاڻي سگهندا، پر منجهند جو جڏهن سج اوهان جي مٿان اچي ٿو، تڏهن ميدان تي طرف هيئن سڃاڻجن:
زمين تي ڪاٺي اڀي ڪري کوڙيو، جنهن طرف ڪاٺيءَ جو پاڇو پوي سو آهي اتر ۽ ان جو سامهون پاسو ڏکڻ، اتر ڏانهن منهن ڪري بيهبو ته سڄي هٿ وارو اوڀر ۽ کٻي هٿ وارو اولهه ٿيندو. (ڏسو شڪل)
رات جو – آسمان ۾ هڪ تمام روشن تارو ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جنهن کي ڌرو يا قطب تارو چوندا آهن. اهو هميشه اتر جي پاسي هوندو آهي، اتر سهي ڪبو، ته سمورا طرف سهي ڪري سگهبا. (ڏسو شڪل)
جهڙ ۾ - هڪڙو اوزار ٿيندو آهي، جنهن جي شڪل صفحي ۾ آهي، ان کي قطب نما چئبو آهي هن جي وچ ۾ هڪ لڏندڙ سئي ڏسو ٿا، جا هميشه اتر ڏانهن بيهندي آهي، اتر سهي ڪرڻ بعد ٻيا طرف سڃاڻي سگهبا.

قطب نما
پٺئينءَ شڪل ۾ توهان ٻيا چار طرف پڻ ڏسي سگهندا، ڪل اٺ طرف ٿيندا.
1 – اتر، 2– اتر اولهه، 3– اتر اوڀر جي ڪنڊ، 4– اوڀر، 5– ڏکڻ اوڀر جي ڪنڊ، 6– ڏکڻ، 7– ڏکڻ اولهه جي ڪنڊ ۽ 8– اولهه.

(1) نقشو يا خاڪو ڇاکي چئجي؟
ڪاغذ يا ڪپڙي تي ڪنهن جاءِ يا ملڪ جون حدون ليڪن ۾ نشان ڪيل هجن، تن کي انهيءَ هنڌ جونقشو چئجي ٿو، جيئن هي هڪڙي اسڪول جو نقشو آهي:-

(4) تصوير ڇا کي چئجي
ڪاغذ يا ڪپڙي تي ڪنهن به شيءَ يا ساهه واري يا جاءِ جي هوبهو شڪل نڪتل هجي، تنهن کي تصوير چئجي جيئن ته هيءَ فوني ۽ موٽر جون تصويرون آهن:-

(5) پيمانو
توهان مٿئين شڪل ڏسو ٿا، جا هوبهو فوني جهڙي آهي مگر فوني کان گهڻو ننڍي آهي اهڙيءَ طرح اسڪول جونقشو گهڻو ننڍو آهي، ڇاڪاڻ ته ايڏيون وڏيون شڪليون پني تي ماپي ڪين سگهنديون. ٻئي ڪتاب ۾ ماکيءَ جي مک جي شڪل ڏٺي اٿو، اها شڪل پاڻ قد ۾ وڏي آهي ڇاڪاڻ ته مک جي وڏي شڪل پني تي سولائي سان ڪڍي سگهجي ٿي،
ياد ڪريو – وڏيءَ ماپ لاءِ ننڍي ماپ وٺجي يا ننڍيءَ لاءِ وڏي ماپ وٺجي، تنهن کي پيمانو چئجي ٿو. جيئن ته هڪ ڪلاس جي ماپ ڦيٿ سان ماپي سي ته سندس ڊيگهه 20 فوٽ ۽ ويڪر 12 فوٽ آهي، ان جو نقشو هيٺ ڏيکارجي ٿو:

(6) نقشي جا طرف سڃاڻڻ
جڏهن ڀت تي سنئون سڌو نقشو ٽنگيل هجي، تڏهن ان جي مٿئين پاسي کي اتر چئبو آهي، هيٺين پاسي کي ڏکڻ نقشي ڏانهن منهن ڪري بيهبو، ته سڄي هٿ وارو پاسو ٿيندو نقشي جو اوڀر ۽ کٻي وارو پاسو ٿيندو اولهه.
(7) سوال
1 – جاگرافي پڙهڻ مان فائدا ٻڌايو؟
2 – رات جو طرف ڪيئن سڃاڻجن؟
3 – اتر ۽ اولهه جي ڪنڊ ڏيکاريو؟
4 – توهان جي اسڪول جي اتر ڏانهن ڇا آهي؟
5 – نقشي ۽ تصوير ۾ تفاوت سمجهايو؟
6 – پنهنجي ڪلاس جو نقشو ڪڍي ميز جو نشان ڪريو.
7 – پيمانو ڇاکي چئجي؟
8 – منجهند جو طرف .......... کوڙي سهي ڪجن.
9 – وڏيءَ ماپ لاءِ ........ ۽ ننڍيءَ ماپ لاءِ ......... وٺجي تنهن کي پيمانو چئجي.
10 – ڏهه فوٽ برابر هڪ انچ جي حساب سان پنهنجي گهر جي جاءِ جو نقشو ڪڍو؟
11 – نقشي جو اولهه ڪيئن سڃاڻجي؟
12 – قطب نما جي تصوير ڪڍي ڏيکاريو؟

(8) پنهنجي ڳوٺ جي واقفيت
ڇوڪرؤ جنهن ڳوٺ ۾ اوهان رهو ٿا، تنهن جي نالي جي اوهان کي خبر آهي. توهان جي ڳوٺ جي آس پاس ٻنيون آهن، انهن ٻنين جي وچ ۾ ڏسندا ته پٿر لڳا پيا هوندا آهن ۽ ڪچا ٻنا ٺهيا پيا هوندا آهن، انهن پٿرن يا ڪچن ٻنن جي وچ ۾ جيڪي ٻنين جا ٽڪر اچي وڃن ٿا، تن جي ماپ ٻه، ٽي يا چار ايڪڙ ٿيندي، انهن مان هر هڪ ٻنيءَ جي ٽڪر کي نمبر چئبو آهي. توهان جي ڳوٺ جي آس پاس وارن ٽن چئن سون نمبرن کي گڏي ديهه چئبو آهي. ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي ديهه يعني ڳوٺ ۽ ان جي آس پاس گهمڻ ويندا ڪريو ۽ هيٺين ڳالهين جي جاچ ڪري ماستر صاحب کي ٻڌائيندا ڪريو.
1 – توهان جو ڳوٺ اٽڪل ڪيترو ڊگهو ۽ ڪيترو ويڪرو آهي؟
2 – ڳوٺ ۾ اٽڪل ڪيترا گهر آهن ۽ انهن ۾ ڪيترا ماڻهو رهن ٿا؟
3 – منجهس سرڪاري جايون ڪهڙيون آهن؟
4 – ڳوٺ جي ڀرسان آبادي ڪهڙي ٿيندي آهي؟
5 – ڳوٺ کان رستا ڪيڏانهن ڪيڏانهن وڃن ٿا؟
6 – جن ماڻهن کي زمين آهي، سي سرڪار کي ڇا ڏيندا آهن؟
سامهون هڪڙي ديهه ڳوٺ کي ڏسندا، ته منجهس ڪچيون ۽ پڪيون جهوپڙيون، گهر، آبادي وغيره نظر ايندا.
(9) تپو ڇا کي چئجي
ڇوڪرؤ! اوهان کي خبر آهي ته، اوهان جي ديهه جا زميندار ٻنين جي ڍل ڀريندا آهن، اها ڍل جنهن ماڻهوءَ کي ڏيندا آهن، تنهن کي تپيدار چئجي ٿو. اهو تپيدار ٻين به ٻن ٽن ديهن يعني ڳوٺن جي ڍل وٺندو آهي. انهن ٻن ٽن ديهن کي گڏي تپو چئبو آهي. سڄي تپي جي سنڀال صفائي وغيره جو بندوبست تپيدار ڪندو آهي. نقشي ۾ تپو جاچيو ۽ ان جو نقشو سليٽ تي ڪڍي ڏيکاريو، اهو پڻ جاچيو ته توهان جي تپي جي اتر، اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه ۾ ڪهڙا ڪهڙا تپا آهن ۽ منجهس ڪهڙا ڳوٺ يعني ديهون آهن.

(10) حد يا سرڪل ڇا کي چئجي
ٽي يا چار تپا گڏبا ته حد يا سرڪل ٺهندي. حد جو وڏو عملدار سپروائيزنگ تپيدار آهي، جو تپيدار جي مٿان ڪم جي سنڀال ڪري ٿو.

(11) تعلقو ڇا کي چئجي
چار يا پنج حدون گڏبيون ته ٺهندو تعلقو، تعلقو جو وڏو عملدار مختيار ڪار صاحب آهي، جو تپيدارن ۽ سپروائيزرن ۽ کاتيدارن جي مٿان ڪم جي سنڀال ڪري ٿو. مختيار ڪار پنهنجي تعلقي جو مئجسٽريٽ به آهي. ڪنهن جي زمين آباد نه ٿئي ته ڍل جي معافي ڏيندو. نشيدار شين جي وڪري جي ماڻهن کي اجازت ڏيندو آهي. کين ڪم جي مدد لاءِ هڪ هيڊ منشي ۽ هڪ خزانچي ۽ ٻه ٽي ٻيا منشي مليل اٿس،

(12) حدون قمبر تعلقي جون
نقشي ۾ ڏسو ٿا، ته قمبر تعلقي جي اتر ۾ شهداد ڪوٽ ۽ ميرو خان تعلقا، اڀرندي ڏي تعلقو لاڙڪاڻي، ڏکڻ ڏي تعلقو وارهه ۽ اولهندي ڏي کير ٿر جبل آهن.

(13) گهاٽ (قدرتي ڀاڱا)
هن تعلقي جو مٿاڇرو خيال ۾ رکجي ٿو، ته ٽن قدرتي حصن ۾ ورهايل آهي:
(1) ميل (2) جابلو (3) ڪاڇو (ڪوهستان)
1 – نقشي ۾ نهاريو. هن تعلقي جو اوڀاريون ڀاڱو هيٺاهون آهي، تنهن ڪري اتي واهن جو پاڻي تمام گهڻو ڪٺو ٿئي ٿو، جنهن ڪري اتي آبادي ٿئي ٿي، انهيءَ ڪري گهاٽو وساريل ڀاڱو آهي، تنهنڪري کين ميل چون ٿا.
2 – اولهه واري ڀاڱي جي زمين آهي جابلو ۽ مٿاهين، تنهن ڪري اتي واهن جو پاڻي پهچي ڪو نه سگهي، مگر جڏهن گهڻومينهن وسندو آهي، تڏهن نيون وهي هلنديون آهن. هن ڀاڱي ۾ جبل گهڻا آهن، تنهن ڪري انهيءَ ڀاڱي کي جابلو (ڪوهستان) ڪري چوندا آهن.
3 – باقي وچولي وارو ڀاڱو جو جبلن جي ڪڇ ۾ آهي، تنهن کي ڪاڇو چئبو آهي هن ڀاڱي جي زمين وارياسي ۽ ٿوري مٿاهين آهي، تنهنڪري اتي گهڻن هنڌن ۾ واهن جو پاڻي پهچي ڪين ٿو سگهي. باقي جن هنڌ پاڻي پهچي ٿو، اتي آبادي واهن تي ٿئي ٿي ۽ جن هنڌ واهن جو پاڻي نٿو پهچي سگهي، اتي پوک نئن ۽ مينهن تي ٿئي ٿي.

(14) قنبر تعلقي جا ملڪي ڀاڱا
نالو حد يا سرڪل جو هر هڪ حد يا سرڪل ۾ تپا
(1) قنبر (1) قنبر (2) ميل (3) ٻير (4) ڪلر (5) ٻوهڙ
(2) رانوتي (1) رانوتي (2) مهيون (3) خيرپور (4) جيئڻ ابڙو (5) دوآٻو (6) لاکا
(3) دوست علي (1) دوستلي (2) ڦتوهل واهه (3) پنهوارو (4) ڪور (5) غئبي ديرو

(15) سوال
(1) پنهنجي ڳوٺ جي مکيه رستن ۽ بزارين جو نقشو سليٽ تي ڪڍي ڏيکاريو؟
(2) ٻنين ۾ پٿرن ۽ ٻنن جي ضرورت ڪهڙي آهي؟
(3) ڍل ڇو ٿي ڏجي ۽ اها ڪير ڏيندا آهن؟
(4) تپو ڇا کي چئجي ۽ سندس سنڀاليندڙ جو نالو ٻڌايو؟
(5) حد جو سنڀاليندڙ ڪير آهي ۽ ان تي ڪهڙا ڪم رکيل آهن؟
(6) مختيار ڪار صاحب ڪهڙا ڪم ڪندو آهي ۽ کيس ڪهڙيون اختياريون آهن؟
(7) جيڪڏهن توهان کي ڪو بيگناهه ماري ته ڇا ڪندا؟
(8) تعلقي قنبر جون حدون ۽ تپا ٻڌايو؟
(9) ڪاڇي ۽ ميل جي ڀيٽ ڪريو؟
(10) زمين جي ڍل جي معافي ....... ڏيندو آهي؟
(11) جابلو ڀاڱي ۾ آبادي .......... تي ٿيندي آهي؟
(12) تعلقي قنبر جي اتر ۾ ....... ۽ ........ تعلقا آهن؟
(13) قنبر تعلقي جو مختيار ڪار صاحب ......... ۾ رهندو آهي؟

(16) جبل
پٿرن جو قدرتي ڍڳ جنهن جي ماپ هڪ هزار فوٽن کان مٿي هجي تنهن کي جبل ڪوٺجي ٿو.
قنبر تعلقي جي اولهندي ڇيڙي تي کير ٿر جبلن جون قطارون آهن. کير ٿر جبلن جي هڪ شاخ هن تعلقي ۾ وڌي آئي آهي، جنهن کي ڏاڙهيارو جبل ڪري ٿا ڪوٺين، ڏاڙهياري جبل جي چوٽيءَ جو نالو ڪتي جي قبر آهي.

(17) نيون
پاڻيءَ جو وهڪرو جو جبلن تان فقط برساتي موسم ۾ وهي ايندو آهي، تنهن کي نئين سڏبو آهي. هن تعلقي جي جابلو ڀاڱي جي آبادي نئن تي ٿئي ٿي. اهي نيون سياري ۾ سڪيون پيون هونديون آهن ۽ اونهاري ۾ برسات جو پاڻي گهارا ڪري اچي منجهن پوندو آهي.
هن تعلقي ۾ هيٺيون نيون آهن:-
(1) کيجيءَ واري نئين (2) مهراڻي نئن (3) ٽون واري نئن (4) دلن واري نئن (5) موگريو واري نئن.
اهي نيون ڏاڙهياري ۽ کير ٿر جبل مان نڪرن ٿيون.

(18) ڍنڍون
وچ ۾ پاڻي هجي ۽ ٻاهران چئني پاسن کان سڪي هجي، ان کي چنچ يا کڏ يا تلاءُ چوندا آهن. گهڻو ڪري کڏون سڀ ڪنهن ڳوٺ ۾ آهن، جن ۾ ماڻهو ڪپڙا ڌوئندا ۽ وهنجندا آهن.
وڏيون ڍنڍون هيءُ آهن:-
(1) لنگهه جي ڍنڍ – هيءَ ڍنڍ ديدڙن جي نزديڪ آهي. هن مان بهه ۽ پٻڻ گهڻا نڪرندا آهن ۽ هتي خان بهادر غلام محمد خان اسراڻ جو شڪار گاه ٺهرايل آهي، جتي ناقال جي ڏينهن ۾ وڏن وڏن عملدارن ۽ آفيسرن سان گڏ شڪار ڪندا آهن.
(2) چڱري جي ڍنڍ – هيءَ ڍنڍ ٻير جي ڀرسان آهي. هن ۾ لوڙهه، مڇي ۽ ڪم جام ٿيندا آهن. هتي وڏا وڏا عملدار پکين جو شڪار ڪندا آهن.
(3) ڊگهه جي ڍنڍ – هيءَ ڍنڍ خان بهادر قائم خان شيخ جي تڪ جي ڀرسان آهي. بهن کان مشهور آهي ۽ هتي ناقال جي ڏينهن ۾ وڏا وڏا عملدار شڪار ڪندا آهن.
(4) هاسي واري ڍنڍ – هيءَ ڍنڍ قنبر شهر جي اوڀر ۾ آهي. هتي لوڙهه، مڇي ۽ ڪم جام ٿيندا آهن.
(5) خيرپور واري کڏ – هن مان بهه ۽ پٻڻ جام نڪرندا آهن.

(19) واه
هن تعلقي ۾ ڪيترا واهه وهن ٿا. جي زمين کي آباد ڪن ٿا. انهن مان مکيه وڏا واهه گهاڙ واهه ۽ وارهه برانچ آهن.
گهاڙ واهه – لاڙڪاڻي وٽان رائيس ڪئنال مان نڪري، لاڙڪاڻي تعلقي مان وهندو اچي قنبر تعلقي کي آباد ڪري ٿو.
(1) ڪورشاهه جي – هي مهي تپي کي آباد ڪندو ميروخان تعلقي ڏانهن وهي وڃي ٿو.
(2) ڪور ڏاتي جي – هيءَ دواٻي، مهي ۽ ميڻن تپن کي آباد ڪندو، ميروخان تعلقي ڏانهن وهي وڃي ٿو.
(3) نورنگه واهه – هيءُ جيئڻ ابڙي، دواٻي، خيرپور، قنبر ۽ ميل تپن کي آباد ڪري ٿو.
(4) نور واهه– هيءُ جيئڻ ابڙي، لاکن ۽ دوست عليءَ تپن کي آباد ڪري ٿو.

نورنگهھ واهھ مان نڪرندڙ واهھ:
(1) ڪور متل جي – هيءَ قنبر ۽ ڪلر تپن کي آباد ڪري ٿي.
(2) گٺ واهه – هيءُ ميل ۽ ٻير تپن کي آباد ڪري ٿو. هن جي پڇاڙيءَ مان نصير واهه نڪري ٿو، جو بوهڙ تپي کي آباد ڪري ٿو.
(3) چيلو واهه – هيءُ ميل ۽ خيرپور تپن کي آباد ڪندو، وارهه تعلقي ڏانهن وهي وڃي ٿو.

نورواهھ مان نڪرندڙ واهھ:
ڦتوهل واهه – هيءُ لاکا، دوست علي ۽ ڦتوهل تپن کي آباد ڪري ٿو.
وارهه برانچ – هيءُ واهه رڪن جي ڀرسان، اتر اولهندي واري واهه مان نڪري، ٻين تعلقن مان وهندو قنبر تعلقي جي دوست عليءَ ڦتوهل، پنهواري ۽ بوهڙ تپن کي آباد ڪري، واره تعلقي ڏانهن وهي وڃي ٿو. هن کي پراڻيءَ دوست عليءَ وٽ فال موري ٻڌي اٿن. منجهانئس هيٺيون شاخون (ننڍا واهه) هن تعلقي ۾ وهن ٿا:
(1) ڪمال مئنر – هيءَ دوست عليءَ ۽ ڪور تپن کي آباد ڪري ٿي.
(2) دوست علي مئنر – هيءَ دوست عليءَ ۽ ڦتوهل واهه تپن کي آباد ڪري ٿي.
(3) سليمان مئنر – هيءَ دوست عليءَ ۽ ڪور تپن کي آباد ڪري ٿي.
(4) پنهوارو شاخ – هي دوست عليءَ، ڦتوهل واهه، پنهواري ۽ غئبي ديري تپن کي آباد ڪري ٿي.
(5) مراد علي مئنر – هيءَ دوست عليءَ ۽ ڪور تپن کي آباد ڪري ٿي.
(6) سنڌو ندي ۽ سکر بئراج – سنڌو ندي هن تعلقي مان نٿي وهي، پر هن تعلقي ۾ جيڪي به واهه وهن ٿا، تن کي سمورو پاڻي هن نديءَ مان ملي ٿو. جيڪڏهن اها ندي نه هجي ها ته جيڪر هڪ به واهه ڪين وهي ها، جنهن ڪري تعلقو سڄو سڃو ٿي پوي ها. اها ندي هماليه جبلن تان مانسرور ڍنڍ مان نڪري واهن کي پاڻي ڏيندي، ملڪ آباد ڪندي، عربي سمنڊ ۾ پوي ٿي. هن ندي تي سکر وٽ هڪ 66 دروازن سان پل ٺاهي اٿن، جنهن کي سکر بئراج چون ٿا.

(20) سکر بئراج جا ٽي واهھ (دادو، وارهھ ۽ رائيس ڪئنال)
اتان سنڌو ندي مان دادو ڪئنال، واره برانچ، رائيس ڪئنال ۽ ٻيا چار وڏا واهه نڪرن ٿا، جن کي سکر بئراج واهه ڪري ڪوٺين ٿا.

(21) آب هوا
اونهاري جو سج آسمان ۾ گهڻو وقت رهي ٿو، جنهن ڪري گرمي گهڻي ٿئي ٿي ۽ سياري ۾ ٿورو وقت رهي ٿو، جنهن ڪري سردي گهڻي ٿئي ٿي.
(1) ميل ۾ اونهاري جو پاڻي تمام گهڻو ٿيندو آهي، جنهن ڪري مڇر گهڻا ٿيندا آهن، جن جي ڪري سرءُ جي ڏينهن ۾ تپاولي گهڻي ٿئي ٿي ۽ هن ڀاڱي ۾ اونهاري ۾ گرمي ۽ سياري ۾ ٿڌ پوي ٿي.
(2) جابلو ڀاڱي جا پٿر ۽ واري اونهاري ۾ گرميءَ ڪري تپي پوندا آهن، تنهن ڪري اتي اونهاري ۾ گرمي گهڻي ٿئي ٿي، مگر جڏهن برسات پوي ٿي، تڏهن ٿڌي، سٺي ۽ وڻندڙ هوا لڳي ٿي، سياري ۾ جابلو ڀاڱي جا پٿر ٺري پون ٿا، تنهنڪري اتي سياري ۾ گهڻي ٿڌ پوي ٿي.
(3) ڪاڇو آهي جبلن جي وٽ ۾، تنهن ڪري اتي به جبلن جي هوا جو اثر ٿئي ٿو، يعني اونهاري ۾ ٿئي گرمي گهڻي ۽ سياري ۾ پوي زياده ٿڌ.

(22) پوکون ۽ فصل
اونهاري ۾ پاڻي گهڻو ٿئي ٿو ۽ سياري ۾ ٿورو، تنهن ڪري اونهاري ۾ خريف جو فصل ۽ سياري ۾ ربيع جو فصل ٿئي ٿو. خريف ۾ ساريون، جوئر، ٻاجهري، ڪرنگهه، تر، موٺ وغيره ٿين ٿا.
ربيع ۾ ڪڻڪ، جؤ، مثر، ڄانڀو، سرهن، چڻا، ڌاڻا وغيره ٿين ٿا.
(1) ميل ملڪ جي زمين آهي هيٺاهين، تنهن ڪري اتي اونهاري ۾ پاڻي تمام گهڻو ٿئي ٿو. گهڻي پاڻيءَ ڪري ميل ملڪ ۾ سٺيون سنڌي سڳداسي ساريون ٿين ٿيون. دوست عليءَ، گهوگهاري گهٽهڙ جا سڳداسي چانور مشهور آهن. سياري ۾ ڪڻڪ، مٽرن، چڻن، سرنهن ۽ ڄانڀي جي پوک ٿئي ٿي.
(2) جابلو ۽ ڪاڇي ۾ کير ٿر ڪئنال جي شاخن برسات جي پاڻيءَ تي جوئر، ٻاجهري ڪرنگهه ۽ سرنهن ٿئي ٿي. اتي جيڪڏهن مينهن چڱو وسي ٿو، ته ساڳي جوئر ٻه ٽي دفعا ان ڪري ٿي.
زمين پنجن قسمن سان پوکجي ٿي:
(1) موڪي (2) چرخي (3) سيلابي (4) چاهي (5) باراني
موڪي – ڪڙمي واهن مان واهيون کوٽي پاڻي ٻنيءَ ۾ آباديءَ لاءِ نين ٿا، ان کي موڪي چون ٿا.
چرخي – ٻنيءَ جي مٿي هئڻ سبب پاڻي پهچي نه سگهي، ته واهه يا درياءَ تي نار چاڙهي، ٻنيءَ کي پاڻي ڏجي ان کي چرخي پوک چئجي ٿو.
سيلابي – جيڪا زمين پاڻيءَ جي سيڪ تي آبادي ٿئي، اهڙيءَ آبادي کي سيلابي پوک چئبو آهي.
چاهي – جيڪا پوک کوهن تي ٿئي، تنهن کي چاهي يا پيائين پوک چئجي.
باراني – برسات جي پاڻيءَ تي جيڪا پوک ٿئي، تنهن کي باراني چئجي ٿو.

(23) ماڻهو ۽ ڌنڌا
قمبر تعلقي ۾ گهڻا ماڻهو پوک جو ڪم ڪن ٿا، باقي ڪي ٿورا ماڻهو واپار ۽ سرڪاري نوڪريءَ تي گذران ڪن ٿا. هن تعلقه ۾ ڪل ماڻهو 81619 آهن، جن مان گهڻا مسلمان ۽ ٿورا هندو آهن. ميل جا ماڻهو پوک ڪن. ڪاڇي ۽ جابلو ڀاڱي جا ماڻهو پوک ڪن ۽ مال ڌارين. ڪيترا ماڻهو اٽي پيهڻ ۽ چانورن ڇڙڻ جي انجڻين تي ڪمائن ٿا، انجڻيون ڪيترن شهرن ۾ آهن.

(24) واپار
هن تعلقي مان ڪيتريون شيون ٻاهري وڃن ٿيون، جئين ته چانور، کلون، هڏا وغيره. ٻين شهرن کان ڪپڙو، اوزار، دوائون، شيشي جو سامان، پنا، سليٽون، کنڊ، ڳڙ، ميٽ، گاسليٽ، شراب، رنگ، لوهه، رڪ جو سامان ۽ ٻيون شيون اچن ٿيون.
نوٽ – جيڪو مال ٻاهران اچي، تنهن کي آمدني ۽ جيڪو مال ٻاهر وڃي تنهن کي روانگي چئجي ٿو.
(25) ميلا
(1) قمبر – هتي ڏيارشيءَ ۽ ويساکيءَ جا هر سال ميلا لڳندا آهن.
(2) حاجي اسماعيل جو – قمبر جي ڀرسان آهي، هتي هر سال حج جو ميلو لڳندو آهي.
(3) ميان شاهل محمد جو – گهاڙ واهه جي ڪپ تي آهي، هتي مانهين پهرئين سومر تي ميلو لڳندو آهي.
(4) ابڙيءَ جو – هتي هر سال چيٽي چنڊ جو ميلو لڳندو آهي.

(26) خشڪي رستا
ماڻهن، بَگين، موٽرن ۽ بيل گاڏين جي سهوليت لاءِ سرڪار رستا ٺهرايا آهن، جن کي سڙڪون يا خشڪي رستا چوندا آهن. هن تعلقي ۾ گهڻو ڪري سڀ رستا قمبر شهر کان ڦٽن ٿا، جي لوڪلبورڊ جي نگراني ۾ آهن ۽ سندن سنڀال لاءِ لوڪلبورڊ سرويئر مقرر ٿيل آهن.

خشڪي رستن جو تفصيل
ڪٿان شروع ٿئي ٿو واٽ تي مکيھ ڳوٺ ڪيڏانهن ٿو وڃي
1
2

3
4
5

6
7
8
9
10
11

12 قمبر کان
= = =

= = =
= = =
= = =

= = =
= = =
= = =
= = =
دوست علي
لاڙڪاڻي

خيرپور جيئڻ ابڙو، مينهون مڪول.
کاهي، مينهون، قائم خان جو ڳوٺ، وڳڻ، پنهوارو.
عيسو، هليا، ميڻا.
ميتلا.
لاکا، جوڻيجا، بگرياڻيون چچا، وارءَ بئراج جا بنگلا.
ڀڏا، ٻير، ٺوڙهي.
ٽپال، گهٽهڙ.
............................................
شريفاڻيون.
............................................
خيرپور، پکو، نئون ڳوٺ ڀولا ڪلهوڙا، چونڊيا.
...........................................
رتيديري ڏانهن
غئبيدار= =

ميروخان = =
لاڙڪاڻي==
دوست علي= =

بوهڙن= =
وڳڻن= =
شهداءِ ڪوٽ= =
خيرپور جوسي= =
حمل = =
وڳڻن = =

ڳيريلي= =


(27) ريلوي رستا
هن تعلقي مان جيڪا ريل لنگهي ٿي، تنهن کي لاڙڪاڻو جيڪب آباد ريلوي ڪري چون ٿا. اسان جي قنبر تعلقي ۾ فقط قنبر اسٽيشن آهي جنهن کي قنبر علي خان اسٽيشن ڪري چوندا آهن.

(28) سرڪار
سرڪار نه هجي ته ڏاڍو هيڻي کي ماري ڦري ۽ لٽي وڃي. سرڪار اسان جي ماءُ پيءُ وانگر سنڀال ڪري ٿي. ڪم جي سولائي لاءِ هيٺيان کاتا هيٺين ڪمن لاءِ آهن:
(1) روينيو کاتو – هن کاتي لاءِ تعلقي جو عملدار مختيارڪار صاحب آهي. آباد ۽ غير آباد زمينن جي تپاس ڪرڻ، ڍلن جي معافي ڏيڻ، ڏوهين کي سزا ڏيڻ ۽ زيردستن جي ڪم جي نظرداري ڪرڻ مختيار ڪار جو ڪم آهي.
(2) پوليس کاتو – ملڪ ۾ صلح ۽ سانت رکڻ لاءِ، چورن ۽ ڦورن کي پڪڙڻ لاءِ پوليس کاتو آهي. هن تعلقي لاءِ هڪ پوليس صوبيدار (سب انسپيڪٽر) آهي، جو قمبر ۾ رهي ٿو، سندس هٿ هيٺ جمعدار ۽ سپاهي آهن. پوليس ٿاڻا (1) قنبر (2) کاهي مينهي (3) مهي مڪولن ۾ آهن.
(3) ميڊيڪل کاتو – هي کاتو بيمارن ۽ مريضن لاءِ آهي، قنبر ۾ هڪ اسپتال آهي، جتي ڊاڪٽر رهن ٿا، جي مريضن جي دوا درمل مفت ڪن ٿا.
(4) تعليم کاتو – ٻارن کي تعليم ڏيڻ لاءِ سنڌي ۽ انگريزي اسڪول آهن. اسڪولن جي سنڀال لاءِ ائڊمنسٽريٽو آفيسر صاحب ۽ سپروائيزر جو هڪ انگريزي اسڪول پڻ آهي. پڻ ڪيترا خانگي مڪتب ۽ محمدن اسڪول آهن مٿائين تعليم لاءِ لاڙڪاڻه ۽ هاءِ اسڪول آهي.
(5) انجينئري کاتو – سرڪاري واهن ۽ جاين جي سنڀال لاءِ هڪ انجينيئر صاحب مقرر ٿيل آهي، جو لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿو ان جي هيٺان اسسٽنٽ انجنيئر، سروير، داروغا، آبدار، مقدم ۽ بيلدار آهن، جي واهن جي سنڀال ڪن ٿا.
(6) ٽپال ۽ تار کاتو – خط پٽ موڪلڻ لاءِ ٽپال کاتو آهي، ٽپال آفيسون قنبر ۽ گهٽهڙ ۾ آهن ۽ قنبر ۾ تار آفيس به آهي.
(7) سنيٽري کاتو – ٻارن کي ٽڪن ڏيڻ لاءِ ويڪسينيٽر مقرر ٿيل آهن.
(8) عدالتي کاتو – جهيڙن جهٽن ۽ ڏيتيءَ ليتيءَ جي نبيرن ۽ چورن کي سزا ڏيڻ لاءِ عدالتي کاتو آهي. عدالت جو ڪم ريزيڊنٽ مئجسٽريٽ صاحب، مختيار ڪار صاحب ۽ هيڊ منشي صاحب ڪندا آهن، جي قمبر ۾ رهن ٿا، مگر ڏيتي ليتيءَ جون دعوائون لاڙڪاڻي جي سول ڪورٽ ۾ ٿينديون آهن. جنهن ۾ جج صاحب رهي ٿو.
(9) ميونسپل – جنهن شهر ۾ آدم شماري ٽن هزارن کان مٿي آهي، اتي هڪ رعيتي ماڻهن جي چونڊيل جماعت رهي ٿي، تنهن کي ميونسپل چئجي ٿو. قمبر ۾ هڪ ميونسپل آفيس آهي جا تعليم، روشنائيءَ ۽ صفائيءَ جو بندوبست رکي ٿي. ميونسپل ۽ لوڪلبورڊ جي عملدارن کي پريزيڊنٽ صاحب چوندا آهن.
(10) لوڪلبورڊ– قمبر شهر کان سواءِ باقي سمورو تعلقو لوڪلبورڊ ۾ اچي وڃي ٿو، ان جي سنڀال لاءِ هڪ خانگي ماڻهن جي چونڊيل جماعت آهي، جا تعليم، رستن، ڍڪن ۽ مسافرخانن جي سنڀال رکي ٿي. قمبر، رانوتيءَ ۽ دوست عليءَ ۾ ڍڪ آهن، جتي ڍڪ منشي رهن ٿا، جي رولو ڍورن کي ڍڪ ۾ بند رکندا آهن مسافرن لاءِ قمبر، گهٽهڙ، گهوگهاري ۽ خيرپور جوسي ۾ مسافرخانا آهن.

(29) مکيھ ڳوٺ
(1) قمبر – هي تعلقي جو مکيه شهر آهي. هتي مختيارڪار صاحب، ريزيڊنٽ ماجسٽريٽ صاحب، پوليس صوبيدار صاحب، واهن جو اسٽنٽ انجنيئر صاحب ۽ ٻيا تعلقي جا عملدا رهن ٿا. هتي ميونسپالٽي، ٽپال ۽ تار آفيس آهي. هتان جي ڪتل مشهور آهي جا غئبي ديري ۽ ٻين پاسن ڏي موڪلجي ٿي.
(2) خيرپور جوسو – هي ڳوٺ جوسي مهاڻي جو ٻڌايل آهي. هتي مير صاحب جو ڪوٽ ۽ چانورن ڇڙڻ جي انجڻ آهي. هتي سنڌي اسڪول آهي. هن جي ڀرسان کڏ آهي، جٿان بِهه جام نڪرندا آهن.
(3) غئبي ديرو – هي غئبي خان چانڊئي جو ٻڌايل آهي. هتي وڏا وڏا عملدار ٽڪر تي شڪر لاءِ وڃي رهندا آهن.
(4) گهٽهڙ – هتي ٽپال، اسڪول ۽ چانورن ڇڙڻ جي انجڻ آهي. هتي وڏي کڏ آهي، جتان بهه جام نڪرندا آهن هتي جا سڳداسي چانور مشهور آهي.
(5) گهوگهارو – هتي اسڪول ۽ چانورن ڇڙڻ جي انجڻ آهي. هتي جا سڳداسي چانور مشهور آهن.
(6) ٻير – هتي اسڪول آهي. هن جي ڀرسان چڱڙي جي ڍنڍ آهي، جتي وڏا وڏا عملدار ناقال جي ڏينهن ۾ شڪار ڪرڻ ايندا آهن.
(7) دوست علي – هن جي ڀرسان وارهه برانچ کي فال موري ٻڌي، منجهائنس پنج ننڍيون شاخون ڪڍيون اٿن. هتي ڍڪ آهي ۽ هتي جا سڳداسي چانور مشهور آهن.

تعلقي قمبر جا تپا ۽ انهن جون ديهون
نالو تپي جو هر هڪ تپي جون ديهون
قنبر
ميل
ٻير
ڪلر
بوهڙ
ميڻان
مينهون

جيئڻ ابڙو
دواڳو
خيرپور

لاکا
دوست علي
ڦتوهل واهه
پنهوارو
ڪور سليمان

غئبي ديرو (1) قنبر (2) فيض محمد سيال (3) باگوديرو.
(1) ڀولا ڪلهوڙا (2) گهوگهارو (3) پکو.
(1) ٻير (2) ڏيرا (3) گهٽهڙ (4) هني.
(1) ڪلر (2) چڱڙو (3) لکٽيا.
(1) بوهڙ (2) ڊپ مٺو (3) پنا (4) ڪنور.
(1) ميڻان (2) هليا (3) رانوتي حاصلا.
(1) مينهون (2) لشڪري چانڊيو (3) ڀرمي هينئين (4) پيروز ڀٽي.
(1) جيئڻ ابڙو (2) ننگر هڪڙو (3) اهير (4) عيسو.
(1) دوآٻو (2) ٻوٽو ابراهيم (3) ايلچي (4) کبريڙو.
(1) خيرپور جاگير (2) رتوڪوٽ (3) جاگير (4) نٿر (5) شريفاڻي.
(1) لاکا (2) وڌا (3) ڇڄڙا (4) ڪمال خان.
(1) دوست علي (2) چچا (3) جوڻيجا.
(1) ڦتو هل واهه (2) اچا (3) محبت خان بلندي.
(1) پنهوارو (2) کاهي مينهون (3) ڀنگر آچا
(1) ڪور سليمان (2) ڪور ڪمال خان (3) ڪور حسن (4) ڪڙيومراد علي.
(1) غئبي ديرو جاگير (2) ڌيرو جاگير (3) وڪڙيو جاگير (4) وارياسو جاگير (5) باغ جاگير (6) ڪارو هر جاگير (7) نوزمان جاگير
نوٽ – ٻارن کي سڀني ديهن ياد ڪرائڻ جو ضرور نه آهي، مگر پنهنجي تپي جون ديهون ياد ڪرائجن.
سوال
(1) ميل ۾ ڪهڙي پوک جام ٿئي ٿي؟
(2) ربيع ۾ ڪهڙيون پوکون ٿينديون آهن؟
(3) سڀ کان سٺو ۽ سولو رستو زمين آباد ڪرڻ جو ڪهڙو آهي؟
(4) هن تعلقي ۾ ڪهڙن ڳوٺن ۾ ميلا لڳندا آهن؟
(5) روانگي ڇاکي چئجي ۽ ڪهڙو سامان ٻاهران هتي اچي ٿو؟
(6) گهاڙ واهه، نورنگي واهه ۽ واره برانچ مان ڪهڙا ننڍا واهه نڪرن ٿا؟
(7) بهه ڪهڙين ڍنڍن مان نڪرن ٿا؟
(8) جابلو ڀاڱي ۾ سارين جي پوک ڇو نه ٿي ٿئي؟
(9) توهان سڳداسي چانور ڪٿئون جا پسند ڪيو ٿا؟
(10) ڪاڇي ۾ سياري ۾ گهڻي ٿڌ ۽ اونهاري ۾ گهڻي گرمي ڇو ٿي ٿئي؟
(11) ميلن مان نقصان ۽ فائدا ٻڌايو؟
(12) نئن تڏهن وهي جڏهن ......................... پوي؟
(13) سڙڪن جي سنڀال لاءِ ....................... مقرر آهي؟
(14) حاجي شاهه اسماعيل وٽ هر سال ..................... جو ميلو لڳندو آهي؟
(15) ميل ۾ سرءُ جي ڏينهن ۾ ........................ جام ٿئي ٿي. ڇا جي ڪري جو .................... جام ٿيندا آهن؟
(16) هيٺيان برابر آهن، ته هائو لکو جي غلط آهن ته درست ڪريو:
(1) رولو ڍورن کي تپدار بند رکندو آهي. (2) سرڪار پنهنجي نوڪرن کي پگهار اڳڙيل ڍل مان ڏيندي. (3) صوبيدار ٻنين جي ڍل وٺندو آهي. (4) ميونسپالٽي ملڪ ۾ امن امان جو بندوبست رکندي آهي.
(17) سنڌوندي نه هجي ته جيڪر ڇا ٿئي؟
(18) واهه جو ساڄو ۽ کاٻو ڪپ ڪيئن سهي ڪجي؟
(19) قنبر تعلقي جون ڍنڍون ۽ منجهائن فائدا ٻڌايو؟