ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

ايمان ۽ عمل

مسلمان اُنهي کي ٿو ڪوٺجي جو ڪلمي شريف تي ويساهه ٿو آڻي. مگر در حقيقت مسلمان اُهو آهي جو پورو پورو الله تعاليٰ جو فرمانبردار هجي ۽ پوريءَ طرح تسليم ڪري. خير اسان انهيءَ اونهي معنيٰٰ کي ڇڏي فقط رواجي معنيٰ جو ذڪر ٿا ڪريون.
رواجي طور به مسلمان اُهو آهي جو سورهن آنا يقين سان ڪلمي شريف تي ايمان آڻي. پر ايمان ڇا آهي ۽ ڪلمون شريف ڇا آهي؟ ايمان آهي اقرار بالسان وتصديق بالقلب يعني زبان سان اقرار ڪرڻ ۽ سچي دل سان قبول ڪرڻ. اڪثر مسلمان سمجهن ٿا ته پاڻ کي مسلمان سڏايو سين ته بس مسلمان ٿياسين. پر ايئن نه آهي. اسان کي مسلمان يا مؤمن ٿيڻ لاءِ هن ڳالهه جو اقرار ڪرڻو آهي ته لا الهٰ الالله محمد رسول الله. ڪنهن به ڳالهه جو اقرار تڏهن ڪبو آهي جڏهن اُها ڳالهه پوريءَ طرح سمجهبي آهي. سمجهڻ کان سواءِ اقرار هرگز ڪين ٿو ٿي سگهي. تنهن ڪري مسلمان ٿيڻ لاءِ ڪلمي شريف جي معنيٰ ضرور سکجي ۽ پوءِ زبان سان به اقرار ڪجي ۽ دل سان به قبول ڪجي. هاڻي ٻڌندو ته انهيءَ ڪلمي شريف ۾ ڇا چيل آهي. ”لا الهٰ الا الله“ جي معنيٰ پاڻ حضرت ﷺ هن طرح سيکاري آهي: لا معبود لي لا مقصود لي ولا مطلوب لي الا الله يعني منهنجي لاءِ الله تبارڪ تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪو معبود ڪونهي جنهن جي ٻانهپ ڪيان، ڪو مقصود ڪونهي جنهنجو قصد ڪيان ۽ ڪو مطلوب ڪونهي جنهنجي طلب رکان. انهيءَ معنيٰ موجب اسان کي ڪنهن به انسان جي مرضي يا حڪم تي به نه هلڻ گهرجي جيڪڏهن اها مرضي يا حڪم الله تعاليٰ جي حڪمن جي خلاف آهي. اهڙي طرح دنيا ۽ دنيا جي نعمتن جي طلب ڪرڻ به ناجائز ناهي مگر انهن ۾ به الله تعاليٰ جي حڪمن جو لحاظ ضرور رکڻو آهي. مطلب ته اسان کي دنيا ۾ هر امر ۾، هر لفظ ۽ هر عمل ۾ الله تعاليٰ جي حڪمن جي فرمانبرداري ۽ سندس راضپي حاصل ڪرڻ جو خيال رکڻو آهي، جنهن ۾ اسان جو ئي فائدو آهي ڇو ته الله تعاليٰ جا سڀ حڪم اسان جي بهتريءَ ۽ آسودگيءَ لاءِ ٺهرايل آهن. خدا جا حڪم احڪام ڪهڙا آهن تنهنجو جواب ڪلمي شريف جي ٻئي ڀاڱي ۾ ڏنل آهي. ”محمد الرسول اللهﷺ“ انهيءَ جي معنيٰ آهي ته آنحضرت ﷺ الله تعاليٰ جا موڪليل يا پيغام پهچائيندڙ آهن. اُهو پيغام اُهو رسالو يا خط ڪهڙو آهي. رسول الله ﷺ جن الله تعاليٰ وٽان آڻي، اسان کي پهچايو، پڙهي ٻڌايو ۽ سمجهايو؛ اُهو آهي قرآن مجيد. انهي ڪتاب مجيد ۾ الله تعاليٰ پنهنجا حڪم ۽ هدايتون بيان ڪيون آهن. حڪم ۽ هدايتون طوطي وانگر پڙهڻ واسطي موڪلبيون آهن ڇا؟ نه هر گز نه؛ اهي ته عمل ڪرڻ واسطي موڪلبيون آهن. الله تعاليٰ قرآن شريف جي شروعات ۾ ئي ٿو فرمائي ته هي ڪتاب هدايت آهي متقين جي واسطي.
هاڻي ڪلمي شريف جي معنيٰ ڏني سين. جيڪو شخص اُن کي پوري طرح سمجهي اُن تي سورهن آنا يقين سان ايمان آڻيندو سو مسلمان آهي نه ته نه. تنهن ڪري گهرجي ته ڪلمي شريف جي معنيٰ چڱي طرح سکي پوءِ زبان سان به اقرار ڪيون ۽ دل سان هنڊائي سچائي سان به قبول ڪيون. دل جي سچائي جي معلوميت فقط الله تعاليٰ کي آهي، ڪي ماڻهو رڳو زبان سان اقرار ڪندا آهن مگر در حقيقت هنن جي دل قبول ڪين ڪندي آهي. اهڙن ماڻهن کي منافق چئبو آهي. مگر دل جي سچائي جي آزمائش عملن سان ڪري سگهجي ٿي. جو شخص بنا شرم ۽ بنا پشيماني جي گناهن ۾ غلطان رهندو سو سمجهبو ته دل جي سچائيءَ سان مسلمان ٿيل ناهي. هڪ حديث شريف ۾ مؤمن جي سڃاڻڻ جي نشاني هن طرح بيان ڪيل آهي ته مؤمن اهو آهي جنهن کان ڪڏهن ڪو گناهه جو ڪم ٿي وڃي ته هن کي سخت پشيماني ۽ افسوس ٿئي ۽ جيڪڏهن ڪو چڱو ڪم ڪري ته سندس دل کي خوشي ٿئي. اها به چٽائي ٿيل آهي ته بهشت ۾ اهو ويندو جنهن جا اخلاق چڱا آهن. قرآن شريف ۾ بار بار ڏيکاريل آهي ته ڪامياب اُهي ٿيندا ۽ بهشت ۾ اُهي ويندا جي ايمان به آڻيندا ۽ عمل به چڱا ڪندا. آمنو وعملو الصالحات جا الفاظ قرآن شريف ۾ ڪيترن ئي هنڌن تي گڏ آيل آهن.
اڄوڪي زماني جا مسلمان بي حياءُ ٿي گناهن ۾ غلطان ٿا رهن سو انهيءَ ڪري جو هنن کي اسلام تي پورو يقين ڪونهي. مثلن اسان باه ۾ هٿ انهيءَ ڪري نٿا وجهون جو اسان کي يقين آهي ته هٿ سڙندو ۽ عذاب ٿيندو. اسان کي دنيا ئي حڪيمن تي ويساه ايندو آهي جو هنن جي چوڻ تي لڳي ڪوڙيون دوائون وٺندا آهيون، مگر افسوس! الله تعاليٰ جو حڪيمن جو حڪيم آهي تنهن جي هدايتن تي اسان کي يقين ڪونهي. الله تعاليٰ جي هدايتن تي نه هلڻ ڪري اسان جا ڏاڍا برا حال ٿيا آهن. هزارين آفتون ۽ مصيبتون اچي رهيون آهن ۽ اها حالت آهي ته اڃا گهڻيون اينديون.
اسان مٿي ڏيکاريو آهي ته مسلمان ٿيڻ لاءِ ايمان ۽ عمل ٻنهي جي ضرورت آهي، بلڪ جنهنجو ايمان يقيني آهي سو هرگز بد عمل ڪين ڪندو. عملن جي ضرورت ثابت ڪرڻ لاءِ قرآن شريف کولي پڙهو. هر هڪ صفحو گواه آهي. اسان هتي قرآن شريف جون چونڊيل آيتون پيش ڪو نه ٿا ڪريون، فقط قرآن شريف جي منڍ يعني الحمد شريف ۾ سورت بقر جي پهرين رڪوع جي معنيٰ ٿا ڏيون:-

قرآن شريف
سورت فاتحه هڪ دعا آهي جا قرآن شريف جي شروع ڪرڻ کان اڳي رکي ويئي آهي. اها قرآن شريف جو مغز آهي يا چئجي ته سڄو قرآن شريف اُن ۾ سمايل آهي. قرآن شريف جي شروعات المٓ کان ٿي ٿئي.
بـسم الله الرحمن الرحيم
ساڻ نالي الله جي جو ڪامل رحم وارو نهايت مهربان آهي؛ الله تعاليٰ اهڙو رحمٰن آهي جو سڀ ڪنهن انسان توڙي حيوان ڪافر توڙي مسلمان نيڪ توڙي گنهگار لاءِ هزارين نعمتون، ان، ميوا، ڀاڄيون وغيره موجود ڪري ڇڏيون اٿس. خود قرآن شريف جي نعمت نٿا ماڻين. جي شخص اها نعمت ڪم ٿا آڻين ۽ اُن تي عمل ٿا ڪن تن لاءِ الله تعاليٰ اهڙو رحيم آهي جو هر هڪ عمل لاءِ 70 دفعا بلڪ 700 دفعا وڌيڪ عيوضو ٿو ڏئي. هنن الفاظن ۾ رحمٰن ۽ رحيم جي معنيٰ اچي ٿي وڃي.
الحمد الله- ڪل تعريف الله تعاليٰ جي
رب العالمين- جو خلقيندڙ پاليندڙ ۽ ترقي ڏيندڙ آهي سڀني جهانن، شين، حيوانن ۽ انسانن جو.
الرحمٰن الرحيم- جو ڪامل رحمت وارو ۽ نهايت مهربان آهي.
مٰلڪ يوم الدين- مالڪ آهي قيامت جي ڏينهن جو
اياڪ نعبد- فقط تنهنجي ٻانهپ ٿا ڪيون
واياڪ نستعين- ۽ فقط تنهنجي مدد ٿا گهرون
(نوٽ - قبرون ۽ پيرن فقيرن کان مدد گهرڻ شرڪ آهي)
اهدنا الصراط المستقيم- (اي رب سائين) ڏيکار اسانکي رستو؛ سڌو رستو انهن جو جن تي تو نعمتون ڪيون (يعني پيغمبرن ۽ ڀلارن وارو رستو ڏيکار)
غير المغضوب عليهم والضالين- نه انهن جو رستو جن تي تنهنجو غضب نازل ٿيو ۽ نه انهن جو جي گمراه ٿيا
آمين- شال اها دعا قبول پوي
مٿئين سورت فاتحه ۾ اها دعا گهري ويئي ته اي رب سائين! اسان کي سڌو رستو ڏيکار. الله تعاليٰ انهيءَ دعا جي جواب ۾ قرآن شريف جي شروعات ۾ ئي هدايت ٿو ڪري يعني سڌو رستو ٿو ڏيکاري، ۽ فرمائي ٿو ته هي قرآن شريف هدايت اٿو.
ڏسو ڇا ٿو فرمائي :-

بـسم الله الرحمن الرحيم
الم ذالڪ الڪتاب -هي ڪتابُ ناهي شڪ منجهس
لاريب فيه هدي للمتقين هدايت آهي تقويٰ وارن واسطي
الذين يؤمنون بالغيب جي ايمان ٿا آڻين غيب ۾ يعني الله تعاليٰ ۽ ملائڪن ۾
ويقيمون الصلوات ۽ جي قائم رکن ٿا نماز کي
ومما رزقنا هم ينفقون- ۽ جيڪي مون کين ڏنو آهي تنهن کي خرچ ٿا ڪن
(نوٽ هي الفاظ بلڪل جامع آهن. الله تعاليٰ اسان کي عقل، زبان، هٿ ڌن وغيره ڏنو آهي. انهن کي ڪم آڻي انهن سان ٻين جو فائدو ڪرڻ گهرجي. عقل سان ٻين کي نيڪ صلاح ڏجي، زبان سان مٺو محبت ڀريو ڳالهائجي، هٿن سان ٻين جو ڪم ڪجي ۽ ڌن سان مسڪينن گهرج وارن جي مدد ڪجي.)
والذين يومنون بما انزل اليڪ ۽ جي ايمان آڻين اُن تي جو تو تي نازل ڪيو ويو آهي يعني قرآن شريف
وما انزل من قبلڪ- ۽ اُن تي جو نازل ڪيو ويو توکان اڳي يعني اڳين پيغمبرن تي لٿل ڪتاب
وبا لا خرت هم يوقنون- ۽ آخرت ۾ يقين ٿا رکن
(نوٽ اڄوڪن مسلمانن کي آخرت ۾ يقيني ويساه ڪونهي نه ته جيڪر ائين بيخوف ٿي گناهن ۾ ڪاهي ڪين پون)
اولائڪ هم المفلحون- ۽ اهي ئي ڪامياب ٿيندا فائدو وٺندا ۽ دنيا ۽ آخرت جي سعادت ماڻيندا
ڏسو پهريائين ته الله تعاليٰ فرمايو ته هي قرآن شريف اٿو هدايت پوءِ وري ٿورڙن لفظن ۾ مکيه هدايت به ڪري ڇڏيائين. فرمائي ٿو ته هدايت تي هلندڙ اُهي آهن جي
(1) الله تعاليٰ ۽ ملائڪن ۾ ايمان ٿا آڻين
(2) نماز کي قائم ٿا رکن
(3) سخاوت يا ٻين سان ڀلايون ٿا ڪن
(4) وحي ۾ ايمان ٿا آڻين
(5) آخرت ۾ يقين ٿا رکن
هي اسلام جا مکيه پنج اصول قرآن شريف جي شروعات ۾ ئي بيان ڪري ڇڏيل آهن. ڏسو هنن بنيادي اصولن ۾ ايمان به اچي ٿو وڃي ۽ عمل به اچي ٿو وڃي. پهريون چوٿون ۽ پنجون ايمان جا اصول آهن ۽ ٻيو ۽ ٽيون عملي اصول آهن. بلڪ ايمان جا اصول به عمل واسطي سيکاريا ويا آهن ۽ مقرر ڪيا ويا آهن. مثلن آخرت نه هجي يا ماڻهن جو آخرت ۾ ويساه بلڪل ڪو نه هجي ته هو بي ڊپا ٿي جيئن وڻندن تيئن ڪندا، ۽ دنيا ۾ فساد ڪاهي پوندو. ڏسو دنيا ۾ به ماڻهن کي ڏوهن کان روڪڻ لاءِ (1) قاعدن ٺاهڻ واري سرڪار (2) قاعدا ۽ (3) سزا ڏيڻ واريون ڪورٽون آهن. اهڙيءَ طرح گناهن روڪڻ لاءِ (1) خدا جي سرڪار (2) قرآن شريف جا حڪم (3) سزا ڏيڻ لاءِ قيامت جو ڏينهن آهن. اهي ٽيئي بيشڪ آهن مگر جاهل نه ٿا ڄاڻن. جيڪي انهن ۾ يقين ٿا رکن سي گناهن کان پري ٿا ڀڄن ۽ جي يقين نٿا رکن سي بي شرم ٿي فسادن ۾ ڪاهي ٿا پون. قيامت جي ڏينهن پاڻهي سڌ پوندن.
(نوٽ - ڏاڍو چڱو ٿئي جيڪڏهن هن مضمون ۽ اڳئين مضمون جون تعليمات ٽريننگ ڪلاسن ۾ آخوند کي هر روز دنيوي تعليم کان 5 منٽ اڳي سيکارجن ۽ آخوندن وري پنهنجن مڪتبن ۾ سيکارين ۽ اُن سان گڏ ”قل هو الله“ جي معني به سيکارجي)