ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

امام اعظم نمبر 6

امام صاحب لاءِ سندس استادن جي ڪثرت (گهڻائي) ايتري قدر فخر جو باعث ناهي جيتري قدر سندس احتياط ۽ تحقيق فخر جو باعث آهي، جيڪائي حديث ٻڌندو هو تمام گهڻي خبرداريءَ ۽ جاچ جوچ کان پوءِ قبول ڪندو هو. هن کي خوب معلوم هو ته ڪا به روايت جيتري قدر ماڻهن هڪ ٻئي پٺيان بيان ڪئي هوندي اوتري قدر ان ۾ ڦير گهير ٿي ويئي هوندي. اها ته سڀڪنهن کي خبر آهي ته جا ڳالهه هڪڙي ماڻهو ٻڌي ٻئي سان ڪئي هوندي. انهيءَ وري ٽئينءَ کان سان ۽ ٽئين وري چوٿين سان ته ائين آخر پوئين جي ڳالهه پهرئينءَ کان گهڻي قدر مٽجي ٿي وڃي. مگر امام صاحب، جا استاد اڪثر تابعين هئا جن خود حضرت عي عليه الصلوات والسلام جي اصحابن کان روايتون ٻڌيو هيون، يا ته سندس استاد اُهي هئا جي وڏن وڏن تابعين جي صحبت ۾ رهيا هئا جي علم، فضل، ديانت ۽ پرهيزگاري ۾ مشهور هئا. هن جي تعليم جو طريقو به ٻين طالب علمن کان الڳ هو. شروع کان ئي هن کي بحث ۽ اجتهاد جي عادت هئي ۽ دليلن ۾ هو استادن جي مخالفت جي به ڪجهه پرواه ڪين ڪندو هو. هڪڙي ڀيري حماد سان گڏ امام اعمش کي ملڻ لاءِ نڪتو. هلندي هلندي مغرب جو وقت اچي ويو. وضؤ جي واسطي پاڻيءَ جي تلاش ڪيائون مگر هٿ نه آيو. حماد تيمم ڪرڻ جي فتويٰ ڏني. امام مخالفت ڪئي ته جيستائين نماز جو وقت اڃا آهي تيستائين انتظار ڪرڻ گهرجي. اتفاق اهڙو بنيو جو اتي هلندي پاڻي ملي ويو ۽ وضو ڪري نماز ادا ڪيائون. امام صاحب جي علمي ترقي جو هڪ وڏو سبب هي هو ته هن کي وڏن وڏن ڪمال وارن جي صحبت ميسر ٿي ۽ انهن شهرن ۾ هنجي رهڻ جو اتفاق يعني ڪوفي، بصري، مڪي ۽ مديني جي هوا مذهبي روايتن سان ڀريل هئي. عالمن سان ملڻ ۽ علمي جلسن ۾ شريڪ ٿيڻ جو شوق امام صاحب جي جسم ۾ قابو پئجي ويو هو. تنهن کان سواءِ هن جي مشهوري ايتري حد تي پهتي هئي جو جتي ويندو هو اُتي ازخود هزارين ماڻهو وٽس استفادي، ملاقات ۽ مناظري لاءِ ايندا هئا. اگرچه حماد جي زندگي ۾ ئي امام صاحب اجتهاد جو رتبو حاصل ڪيو، عمر به ڪا ننڍي ڪانه هيس يعني حماد جي وفات وقت اٽڪل 40 ورهين جو هو ته به شاگرديءَ جي خلوص جي ڪري پسند نه ڪيائين ته پنهنجي استاد جي هوندي پنهنجي درٻار الڳ ڄمايان. اڳئين زماني ۾ استادن سان جيڪو شاگردن جي محبت ۽ ادب جو تعلق هوندو هو سو اڄوڪي زماني جي ماڻهن کي خيال ۾ به ڪين ايندو.
خود امام صاحب نقل ڪيو آهي ته جيستائين حماد جيئرو هو تيستائين مون سندس مڪان جي طرف پير نه ڦيرايا. حماد سنه 120 هجري ۾ وفات ڪئي. جيئن ته ابراهيم نخعي کان پوءِ فقه جو مدار مٿس ئي هو تنهن ڪري سندس وفات ڪوفي کي بي چراغ ڪري ڇڏيو. ماڻهن سندس پٽ کي مسند تي وهاريو مگر هو لغت ۽ ادب جي طرف وڌيڪ مائل هو. آخر سندس شاگرد موسى بن ڪثير جو عمر ۾ سڀني شاگردن کان وڏو هو تنهن سندس جڳه ورتي. مگر جڏهن هو حج تي ويو تڏهن سڀني ماڻهن متفق ٿي امام ابو حنيفه کي درخواست ڪئي ته درس جي مسند کي مشرف فرمائي. امام صاحب ايڏي ذمه داري کڻڻ کان انڪار ڪيو، مگر جڏهن ماڻهن تمام گهڻو زور ڀريس تڏهن لاچار قبول ڪرڻو پيس. بهرحال امام صاحب استقلال سان تعليم جو ڪم شروع ڪيو. اول اول حماد جا پراڻا شاگرد درس ۾ شريڪ ٿيندا هئا، مگر ٿورن ئي ڏينهن ۾ سندس اهڙي مشهوري ٿي جو ڪوفي جا اڪثر درسگاهه ٽٽي سندس استادي جي حلقي ۾ آيا. نوبت اُتي اچي پهتي جو خود سندس استاد مثلن مسعربن ڪدام امام اعمش وغيره هن وٽ فائدو وٺڻ لاءِ اچڻ لڳا، ۽ ٻين کي به وٽس تعليم وٺڻ لاءِ صلاح ڏيڻ لڳا. اسپين کان سواءِ ٻيو اسلامي دنيا جو حصو ڪو نه هو جو سندس شاگردي جي تعلق کان آزاد رهيو. جن جن شهرن ۽ ملڪن جا شاگرد سندس خذمت ۾ آيا تن جو شمار ڪري نٿو سگهجي مگر جن ضلعن ۽ ملڪن جو نالو خصوصيت سان ورتو ويو آهي سي هي آهن: مڪه - مدينه - دمشق - بصره - واسطه - موصل - جزيره - رقه نصيبين - رمله - مصر - يمن - يمامه - بحرين - بغداد - اهواز- ڪرمان - اصفهان - حلوان - استراباد - همدان - نهاوند - ري - قوس - وامغان طبرستان - جرجان - نيشاپور - سرخس - سنا - بخارا - سمر قند - کس - صنعانيان - ترمذ - هرات - هنستار - الزام - خوارزم - سيستان - مداين - مصيصته - حمص - مطلب ته سندس - استادي جو حدون اهي ئي هيون جي وقت جي خليفي جي حڪومت جون هيون.