تعليم
(1) اڻ ڏٺل شيءِ جي حقيقت ڏٺل شيءِ جي وسيلي سمجهائڻ. اڪثر معلم ڇا ڪندا آهن جو جاگرفي پڙهائڻ وقت شاگردن کي ڍنڍون جبل وغيره ياد ڪرائيندا آهن مگر ڇوڪرن کي ايترو به ڪين سمجهائيندا آهن ته ڍنڍون يا جبل آهن ڇا. ڪن ڇوڪرن جبل ڏٺوئي ڪونهي. انهن کي هڪ وڏو دڙو ۽ بند ڳوٺ جي نزديڪيءَ ۾ ڏيکارجي ۽ ڪي پٿرن جا نمونا ڏيکارجن، ۽ پوءِ سمجهائجي ته جبل هن دڙي يا بند وانگر آهي مگر تمام وڏو آهي ۽ پٿرن جو ٺهيل آهي. انهن جي اتاهين ۽ ڊيگهه به انهيءَ نموني ذهن نشين ڪرائجي. اهڙيءَ طرح ڍنڍ، ٻيٽ، راس ۽ نار وغيره به ڪنهن ننڍي تلاءُ يا پاڻيءَ واري ٻنيءَ جي وسيلي سيکارجن.
(2) جيڪا نئين حقيقت سيکارجي سا ڪنهن اڳي سکيل حقيقت سان ڳنڍي سيکارجي. مثلن جيڪڏهن شاگردن کي معلوم آهي ته ديڳڙي ۾ پاڻي وجهي هيٺيان باه ٻار بي ته آخر پاڻي سڪي ٻاڦ ٿي ويندو، پر جيڪڏهن ٻاڦ کي هڪ ٻئي ٿانو ۾ اماڻبو وڃبو ۽ اُن ٿانو کي ٿڌو ڪبو ته اندر ٻاڦ وري پاڻي ٿي پوندي ته انهيءَ حقيقت مان شاگردن کي مينهن جي پوڻ جي حقيقيت سمجهائي سگهبي.
(3) سادي ۽ سولي حقيقت پهريائين سيکارجي مرڪب ۽ ڏکي حقيقت پوءِ سمجهائجي. مثلن جيستائين سادو جوڙ ۽ ڪٽ سيکاريل نه هوندو تيستائين آنن پاين جو جوڙ ۽ ڪٽ ڪين سيکاري سگهبي، ۽ جيستائين ننڍين رقمن جي جوڙ ڪٽ نه سيکاربي تيستائين وڏين رقمن جي جوڙ ۽ ڪٽ نه سيکاري سگهبي. اڪثر ماستر ڇا ڪندا جو جوڙ سيکارڻ وقت هڪدم سون يا هزارن جا درجا بورڊ تي لکي پوءِ ٻارن کي چوندا آهن ته هاڻي جوڙ ٿا ڪريون. انهيءَ ڪري ٻار ايترو به ڪين سمجهندا آهن ته جوڙ آهي ڇا. در حقيقت ڇا ڪرڻ گهرجي جو مڻيا يا ٻيون شيون ميز تي رکجن. پوءِ شاگردن کان پڇجي ته هي 2 مڻيا ملايان ته ڪل ڪيترا ٿيندا، هي 4 مڻيا ۽ هي 5 مڻيا ملايان ته ڪل ڪيترا ٿيندا، هي 12 مڻيا ۽ هي 15 مڻيا گڏيان ته ڪل ڪيترا ٿيندا. اهڙيءَ طرح وڌائيندو وڃجي. 12 ۽ 15 جي حالت ۾ ڇوڪرن کي جنسي شين جي وسيلي ڳڻائي نتيجو ڪڍرائجي. هو پاڻهي ڳڻي ٻڌائيندا ته ڪل 25 ٿيندا. وري بورڊ تي لکي ايڪا ايڪن ۾ ملائجن ته ڏهاڪا ڏهاڪن ۾. انهيءَ مان به ڇوڪرا پاڻهي سمجهي ويندا ته 25 ٿيندا.
مٿين ريمارڪن مان پڙهندڙن کي اها ڳالهه به معلوم ٿي هوندي ته تعليم سوالن يا گفتگو جي نموني سان ڏيڻ گهرجي. سوال پڇڻ هڪ وڏو هنر آهي جو آئينده ڪنهن مضمون ۾ سمجهايو ويندو. هتي رڳو ايترو چوڻ بس آهي ته سوال سلسليوار مٿين ٽن اصولن موجب پڇڻ گهرجن.