تعليم ۽ ترقي
سچي تعليم جو مدار وري آهي سچن معلمن ۽ ماسترن تي. سچو معلم اهو آهي جو پگهار واسطي نه پڙهائي پر ٻارن ۽ ملڪ جي سڌاري، بهتري ۽ ترقي لاءِ تعليم ڏئي. جنهن کي پنهنجي ٻارن جي سڌاري ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ سچو جوش ڪونهي سو ماستر ٿيڻ جو لائق هر گز نه آهي. سچو ماستر نه رڳو شاگردن لاءِ پر سڀني ماڻهن لاءِ ليڊر، رهبر، گرو ۽ مرشد هئڻ گهرجي. هن کي گهرجي ته پنهنجي مثالي، تقريرن ۽ تنظيم جي وسيلي ماڻهن مان بد اخلاق ۽ بد رسمون ڪڍي ڦٽو ڪري ۽ کين محبت، همدردي ۽ اتفاق جي ڌاڳي ۾ ٻڌي ڇڏي.
مشڪل هي آهي ته اهڙا ماستر جن کي علم به چڱو هجي، جن جا اخلاق به عاليشان هجن ۽ جن کي پنهنجي ملڪ جي بهتري لاءِ بي انتها شوق ۽ جوش هجي سي ڪٿان آڻجن ۽ ڪئين پيدا ڪجن؟ ماستر به ته نيٺ پبلڪ مان ئي پيدا ٿا ٿين، ڪو آسمان تان ته ڪون ٿا لاهي آڻجن. پوءِ ماستر به ته اهڙائي هوندا جهڙي پبلڪ هوندي. سرڪار تي به وڏو مدار آهي پر سرڪاري ڪامورا به ته پبلڪ مان آيل آهن. جڏهن ته پبلڪ يعني اسان سڀ بد اخلاقين، بي اتفاقين، جهيڙن فسادن ۽ بدڪارين ۾ غرق آهيون ته پوءِ سچا ماستر ڪٿان ايندا؟ افسوس آهي جو اسان ۾ اڃا ڪو اعليٰ درجي جو مصلح ريفارمر (سڌاريندڙ) پيدا ڪو نه ٿو ٿئي جو اسان کي ڪن کان وٺي سجاڳ ڪري ۽ کڙو ڪري بيهاري. بدڪارين ۽ تباهي کان بچائي ۽ علم، تهذيب ۽ ترقيءَ ڏي راغب ڪري. پر چوندا آهن ته اعليٰ مصلح به تڏهن پيدا ٿيندو آهي جڏهن پبلڪ ۾ ڪجهه نه ڪجهه پنهنجي تباهي جو احساس ۽ سچي ترقيءَ جي خواهش پيدا ٿيندي آهي. ڀائرو هم وطنو! ڪجهه ته اکيون به کوليو، پنهنجي دردناڪ حالت جي ڀيٽ انگريزن ۽ جپانين جي حالت سان ڪري ڏسو ۽ ڪجهه تاريخ ته پڙهي ڏسو ته توهان کي خبر پئجي وڃي ته اسان جي بداخلاقين ۽ بدڪارين جي اها حد اچي چڪي آهي، جنهن اڳوڻين ڪيترين قومن کي مصيبتن ۾ رئاري آخر تباهه ڪري ڇڏيو. اسان جي حالت اهڙي خراب ٿي چڪي آهي جو جيڪي ٿورڙا شخص شاهوڪار آهن سي اسراف ۽ عيش عشرت ۾ پاڻ کي تباهه ڪري سڃا ٿيو وڃن ۽ ٻي سڀ خلق اهڙي سڃائي ۾ مبتلا آهي جو الامان! الامان! ڪروڙين غريب اهڙا آهن جن کي هڪ ويلو رکي ماني مس نصيب آهي ۽ ڍڪڻ لاءِ ايترو ڪپڙو مس اٿن جو اگهڙ ڍڪي سگهن. ڪي ته رڳو اڳئين پاسي واري اگهڙ ٿا ڍڪين. اس ۽ سيءَ کان بچڻ لاءِ اجهو ڪونهين، کٽ ۽ بستري جي بدران پٽ ۽ پلال ٿا ڪم آڻين. مرن وانگر گندگي ۽ ڪن ڪچري ۾ ليٽيا پيا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو مرضن جون مصيبتون سهي مري ٿا وڃن. هي سڀ جِهل ۽ بد اخلاقين جو نتيجو آهي. آهي ڪو اهڙو ڳوٺ، جو چورين، جهيڙن فسادن ۽ ظلمن کان آجو آهي؟ آهي ڪو اهڙو ڳوٺ جتي مائٽ ۽ پاڙيسري هڪ ٻئي جو چڪين ماس نٿا کائين؟ پوءِ ڇو نه سڃائي، مرض مصيبتون ۽ تباهي ايندي؟
اي ڀائرو هم وطنو! خدا جي واسطي پنهنجي دردناڪ حالت جو احساس ڪيو. جهيڙا، فساد ۽ ظلم ڦٽي ڪري هڪ ٻئي سان همدردي ڪيو ۽ هڪ ٻئي سان محبت ۽ اتفاق ۾ رهو ۽ هڪ ٻئي سان ڀلايون ڪريو. پوءِ توهان سڀئي ٿوريئي وقت ۾ آسودا ٿي ويندو. توهان ۾ پوءِ اهڙا زبردست مصلح پيدا ٿيندا جي توهان کي تهذيب ۽ ترقيءَ جي اوج تي پهچائيندا.
خاص طرح منهنجو عرض آهي ته توهان ماسترن ۽ معلمن جو قدر ڪيو، کين اهڙي عزت ڏيو جهڙي ڪليڪٽرن ۽ ڪمشنرن کي ڏيندا آهيو، بلڪ ڪليڪٽرن ۽ ڪمشنرن ۽ تعليم کاتي جي آفيسرن کي به گهرجي ته کين اهڙي عزت ڏين جو پبلڪ ڏسي حيران ٿي وڃي. تعليم کاتي جي آفيسرن کي جيڪڏهن پنهنجي زير دست ماسترن کي ڪا فهمائش ڏيڻي هجي ته اهڙي هنڌ ڏين جو شاگردن ۽ پبلڪ کي ڪجهه به خبر نه پوي. اي ڀائرو هم وطنو! جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسان جو اولاد ۽ اسان جا پويان نيڪ اخلاق، آسوده حال ۽ ترقي يافته ٿين ته ماسترن جو قدر ۽ عزت ڪريو ۽ ساڻن همدردي ۽ مدد ڪريو. پر جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اسان جو اولاد ۽ اسان جا پويان بد اخلاق ۽ سڃا ٿين ۽ مرضن ۽ مصيبتن جو شڪار ٿي تباهه ٿين ته پوءِ ڀلي ماسترن ۽ معلمن سان اها ئي هلت وٺو جا وٺي رهيا آهيو. پڪ ڄاڻو ته ماستر جا اگرچه ڪپڙا به خراب هجن ته به جيڪڏهن هنن کي عزت ڏيندو ته ضرور پاڻ کي سڌاريندو ۽ توهان جي اولاد کي فيض ڏيڻ جي لائق ٿيندو. پر جيڪڏهن هنن جي بي عزتي ڪندو ته هو ضرور خراب ٿيندا ۽ توهان جي اولاد کي به خراب ڪري تباهه ڪندا.
ساڳيءَ طرح ماستر صاحبن کي به منهنجي استدعا آهي ته توهان پنهنجي عزت رکو. پاڻ کي ڪنهن کان به گهٽ نه سمجهو، خدا کان سواءِ ڪنهن کي به وڏو نه سمجهو، ڪنهن به شخص وٽ جتيون نه گسايو ۽ ڪنهن وٽ به پاڻ کي ذليل ۽ خوار نه ڪريو. خوشامد ۽ چاپلوسي ڦٽي ڪريو، پوءِ جيڪڏهن توهان کي تڪليفون درپيش اچن ته اهي صبر سان سهو. صبر اها شيءَ آهي جا آخر تڪليفن ۽ مصيبتن تي غالب ٿي پوي. ڏکن پٺيان سک ٿا اچن ۽ سڃائي پٺيان آسودگي ٿي اچي ۽ ظاهري ذلت پٺيان عزت ٿي اچي. پنهنجو گهرجون بلڪل گهٽائي ڇڏيو، سادگي اختيار ڪريو ۽ جاهلن جي ٽوڪن ۽ طعنن کان نه ڊڄو. پڪ ڄاڻو ته عزت ڏيک ويک تي منحصر نه آهي پر پنهنجي اخلاقن ۽ قومي خدمت تي منحصر آهي.
هاڻي اچان ٿو پگهارن جي سوال تي، هن به نسبت منهنجا خيال بلڪل نرالا آهن. منهنجو خيال آهي ته معلم اهي هجن جي پگهار جو خيال نه ڪن پر ملڪي ترقي جو خيال ڪن ۽ ظاهري ٺٺ ٺانگر نه رکن پر خرچ گهٽائي سادگي اختيار ڪن. پر انهيءَ مان منهنجو مطلب اهو ناهي ته هنن جون پگهارون گهٽ هئڻ گهرجن. بلڪه خيال آهي ته سندن پگهارون ٻيڻيون ٽيڻيون بلڪ ڏهوڻيون هئڻ گهرجن. ان لاءِ هڪ سبب هي آهي ته اڄ ڪلهه جا گمراه ماڻهو عزت فقط انهن کي ٿا ڏين جن کي چڱيون پگهارون آهن. اهو ئي سبب آهي جو ويچارن ماسترن کي عزت ڪانه ٿي ملي ۽ هو پنهنجي شاگردن ۽ پبلڪ کي ڪو به فيض ڪو نه ٿا پهچائي سگهن. ٻيو سبب هي آهي ته هن وقت ۾ ماستر به ته اهڙا آسماني فرشتا ڪين آهن جو زماني جي رسمن ۽ رواجن کي هڪدم ترڪ ڪري سادگي اختيار ڪري پاڻ کي قرضن ۽ تڪليفن کان آجو ڪن ۽ همه تن تعليم جي ڪم ۾ مصروف رهن تنهنڪري ضروري آهي ته ماسترن ۽ معلمن جون پگهارون گهٽائڻ بدران وڌائڻ گهرجن، کين ڪي ٻيون سهوليتون به ڏيڻ گهرجن سندن شان ۽ عزت وڌائڻ گهرجي. جڏهن ائين ڪبو تڏهن ئي ملڪ جي ترقي ٿيندي نه ته اٽلندو تباهي ايندي.
(اخبار تعليم آگسٽ 1935ع