وهابيت
گهڻا سال ٿيا ته مان صوفين جي اڄ ڪلهه جي ذڪرن پچائڻ بابت تحقيقات ڪرڻ شروع ڪئي. منهنجو سوال فقط اهو هو ته اهي طريقا حضرت رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن ڪمايا يا نه؟ عالمن چيو ته هائو ڪمايا هئائون. مون چيو ته مهرباني ڪري حديثون پيش ڪيو. هنن جواب ڏنو ته هائو پيش ڪنداسين. پوءِ هيڏي هوڏي مولوين ڏي خط لکيائون. مگر حديثون کين ڪونه مليون تنهنڪري مونکي ڪو جواب ڪونه ڏنائون. پس پرده پرپٺ چوڻ لڳا ته فلاڻو ته وهابي ٿو ڏسجي. ناظرين انصاف ڪريو ته ان وقت ته مون ڪو انهن ذڪرن جي برخلاف لفظ به ڪونه ڪڍيو هو فقط اهو سوال پڇيم ۽ سوال پڇڻ جي ڪري وهابي سڏجڻ لڳس. مان 1913 کان وٺي اخبارن ۾ تعليمي اخلاقي ۽ ديني مضمون ڏيندو آيو آهيان. هڪڙو مضمون پيرن بابت لاڙڪاڻي واري آفتاب اخبار ۾ ڇپيو. مضمون ۾ فقط رسول الله ﷺ جي روش ڏيکاري سمجهايم ته پيرن ۾ ڪهڙيون خاصيتون هئڻ گهرجن. مون لکيو ته سچو رهبر اُهو آهي جيڪو 1. قرآن شريف، حديث ۽ اسلامي تاريخ ڄاڻندڙ هجي، 2. رسول الله ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي نقش قدم تي هلندڙ هجي، 3. امربالمعروف ۽ نهي عن المنڪر ڪندڙ هجي يعني تبليغ جو شوق هجيس. کيس گهرجي ته مسلمانن مان ڀرم ۽ سنسا ۽ بد رسمون ۽ بدعتون ڪڍي، تعليم جو چاه پيدا ڪري، بداخلاقيون ڪڍي نيڪ اخلاقن جي ترغيب ڏئي، مسلمانن کي تجارت ڪرڻ تي آماده ڪري، ڳوٺ ڳوٺ ۾ تنظيم لاءِ انجمن قائم ڪري وغيره وغيره. هن مضمون ۾ ڪهڙي وهابيت ٿا ڏسو ته به هڪڙي عالم ڇا ڪيو جو اهو مضمون جمعي جي ڏينهن پنهنجي جماعت کي پڙهي ٻڌائي چيائين ته ڏسو ته ڪهڙا پيرن جا منڪر پيدا ٿي پيا آهن. انهن ٿورڙن مثالن مان سمجهي ويندئو ته جو شخص اصلاح يعني سڌارو ڪرڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ۽ حضرت رسول ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي روش وٺڻ جي دعوت ٿو ڏئي تنهن کي وهابي سڏيو ٿو وڃي. اها حالت نه رڳو هت سنڌ ۾ آهي پر سڄي دنيا جي سڀ ڪنهن اسلامي ملڪ ۾ آهي. مان ٿو چوان ته جيڪڏهن وهابيت اها آهي ته وهابي ڪوٺجڻ فخر جي ڳالهه آهي. مون کي وهابين جي ڪا به خبر ڪانه هئي. نڪو سندن ڪو ڪتاب مطالعي هيٺ آندو هوم. پهريائين پهريائين خبر تڏهن پئي جڏهن ابن سعود حجاز فتح ڪيو ۽ قبا ڊهرايائين. جنهن مان فقط ايترو معلوم ٿيو ته وهابي قبن جي برخلاف آهن. پوءِ به مون وهابين جي ڪنهن به ڪتاب هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي. ٻڌندو هوس ته هڪ ڪتاب توحيد الاسلام آهي جنهن ۾ لکيل آهي ته مماتي جي حالت ۾ رسول الله ﷺ کان لٺ به چڱي آهي ڇو ته لٺ مان گهڻائي ڪم ڪڍي سگهجن ٿا مگر رسول الله ﷺ جن هن حالت ۾ ڪجهه به ڪري نٿا سگهن. مون سمجهيو ته يا ته هي ڳالهه ڪوڙي هوندي يا ته الفاظ ٻيا هوندا. جيڪڏهن الفاظ اُهي ئي آهن ته چئبو ته وهابين کي رسول الله ﷺ جن لاءِ ڪا به عزت ڪانهي.
تازو ڪنهن شخص ازخود مون کي مولوي دين محمد صاحب واري ڪتاب توحيد الاسلام جو هڪ نسخو ڏنو. مون پڙهي ڏٺو. ڏٺم ته اهي الفاظ منجهس بلڪل ڪونه هئا. شايد اصلوڪي توحيد السلام ۾ اهي لفظ هوندا. مون کي خبر ناهي ته سنڌ جا عالم انهيءَ ڪتاب تي ڪهڙا ڪهڙا اعتراض ٿا آڻين پر مان سمجهان ٿو ته ٻن ڳالهين تي اعتراض آڻيندا هوندا. هڪ شفاعت واري سمجهاڻيءَ تي ٻيو انهيءَ تي ته رسول الله ﷺ کي ايتري عزت ڏجي جيتري وڏي ڀاءُ کي ڏجي. شفاعت واري سوال تي مون اڳيئي ڪجهه چيو آهي. باقي عزت واري مسئله بابت مان چوان ٿو ته ائين چوڻ جو اسان کي ضرور ڪهڙو پيو آهي جو چئون ته کين وڏي ڀاءُ جيتري عزت ڏيڻ گهرجي. جيڪڏهن رواجي ماڻهو غلطي ڪري رسول الله ﷺ کي الله تعاليٰ سان صفتن ۾ شريڪ ٿا ڪن ته هي وري اهڙا الفاظ ڪم ٿا آڻين جي بلڪل شايان نه آهن. رسول الله ﷺ جي عزت نه رڳو وڏي ڀاءٌ کان پر پيءَ ماءُ کان به وڌيڪ ڪرڻي آهي. اصحاب سڳورا جڏهن سندن نالو مبارڪ وٺندا هئا تڏهن فرمائيندا هئا، ”فداك ابي و امي- يعني منهنجا ماءُ پيءُ مٿن فدا هجن. هڪ حديث سڳوري ۾ به آهي ته پورو مومن اهو آهي جو مون کي اهل اولاد وغيره کان به وڌيڪ پيارو رکي. هن وقت ۾ ته هو اسان وٽ موجود نه آهي جو کين عزت ڏيون ۽ ساڻن حب رکون. هن وقت جي حب ۽ عزت آهي سندن قول ۽ فعل ۽ روش معلوم ڪرڻ ۽ سندن پيروري ڪرڻ. اسانجي سڌاري ۽ ترقيءَ جو مدار به انهيءَ تي آهي نه خالي لفظن تي پر اگرچ شفاعت واري ۽ عزت واري مسئلي تي مان مولوي دين محمد سان شامل راءِ نه آهيان ته به سندس ڪتاب کي عاليشان ٿو سمهجان. ڇو ته اسلام جو سڄو مدار توحيد تي آهي. جيڪو توحيد کان ٿوروئي ٿڙڪيو سو اسلام کون ويو ۽ تباه ٿيو. تنهنڪري اهو ڪتاب لکن جي برابر آهي. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب ۾ لکن جو فائدو هجي ۽ رپئي ڏيڍ جو نقصان هجي ته پوءِ انهيءَ ڪتاب کي ردي سمجهڻ گهرجي ڇا؟ اهڙا ڪيترائي ڪتاب آهن جن ۾ لکن جو نقصان آهي ۽ فائدو 5 روپين جو به مس آهي تن جو نالو به ڪونه ورتو ٿو وڃي مگر توحيد السلام جهڙي ڪتاب تي هاءِ گهوڙا واءِ گهوڙا ڪئي ٿي وڃي. مان شايد پنهنجي راءِ ۾ ڀليل هجان تنهنڪري استدعا ٿو ڪريان ته عالمن سڳورن کي ائين ڪرڻ نه گهرجي جو ڪن غلطين جي ڪري سڄي ڪتاب کي ڪوڙو سمجهن. کين گهرجي ته ٿڌيءَ دل سان ان ڪتاب تي تنقيد ڪن ۽ جيڪي منجهس غلطيون هجن تن کان به اسان جاهلن کي آگاه ڪن ۽ جيڪي منجهس خوبيون هجن تن کان به اسانکي آگاه ڪن. مگر جيڪڏهن خوبين کي نظر انداز ڪري سڄي ڪتاب کي خراب سڏبو ته انهيءَ جو نتيجو هي ٿيندو جو مسلمان سچين ڳالهين کي به ڪوڙو سمجهي مشرڪ ٿي پوندا يا سڄي ڪتاب کي سچو سمجهندا. ٻنهي حالتن ۾ قوم کي نقصان رسندو.
هڪڙي مولوي صاحب مونکي پنهنجو ڪتاب تصنيف ڪيل ڏيکاريو جو اڃان ڇپايو ڪونه اٿس. مون ان منجهان ڪجهه پنا پڙهيا. افسوس جو وڌيڪ پڙهڻ جو وقت نه مليو. ان ۾ جو جوش وهابين جي خلاف ڏيکاريو اٿس سو بحد ڪمال آهي. وهابين کي گهٽ وڌ ڳالهائي پوءِ لکي ٿو ته هي منڪر چون ٿا ته رسول الله ﷺ اسان جهڙو بشر هو. انهن پليتن کان ڪو پڇي ته سندن ٽورو ۽ پيشاب به رسول ﷺ جي ٽوري ۽ پيشاب وانگر مشڪ ۽ عطر آهي؟ جي نه ته ڪيئن ٿا چون ته رسول الله ﷺ جن اسان وانگر بشر هئا. جيڪڏهن مونکي وهابي ڪوٺجڻ جو انديشو نه هجي ها ته مولوي صاحب کي عرض ڪيان ها ته مهرباني ڪري ٻڌايو ته انا بشر مثلڪم جي معنيٰ ڇا آهي ۽ جيڪڏهن بشر نه هئا ته ملڪ هئا يا الله هئا (نعوذ بالله منها) ۽ پڻ کانئن پڇان ها ته جيڪڏهن رسول الله ﷺ جو ٽورو ۽ پيشاب مشڪ ۽ عطر هئا ته اُهي ڪهڙي طرح ڪم آڻبا هئا. بدن کي مکيا ويندا هئا يا شربت ۾ استعمال ڪيا ويندا هئا؟
توحيد الاسلام جي علاوه وهابين جي اعتقادن بابت هڪڙي تقرير پڻ تازو پڙهي اٿم ۽ پڻ پير خواجه حسن جان صاحب جو ڪتاب اصول الرابعه يا ترديد الوهابيت پڙهيو اٿم. بس وڌيڪ خبر مونکي وهابين جي ڪانهي. مٿي بيان ڪيل تقرير شيخ حافظ وهبه سنه 1928 ۾ لنڊن ۾ ڪئي هئي. شيخ حافظ وهبه ملڪ الحجاز ابن سعود جو ايلچي آهي ۽ هن وقت تائين لنڊن ۾ مقيم آهي. ان تقرير ۾ وهابين جي اصولن ۽ اعتقادن جو بيان ڪيو اٿس. ان تقرير جو اختصار مان هيٺ ڏيان ٿو.