فرعونيت ۽ غلامي
جيڪي ماڻهو نفساني خواهشن تي لڳي خدا جي حڪمن جي خلاف عمل ڪن ٿا سي حقيقتاً شيطان جي عبادت ياٻانهپ ڪن ٿا، يا پنهنجي حرص هوائن جي بتن جي پوڄا ڪن ٿا. ساڳيءَ طرح جيڪي ماڻهو لالچ کان يا ڊپ کان ڪنهن به ٻئي ماڻهوءَ جا حڪم مثلاً پيرن فقيرن، ملن مجاورن، زميندارن ڪامورن وغيره جا حڪم الله جي حڪمن خلاف مڃن ٿا سي حقيقت ۾ انهن جي عبادت ٿا ڪن نه الله جي. قرآن شريف ۾ بار بار چٽو فرمايل آهي ته رزاق رزق ڏيندڙ فقط الله آهي، پوءِ ڇو اسان الله تي ايمان ۽ ڀروسو ڇڏي ٻين ۾ اميد ۽ لالچ ٿا رکون يا کائن ڊڄون ٿا ۽ کين دعوتون نذرانه وغيره ڏيون ٿا سو يا ته هن لاءِ ته هو اسان کي پنهنجي ڪرامت سان يا دعا ۽ تعويذن سان اسان جون مرادون پوريون ڪري سگهن ٿا يا هن لاءِ ته متان اسان کي پٽ پاراتو ڏئي ڪو نقصان رسائي وجهن. پر حقيقت هي آهي جا قرآن مجيد ۾ بار بار چٽيءَ طرح ڏنل آهي ته انهن ڳالهين ۾ خود پيغمبرن کي به ڪو اختيار ڪونهي، الله تعاليٰ پاڻ سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو ۽ پاڻ ئي سڀ ڪجهه ڪري ٿو. الله تعاليٰ جون طاقتون دنيائي بادشاهن وانگر محدود ناهن جو پنهنجا ڪم ٻين ماڻهن جي حوالي ڪري ڇڏي يا سندن سفارشن جو محتاج رهي.
الله تعاليٰ غني آهي يعني ڪنهن ڳالهه لاءِ ڪنهن جو به محتاج ناهي. هن کي اسان جي عبادت مان ڪو فائدو ڪونهي. مگر اسان کي جيڪي حڪم قرآن مجيد ۾ ڏنا اٿس تن جي پيروي ڪرڻ ۾ اسان جو ئي فائدو آهي. اُهي حڪم اهڙا ته اعليٰ ۽ مفيد آهن جو اسان جيڪڏهن انهن تي عمل ڪيون ته اسان لاءِ هيءَ دنيا ئي بهشت بڻجي پوي. اسان انسانن کي به غني ٿيڻ گهرجي يعني ڪنهن ۾ به ڪا لالچ رکڻ نه گهرجي. ڪنهن جي به ڪاڻ ۽ غلامي ڪڍڻ نه گهرجي.
پنهنجي پيرن تي بيهڻ گهرجي، پنهنجي ڪمائيءَ تي گذران ڪرڻ گهرجي. اٽلندو ٻين جي مدد ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي جي مدد ڪرڻ، خصوصاً مسڪينن ۽ گهر وارن جي مدد ڪرڻ هر هڪ وسعت ۽ طاقت رکندڙ تي فرض آهي پر خدا ڪارڻ، نه ڪنهن انسان تي ٿورو ٿڦڻ يا مطيع بنائڻ لاءِ .ٻين کي علم به بنا لالچ جي سيکارڻ گهرجي.
جيڪو به انسان پير فقير، ملان مجاور، زميندار ڪامورو وغيره زبردستيءَ سان يا چالاڪيءَ سان يا مڪرن ۽ فريبن جي وسيلي ٻين کي مطيع ڪري پنهنجا فائدا ٿو ڪڍي سو فرعون آهي. پاڻ کي عملاً خدا ٿو ڪوٺائي ۽ پنهنجي عبادت ٿو ڪرائي. جيڪو خدا جي بندن کي پنهنجو بندو ٿو بنائي سو مسلمان ڪيئن چئي سگهبو؟ ۽ جيڪو به انسان لالچ کان ياڊپ کان ٻين جي غلامي ٿو ڪري سو خدا کي ڇڏي انهن جي عبادت ٿو ڪري. اهي ٻئي فرقا لاالٰه الا الله جا منڪر آهن.
قرآن مجيد ۾ فرمايل آهي ته اي انسانو مون اوهان کي هڪ مرد ۽ هڪ عورت مان پيدا ڪيو آهي. پوءِ اوهان کي قبيلن ۽ قومن ۾ ورهايم سو فقط سڃاڻپ لاءِ. ( ورنه عزت جي باري ۾ ته ) الله وٽ انهيءَ جي عزت وڌيڪ آهي جو اوهان ۾ تقويٰ ۾ زياده آهي. اڄ ڪلهه عزت انهيءَ کي ڏني وڃي ٿي جيڪو دولت ۾ وڌيڪ آهي يا ظاهري طور ايڏي طاقت اٿس جو ٻين کي نقصان پهچائي سگهي ٿو. تقويٰ وارواهو آهي جيڪو پنهنجي دولت ۽ طاقت ۽ علم ٻين کي فائدي پهچائڻ لاءِ ڪم آڻي نه ٻين تي ظلم ڪرڻ لاءِ. تقويٰ وارو اهو آهي جيڪو ٻين کي پاڻ کان گهٽ نه سمجهي. جيڪو ٻين کي گهٽ ٿوسمجهي سو بهشت جي بوءِ به نه سگهندو.
هن وقت اسان جي هيءَ حالت آهي ذري گهٽ هر هڪ انسان ٻين جو غلام يا عبد يا عبادت ڪندڙ آهي. جيڪي فرعون آهن سي به ڪن ٻين فرعونن جي غلامي ڪن ٿا ۽ جيڪي غلام آهن سي به ڪنهن نه ڪنهن مسڪين تي فرعونيت هلائين ٿا. اسلامي مساوات، سادگي ۽ انصاف اڄ ڪلهه بلڪل ڪونهي. پيرن فقيرن، ملن مجاورن، ڪامورن ۽ زميندارن ۾ اها اميد رکڻ ته پنهنجا ظاهري فائدا ڇڏي پنهنجا عمل سڌاريندا بلڪل عبث آهي. پر ارمان انهن مظلومن تي آهي جيڪي ظلم، مصيبتون،بيماريون ۽ تنگيون سهڻ لاءِ تيار آهن، مگر پنهنجي فائدي لاءِ ٻين جي غلامي ڇڏي خدا جي غلامي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. جيڪڏهن هو ٻين جي غلامي ڦٽي ڪن ۽ تڪليفن هوندي به خدا جي حڪمن جي تعميل ڪن ته پوءِ خدا سندن طرفدار ٿيندو ۽ کين ظالمن کان نجات ڏيئي دنيا ۽ آخرت ۾ خوش رکندو.
في الحال اسان جي سامهون وڏي ۾ وڏو سوال آهي چونڊن جو. اسان کي اُهي ماڻهو حڪومت هلائڻ لاءِ چونڊڻ گهرجن جيڪي علم، اخلاقن ۽ عوام جي خيرخواهيءَ ۾ ٻين کان بهتر هجن. اهڙن ماڻهن کي ووٽ ڏيڻ نه گهرجي جيڪي زاني، شرابي رشوت خور ڀنگَ وٺندڙ، چورن ۽ پاٿاريدارن جا يار هجن. جيڪڏهن اسان في الحال انهيءَ ڪم کي کڻون ته پوءِ اسلام کي وري زنده ڪرڻ ۽ اسلامي حڪومت ۽ انصاف قائم ڪرڻ ۾ دير ئي ڪانه لڳندي.
(توحيد- جولاءِ 1951ع)