اسلام ۽ سلامتي
حديث موجب مسلمان اهو آهي جنهن جي هٿ ۽ زبان کان ٻيا مسلمان سلامت هجن. يعني ڪو به مسلمان ڪنهن ٻئي کي نڪي گار يا ڳالههءُ ڏيئي ٿو سگهي، نڪي گلا ۽ غيبت ڪري ٿو سگهي، نڪي ڪنهن تي بهتان مڙهي ٿو سگهي، نڪي ڪوڙو وعدو ڏيئي ٿو سگهي، نڪي وڙهڻ، چوري ڪرڻ، پراون حقن کائڻ، ڌاڙن هڻڻ يا خونريزي ڪرڻ جهڙا ڪم ڪري ٿو سگهي. ٻي حديث شريف ۾ آهي ته بهترين انسان اهو آهي جو ٻين کي نفعو پهچائي. ان مان هيءَ معنيٰ به ڪڍي سگهجي ٿي ته بدترين انسان اهو آهي جو ٻين کي نقصان پهچائي.
اڄوڪي زماني ۾ اسان مسلمانن ۾ ڪيتري قدر مسلماني يا سلامتي وڃي رهي آهي سا ڪنهن کان به ڳجهي ڪانهي. اوائلي زماني ۾ سڀ مسلمان ڀائر ٿي رهندا هيا، مگر اڄ ڪلهه سڳا ڀائر هڪ ٻئي جا دشمن ٿي پيا آهن. آفيسر ۽ ڪامورا رشوتن ۽ رساين وٺڻ سان ملڪ کي تباهه ڪري رهيا آهن. ٻهراڙيءَ ۾ زميندارن ۽ پوليس وارن اهڙو ظلم مچايو آهي جو مال ملڪيت، ڍڳي ڍور، گهر ٻار، بلڪ جان ۽ عورتن جي عصمت جي سلامتي به ڪانهي. مسڪينن کي بيگر ۾ وهايو وڃي ٿو ۽ کين گاريون ڏنيون وڃن ٿيون. زميندار فرعون جو پارٽ ادا ڪري رهيو آهي ته ٻهراڙيءَ جو مسلمان بني اسرائيلن وانگر غلاميءَ جو پارٽ ادا ڪري رهيو آهي. هو خدا کي ڇڏي زميندار جو غلام بنجي ويو آهي. جيڪڏهن هاڻي به هو فقط خدا جي ٻانهپ اختيار ڪري ته سلامتي، عزت ۽ دولت سندس پير اچي چمي.
وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ڪامورن کي رشوتون ڏيئي اگهه چاڙهائي ڪروڙ پتي ٿين ٿا ۽ ملڪ کي تباهه ڪن ٿا. ننڍا واپاري ۽ دڪاندار گاڏڙ ۽ نقلي ردي شيون وڪڻي ماڻهن کي بيمار ۽ سڃو ڪن ٿا. پير، فقير، ملان، مجاور، فالون وجهندڙ، ٽوٽا ڦيڻا ڪندڙ، تعويذ لکندڙ وغيره پنهنجن فريبن ۽ مڪرن سان ماڻهن جا کيسا ڪتري رهيا آهن. مطلب ته قوم جا اڌ جيترا ماڻهو باقي اڌ جيترن ڪمائيندڙ ماڻهن جو رت چوسي رهيا آهن.
هو سڃا ۽ ضعيف بيمار آهن ۽ جاهل ۽ بي هنر آهن تنهنڪري دولت به گهڻي پيدا ڪري نٿا سگهن. جيڪا ٿوري دولت پيدا ڪن ٿا سا وري ٻيا عيش عشرتن ۽ شراب خوري تماشن ۽ نمائشن ۾ اڏائي ٿا ڇڏين.
هر هڪ مسلمان تي فرض آهي ته نه رڳو پاڻ کي سلامت رکڻ جي ڪوشش ڪري پر ٻين کي به ظالمن کان سلامت رکڻ ۽ ظلم جو مقابلو ڪري. جيڪڏهن ٻيا ماڻهو گڏجي ظلم جي خلاف مظلوم جي مدد ڪن ته ظلم جو خاتمو ٿي وڃي. ساڳي طرح هر هڪ قوم تي فرض آهي ته نه رڳو پنهنجو بچاءُ ڪري پر ٻين قومن جي به سلامتي چاهي ۽ ظالم قوم جي خلاف مظلوم قوم جي مدد ڪري. ڏسو ته زبردست ظالم قومون جرمني، جاپان، اٽلي ۽ فرانس وغيره گذريل لڙائي ۾ تباه ٿي ويو. پر کٽندڙ قومن مان به انگلينڊ اڌ تباهه ٿي ويو. ظالم نٿا سمجهن ته ظلم جو نتيجو آخر تباهي آهي.
افسوس آهي ته ايڊيٽر ۽ عالم، تقرير ۽ تحرير جا ماهر رڳو قلم زبان کان ڪم وٺي عوام کي سجاڳ ڪرڻ کان به قاصر رهن ٿا. ڪي اهو عذر پيش ڪن ٿا ته سيفٽي ائڪٽ جي تلوار سندن گردن لاءِ تيار بيٺي آهي. لا الهٰ الا الله ۽ اسلام جي معنيٰ ۽ مقصد سمجهائڻ سان قوم ۽ گورنمينٽ جي سلامتي خطري ۾ پوندي ڇا؟ سيفٽي ائڪيٽ جي معنيٰ ئي آهي سلامتي لاءِ ائڪٽ. پوءِ صلح سلامتي ۽ امن امان قائم ڪرڻ لاءِ قلم ۽ زبان ڪم آڻن واري ئي سيفٽي ائڪٽ جو وار ڇو ڪيو ويندو؟ گهڻي ۾ گهڻو ته به ذاتي غرضن لاءِ يا پارٽيبازي لاءِ شخصي حملن ڪرڻ وارن ۽ گورنمنٽ تي بدنيتي سان حملا ڪرڻ وارن تي سيفٽي قانون جي تلوار جو وار ڪيو ويندو نه قوم جي سلامتي، بهتري ۽ ترقي چاهيندڙن تي.
هن وقت اسان جو اولين فرض هي آهي ته اسان عوام کي اسلام ۽ صلح جي سلامتيءَ جي دعوت ڏيون کين سمجهايون ته ووٽ فقط انهن کي ڏيو جي علم اخلاقن ۽ عملن ۾ ٻين کان بهتر هجن ۽ قوم جا سچا خيرخواه هجن نه انهن کي جي زاني، رشوتخور، ظالم، چورن ۽ پاٿاريدارن جا يار ۽ مددگار هجن. هن وقت ڪي ووٽر ٺڳجي ڪوڙن خود غرضن کي ووٽ ڏين ٿا، پر گهڻا ووٽر ظالم زميندار ۽ ظالم ڪامورن کان ڊڄي يا ڪنهن لالچ هيٺ اچي بدڪار اميدوارن کي ووٽ ڏين ٿا يا لالچي پيرن، فقيرن جي چوڻ تي ظالمن کي ووٽ ڏيئي ملڪ ۽ قوم کي تباهه ۽ برباد ڪن ٿا. سچو مسلمان اهو آهي جو فقط الله کان ڊڄي نه ظالم زميندار يا ڪامورن يا پيرن کان. عوام کي سمجهائڻ گهرجي ته سندن حالت ڪهڙي نه دردناڪ آهي ۽ سڌريل ملڪن ۾ سجاڳ عوام ڪهڙا نه خوشحال ٿي ويا آهن ۽ ڪيتري قدر ڪامورن ۽ اميرن جي غلاميءَ ۽ ظالم کان آزاد ٿي ويا آهن. جيڪڏهن اسان عوام ۾ اها سجاڳي پيدا ڪيون ۽ ووٽ فقط انهن قومي خادمن کي ڏيون جي ٺيڪ ۽ بي غرض هجن ته پوءِ سلامتي ۽ امن امان اچي ويندو. قوم آزاد ۽ خوش حال ٿي ويندي ۽ اسلام وري عملا زنده ٿي ويندو.