ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

تصنيفات ۽ ترقي

سڄي دنيا ۾ هر هڪ شخص قبول ٿو ڪري ته ترقي جو مدار علم آهي تنهن هوندي به ڪي مُرده قومون علم ۽ تعليم جو انتظار ڪرڻ بدران ننڊ ۾ ستيون پيون آهن. مدرسن ۽ ڪاليجن کولڻ ۽ مسڪينن جي تعليم جو انتظام ڪرڻ ته پري رهيو پر جيڪي ٿورا گهڻا سرڪاري اسڪولن يا مڪتبن مان نڪتا آهن تن کي ايترو به شوق ناهي جو اخبارون پڙهن ۽ ڪتابن جو مطالعو ڪري پنهنجو علم وڌائين ۽ مصنفن جي حوصله افزائي ڪري لٽريچر جو ذخيرو وڌائين. سچ ائين آهي ته جن کي اخبارن ۽ ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڪونهي سي اڻپڙهيلن جهڙا آهن گويا هو پڙهيا ئي ڪين آهن مون بار بار اخبارن ۾ وڏا وڏا مضمون لکي سمجهايو آهي ته ترقي لاءِ ضروري آهي ته اخبارن ۽ ڪتابن خريد ڪرڻ لاءِ هر هڪ ڳوٺ هر هڪ گهر تي ٽڪو يا آنو مهيني ۾ چندو رکجي ۽ ان موڙي مان ڪم از ڪم هڪ اخبار ۽ بچت مان ڪتاب گهرائي مسجد ۾ رکجن. مگر ڏسجي ٿو ته قوم ۾ ايتري به سجاڳي ڪانه ٿي آهي جو اهڙي سولي ڪم جو انتظام رکن. پوءِ ڪيئن اميد رکون ته قوم ترقي ڏانهن ڪو قدم کڻي سگهندي.
جيئن ٻنيءَ ۾ آبادي تڏهن ڪري سگهبي جڏهن منجهانس ڪنڊيون، ڪانڊيرا ڪرڙ ۽ ڪلر ڪڍي ڇڏبو آهي، تيئن قوم ۾ به چڱو ٻج تڏهن پوکي سگهبو جڏهن همت ڪري قوم جي غلط خيالن، ڪوڙن اعتقادن ۽ بدرسمن ۽ تعصب جي خاردار ٻوٽن کي ڪهاڙن ۽ واهولن سان وڍي پٽي ساڙي نابود ڪبو. انهيءَ خيال سان مون هڪ ڪتاب تصنيف ڪيو آهي. جنهن جو نالو رکيو اٿم سنڌ جي ”مسلمانن جي مذهبي حالت“. ان ۾ عوام الناس ۽ نيم خوانده ملن وغيره جي غلط خيالن ڪوڙن اعتقادن ۽ برباد ڪندڙ عملن جو بيان ڪيل آهن ۽ اهڙيون سچيون ڳالهيون بيان ڪيل آهن جو ڪتاب ناول وانگر مزيدار ٿي پيو آهي. منجهس چئن قسمن جي ماڻهن جو بيان ڪيل آهي: هڪڙا عوام الناس جيڪي جهل جي سمنڊ ۾ غرق آهن ٻيا ڪي ٿورا انگريزي دان جي اسلام کي ترڪ ڪري منافقي طور پاڻ کي مسلمانن ۾ داخل ڪري اسلام ۽ مسلمانن کي برباد ڪري رهيا آهن. اهي تعداد ۾ ٿورا آهن، پر گهڻو ڪري پوزيشن وارا آهن تنهنڪري سندن مذهبي لاپرواهي لکن مسلمانن کي گمراه ٿي ڪري. ٽيان اُهي نيم خوانده، نيم ملان، پير، مجاور ۽ ڀنگ پيئندڙ فقير جيڪي پنهنجي گذران ۽ وقار لاءِ ڪوڙا قصا ٻڌائي خدا جي خلق کي اسلام ۽ علم کان محروم ڪري سندس جهل جو فائدو وٺي انهن کي هر طرح برباد ڪري رهيا آهن. چو ٿان اهي روشن خيال وڏا عالم جن کي نيم خوانده ملان، پير ۽ مجاور ۽ فقير پنهنجي غرض لاءِ بدنام ڪري رهيا آهن ۽ عوام الناس کي سندن ڳالهيون ٻڌڻ به نه ٿا ڏين. انکانسواءِ ڪتاب ۾سڀني اخلاقي مسئلن تي بحث ڪيل آهي ۽ اُهي اصول بيان ڪيل آهن جيڪي اميد ته سڀني فرقن ۾ مقبول پوندا ۽ انهيءَ ڪري گهڻي قدر مکيه مسئلن تي اتفاق ٿي ويندو. فقط فروعي ڳالهين ۾ اختلاف رهندو. گهٽ ۾ گهٽ تعصب جي پاڙ گهڻي قدر پٽجي ويندي ۽ هر ڪنهن ۾ اهو خيال پيدا ٿيندو ته مان وڌيڪ تحقيقات ڪري صحيح خيال ۽ صحيح اعتقاد، رکان. مان پاڻ ائين نٿو چوان ته منهنجا خيال صحيح آهن. ڪوبه شخص منهنجن خيالن کي غلط ثابت ڪندو ته مان انهن کي هڪدم ڦٽي ڪري صحيح خيال قبول ڪندس. قوم ۾ هڪڙو گڻ ضرور پيدا ٿيڻ گهرجي ته تعصب ڦٽي ڪري ٻين جي خيالن کي ويچار هيٺ آڻجي ۽ جيڪڏهن پوءِ به غلط نظر اچن ته تهذيب جي نموني قرآن ۽ حديث جي وسيلي ۽ عقلي دليلن سان غلط ثابت ڪجن. هي اصول به نهايت ضروري آهي ته اُهي خيال، اعتقاد ۽ عمل هرگز چڱا نه چئبا جن مان ترقي جي بدران مالي اخلاقي، بدني يا دماغي نقصان پهچي.
ڪتاب جي آخري حصي ۾ ڪي تنظيمي رٿون ۽ ترقي جا وسيلا بيان ڪيل آهن جن بابت اميد ته ڪوبه اختلاف ڪونه ڪندو. بهرحال ڪتاب اهڙو وڻندڙ آهي جو اميد ته هزارن جي تعداد ۾ هٿون هٿ کڄي ويندو ۽ اصلاح جو ڪم ڏيندو. ڪو به پبليشر اهو ڪتاب ڇپائي ته مان کيس هڪدم موڪلي ڏيان. مون کي ڪوبه ذاتي غرض ڪونهي. تنهنڪري فقط شرط وجهندس ته جيڪڏهن ڪتاب جاهزار جلد هڪ سال ۾ کپي وڃن ته صافي نفعي جو اڌ ڪنهن به ديني مدرسه کي مدد طور ڏنو وڃي. ڪتاب شايد ايڏو آهي جيڏو مولوي فتح محمد صاحب جو نورالايمان يااخلاق محمدي. ان ڪتاب ۾ هي به ڏيکاريو ويو آهي ته ترقي جو بهترين وسيلو آهي ٻارن کي ننڍي هوندي کان وٺي دنوي تعليم سان گڏ سليس نموني ديني تعليم ڏيڻ. مفصل طور رٿ ڏنل آهي ته ڪيئن اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ديني تعليم ڏجي، هر هڪ ڪلاس ۾ ڇاڇا سيکارجي، ان خيال سان ڏهه سال کن ٿيا جو مون ڇهه اسلامي ڪتاب اسڪولي شاگردن لاءِ تيار ڪيا. انهن جو بيان ”الوحيد“ ۾ ڏنو هوم انهن مان پهريائين ڪتاب آکاڻين ۽ قصن ۽ تاريخ جي صورت ۾ آهن. جن ماڻهن کي تعليم جو آزمودو ڪونهي تن کي خبرڪانه ٿي پوي ته شاگردن کي ڇا سمجهه ۾ اچي ٿو ۽ ڇا نه ٿو اچي ۽ ڪهڙي نموني جا ڪتاب مٿن اثر ڪري سگهن ٿا ۽ ڪهـڙا نٿا ڪري سگهن. مون کي تعليم جو آزمودو گهڻو آهي ۽ مان اميد ٿو ڪريان ته منهنجا اهي ڇهه ڪتاب مسلمان شاگردن لاءِ ڏاڍا ڪارائتا ٿيندا. خدا جي مهرباني سان سرڪار نامدار اجازت ڏني آهي ته لوڪلبورڊ اسڪول ۾ ديني تعليم رائج ڪئي وڃي. جيڪڏهن منهنجا هي ڪتاب ڇپجي پون ته اميد آهي ته گهڻا اسڪول بورڊ خوشي سان اسڪولن ۾ ديني تعليم جاري ڪندا ۽اهي ڪتاب منظور ڪندا. تنهنڪري پبلشرن کي اعلان ٿو ڪريان ته جيڪڏهن انهن ڪتابن جي ڇپائڻ جي خواهش هجين ته مون کي لکي موڪلين. شرط فقط اهو وڌو ويندو ته جڏهن ڪوبه ضلع ديني تعليم جاري ڪري اهي ڪتاب اسڪولن ۾ پاڙهڻ جو حڪم ڪندو ته پوءِ صافي نفعي جو اڌ يا گهٽ حصو ڪنهن به ديني مدرسي کي مدد طور ڏنو ويندو.
(توحيد جنوري 1936ع)