ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

صفائي

صفائي تندرستيءَ لاءِ ۽ دل ۽ دماغ جي فرحت لاءِ نهايت ضروري آهن خصوصن دماغي ڪم ڪندڙن واسطي. اسڪول جي جاءِ کي صفا رکڻ شاگردن لاءِ نهايت آسان آهي، ڇو ته ايترن شاگردن لاءِ اهو ٿورو ڪم ائين آهي جيئن ٻاڪري مال اڳيان ٽاري. اسڪول ۾ اسڪولي سامان کان سواءِ ٻيو ڪجهه به هئڻ نه گهرجي. جيڪڏهن لاچاري حالت ۾ رکڻو پوي ته اسڪول جي وقت ۾ ڪنڊائتو ۽ با ترتيب رکڻ گهرجي. صفائي اهڙي هجي جو هڪ ڪک يا هڪ ڪاغذ جو ٽڪر به ڏسڻ ۾ نه اچي ، ڇت ۽ ڀتيون به گهٽ ۾ گهٽ هفتي ۾ هڪڙو ڀيرو صفا ڪرائڻ گهرجن، نه ته به مهيني ۾ هڪ ڀيرو ته ضرور. ڪرسين ۽ ميزن ۽ ڪتابن کي وري وري ڇنڊڻ گهرجي.
سينگار ۽ معلوميات لاءِ ٻاهرين دروازي تي وڏن اکرن ۾ اسڪول جو نالو لکڻ گهرجي، ۽ ان جي ڀرسان هي حديث ترجمي سان هئڻ گهرجي: -
”طلب العلم فريضته علیٰ کل مسلم و مسلمته.“ ترجمو - علم جي طلب سڀ ڪنهن مسلمان مرد خواه عورت تي فرض آهي.
اندرين دروازي جي مٿان ڪلمو شريف معنيٰ سان هئڻ گهرجي.
لا الهٰ الا الله محمد الرسول الله
يعني خدا کانسواءِ ڪو معبود ڪونهي (جنهن جي ٻانهپ ڪئي وڃي) حضرت محمد ﷺ الله تعاليٰ جو پيغام آڻيندڙ يا موڪليل آهي. دروازي جي سامهون جاءِ ۾ اندر هي الفاظ هئڻ گهرجن:-
الله اڪبر يعني الله تعاليٰ سڀني کان وڏو آهي.
انهن کانسواءِ چونڊيل آيتون ۽ حديثون ترجمي سميت وڏن اکرن ۾ لکي ڀتين تي هڻي ڇڏڻ گهرجن. مثال طور هيٺيون آيتون حديثون ۽ قول ڏجن ٿا.
1. حديث- شرف الانسان بالعلم والحسب لابالمال والنسب يعني انسان جو شرف علم ۽ نيڪيءَ سان آهي نه دولت ۽ خاندان سان.
2. آيت - ان اڪرمڪم عندالله اتقاڪم يعني الله تعاليٰ وٽ اوهان مان وڌيڪ عزت وارو اُهو آهي جو وڌيڪ پرهيزگار آهي.
3. حديث - ومن اعظم الخطاءِ اللسان الڪذوب يعني سڀني گناهن کان وڏو گناه ڪوڙي زبان آهي.
4. حديث - المسلم من سلم المسلمون من لسانه ويده- يعني مسلمان اُهو آهي جنهن جي زبان ۽ هٿ کان مسلمان سلامت هجن.
5. حديث- والمها جرمن هجر مانهي الله عزوجل منه- يعني مهاجر اُهو آهي جو الله تعاليٰ جل شانه جي منع ڪيل شين کان پري ڀڄي.
6. حديث- اربع من ڪُنَ فيه ڪان منافقا ومن ڪانت فيه خصلة منهن ڪانت فيه خصلة من النفاق حتي يد عها اذ اؤتمن خان واذا حدث ڪذب واذا عاهد غدر واذا خاصم فجر- يعني جنهن شخص ۾ هي چار خصلتون آهن سو منافق آهي، جنهن ۾ انهن مان هڪڙي آهي تنهن ۾ نفاق جي هڪڙي خصلت آهي جيستائين ڪ ان کي ڇڏي وڃي.
1. جڏهن وٽس امانت رکجي ته خيانت ڪري
2. ڳالهائي ته ڪوڙ ڳالهائي
3. انجام ڪري ته پورو نه ڪري
4. جهيڙو ڪري ته گاريون ڏئي.
7. حديث - الجنت تحت اقدام الامهات- يعني بهشت ماءُ جي پيرن هيٺ آهي.
8. حديث - ما احب عبدُ عبند الله الاڪرم ربه عزو جل- يعني پنهنجي خالق سان محبت رکين ٿو ته پهريائين ذات انسان سان محبت رک.
9. حديث - ان الحياءَ والايمان قرناءُ جميعا فاذا رفع احدهما رفع الاخر- يعني لڄ ۽ ايمان ٻه گڏيل سڱ آهن پوءِ جڏهن انهن مان هڪڙو مٿي کڄي وڃي ته ٻيو به مٿي کڄي ٿو وڃي يعني جنهن کي حياءُ ڪونهي تنهن کي ايمان به ڪونهي.
10. حديث - لايزني الزاني حين يزني وهو مؤمن ولا يسرق السارق حين يسرق وهو مؤمن ولا يشرب الخمر حين ميشر بها وهو مؤمن ولاينتهب نهبة يرفع الناس اليه فيها ابصارهم حين ينتهبهاءَ وهو مؤمن ولايغل احد ڪم حين يغل وهو مؤمن فاياڪم ايا ڪم يعني اهو شخص مؤمن ناهي جو زنا ٿو ڪري يا چوري ٿو ڪري يا شراب ٿو پئي يا ڦر ٿو ڪري يا امانت ۾ خيانت ٿو ڪري خبردار! خبردار!!
11. حديث - اللهم اني اعوذبڪ من العجز و الڪسل والجبن- يعني اي رب سائين! مونکي جڏائي، سستي ۽ بزدلي کان پناهه ۾ رک.
12. حديث - بعثت لاتمم مڪارم الاخلاق يعني مان انهيءَ لاءِ موڪليو ويو آهيان ته اخلاقي خوبين کي ڪماليت وٺايان (يعني رسالت جو مقصد ئي آهي چڱا اخلاق سيکارڻ.)
13. لايرحم الله من لايرحم الناس يعني جو شخص ٻين تي رحم نٿو ڪري تنهن تي الله تعاليٰ به رحم نٿو ڪري.
14. حديث - خير الناس من ينفع الناس يعني سڀني کان چڱو انسان اُهو آهي جو ٻين انسانن کي فائدو پهچائي.
15. اسلام جي تعليم موجب وياج نه رڳو وٺڻ حرام آهي پر ڏيڻ به حرام آهي.
16. رشوت ڏيندڙ ۽ وٺندڙ ٻنهي تي حضرت ﷺ لعنت فرمائي آهي.
17. زواليت کان بچڻ ۽ ترقيءَ کي قائم رکڻ لاءِ ڇا هئڻ گهرجي؟
علم سان گڏ عمل يا تقويٰ يا پرهيزگاري
حڪومت سان گڏ نماڻائي انصاف ۽ رحم
ڌن سان گڏ سادگي محنت ۽ سخاوت