ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

اخلاقي ۽ مذهبي تعليم

(هيءَ تقرير 1 جنوري 1942 تي ڪراچيءَ ۾ سنڌ جي پهرين تعليمي ڪانفرنس جي اجلاس ۾ ڪئي وئي. تڏهن سنڌ جو گورنر هز ايڪسيلنسي سر هيوڊو هو جنهن صدارت ڪئي. هيءَ ڪانفرنس ٽي ڏينهن هلي هئي.)
پريزيڊنٽ، ليڊيز ۽ جينٽلمين! عام طرح سڄي دنيا ۾ قبول ڪيو ويو آهي ته تعليم جو مکيه مقصد هئڻ گهرجي، اخلاق سڌارڻ ۽ سچو انسان بنائڻ. جنهن کان سواءِ ڪا به ترقي محال آهي. ڪن ٿورن کان سواءِ هر ڪو هي به قبول ٿو ڪري، ته اخلاقي تعليم مذهب جي وسيلي ڏني وڃي، پر افسوس هي آهي ته جيڪي به ماڻهو مذهبي تعليم جي فائدي ۾ آهن، تن مان گهڻا رڳو زباني همدردي ڏيکاريندا آهن. انهن کي نه ايترو جوش آهي، نه وقت ۽ همت آهي، جو رٿ ٺاهي عمل جي ڪا ڪوشش ڪن. ڪن جو خيال آهي، ته جنهن صورت ۾ پبلڪ اسڪولن ۾ مختلف مذهبن ۽ فرقن جا شاگرد تعليم وٺن ٿا، تنهن صورت ۾ ڌرمي تعليم جاري ڪرڻ مشڪل بلڪ محال آهي پر مون کي گمان آهي، ته اهي اعتراض رڳو بهانا آهن. حقيقت هيءَ آهي، ته انهن مان گهڻن فقط دنيوي تعليم ورتي آهي، ۽ مذهبن جي واقفيت تمام ٿوري اٿن، ۽ انهن مسئلن تي پورو غور ۽ فڪر ڪو نه ڪيو اٿن. تنهنڪري مان پهريائين ٻڌائيندس ته مذهب ڇا آهي، ۽ پوءِ پنهنجي رٿ پيش ڪندس.
ڪير انڪار ڪندو، ته خدا تعاليٰ اسان ۾ ڪي جذبا ۽ جبلتون رکيون آهن ۽ انهن مان هڪڙو آهي ”مذهبي جذبو“ اوهان مان هر هڪ قبول ڪندو ته اوائلي زماني کان وٺي هر ملڪ ۽ هر قوم ۾ مذهبي جذبو ڏٺو ويو آهي. جهنگلي قومون به بالائي طاقت اڳيان سر نمائين ٿيون. ان مان کين دل جو آرام، خوشي ۽ طاقت ملي ٿي. ڪن جو خيال آهي ته مذهب فقط ڊپ مان پيدا ٿيو آهي. اها ڳالهه شايد سچي هجي، ته ڪن جهنگلي ماڻهن قدرتي مصيبتن جهڙوڪ: ڌرتيءَ جو ڌٻڏڻ، ٻرندڙ جبلن جو ڦاٽڻ، ڪالرا وغيره وقت، هراس ۾ اچي ڪنڌ نمايو هجي، پر مذهبي جذبو ضرور اڳي هن جي فطرت ۾ موجود هوندو، جو اهڙين مصيبتن جي وقت کين سجدو ٿو ڪرائي. پر ائين چوڻ ته سڀني مذهبن جو بنياد فقط ڊپ آهي، سو قطعي غلط آهي. مثلن قرآن شريف جي هر هڪ باب جي منڍ ۾ اهي الفاط آيل آهن ته: مان انهيءَ خدا جي نالي سان شروع ٿو ڪريان، جو رحم وارو ۽ مهربان آهي. جيڪڏهن مذهبن جو بنياد ڊپ هجي ها، ته ائين چيو وڃي ها ته مان انهيءَ خدا جي نالي سان شروع ڪريان، جو غضب ۽ قهر ڪندڙ، ۽ مصيبتون موڪليندڙ آهي. پر جيڪڏهن کڻي قبول به ڪجي، ته مذهبن جو بنياد ڊپ آهي، ته به ان مان اها ڳالهه ثابت نه ٿيندي، ته مذهب ڪوڙا آهن يا غلط آهن. ڇا! اسان جي سڀني عملن جو بنياد اميدون ۽ ڊپ نه آهن؟ سزا جو ڊپ يا نقصانڪار نتيجن جو ڊپ ئي اسان کي ڪيترن خراب ڪمن ڪرڻ کان روڪي ٿو. انگريزيءَ ۾ عام چوڻي آهي ته، "خدا جو خوف عقل جي شروعات آهي.“
مون کي يقين آهي ته اسان ۾ جو مذهبي جذبو رکيو ويو آهي، سو انسان جي چڱائيءَ ۽ فائدي لاءِ رکيل آهي. سڀني ملڪن ۾، سڀني علائقن ۾ ۽ خطن ۾ وڏا وڏا رشي، نبي ۽ پيغمبر پيدا ٿيا، جن اسان جي سڌاري، ترقيءَ ۽ آسودگيءَ لاءِ بنيادي اصول ۽ چال چلت جا قاعدا قانون سيکاريا. مثلن شاديءَ جي رسم تي غور ڪريو. اها رسم اوائلي زماني کان ئي پيغمبرن سيکاري، ڇو ته اهائي رسم سلامتي، امن امان ۽ تهذيب جو پهريون ڏاڪو آهي. ان کان سواءِ ماڻهو جيڪر ڪتن ۽ ٻلن جي حالت ۾ هجن ها، ۽ هڪ ٻئي کي فنا ڪري ڇڏين ها. حضرت موسيٰ تي جيڪي ڏهه حڪم نازل ٿيا تن جو مثال وٺو. انهن ئي حڪمن جي وسيلي هن مصر جي بني اسرائيل غلامن کي، جي مرده ٿي چڪا هئا، وري زنده ڪيو، ۽ کين تهذيب ۽ ترقي جي شاهي راهه تي آندو. هن مان ثابت آهي ته تهذيب ۽ ترقيءَ جو بنياد پيغمبرن جي تعليم تي آهي.
هاڻي سوال آهي ته مذهب آهي ڇا؟ دنيا ۾ ڏسون ٿا ته سڀني حالتن ۾ هڪڙو هيڊ آهي، جنهن جي ماتحت اسان ڪم ڪار ڪريون ٿا. شاگرد، ماسترن جي حڪم هيٺ، سپاهي، سپه سالار جي ماتحت ۽ رعيت، بادشاه يا ڊڪٽيٽر جي هٿ هيٺ پنهنجا پنهنجا فرض بجا آڻين ٿا. اُهو حاڪم پنهنجا فرمان ڪڍي ٿو ۽ قاعدا قانون ٺاهي ٿو، جن تي تعلق وارا عمل ڪن ٿا. پڇاڙيءَ ۾ آهي سزا يا انعام. يعني جيڪڏهن انهن حڪمن ۽ قانون تي عمل ٿو ڪجي ته فائدو يا انعام ٿو ملي، جيڪڏهن خلاف ٿو وڃجي، ته سزا ٿي ملي. هو بهو ساڳيءَ طرح مذهب به سيکاري ٿو ته: (1) اسان سڀني جو هڪ هيڊ آهي، جنهن کي خدا يا ڀڳوان ٿا ڪوٺيون (2) سندس قاعدا ۽ قانون آهن جن کي خدائي ڪتاب (مثلن قرآن شريف، انجيل، ويد وغيره) ٿا ڪوٺيون ۽ (3) اسان کي يقين هئڻ گهرجي، ته جيڪڏهن اسان خدائي حڪمن تي هلنداسون، ته هن ۽ ٻيءَ دنيا جون نعمتون ماڻينداسون، پر جيڪڏهن ابتڙ هلت وٺنداسون، ته ٻنهي جهانن ۾ مصيبتون ڏسنداسون.
مون کي خبر آهي ته ڪي تمام وڏا تعليم يافته ماڻهو خدا جي هئڻ جو انڪار ٿا ڪن. اسان هنن لاءِ اهڙن دليلن سان خدا تعاليٰ جو وجود ثابت نٿا ڪري سگهون. جهڙن دليلن سان ثابت ڪري سگهون ٿا، ته ڪنهن به ٽڪنڊي جا ٻه پاسا گڏجي ٽئين پاسي کان وڏا آهن، پر اسان هي چئي سگهون ٿا ته، (1) ڪنهن بالائي طاقت ۾ ايمان هئڻ انسان جي فطرت ۾ رکيل آهي. (2) هيءَ حيرت ۾ وجهندڙ دنيا ۽ ان جون عجيب و غريب شيون، جي سڀ مقرر قانونن تي هلندڙ آهن. (مثلن سج، ڌرتي وغيره جي گردش) تن جو ضرور ڪو خالق ۽ هلائيندڙ هوندو ۽ (3) اهي اعليٰ هستيون، جن بنا ذاتي خود غرضي جي پنهنجي جان، مال ۽ اولاد خدا جي راه ۾ قربان ڪري، انسانن جي خدمت ڪئي ۽ هنن کي وحشي تباهه ڪندڙ حالتن مان ڪڍي، سڌاري ۽ آسودگيءَ جي حالت ۾ آندو، تن سڀني شاهدي ڏني ته ڌڻي تعاليٰ آهي ۽ هن ئي اسان کي اوهان جي سڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ حڪم احڪام موڪليا آهن. پوءِ ڪهڙو سبب آهي جو اسان اهڙن اعليٰ انسانن کي ڪوڙو سمجهون؟ ڪوڙا انسان ڪڏهن به اهڙا ڪامياب ٿي نٿا سگهن، جو جاهل، جهنگلي ۽ سڃي قوم کي پڙهيل، سڌريل ۽ شاهوڪار قوم ڪري ڇڏين. انهيءَ ڪري منهن جو خيال آهي ته مذهبي تعليم جو بنياد هن ڳالهه تي رکون، ته اسان کي هڪ خدا ۾ ويساهه هئڻ گهرجي جو اسان تي مهربان آهي ۽ اسان کي آسودگيءَ ۽ ترقيءَ جي راهه تي هلائڻ ٿو چاهي.
هاڻ اچون ٿا ٻئي ويساهه تي، يعني وحيءَ ۾ ايمان آڻڻ. سڀني مشهور مذهبن جو بنياد وحيءَ تي آهي. اسان سڀئي مڃون ٿا ته ڌڻي اسان ڏي پنهن جو پيغام ۽ هدايتون پيغمبرن هٿان موڪليون آهن. پر اڄ ڪلهه جا ڪي تعليم يافته وحي ۾ ويساهه نٿا رکن. اهي چون ٿا ته ڪن چڱن ماڻهن چڱيون ڳالهيون سيکاريون، پر اُنهن کي اهي ڳالهيون خدا تعاليٰ پاڻ ڪو نه ٻڌايون، تنهنڪري اُهي ڪو هروڀرو صحيح ۽ ڪامل نه آهن. مان ڀانيان ٿو، ته انهن ۾ اهو خيال هن ڪري پيدا ٿيو آهي، جو سڀني مذهبن جي ملان فرقي، پنهنجي غرض لاءِ يا ٻين حالتن سبب اصلوڪن مذهبي ويساهن ۽ سکيائن ۾ ڦيرڦار ڪري ڇڏي آهي. جيئن سندن جڙتو ڳالهيون عقل ۽ علم وارن کي سچيون ڳالهيون ڏسڻ ۾ اچن. مگر اهي سچيون نه آهن. انهن تعليم يافته ماڻهن کي اصلوڪن ڪتابن جو مطالع ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجو غور ۽ فڪر ڪرڻ گهرجي. ائين سمجهڻ نه گهرجي، ته مذهب اهو ئي آهي، جو هاڻوڪا ملان يا پنڊت ٿا سيکارين. جيڪڏهن وحي ۾ ايمان نه رکبو ته هڪڙي وڏي مشڪلات پيدا ٿئي ٿي. اسان ڪيئن مذهبي تعليمات کي سچو ۽ ڪامل سمجهنداسون، جيڪڏهن اهو ويساه نه رکنداسون ته اهي خدا وٽان آيل آهن، پر اسان جهڙن انسانن جون سيکاريل آهن! پوءِ جيڪڏهن انسانن جون سيکاريل سمجهنداسون ۽ انهن جي سچائيءَ ۽ ڪمال ۾ شڪ آڻينداسون، ته انهن تي عمل يا ته ڪنداسون ئي ڪو نه، يا ته رڳو ڪجهه قدر. اسان جي فطرت اهڙي ڳوڙهي آهي جو ان جو ڪامل علم فقط ڌڻي تعاليٰ کي آهي، جو ان جو جوڙيندڙ آهي. تنهنڪري فقط ڌڻي تعاليٰ اسان جي رهنمائي لاءِ ڪامل هدايتون ڏيئي سگهي ٿو. تنهنڪري وحيءَ ۾ ايمان رکڻ بلڪل ضروري آهي.
پڇاڙيءَ ۾ اچون ٿا ٽئين ويساهه تي. اهو هي آهي ته اسان جيڪي عمل هن دنيا ۾ ڪيون ٿا، تن جو جو نتيجو نه رڳو هن دنيا ۾ ڀوڳيون ٿا پر مرڻ کان پوءِ به ڀوڳيون ٿا. مرڻ کان پوءِ ڇا ٿو ٿئي ۽ ڪهڙن نمونن ۾ اسان جي عملن جو نتيجو ظاهر ٿيندو، تنهن بنسبت اختلاف راءِ آهي. مگر هن ڳالهه بنسبت اختلاف راءِ ٿي نٿو سگهي ته اسان جيڪي به ڪيون ٿا، چئون ٿا، بلڪ خيال پچايون ٿا، تن سڀني جا نتيجا آخر ظاهر ٿين ٿا. سائنس موجب سڀ ڪنهن شي کي اثر آهي، سڀڪنهن عمل جو نتيجو ٿئي ٿو ۽ سڀڪنهن نتيجي کي ڪو نه ڪو سبب آهي. دنيا سببن ۽ نتيجن جو مجموعو آهي. جيڪڏهين اسان چڱا عمل ٿا ڪيون ته نقصان ۽ مصيبتون ٿا ڏسون. سڀني مذهبن اها ڳالهه سيکاري آهي ته مرڻ کان پوءِ اسان جو روح جيئرو رهي ٿو هن دنيا ۾ ڪيل عملن جا نتيجا ڀوڳي ٿو.
اهو خيال بلڪل غلط آهي ته مذهب هر هڪ شخص جو خانگي معاملو آهي، جو فقط ساڻس ئي تعلق ٿو رکي. اهو خيال به بلڪل غلط آهي ته فقط روحانيت يا تصوف يا خيال کي طاقت وٺائي، ڪشف ڪرامت ڪرڻ مذهب آهي. حقيقت هيءَ آهي ته مذهب زندگيءَ جا اهي سڀ بنيادي ۽ دائمي سچا اصول ۽ چال چلت جا قانون ٿو سيکاري، جن تي (اسان کي دنيا جي سڀني ڪمن تي، جو چوويهه ئي ڪلاڪ ڪيون ٿا) عمل ڪرڻو آهي. مذهب ئي سيکاري ٿو ته گهر ۾ هڪ ٻئي سان ڪهڙي هلت هلجي ۽ ماءُ پيءُ ۽ اولاد جا ڪهڙا فرض آهن. زال مڙس جا هڪ ٻئي تي ڪهڙا حق آهن. پاڙيوارن يا ڌارين سان ڪهڙي روش وٺجي. پنهنجي مذهب وارن سان ڪيئن هلجي. واپار، ڌنڌا ۽ ٻيا دنيوي معاملا ڪهڙن اصولن تي هلائجن. سول ۽ فوجداري قانون ڪهڙي بنياد تي ٻڌڻ گهرجن. شادي، طلاق ۽ ورثو وغيره جا اصول ڪهڙا هئڻ گهرجن. حڪومت جو سرشتو، جنگ ۽ صلح جا قانون، حاڪمن ۽ رعايا جا حق ۽ فرض ڪهڙا هئڻ گهرجن. انهن ۽ ٻين قاعدن جا بنيادي اُصول ۽ قانون، جي دائمي طور سچا هجن، سي فقط ڌڻي تعاليٰ ئي سيکاري سگهي ٿو. حڪومت جو فرض آهي ته زور ۽ زبردستيءَ سان خدائي قانونن کي عمل ۾ آڻائي. مثلن: زنا، جوئا، نشي وغيره بند ڪرڻ جا اپاءَ وٺڻ سرڪار جو ئي فرض آهي، تنهنڪري مان وري به چوان ٿو ته مذهب رڳو شخصي معاملو نه آهي.
جيڪي ڪم خالص ڌرمي چيا وڃن ٿا، سي آهن: نماز يا پوڄا، روزا يا ورت، حج يا تيرٿ. نماز يا دعا يا پوڄا دل کي شانتي ڏين ٿا، روح کي شريف ۽ پاڪ ڪن ٿا، نماز ڌڻيءَ جي يادگيري ۽ ڌڻيءَ جيڪي اسان کي فرض سيکاريا آهن، تن جي يادگيري ڏياري ٿي. روزا يا ورت پاڻ تي ضابطو رکڻ سيکارين ٿا ۽ ارادي جي قوت کي زور ٿا وٺائين. حج يا تيرٿ ڪنهن مقرر جاءِ تي مقرر وقت تي بجا آڻڻ سان اهڙو موقعو ملي ٿو، جنهن تي مفيد ڪانفرنسون ۽ چڱو پروپئگنڊا ڪري سگهجي ٿو. مذهبي، واپاري ۽ سياسي معاملن بنسبت تبادله خيالات ۽ تدبيرون ڪري سگهجن ٿيون ۽ تعلقات قائم ڪري سگهجن ٿا. فيلسوف، سائنسدان، عالم، شاعر ۽ تعليمي ماهر مختلف ملڪن جا گڏجي ترقيءَ جا اپاءَ سوچي سگهن ٿا.
سڀني اسڪولن ۾، ڏينهن ۾ ڪم از ڪم هڪ ڀيرو پرارٿنا يا مناجات ڪري سگهجي ٿي. اهڙيون سهڻيون پرارٿنائون رٿي سگهجن ٿيون، جي سڀني مذهب وارن لاءِ وڻندڙ ۽ مفيد ٿين، اهي پرارٿنائون بهترين آهن، جن ۾ سڌيءَ طرح يا اڻ سڌيءَ طرح اسان جي روزاني فرضن ۽ جوابدارين جو ذڪر ٿئي.
ٻيون مذهبي تعليمات يا سکيائون، جن جو دنيا جي سڀني معاملات ۽ امورن سان تعلق آهي سي ايتريون گهڻيون آهن، جو انهن جو بيان هتي آڻي نٿو سگهجي. انهي جو مقصد آهي اسان جي بدني، دماغي، اخلاقي ۽ مادي ترقي.
اوهان مان گهڻائي ضرور چوندا ته اسڪول ۾ اهڙا نازڪ ۽ خطرناڪ مسئلا ڪيئن سيکاربا. خصوصن هن حالت ۾ جو شاگرد مختلف مذهبن ۽ فرقن جا آهن. منهنجو جواب هي آهي ته سڀ مذهب ڪي بنيادي اصول سيکارين ٿا، جيڪي سڀني قومن ۽ سڀني زمانن لاءِ سچا ۽ ڪار آمد آهن.
سڀني مذهبن جو بنيادي اصول آهي خدا ۽ قدرت جي قانونن جي پيروي ۽ ذات پات جي ڀيد کانسواءِ سڀني انسانن سان انصاف رحمدلي ۽ خير خواهي. مذهب نه رڳو بي ريائي، ڪشاده دلي ۽ رواداري جا جذبات ٿو پيدا ڪري، پر گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ هڪٻئي کي مدد ڪرڻ ۽ هڪ ٻئي سان چڱاين ڪرڻ جومادو پيدا ٿو ڪري. في الجمله مذهب جو جوهر آهي خدا ۽ خلق سان محبت. جنهن ۾ صورت ۾ علم ۽ ترقيءَ جو بنياد آهي، تنهن صورت ۾ مذهب، علم ۽ هنر سکڻ، ايجادات ڪرڻ ۽ دنيا جي موجودات کان انسان جي ڀلي لاءِ ڪم وٺڻ تي زور ٿو ڏئي.
هاڻي مان ان سوال تي ٿو اچان، ته گناه جا ڪم ڪهڙا آهن ۽ ثواب جا ڪهڙا؟ جيڪي مٿي چيو اٿم، تنهن مان ئي توهان سمجهيو هوندو ته اهي سڀ ڪم جن جو آخري نتيجو آهي ترقي ۽ خوشي، سي چڱا ڪم آهن ۽ جن جو آخري نتيجو آهي سڃائي ۽ ڏک يا مصيبتون، سي آهن گناه جا ڪم. انهيءَ معنيٰ ۾ هڪڙي پائي اڇلائي ڇڏڻ يا هڪڙو ان جو داڻو ضايع ڪرڻ، سو به گناهه آهي. جائز طور هڪ پائي ڪمائڻ ۽ هڪ ان جو داڻو پيدا ڪرڻ، سو به ثواب جو ڪم آهي. هاڻي جڏهن گناهه جا ڪم اسان کي دکن ۽ مصيبتن ۾ وجهن ٿا، ته پوءِ گناهه جا ڪم ڪيون ڇو ٿا؟ سبب آهي جهل ۽ بيوقوفي. اسان مان ڪي ٿورا اهڙا بيوقوف هوندا جي باه ۾ هٿ وجهندا، ڇو ته کين يقين آهي ته باه ۾ هٿ وجهبو، ته نه رڳو ايذاءُ ايندو، پر سڙي به ويندو. پر اسان، جو ڪوڙ ٿا ڳالهايون يا ٺڳي ٿا ڪيون يا وعده شڪني ٿا ڪيون يا نشو، زنا، جوا ۽ چوري وغيره ٿا ڪيون، سو رڳو انهيءَ ڪري، جو بر وقت ان مان فائدي يا خوشي جي اُميد ٿا رکون يا ترت فائدو ۽ خوشي حاصل ٿي ٿئي. اسان اهو خيال نٿا ڪيون، ته انهن مان ٻين کي نقصان ٿو رسي ۽ آخر ۾ ٻين کان به پاڻ کي وڌيڪ ٿو نقصان پهچي. اسان کي جيڪڏهن علم ۽ عقل هجي ۽ غور ۽ فڪر کان ڪم وٺون ۽ دنيا ۾ جيڪي ڏسون وائسون ٿا ۽ تاريخ ۾ جيڪي پڙهون ٿا، تنهن تي نظر ڪيون ته اسان کي يقين ٿي وڃي ته چڱن لڇڻن جو نتيجو آهي ترقي، خوشي ۽ آسودگي ۽ بدعملن ۽ بد اخلاقن جو آخر نتيجو آهي سڃائي، دک ۽ مصيبتون، بلڪ تباهي ۽ بربادي. فردن خواه قومن اها حقيقيت وساري ڇڏي آهي ته ٻين سان بي انصافي، ظلم ۽ ٻين کي نقصان رسائڻ مان آخر پنهنجي بربادي ٿئي ٿي ۽ ٻين سان چڱائي ڪرڻ سان آخر پنهنجي چڱائي ٿئي ٿي. سڀ مذهب ۽ فيسلوف چئي ويا آهن، ته ”ڀلو ڪر، ته ڀلو ٿئي“ ۽ ”جيڪو ٻين لاءِ کڏ ٿو کڻي تنهن ۾ پاڻ ٿو پوي.“ ڪي گناه مثلن اسراف يعني گهڻو ۽ اجايو خرچ ڪرڻ ۽ نشو ڪرڻ، ظاهر ۾ فقط پاڻ لاءِ نقصانڪار آهن پر حقيقت ۾ انهن مان نه رڳو پنهنجي اولاد ۽ آڪهه کي پر سڄي ملڪ ۽ قوم بلڪ دنيا کي نقصان ٿو رسي. تنهنڪري سڀ گناهه نه رڳو پاڻ کي، پر ٻين سڀني کي نقصان ٿا رسائين ۽ سڀ چڱا ڪم نه رڳو پاڻ کي، پر ٻين سڀني کي فائدو ٿا پهچائين. تنهنڪري سڀني فردن ۽ قومن جو فرض آهي ته پنهنجي ئي چڱائيءَ لاءِ ڪنهن به خرابيءَ ۽ گناهه کي شروعات ۾ ئي روڪي ڇڏين ۽ اُسرڻ ئي نه ڏين ۽ ٻين کي چڱن عملن ڪرڻ جي تعليم ۽ ترغيب ڏين. ڏسو ته ڪنهن شخص جوا ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي ته اسان سڀني جو فرض آهي ته هن جي چڱائيءَ ۽ ٻين جي چڱائيءَ لاءِ هن کي هڪدم روڪيون، نه ته اسان سڀني لاءِ خرابيون پيدا ٿينديون. اسان غفلت ڪري خرابين کي وڌڻ ٿا ڏيون. مذهبي تعليم ڏيڻ وقت هن نڪته تي زور ڏيڻ گهرجي ته گناهه کي سخت نفرت سان ڏسجي ۽ انکي سختيءَ سان روڪجي، مگر گنهگار کي نه ڌڪارجي، اٽلندو مٿس ارمان کائڻ گهرجي ۽ سندس ئي چڱائي لاءِ هن کي سڌارڻ گهرجي. هن کي سڌارڻ لاءِ پهريائين نرم اپاءِ وٺجن پر جي اهي ڪارگر نه ٿين ته پوءِ لاچار سخت اپاءَ به وٺجن. بائبل ۾ آهي ته حضرت عيسيٰ ؑ فرمايو آهي ته ”پنهنجي دشمن کي به پيار ڪريو.“ مان ته چوان ٿو ته دشمن به ڪنهن کي ڇو سمجهڻ گهرجي؟ جيڪڏهن ڪو به شخص مون سان بي انصافي يا ظلم ٿو ڪري، ته حقيقت ۾ پاڻ سان ٿو ظلم ڪري ۽ پاڻ ئي مصيبتن ۾ پوندو. تنهن ڪري مون کي مٿس افسوس ۽ رحم ڪرڻ گهرجي ۽ کيس سڌارڻ لاءِ هر قسم جا حيلا هلائڻ گهرجن.
گناهن ۽ چڱن ڪمن جي لسٽ ڏيڻ توهان کي ٻاراڻي ڳالهه لڳندي ۽ شايد ورچائيندي، پر مذهب جي حقيقت بيان ڪرڻي هجي ۽ گناهه ۽ ثواب جا ڪم نه ٻڌائجن، ته پوءِ بيان اڻپورو رهجي ويندو. تنهنڪري مجبورن مون کي لسٽ ڏيڻي پوي ٿي:
1) ڪوڙ، ٺڳي، بي ايماني، انجام ۽ عهد نامان ڀڃڻ، منافقي ۽ سياسي چالبازي.
2) فاحش ۽ بيشرميءَ جي گفتگو، زنا ۽ ٻيون اهڙيون بڇڙايون، جوا ۽ نشو.
3) چوري، ڦر، پرائو مال ڦٻائڻ، وياج ّخوري، ظلم ۽ خونريزي.
4) گاريون ڏيڻ، بي عزتي ڪرڻ، جهيڙو ڪرڻ، وڙهڻ، ٻئي جا جذبات يا دل ڏکوئڻ.
5) چيڙائڻ، بدناموسي ڪرڻ، گلا غيبت ڪرڻ ۽ ٻين جي ڪمن جي جاسوسي ڪرڻ.
6) سستي، گهڻو ۽ اجايو خرچ ڪرڻ ۽ پنڻ.
7) پئسي خاطر، رشوتخوري ۽ بي ايمانيءَ سان نوڪري ڏيڻ.
جهل يعني اڻڄاڻائي انهن سڀني گناهن جو بنياد آهي.
چڱا ڪم جن جو بنياد آهي علم ۽ عقل سي آهن:
(1) محبت، سچائي، فراخدلي، مهربان رهڻ، رحم ڪرڻ، ٻئي کي عزت ڏيڻ، حياءُ لڄ، خراب ڪمن ۽ گناهن لاءِ نفرت ۽ ڌڪار، اورچائي، سخاوت، سڀني ڪمن ۾ اعتدال وارو درميانو رستو اختيار ڪرڻ، سڀ خلق لاءِ پيار ۽ همدردي، تقصير معاف ڪرڻ، ايمانداري، صلح پسندي، همت، شجاعت ۽ مردانگي، محنتي ٿيڻ ۽ وقت جي پابنديءَ سان روزانو ڪم ڪرڻ، سادگي، ڪفايت شعاري ۽ صفائي.
اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته انهن گڻن جي استعمال ۾ عقل کان ڪم وٺجي ۽ مناسب حالتون ويچار هيٺ آڻجن، نه ته چڱي ۾ چڱو گڻ به وڏو گناهه ٿيو پوي. مثلن دائمي چور ۽ ڳنڍيڇوڙ جو ڪنهن به حيلي سان نٿو سڌري، تنهن تي رحم ڪرڻ آهي ٻين سڀني تي ظلم ڪرڻ، اهڙي ماڻهوءَ کي خيرات ڏيڻ، جو طاقت وارو آهي ۽ ڪمائي سگهي ٿو يا گهر ۾ گهڻو ڪجهه اٿس يا جوا ۽ نشو وغيره ڪندڙ آهي، ثواب جو ڪم نه آهي، پر اٽلندو گناهه جو ڪم آهي.
مون کي خبر آهي ته ڪن گناهن ۽ ثوابن جي ڪمن بنسبت راءِ جو اختلاف آهي. مثلن اهڙا به گهڻا آهن، جي شراب، وياج خوري ۽ جوا کي گناهه نٿا سمجهن.
بلڪل مختصر طور ٻڌايو اٿم ته مذهب ڇا آهي يا ڇا هئڻ گهرجي. هاڻي اچان ٿو بلڪل مشڪل سوال تي، اسڪولن ۾ مذهبي تعليم ڪيئن جاري ڪجي. اها ڳالهه ظاهر آهي ته مختلف مذهبن ۾ نماز، روزن، حج، سخاوت وغيره جا طريقا جدا جدا آهن. شادي، طلاق، ورثو ۽ کائڻ پيڻ جا قانون به جدا جدا آهن. تنهنڪري ضروري آهي ته هر هڪ مذهب وارن لاءِ مذهبي تعليم جو بندوبست جدا جدا ڪجي. انهيءَ تي ٻه اعتراض اٿي سگهن ٿا. (1) جدائي، بي اتفاقي ۽ دشمني پيدا ٿئي ٿي. (2) جدا جدا بندوبست رکڻ مشڪل بلڪ ڪن حالتن ۾ محال آهي.
پهرين اعتراض بنسبت مون اڳيئي چيو آهي ته سڀ ڪنهن مذهب جو بنيادي اصول هئڻ گهرجي، سڀني انسانن لاءِ محبت ۽ همدردي. جيڪڏهن انهيءَ اصول تي سڄي مذهبي تعليم ٻڌل هجي ته پوءِ دشمني پيدا ٿيڻ جو امڪان ئي ڪونهي. پوئين اعتراض به نبست منهنجي رٿ هيءَ آهي ته هر هڪ مذهب جا وڏا عالم پنهنجي پنهنجي مذهب جي شاگردن لاءِ سليس مذهبي درجيوار ڪتاب تيار ڪن ۽ جناب ڊائريڪٽر صاحب ڏانهن ڏياري موڪلين ته هو صاحب مختلف مذهب جي ميمبرن جي مدد ۽ صلاح سان ڏسي ته انهن ڪتابن ۾ ڪابه اهڙي ڳالهه ته ڪانهي، جا ٻين مذهبن وارن لاءِ اعتراض جوڳي هجي. جڏهن اُهي ڪتاب درستين بعد آخرين طور سڀني کي قبول پون، تڏهن بنا ڪنهن خطري جي اسان جا رواجي ماستر اُهي ڪتاب اسڪولن ۾ پاڙهي سگهن ٿا. رٿ هيءَ آهي، ته جتي جتي ٿي سگهي اتي ٻه يا ٽي پيرڊ هفتي ۾ هر هڪ ڪلاس لاءِ يا ٻن ٽن ڪلاسن لاءِ گڏ مذهبي تعليم لاءِ مقرر ڪجن. انهن پيرڊن ۾ هندو ماستر هندو شاگردن کي ۽ مسلمان ماستر مسلمان شاگردن کي، جدا جدا ڪمرن ۾ وٺي وڃي اُهي ڪتاب سيکارين. وڌيڪ خاطريءَ لاءِ ماسترن کي سخت تاڪيد ڪجي ته انهن ڪتابن کان ٻاهر پنهنجون ڳالهيون ۽ پنهنجا خيال نه سيکارين. جتي اهڙو بندوبست نه ٿي سگهي، اُتي فقط اهي مذهبي اُصول ۽ چال چلت جا قانون سيکارجن، جي سڀني مذهبن وارن وٽ مقبول ۽ پسند هجن. انهيءَ لاءِ به درجيوار ڪتاب تيار ڪجن، جي جناب ڊائريڪٽر صاحب ڏانهن منظوريءَ لاءِ موڪلجن. هندو، مسلمان، ڪرستان، پارسي وغيره اهڙا ڪتاب پنهنجي عقل موجب انهيءَ خيال سان لکن ته انهن ڳالهين تي ٻين مذهب وارن جو ڪو به اعتراض اٰٿي نه سگهي. پوءِ اهي مصنف هڪ ٻئي جا لکيل ڪتاب پڙهي ڏسن ۽ جدا پني تي نوٽ ۽ ريمارڪ ڪن. پوءِ پاڻ ۾ گڏجي بحث مباحثي بعد درستيون ڪري، هڪڙو ئي سلسلو ڪتابن جو تيار ڪن، جو سڀني مذهب جي شاگردن لاءِ ڪارائتو سمجهي سگهجي. هيءُ هڪڙو بلڪل نئون ۽ دلچسپ تجربو ٿيندو. مان پاڻ اهڙن ڪتابن لکڻ لاءِ تيار آهيان، جي فقط مسلمانن لاءِ ڪارائتا ٿين ۽ پڻ اهڙا ڪتاب ٺاهڻ لاءِ تيار آهيان،جي سڀني مذهبن جي شاگردن لاءِ ڪارائتا هجن.
هيءَ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته انسان جي فطرت (Human nature) سڄي دنيا ۾ سڀني زمانن ۾ ساڳي رهي آهي ۽ رهندي. سڄي دنيا جي سڀني ماڻهن کي شيڪسپيئر جون تصنيفون وڻن ٿيون ۽ قيامت تائين وڻنديون رهنديون، ڇو ته هن انساني فطرت جو صحيح نقشو ۽ نقش ڪڍيو ۽ چٽبو آهي. جهڙيءَ طرح انساني فطرت سڀڪنهن هنڌ ساڳي آهي، تهڙيءَ طرح حق يا سچ سڀني ماڻهن لاءِ سڀني زمانن ۾ ساڳيو ئي رهيو آهي. تنهنڪري دنيا جي سڀني ماڻهن لاءِ، پوءِ ڪهڙي به مذهب جا هجن، پر انهن لاءِ ساڳيا مذهبي ڪتاب تيار ڪرڻ محال بلڪل ناهي. اهو هڪڙو اهڙو عاليشان مقصد آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪيتري به تڪليف وٺجي، سا ٿوري آهي.
هيءَ ڳالهه به ياد رکڻ گهرجي ته سچي مذهبي تعليم، جا علم ۽ عقل موافق هجي، تنهن جي نه هئڻ جي حالت ۾عام ماڻهن ۾ نقصانڪار ڀرم، سنسا ۽ تباهه ڪندڙ رسمون رائج ٿي ويون آهن، جي نه رڳو ترقيءَ جي آڏو اچن ٿيون، پر ماڻهن جي اخلاقي، دماغي ۽ مالي حالت خراب ڪن ٿيون. تنهنڪري نهايت ئي ضروري ڳالهه آهي ته سڀني ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي صحيح مذهبي تعليم ڏجي.
آخر ۾ اچو ته سڀئي گڏجي خدا کان دعا گهرون، ته دنيا جون سڀ قومون آزاديءَ ۽ صلح جي وايو منڊل ۾ سڌارو ۽ ترقي ڪن، دعا گهرون ته بي انصافي ۽ ظلم دنيا جي سطح تان هميشه لاءِ دفع ٿي وڃن ۽ اسان سڀيئي دنيا ۾ امن امان، آرام، صلح، محبت ۽ همدرديءَ سان رهون ۽ پنهنجا پنهنجا فرض بجا آڻيون. آمين
(پهرين تعليمي ڪانفرنس منعقد 1 جنوري 1942ع جي موقعي تي ڪيل تقرير)