ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

وزير ۽ ڪامورا

وزير ۽ ڪامورا نڪته چيني سهڻ لاءِ تيار ناهن ڇو ته فطرتاً هر ڪو چاهي ٿو ته هر هڪ منهنجي ساراه ۽ واکاڻ ڪري نه گلا يا عيب جوئي. ان کانسواءِ وزير ۽ ڪامورا ڄاڻن ٿا ته جيڪڏهن اسان جا ڪڌا ڪرتوت ظاهر ٿينداته نه رڳو اسان جا مطلب ۽ خواهشون روڪجي پونديون پر ممڪن آهي ته خود وزارت يا نوڪريءَ تان ئي ڪري پئون. تنهنڪري هو لاچار انهن ماڻهن خلاف قدم کڻن ٿا جي سندن عيب ظاهر ڪن ٿا. اهڙن قدمن کڻڻ لاءِ لاچار هو ڪوڙيون تهمتون ٺاهين ٿا. ڪڏهن ته بنا ڪيس جي سيفٽي ائڪٽ هيٺ انهن کي جيل ۾ اماڻين ٿا. هو شايد اهي اجايا دليل ڏيندا هوندا ته اڃا پاڪستان تازو ٺهيو آهي تنهنڪري عوام ۾ چر پر پيدا ڪرڻ ۽ منجهن ناراضپو پيدا ڪرڻ پاڪستان لاءِ خطرناڪ آهي. ڇو ته انهيءَ ڪري ممڪن آهي ته ماڻهو حڪومت خلاف بغاوت ڪن. مگر دل ۾ هو ڄاڻن ٿا ته پاڪستان جا مسلمان بغاوت ۽ فسادن کان سوَ ڪوهه پري آهن. هو حڪومت سان سچار ۽ وفادار آهن. سندن سچائي ۽ وفاداري جي ڪري ئي پاڪستان ۾ ڪابه گڙٻڙ ڪانه ٿي آهي ۽ پاڪستان کي سڄي دنيا ۾ عزت سان ڏٺو ٿو وڃي. سچ پچ به بغاوت اسلام جو ضد آهي ۽ پاڪستانين کي پنهنجي فائدي لاءِ پاڪستان کي زور وٺائڻ لاءِ سورهن آنا امن امان ۾ رهڻ گهرجي. پر انهيءَ جو مطلب اهو ناهي ته عوام کي يا پبلڪ کي سمهي ننڊ ڪرڻ گهرجي ۽ گهٽجي مري وڃڻ گهرجي، پر ڇا ظالمن جي ظلم جي ڳالهه به ڪرڻ نه گهرجي. نه نه، هرگزنه . عوام ۽ پبلڪ جو پهريون فرض اهو آهي ته پنهنجون تڪليفون ۽ زميندارن، ڪامورن، وزيرن ۽ ظالمن جا ظلم ۽ ڪارنامه بنا ڊپ جي تقريرن ۾، اخبارن ۾، رسالن ۾ ۽ ڪتابن ۾ هر روز ۽ هر گهڙيءَ ظاهر ڪندا رهڻ گهرجن، بلڪ طاقت آهر ظلم جو مقابلو به ڪندو رهڻ گهرجي ۽ ائين ڪرڻ ۾ جيڪي تڪليفون درپيش اچن سي صبر ۽ ثابت قدمي سان سهندا رهن. پوءِ الله تعالى جي رحمت جو درياهه جوش ۾ ايندو ۽ ظلم لهي ويندا. ظالم غائب ٿي ويندا، عوام آزاد خوشحال ۽ آسودو ٿيندو ۽ اسان جو پيارو وطن پاڪستان ترقي ڪري طاقتور ٿيندو.
اسان جي ملڪ ۾ اسي يا نوي سيڪڙو ماڻهو مسڪين هاري ۽ مزدور آهن، جن مان گهڻا ته اڻ پڙهيل آهن. اهي ويچارا ايتري قدر مسڪين آهن ۽ جو ڍو تي کاڌو ڪونهين. کير مکڻ کان گهڻي قدر محروم آهن، ڪپڙو جان تي پورو ڪونهين، سياري جي سردي کان بچڻ لاءِ نه پورو ڪپڙو اٿن نه سوڙيون اٿن. جهوپڙيون به اهڙيون اٿن جن ۾ اونهاري ۾ گرميءَ ۾ ڪو سو واءِ ۽ سياري ۾ ٿڌي هوا ڇوٽ هلي اچي. بيمارين ۾ علاج ڪرائڻ لاءِ کين پيسو ڪونهي. سڌريل ملڪن جا هاري ۽ پورهيت اسان جي ملڪ جي هارين ۽ پورهيتن کان ڏهوڻ ڪمائين ٿا ۽ نهايت خوشحال آهن. اهڙين حالتن ۾ اسان جي زميندارن، ڪامورن ۽ وزيرن کي ڪو رحم نه ٿو اچي. پر اٽلندو مٿن ظالم ٿا ڪن ۽ پاڻ هزارين رپيا هٿ ڪري هر طرح جون موجون ٿا ماڻين.
حڪومت جا ڪار بردار تقريرن ۽ اخبارن جي وسيلي خوب پروپئگنڊا ڪندا ٿا رهن ته اسان ڏاڍو ڪم ڪيو آهي. پاڪستان جو منهن مٿي ڪيو اٿئون. (اسان جون اکيون ٿڌيون) مگر ان سان گڏ ٿورڙن لفظن ۾ هي به چوندا آهن ته افسوس جو اسان جي ماڻهن جي زندگيءَ جو معيار بلڪل هيٺ آهي ۽ افسوس جو مجبورين سبب اهو معيار بلند ڪري نه سگهيا آهيون. وڏي مجبوري هيءَ ٻڌائيندا آهن ته دشمنن جي حمله جي خطري سبب وڏو خرچ لشڪر ۽ جهازن تي ڪرڻو ٿو پوي. پر هنن کان ڪو پڇڻ وارو آهي ئي ڪونه ته توهان عوام جي لاءِ جيڪي ڪم بنا خرچ ڪري سگهو ٿا سي ڪيو ٿا ڇا؟ توهان وڏيون پگهارون ڇو ٿا کڻو؟ رشوتون ۽ رسايون ڇو ٿا وٺو؟ زميندارن جون دعوتون ۽ شڪار پارٽيون، ڊنر ائٽ هوم ڇو ٿا وٺو؟ تجمل ۽ ڏيکاؤ تي ڇو ٿا خرچ ڪريو ؟ ڪامورن ۽ زميندارن جي رشوتن ۽ ظلمن کي بند ڪرڻ لاءِ ڇا ٿا ڪيو؟ پنهنجن دوستن ۽ مائٽن کي وڏا وڏا عهدا ڇو ٿا ڏيو؟ سرڪاري خزانو جيڪو پبلڪ مان ٿو اچي سو بيدرديءَ سان ڇو ٿا لٽيو؟ ڇو ايترا ڪلارڪ ۽ عهديدار ٿا رکو جن جي ضرورت ئي ڪانهي ۽ جن کي ڪم ئي ڪونهي؟ ڇو نه ٿا آفيسن ۾ وڃي ڏسو ته گهڻائي ڪلارڪ ماٺ ڪيو ڳالهيون ويٺا ڪن؟ ڇو ٿا اجايا گشت ڪيو جن ۾ لکين رپيا خرچ اچي ٿا وڃن؟ ڇو ٿا ايترا سفير ۽ هاءِ ڪمشنر مقرر ڪيو ۽ ڇو ٿا وڏا وڏا وفد مختلف ملڪن ۾ موڪليو؟ ڇو نه ٿا شراب وغيره بند ڪيو ته ماڻهن جو پيسو بچي؟ سڀني کاتن جو انتظام درهم برهم ڇو ٿيو آهي؟ شاهوڪارن خواهه مسڪينن جي اخلاقن سڌارڻ لاءِ ڪهڙي پروپئگنڊا ۽ ڪهڙا عملي قدم ٿا کڻو؟ چونڊن جو طريقو ڇو نه ٿا سڌاريو ۽ چونڊن ۾ دست اندازي ڇو ٿا ڪريو. وغيره وغيره. (توحيد- مارچ 1951)

q