ملا اسڪولن جو دفتر
1. جيڪڏهن سرڪاري سامان مليل هجي ته پهريائين صفحي تي ان جي لسٽ لکي ڇڏجي، بلڪ ٻه يا ٽي صفحا اُن لاءِ ڇڏي ڏجن. هر هڪ شيءِ ۽ انجو عدد هڪ ٻئي کان پري لکجن.
مثلن- سڄي صفحي تي فقط 8 شيون لکجن - انهن ڀرسان ساڳيءَ سٽ ۾ لکجي، ته اُها شيءِ ڪڏهن ملي. جڏهن ڪا شيءِ لسٽ تان لهي ته لکي ڇڏجي ته بالا آفيس جي ڪهڙي حڪم نمبر مورخه موجب لسٽ تان لاٿي ويئي. فارم جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:-
شيءِ جو نالو
1 عدد
2 ملڻ جي تاريخ
3 لسٽ تان لهڻ جي تاريخ ۽ نمبر
4
2. شاگردن جي نالن کان اڳ ۾ ساڳئي صفحي تي معلمن جا نالا هئڻ گهرجن ۽ اُهي معلم روزمرهه باقاعدي پنهنجي حاضري صحيحن سميت ڀريندا رهن. شاگردن جي حاضري ڀرڻ مهل هر روز نالا پڪارجن ۽ حاضر شاگرد ”حاضر سائين چوندا وڃن.“
3. ڪوڙي حاضري ڪڏهن نه ڀرجي يعني غير حاضر شاگرد هرگز نه لکجي، نڪي اهڙو شاگرد داخل ڪجي جو نه پڙهندو آهي يا اسڪول ڇڏي ويو آهي.
4. پهريائين ڇوڪرن جا نالا درجيوار لکي وڃجن پوءِ ڇوڪرين جا.
5. ڪلاس ڪلاس جي ٻارن جو نمبر هئڻ گهرجي. اِن لاءِ ته خبر پوي ته هر ڪلاس ۾ ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڪيتريون ڇوڪريون آهن. انهن نمبرن جي سڄي پاسي وري جريان نمبر ڇوڪرن لاءِ يڪو ۽ ڇوڪرين لاءِ ڌار لکي ڇڏجي. جريان نمبر جي پوين انگن مان خبر پوندي ته ڪل ڪيترا ڇوڪرا ۽ ڪل ڪيتريون ڇوڪريون داخل آهن.
6. هر هڪ شاگرد جي نالي پٺيان کٻي پاسي کان سندس عمر لکي ڇڏجي. سمجهيو ته ڪنهن شاگرد جي عمر داخلا ٿيڻ وقت پنج ورهيه ۽ چار مهينا آهن ته هيئن لکجي. 4 - 5 ائين هميشه لکندو رهجي. عمريون لکڻ تمام ضروري آهن:
7. هر روز حاضري ڀرڻ بعد ڏسجي ته ڪيترا ڇوڪر ۽ ڪيتريون ڇوڪريون اُن ڏينهن حاضر ٿيون پوءِ اُن ڏينهن تاريخ واري خاني ۾ پوئين ڇوڪر جي حاضريءَ جي هيٺان حاضر ڇوڪرن جي عدد ۽ پوئين ڇوڪريءَ جي حاضري جي هيٺان حاضر ڇوڪرين جو عدد ۽ پوءِ جملي حاضر ٻارن جو عدد لکي ڇڏجي. مهيني جي آخر ۾ سڀني تاريخن ۾ جمله حاضر ٻارن جو عدد جوڙ ڪجي. پوءِ ڏسجي ته اُن مهيني ۾ ڪيترا ڏينهن اسڪول کليل رهيو پوءِ اُنهن ڏينهن جي عدد سان جمله حاضريءَ کي ونڊ ڪجي ته سراسري حاضري نڪري ايندي. سمجهو ته ڪنهن اسڪول ۾ داخل 30 ڇوڪرا ۽ 10 ڇوڪريون آهن روزاني حاضري 25 ۽ 8 = 33 يا 24 ۽ 7 = 31 يا 28 ۽ 9 = 37 وغيره وغيره آهي ۽ اُنهن انگن جو جوڙ 600 + 168 = 768 آهي ۽ ان مهيني ۾ اسڪول 24 ڏينهن کليل رهيو آهي ته 600 ۽ 168 کي 24 سان ونڊ ڪجي پوءِ سراسري حاضري نڪرندي 25 ڇوڪرن جي ۽ 7 ڇوڪرين جي ۽ جمله سراسري ٿيندي 32.
8. جڏهن ڪو به نئون شاگرد داخل ٿئي تڏهن جنهن ليڪ تي ان جو نالو داخل ڪجي تنهن ليڪ جي پڇاڙيءَ ۾ يعني کٻي صفحي جي پڇڙيءَ تي سندس بدن جو ڪو اهڙو نمايان نشان لکي ڇڏجي جو ڪنهن به ٻئي شاگرد ۾ نه لڀي. ان مان هي فائدو ٿيندو جو ممتحن جيڪڏهن ڪنهن شاگرد بابت شڪ آڻيندو ته سچي شاگرد بدران ٻيو ورهايو ويو آهي ته هڪدم داخل ٿيڻ واري مهيني ۾ بدني خصوصيت وارو بيان پڙهي پڪ ڪندو ته اهو شڪ اجايو آهي نشان هن طرح بيان ڪجي ته - کٻي اک ٿورو سسيل - سڄي ببيءَ هيٺان ڪارو تر يا موهيڙو - کٻي پنيءَ تي پٺين پاسي اڇو چتي وانگر داغ رپئي جيڏو - سڄي پنيءَ تي اڳئين پاسي ڦٽ جو نشان وغيره وغيره - هر هڪ شاگرد لاءِ هڪ نشان يا ٻه نشان بلڪل ڪافي آهن.
9. هي ڳالهه به تمام ضروري آهي ته حاضريءَ جا ڪتاب جي اڳي ڀرجي ويا آهن سي بلڪل محفوظ رکجن جيئن ڪو به وڃائجي نه وڃي يا خراب نه ٿئي.
10. ملا مخزنون بلڪل محفوظ رکجن ۽ ٻارهين ٻارهين مهيني گذريل سال جي ٻارهن ئي ڪاپين کي گڏي سبي هڪ جلد ٺاهي ڇڏجي.
(ملا مخزن سيپٽمبر 1934ع )