ڪالم / مضمون

علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

علامہ علي خان ابڙي صاحب جو علم ادب سان ذوق شوق ۽ مطالعو تمام گهڻو وسيع هو. پاڻ ڪيترائي ڪتاب لکيائون جيڪي گهڻو ڪري معاشري ۾ بد اخلاقي ۽ وهم پرستيءَ جي خلاف هئا. ڇاڪاڻ تہ پاڻ مُلن ۽ پِيرن جا ڪٽر مخالف هئا، تنھنڪري کين اڪثر مخالفن پاران ’وهابي‘ هئڻ کان علاوه مختلف فتوائن سان بہ مقابلو ڪرڻو پيو. هي مرد مجاهد پنهنجو قلمي جهاد آخري وقت تائين جاري رکيو آيو.
  • 4.5/5.0
  • 2214
  • 355
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • بدر ابڙو
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book علامہ علي خان ابڙو علمي خدمتون

تمام ضروري هدايتون

1. وقت به وقت هدايتون ڏنيون ويون آهن ته حاضري روزمره ڀرڻ گهرجي. مگر اڃا سوڌو ڪي معلم ايئن نٿا ڪن. اُميد ٿي ڪجي ته آئنده ڪوئي به معلم هڪ يا ٻه هفتا يا وڌيڪ رکي پوءِ هڪ ئي ڏينهن سڀئي خانا ڀري نه ڇڏيندو. رجسٽر انهيءَ لاءِ نٿو ڏنو وڃي ته ڪوڙي حاضري ويهي ڀرجي.
2. هدايتن هوندي به ڪي معلم ملان مخزن حفاظت سان نٿا رکن. ملان مخزن سرڪاري آهي ۽ ڪنهن به صورت ۾ گم نه ٿيڻ گهرجن. جيڪڏهن ڪنهن به مهيني جي ملان مخزن نه ملي هجي ته هڪدم تعلقه پيون ۽ تعلقي ماستر کان جاچ ڪرڻ گهرجي.
3. طوطي وانگر پڙهائڻ جو جهونو دستور اڃا سوڌو ڪن اسڪولن ۾ هليو پيو اچي. ٻاراڻي ڪلاس وارا ڪتاب جا سبق اهڙي طرح پڙهايا ٿا وڃن جئين ڪو نابين ڪلامُ الله شريف ياد پڙهي ويندو آهي. ائين ڪرڻ سان معلم خواه متعلم جي محنت اجائي برباد ٿي ٿئي. وقت بوقت هدايت ڏني ويئي آهي ته جو اکر سيکارجي سو شاگرد سڃاڻي به وڃي ۽ لکي به وڃي تنهن کان پوءِ کيس ٻيو اکر سيکارجي. جڏهن لفظ سيکارجي تڏهن شاگرد پاڻ هجي ڪري لفظ ڪڍي وڃي. آئنده جيڪو معلم طوطي وانگر پڙهائيندو سو سمجهبو ته بي پروا هي ٿو ڪري ۽ اسڪول سڌارڻ جو خيال ڪونهيس.
4. انگن سيکارڻ ۾ به ساڳيو ئي قاعدو لاڳو ڪجي. انگ نه رڳو طوطي وانگر سو تائين چئي وڃجن پر منڍ کان وٺي جنسي شين جي وسيلي گڏڻ ۽ ڪڍڻ يعني جوڙ ۽ ڪٽ سيکارجي. مثلن 5 تائين انگ سيکارجن ته شاگرد انگ سڃاڻي به وڃن ۽ لکي به وڃن. ازان سواءِ سوالن جا جواب ڏيئي سگهن ته 2 پيسا ۽ 3 پيسا گڏجن ته گهڻا ٿيندا يا 5 پيسن مون هڪ ڪڍي ڇڏجي ته باقي ڪيترا بچندا. جڏهن اهڙيءَ طرح 5 تائين انگ سکي رهن ته پوءِ رفته رفته وڌيڪ سيکارجن. ڏهن جي انگ کان پوءِ ايڪا ۽ ڏهاڪا سمجهائجن.
5. ڪتاب جي سبق تي سوال اهڙيءَ طرح پڇجن جو شاگردن کي ان سبق جو مطلب سمجهه ۾ اچي وڃي. جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ يا ملڪ جو نالو سبق ۾ اچي ته انجي معلومات به ضرور شاگردن کي ڏجي.
6. پڙهائڻ جو سڀ کان مکيه اُصول هي آهي ته جيڪي سيکارجي سو تمام چڱيءَ طرح سيکاري ۽ پوءِ اڳتي وڌجي. مثلن جيستائين جوڙ جا حساب بلڪل چڱيءَ طرح شاگرد نه سکن تيستائين ڪٽ شروع نه ڪجي. ڪتاب جا 25 سبق اڻ چڱي طرح پڙهايل هجن تنهن کان بهتر آهي ته فقط 5 سبق چڱيءَ طرح پڙهايل هجن.
7. جيتري قدر ممڪن هجي ساڳئي درجي جي شاگردن کي ساڳيو سبق پڙهائجي، نه ته هر هڪ شاگرد تي جدا جدا محنت ڪرڻي پوندي. مثلن سمجهو ته پهرين درجي ۾ 6 شاگرد آهن، جيڪڏهن هر هڪ کي جدا جدا سبق سيکاريو ويندو ته معلم کي ڇهوڻ تڪليف ڪرڻي پوندي ۽ ڇهوڻ وقت لڳي ويندو. جيڪي هونءَ هڪ ڪلاڪ ۾ سيکاري سگهي ها سو ڇهن ڪلاڪن ۾ مس سيکاري سگهندو.