شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

مهاڳ: پراڻي مڌ جا نوان پياڪَ

پراڻي مڌ جا نوان پياڪَ
* مرتضيٰ لغاري ـــــ اُتر سنڌ جي شهر شهدادڪوٽ مان، سموري سنڌ سُون جي، وسيع ادبي منزل گاهه جو ”نئين آس“ جي ايڊيٽر طور، نـــيُـــنِ آسُـــن سان نئون منتظمين ٿي اُڀري رهيو آهي.
هڪ ايڊيٽر، سموري ٽڙيل پکڙيل ۽ اُلجھيل شين (تخليقن) کي سنواري صاف ڪري، سَونتَ سان، اهڙي ڊزائين ۽ آرٽيفيشل انداز سان سجائيندو آهي جو نظرانداز ڪري ويندڙ نگاههَ به ڪي پل اچرج منجھان وات تي آڱريون ڏيئي، نهاري، اهڙي املهه خوبصورتيءَ تي دلي دادُ ڏيندي آهي. پر سنڌ جي ادبي ماحول ۾ چند ڪراڙن هَٻچي، نام نهاد ايڊيٽرن جي ڄامِــڙي ڪِــرت، نه رڳو ادب جو پر اديب جو به باطني ڪردار ايترو ته لوئي ڪمتر ۽ ڄُنڊاپَٽ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي، جو نئون پڙهندڙ، نئون لکندڙ پيدا ٿيڻ ته پري جي ڳالهه مورئون پراڻي پاٺڪ/ليکڪ جو به ادبي ارواح ڪَسارو ڪري، اهڙي طرح ختم ڪري ڇڏيو آهي، جو ڪيرُ سرمائي جي پويان ڊوڙندڙ هِن سماج ۾ اديب ۽ شاعر طور، پنهنجي سڃاڻپ ڪرائيندي شرمنده پيو ٿيئي!
اهڙي ابتــڙ ماحول ۾ ”نئين آس“ ميگزين ۽ ”مرڪ پبليڪيشن“ جو باني، هي يارڙو مرتضيٰ لغاري؛ هن ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ جو مرتب، ۽ ان کان اڳ اهڙي ئي سلسلي جي پهرين شهڪار ڪڙي ”برکا بوند بهار“ سهيڙيندڙ، خوبرو جوان ۽ ڀلو ڪويسر، جنهن هِن بي ترتيب مواد ۽ ٽڙيل پکڙيل شخصيتن کي نئين ترتيب ڏيڻ جو جيڪو محاذ سنڀاليو آهي، اهڙو پيچيده ۽ صبرآزما مورچو محفوظ رکڻ، ڪنهن هلڪڙي/پاڻ هُرتڙي طبعيت رکندڙ سپهه سالار جو وسُ/وڙُ ناهي. ڇو جو سڀني طرفن ڌيانَ/گيانَ سان، راتو ڏينهن اوجاڳا کڻي، هڪ هڪ شاعرَ دوست جي مزاج پٽاندڙ ماحول جوڙڻ، هڪ ڏاهي ۽ بهادر دل رکندڙ قدر شناس انسانَ جو شيوو آهي. مرتضيٰ لغاريءَ ۾ به اهڙيون خوبيون نظر اچن پيون، جيڪو پنهنجي هڙان وڙان ڏيئي به ، جنهن اهڙي تخليقي ڪاروان کي سنڀارڻ جو ساهس ڌاريو آهي، شل ان روحاني رنگ کي، ڪنهنجي ڪوڙاڻ ڀري ڪاراڻِ نه لڳي!
تڪڙي نظرَ ڌرجي ته شاعر دوستن جو گڏيل شاعراڻو پورهيو گڏ شايع ٿيڻ جو اشاعتي اتهاس بيحد مختصر ۽ سهيڙڻ لائق آهي. ان سڳنڌي سلسلي ۾ به انوکو ساءُ ۽ روشني آهي. هر شامل ٿيل ڪلاڪار جي تخيل جو الڳ رنگ، جدارو فن / فڪر ۽ هڪ ٻئي کان هِٽي ڪري، پنهنجي پنهنجي دائري ۾، پنهنجي لب و لهجي/ ٻوليءَ سان، پنهنجن اڇن/نيرن ۽ واڱڻائي/ڦڪن ڪلرن جھڙن خيالن سان، هر پڙهندڙ جي روح کي ڄڻ رنگي ڇڏين ٿا. اهڙا هوليءَ - رنگ ۽ انڊلٺ پيدا ڪرڻ، اهڙن گڏيل شاعريءَ جي ڪتابن جو اولين مقصد آهي.
هي ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ به گھڻو تڻو اهڙن رنگن جي آبشارن ۾ وهنجي رهيو آهي. هن ۾ سينيئر شاعرن سان ڪجهه جونيئر به شامل آهن. اُهي ائين آهن، جئين نديءَ ۾ بارش جو تازو پاڪ پاڻي ـــ اُها حسناڪي نئين ٽهيءَ جي نروار ٿيڻ ۾ به آهي، ته هڪ نئين ڪتاب جي جنم وٺڻ ۾ به آهي. هلندڙ قافلي ۾ نئون روح ڦوڪڻ جو عمل به آهي ته نئين محاذ تي نئين ڪمڪَ پهچڻ جو اتساهه ڏيندڙ پيغام به ــــ
خبر ناهي ته هن باغيچي ”نئون نئون مڌ آ“ منجھان، ڪيرُ اڳتي هلي اڃان وڌيڪ سُرور ۽ سواد ڀريو سمان بخشيندو ۽ ڪيرُ ٿڪجي هارجي، اڌ تخليقي جنگ ۾ ئي ساٿ ڇڏي ويندو! پر پاڻ کي، هيءُ دوستَ، جنهن سراءِ تي مليا آهن، اُتي سڀني جي هڪ جيتري آجيان آهي الڳ الڳ ــــــــــــ ان ڪري، انهن تي پنهنجي گڏيل راءِ بدران فني ۽ فڪري نظر به الڳ الڳ ۽ اُنهن جي فن/فڪر جي اُڻت آڌار رهندي.
هن مجموعي جو پهريون شاعرُ، سينيئر ليکاري دوستُ، ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو آهي. سائين ”صابر“ سڌايو جي بنيادي سڃاڻپ محققَ ۽ نقادَ واري رهي آهي. سموري سنڌ جي ادبي حلقن ۾ سندن تخليقي ڪتابن بدولت، کين ڀرپور دادُ ۽ قدرواري نگاهه سان ڏٺو/پڙهيو ٿو وڃي. پاڻ ايوارڊيافته ليکاري ۽ گھڻ پاسائي ادبي شهرتن جي حامل شخصيت آهن. ”صابر“ سڌايو جي سندس ٻين ادبي خدمتن جي وسعت سبب، شاعراڻي سڃاڻپ محدود هئي، جيڪا ”نئون نئون مڌ آ“ ذريعي، ٻيهر گفتگو هيٺ اچي، آسپاس جي وڏن وڻن ۾ واڪا وجھڻ لاءِ ڪافي آهي. ”صابر“ سڌايو نه صرف خوبصورت غزل سرجيا آهن پر ان کان به ٻه رتيون سرس سندس آزاد نظم آهن. جن ۾ بنهه الڳ ۽ گھٽ ڪتب آيل موضوع، پنهنجي اسٽائيل ۾ لکيا آهن، جن ۾ خاص ڪري سندس نظم ؛ ”سونهن هي ساڳي نه رهندي“ مون وانگر عام پڙهندڙ وقت جي عاشق کي به بيحد پسند ايندو.

دل ۾ جيڪو پور آ،
اچ ته ان کي مانُ ڏيون،
تون سکي کي ساڻ کڻ،
ميڙي سڀ ارمان کڻ،
هي جوڀن ۽ جواني،
ٿي ويندي ماضي ڪهاڻي،
او سانورا او بانورا!
هيءَ گهڙي موٽي نه ايندي،
سونهن هي ساڳي نه رهندي.

وقت جي وهڪري جو وڻندڙ قدرُ، زندگيءَ سان ڀريل پيغام ته”جوڀن ماڻِ“. سونهن جي فنائيت جو مرڪزُ، پيار سان ٽٻيل پيڙاتمڪ خوشي. لمحن جي قدرشناسيءَ ڏانهن ڌيان ڇڪائيندڙ اهڙا خوبرو تصور ٻين شاعرن به جام لکيا آهن پر صابر سڌايو ان ۾ کبڙن جي ٿڌڙي ڇانوَ ۾ پڪل پيرن ميڙڻ جھڙو پنهنجو الڳ آهنگ اوتيو آهي.
سندس وائي ”او سنڌو! توسان منهنجو پيار“ پڻ پنهنجي ڌرتيءَ جي ازلي انس جو اظهار آهي ته ”ڪنهن کي ڪيان پرنام، هر صورت ۾ آهي رام“ جھڙا نظم ۾ سمايل خيال سنڌ جي صوفياڻي خمير جي نمائندگي ڪندي نظر اچن ٿا. ”ڌيري ڌيري آءُ“ نظم جيڪو، ڪافي نما رنگ ۾ رنگيل موسيقيت ۽ نظمي سٽاءُ ۾ آهي، تنهن ۾ پڻ پيار پالوٽ جو بهترين روايتي روح مسڪرائي پيو.
ڪي مرده ٿي ويا رند هتي،
ڪي رند نوان پياري وڃ.
(صابر سڌايو)
نوان ماڻهو، نوان جوش جذبا پيدا ڪرڻ واري پيغام جو اظهار آهي. ڌرتيءَ جي پاڪ دامن تي، ٻورين مان بي ڏوهه لاش ملن، ته گلشن شمشان ئي ته ڀاسبو. صابر سڌايو نه صرف اهڙين سچائين کي غزل جھڙي نازڪ صنف ۾ سموئي پيو پر ”سينگار کي ڪهڙي آهي سينگار جي ضرورت“ واري نظرئي تحت پڻ غزل جي عاشقاڻي سرزمين کي آباد ڪري پيو. اهڙي خوبي ئي کيس غزليه رنگ ۾ ممتاز رکي سگھي ٿي. وٽس بهترين استعارا آهن: ”چنڊُ ڪوماڻو“، ڳاڙها ڳل ٿيا اڄ ڪارا“، رُڃ ۾ راڙو“ ، وغيره.
هڪ شام- اُداس،
جڏهن تون ڏيئي جي لاٽ کي،
پنهنجي زلفن جي پاڇولي ۾،
اوجهل ڪري،
هوا جي تيز جهوٽن کان بچائيندي،
منهنجي من مندر کي اجالو ڪرڻ لئه،
پنهنجي نرم نازڪ هٿن ۾،
کڻي ايندين ...
¬¬
هن آزاد نظم ۾ ٻوليءَ جي شيرين بياني انداز شاعراڻي عروج طرف روان دوان آهي. ان آزاد نظم جو هيٺيون ڪلائمڪس ٽڪرو ته ڪنهن شهڪار صوفياڻي ڪهاڻي جو خوبصورت پلاٽ آهي.

ته اها ڏيئي جي لاٽ نه آ،
پر اهو آئون آهيان،
جو تنهنجي جدائي ۾ تڙپان ٿو.
ڊاڪٽر ’’حاذق‘‘ جوڻيجو ـــ عربي/فارسيءَ جو پارکو، سنڌي فائنل جو استاد آهي. ڊاڪٽر ”حاذق“ جو هِن نئين ٽهيءَ جي سٿ ۾ سموئجڻ سڀاويڪ عمل آهي. ماضيءَ ۾ شايع ٿيل سندس چئن ڪتابن کان، ٿي سگھي ٿو ته گھڻي نئين ٽهي مڪمل واقفيت نه رکندي هجي، پر هن محدود صفحن تي پکڙيل سندس ڪلاسيڪل ڪلام جو رنگ/آهنگ هن ڪتاب جي پڙهندڙ جي حواسن وٽ ممڪن آهي ته تادير موجود رهي.

اوهان تي جا آئي بهار- شباب،
کُلي پيا توهان جي ڳلن جا گلاب.

ڊاڪٽر ”حاذق“ ڪلاسيڪل غزل گو شاعرن جي پُربهار موضوعن ۽ روايتن جي پاسدارَ ماضيءَ جي مهڪيل محبتن جا مُکيه معاملا پنهنجي استاد شاعرن جي انداز بيانيه رنگ ۾ ڪندي، پنهنجي املهه دور جي ترجماني ڪندي ملي ٿو:

• لعل لَب ڳاڙها گلابي يار ٿا موهي وجهن،
• سيرت سٺي جي ناهي، سينگار ٿيو ته ڇا ٿيو.
• اڄ زماني جي عجائب چال نياري ٿو ڏسان
• ڪيم دانهون مان اُڀ ڦاڙي نه ٻڌو دلدار منهنجو سڏ
• اڄ يار آ اسان کي هڪ هار جي ضرورت

جھڙا غزل ان ڳالهه جي گواهي ڏين پيا ته حڪيم لقمان کوکر، نواز علي ”نياز، جعفريءَ جھڙن ڪهنه مشق شاعرن جو تسلسل ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو جي شاعري سماج جي ابتڙ حالتن جي عڪاس، محبوب جي خند خيالن جي پورٽريٽ لفظن ۾ پينٽ ڪرڻ جو زمانو، روشن خيال اسلامي طرز ايمان ۾ يقين وڌائيندڙ جذبن جي چٽسالي آهي.
ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو وٽ نئين دور جي درد ۽ طرز عمل جو بيان به ايترو دل نشين ۽ دل سان لکيل آهي، جيترو اڳين تاريخ جي مامرن جو تذڪرو. اها ئي هڪ سچيت ڪوي جي ذميواري آهي ته هُو پنهنجي وقت جو اتهاس رقم ڪرڻ سان گڏ، اتهاس ۾ موجود املهه گڻن کي به ڳڻي ڳڻي سنڀاريندو اچي، جن گڻن جي ڪري عالم انسانيت جي نجات ٿيندي اچي ٿي.
ڳلن تي زلف چميون ڏيندا رهيا،
ويا مونکان وسري گناهه ۽ ثواب.

هوا ۾ وکري ويا تنهنجا وارَ،
اوهان جو ته مرڪڻ هو سهڻو سراب.

• شيشي جي پالڪيءَ ۾ گلفام نام گهرجي
• بس تجلو تاب تنهنجو، انت کان بي انت آ
• سيرت سٺي جي ناهي، سينگار ٿيو ته ڇا ٿيو.

ڊاڪٽر حاذق جوڻيجي جي شاعري ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي معصوم سٽون ، پنهنجي اندر ۾ سادگيءَ سان بهترين پيغام رکن ٿيون.
مسلسل غزلن جي پيرائي ۾ ڊاڪٽر حاذق جوڻيجو جا ڪيترائي خيال پنهنجي وقت کان جدا ۽ دلچسپ انداز ۾ لکيل آهن. جئين هيءُ خيال:

عشق اول ٿو اچي ڪنهن خيال ۽ خمار سان،
جاءِ دل ۾ ٿو ڄمائي ڪنهن وڏي ويچار سان.

روايتي شاعريءَ ۾ عشق ته بنا ويچار/بنا پُڇي، روحَ/دل ۾ مَحل اڏيون وڃي، پر هي الڳ خيال آهي ته خيالَ ۽ خمارَ سان عشق اول دل ۾ جاءِ والاري پيو، سا به وڏي سوجهه ٻوجهه سان.
اهڙن مختلف پاسن ڏانهن نهاري، مخالف خيالن جي پيشڪش ڪرڻ ڊاڪٽر حاذق جوڻيجو جي ٽهيءَ جو بهترين گڻ رهيو آهي. مذهبي شاعري ۽ قصيده گوئي پڻ جديد/قديم شاعريءَ جو اٽوٽ حصو رهي آهي ۽ رهندي. حاذق جوڻيجي به ان روايت کي پاڙيو آهي ته گڏوگڏ سماجي زندگيءَ کي طنز ذريعي سڌارڻ واري شاعراڻي گُر کي به ڪتب آندو آهي؛
سڏ ۾ جو سڏ ”حاذق“ ٿو دل ساڻ ٻڌي، سو يار آ،
بي فيض ’جوڻيجا‘ ڪو سردار ٿيو ته ڇا ٿيو.

اهو سمورو مسلسل غزل طنزيه ۽ لاجواب دانهن آهي پر مقطع ۾ سنڌ جي چپي چپي تي نام نهاد گروپ بندي پيدا ڪري سنڌ جي وحدت کي ڇڙوڇڙ ڪندڙ بي فيض سرداري جي دعويٰ تي خوبصورت ٽوڪائتا جملا حاذق جوڻيجي جھڙو ڪو اعليٰ شاعر ئي لکي سگھي ٿو.
ناشاد رشيد سنڌي ـــ نڪور شاعراڻي کيپ مان، پنهنجي جديد اسلوب ۽ نئين انداز جي تجربن ڪرڻ جي جستجو ۾ اهڙا غزل ۽ خيال سرجي رهيو آهي، جيڪي ضرور کيس اڳتي هلي نئين ٽهيءَ جي سرواڻي ڪرڻ جو خطاب ڏيئي سگھن ٿا. هن وٽ بهترين رديف ۽ گھٽ استعمال ڪيل قافين ۾ تخيل جي انوکي پڻي جي سموئڻ جي ڪوشش آهي، جيڪا ڪامياب به نظر اچي ٿي.
ڏکڻ واءَ ٿي، چنڊُ ڪڪر مان ڪڍو،
سمونڊن جيان سڪ لهر مان ڪڍو.
واري غزل ۾ رديف ”مان ڪڍو“ جي سبب ازخود هڪ خوبصورتي پاڻ مرادو پلٽي آئي آهي. اهڙو ئي مڌ سندس ٻين اهڙن غزلن ۾ آهي.
• حال نه ڄاڻي هيئنڙي جو ڪو
• ڇڏ پکي پڃرو پَرن جو خير گھر
• نه شڪوه ڪوئي قدرت کان
• سوچ سرهو سفر، لوچ لهجو ته ٿيو

قافيي جي آزادگيءَ سان، حرف جَر ۾ رديف کڻي، خيال جي وسعت/اڏام جي انتها ماڻجي ٿي. جيڪڏهن شاعر ۾ اونهي عميق ۾ دير تائين ساهي روڪي، هيرا موتي ميڙڻ جي مُشق ٿيل آهي ته هُو اهڙا ناياب گوهر پلئه ۾ ٻَڌي اچي سگھي ٿو، جيڪي ٻئي ڪنهن جي خواب ۾ به ڀُلجي نٿا اچي سگھن. هونءَ ته ساحل تي پيل ڪُوڏ/سڪا سهيڙي، خوش ٿيندڙ سَڌڙيا شاعر ته عام جام آهن! ليڪن ناشاد رشيد سنڌي وٽ چست رديف ۾ هلڪي سلڪي قافيي ۾ سمويل تخيل جديد سنڌي شاعريءَ جي جاري سفر جي نشاندهي ڪري رهيو آهي.
مسلسل موت جي ويجهو،
ڊُڪيو آهيان قيامت کان،

سوچ سُرهو سفر لوچ لهجو ته ٿيو،
عشق ارڏو سهي فِڪر ڦٿڪو ته ٿيو.

تنهنجي گهر جي ڀِت کان بيهي،
توکي ڏسان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.

خيال جي معصوميت ۽ ٻوليءَ جي سادگيءَ سان لکيل ناشاد جا غزل پڪي قافيي ۽ روي قافين ٻنهي ۾ ڪامياب آهن. سندس وايون ۽ گيت سان گڏ نظمَ به اهڙي ئي جديد رنگ ڍنگ سان سينگاريل آهن.
هُــو ٿي مَن ۾ رهي،
جي نه نڪري ته پو.!
ڇا ڪجي ڇا ڪجي ؟
ڇـــا ڪجي دوستو؟
وائيءَ ۾ ٻٽي وراڻي جو ورجاءُ ان کي گيت طرف ٿڪي ڇڏي ٿو. هن گيت نما وائيءَ جي ان پد ۾ ’’هُــــو“ لفظ ۾ ڪيتري نه وسعت آهي! جيڪو لافاني لفظيات جي ڦهلاءَ ۾ ائين ڦهجلي وڃي ٿو ، جو سمورن دائرن جي قيد ۾ هوندي به آزاد نظر اچي ٿو، پر اها ڳالهه اڌ اکري چشمي پاتل نقادن کي ان ڪري نظر نٿي اچي جو اُهو رڳو زير زبر جي فرق ۾ غرق آهن!
نه محشر جي سُڌ آ نه محشر ٿو آڻي،
الله پيو ٿو ڄاڻي.
هِـــي اُهي وڏا موضوع آهن، ناشاد جي شاعريءَ ۾، جن جي تفصيلي اوک ڊوک ايندڙ دور جا اُهي نقاد ڪندا، جيڪي شاعر جي هڪ سِٽَ ۾ سمايل ڊگھين ڪٿائن نما ديوانَ ۽ ناول ڦٿوڙي ڪڍندا.
آ لقا عبرت ناڪ،
آئيندي کي امن جي،
پهرايو پوشاڪ.
جھڙا سريلا سڏ/صدائون سنڌ جي صوفي مزاج شاعرن جو ئي وڙ آهي، جن ۾ ناشاد رشيد سنڌي به شامل آهي.

اڪبر کرل (جنم : وفات: 29 نومبر 2013ع) اُنهن ڏاتارن منجھان هيو، جيڪي سِلي مان ڦُٽي وڻُ ٿيڻ ڏانهن سفر ڪندا آهن. شهدادڪوٽ شهر جي ادبي لَڏي ۾ سندس سڃاڻپ نوجوان شاعر طور اُسري ئي رهي هئي ته بي ميار موت کيس نوجوانيءَ ۾ ئي کنڀي ويو. هاڻ هُن جي تصوير تي ڪڏهن به ”ڪراڙپ“ نه ايندي. سنڌ جي سوين ڳڀروئن وانگر غربت سان ويڙهه وڙهندڙ اڪبر کرل جي گھڻي تڻي ڪويتا اُتساهه ۽ آئيندي جو اجرائپ جو آهينو آهي. سندس شاعري فڪري ۽ فني پختگي جي نشانبر رتبي تي آهي. هُو نئين ٽهيءَ کي پڙهندڙ/سمجھندڙ ۽ اُن تي ڳالهائيندڙ ذهن هيو. سندس ان دلچسپيءَ ئي سندس شاعريءَ ۾ پڻ صبح جو وهنتل نئين ڪنوار جي بدن جي سڳنڌ جھڙا نکار آندا. هُو ڪٿي اداسيءَ جي شام ۾ ويڙهجي، ميري قميص ۾ جذب ٿيندڙ ڳوڙهن جي ڪوساڻ بابت ڳالهائي ٿو ته ڪٿي صبح سمي شهدادڪوٽ جي ويڪرن رستن تي اسڪول ويندڙ معصوم ٻارن جي چهرن تي ٽڙيل مرڪ جو گواهه بڻجي ٿو.
اڪبر کرل جي شاعري سندس شخصي سڀاءَ وانگي سادي ۽ نئين دور جي شاعراڻن تقاضائن تحت جاري پنڌ ۾ هم قدم هئي. ان شاعريءَ ۾ ايترو دم آهي ته اُها پڙهي/ڪڙهي ۽ ڀوڳنائن ۾ ڀُري ڀُري نيٺ پچي راس ٿيئي، نوان رُخ رواج ۽ ميار متعين ڪري.
هي به جيون عجيب تر آهي،
جو نه ڪٽجي اهو سفر آهي.

هن کي ڪنهن آدميءَ جو سهارو نه آ،
پوءِ ڀي پوڙهو لٺ تي گهمي ٿو پيو.

خط ويجهڙ ۾ تنهنجو جڏهن آ مليو،
سِٽ تنهنجي پڙهي آخري ٿو روئان.

توکي چاهيوسي ڳايو آ شبير،
هي غزل هر پهر روئاري ٿو.

جھڙا کوڙ نوان خيال/حوالا اڪبر کرل جي شاعريءَ ۾ نفاست سان محسوس ڪرڻ جھڙا آهن.
سندس غزل ۾ رديف جو رچاءُ ۽ نڀاءُ به ڌيان جون دريون کوليندڙ آهي: خاص ڪري ”هاڻ ممڪن نه آ“، ”توکي ڏسي“ يا ”ٿيون هوائون“/”اچانڪ“ ٻن الڳ الڳ فني حرفتن جا مثال آهن. ”ڪوئلي جھڙي آ منهنجي زندگي“ جو احوال لکندي لکندي، دردن جي درياءَ ۾ لڙهندي پار ٿيڻ بدران اچانڪ لڙهي ويندڙ اڪبر کرل جي شاعريءَ تي فوتگيءَ جو ڪو ڪتبو نٿو لڳائي سگھجي. وقت هُن جي خوشبوءِ کي تڪڙ ۾ فنا نٿو ڪري سگھي.

بشير آچو (جنم 10 جون 1968ع) جو تعلق قنبر جي سگھاري ادبي حلقي سان آهي. وٽس ڏات جي ڏياٽيءَ جي رهنما روشنائي رڳو داخلي ئي ناهي بلڪه خارجي به آهي. هُو محبوبن جي ماڻن ۾ الجھي، مٽيءَ ۾ ڀڀوت ماروئڙن جي روح کي پهتل گھاون کان مُنهن ڦيرڻ جي ناداني نٿو ڪري ـــ جتي پوري ديس جي دل کي درد وڪوڙيل هجن، اُتي هڪ حساس شاعرَ جو قلمُ رڳو آڪاشي ستارن جي حُسن تائين محدود هجي ته اها ڪلاڪار جي هڪ اک سان نهاريل اڌوري نهار تصور ڪئي ويندي. بشير آچو، بنيادي طور هڪ سگھارو ڪهاڻيڪارُ آهي. سندس ڪيئي ڪهاڻيون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ پيئي شايع ٿيون آهن. ”قنبر جا ڪهاڻيڪار“ سلسلي هيٺ شايع ٿيل ڪتاب ”کيرٿر تان اڏار“ (2005ع) ۾ پڻ سندس بهترين ڪهاڻيون شامل آهن. ان سان گڏ بشير آچو هڪ پختو نقاد پڻ آهي. ادبي پروگرامن ۾ سندس پيش ڪيل مقالن/مضمونن ۽ تاثرن سندس تيز ڏاهپ ۽ ڌيمي ٻوليءَ جي عڪسن کي نشانبر ڪيو آهي. بشير جون اِهي خاص خوبيون سندس شعري ڀاڱي تي حاوي آهن. بشير جي شاعريءَ جي اهم خصوصيت استعاراتي تشبيهن سان عام ڳالهه کي خاص بنائڻ آهي. هو تجنيس حرفي سان ٻوليءَ ۾ ائين حُسناڪي ڀرڻ جو ماهر آهي، جئين ڀرتُ ڀريندڙ ڇوڪريءَ وٽ رنگن ۽ آئينن جي ٽڪرن جي چونڊ ڪري، وڳي کي انوکي سٽاءُ ۾ سجائڻ جو گُر هوندو آهي. وٽس ڪيئي خوبصورت سٽون آهن، جيڪي سندس ٽهيءَ جي ڪنهن ڏاتوند وٽ هوند هجن!
ستارن جان سهڻا، مهڪ موتئي جي،
اکر فيئر بڪ تي نه ڪهڙا لکيائين.

جت جنمن کان ڏيئو نه جليو،
سا اجڙيل گھرَ جي جاري هان.

ڪانبي ۾ هوءَ ڪئين نه وجھي ٿي پئي سرنهن ۽ ڄانڀي جا پنَ،
سندس گذارو ساڳن تي، آ رات انڌيري ڇانئجي وئي.

بشير آچو ٻوليءَ جي معجزاتي ڪرشمن جو گواهه به آهي ته پاڻ ئي ثبوت به آهي. وٽس تشبيهن ۽ استعارن جو اهو شاعراڻو خزانو آهي، جيڪو توڻي جو ٿورو ئي آهي پر آهي بشير آچي جي ملڪيت. کينچل جا ڪرڻا، لبڙن تي شبنم جا سجدا، ڌنڌ جي تهن مان جرڪيل نقش، حالتن جا وحشي حاڪم، آزار جي فهرست، بي چئي ننڊ جي آغوش، وغيره جھڙا لاجواب ۽ نوان شاعراڻا جز، خدا جي طرفان هڪ ڏاهي ڏاتوند لاءِ خدائي تحفو هوندا آهن.
جُون جي گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾،
ڪو ته ٻچڙن لئه پُسيو پيو پگھر ۾!

جو قرضن مرضن ۾ ڦاٿل،
سو جيل نجيءَ جو هاري هان.

جا پيسن تي آ پيءُ ڏني،
سا نياڻي قسمت ماري هان.

جھڙا تصور سندس خارجي ڪرب کي نمايان ڪن ٿا. ماڳن تي ڇانيل رات انڌيري ۾ هُن اميدن جا ڏيئا ٻارڻ به نه وساريا آهن، ته المين جي شهر ۾ ڏکن کي گھوٽي دوا وانگي پيئڻ جو سڏ به ڏنو آهي. ڪنهن جي مُک تي مرڪ جا موتي رکڻ واري ارادي اٽل ۽ بلند حوصلي واري شاعريءَ جو مالڪ بشير آچو مست ويرن جي ور چڙهڻ کان بچي ويل ٻيڙيءَ تي مسڪرائيندڙ نائکو آهي، وٽس ڏات به آهي ته ڏات کي جلا بخشيندڙ زندگيءَ به آهي.

شيخ فرازي ـــ نئين شاعراڻي کيپ ۾ پنهنجي دلي لگن ۽ جستجوءَ سان اڳتي وڌي ايندڙ نوجوانن ۾ مثاليه نانءُ آهي. سندس هڪ شعري مجموعي ”سمنڊُ تري آيا“ (2008ع) کي ساهت کيتر ۾ پنهنجي ادبي مڃتا ۽ حيثيت ماڻيل آهي. سندس غزل جي بهترين فني خوبي جديد رديف ۽ ان جو فڪري رچاءُ آهي. جيڪو هُو پنهنجي ٽهيءَ جي ڪيترن شاعرن کان وڌيڪ سگھاري ريت ڪتب آڻي پيو.
• اوهان جي پار جا سپنا.
• ڪا رات گلابن جهڙي آ.
• وڃي رت پئي روئندي اُٺن جي پٺيان.
• روز وڌن ٿا پار ڏکن جا.
• پاڻ پنهنجي خوشي لئه ٽانڊا.
• ادائن جو اظهار سمجهي نه ٿو.
• تو پٺيائون راهه ۾ گم ٿي وئي.

شيخ فرازيءَ جا نشانبر رديف وارا غزل ۽ بغير رديف وارا قافيي تي ئي آڌاريل غزل سندس فني عظمت جي گواهي آهن. جيڪا هُو پاڻ به پنهنجي شعر ۾ خودڪلامي تحت پيش ڪري ٿو:

مون کي ڀي آسمان آ پنهنجو،
شاعراڻو جھان آ پنهنجو.

شيخ فرازيءَ جي دعويٰ ۾ ان ڪري به دم آهي جو ”ڪا رات گلابن جھڙي آ“ جھڙا ٻه طرفا اولاڻن وارا فني غزل به ٻين وانگر وٽس آهن.

”فرازي“ حسن جي اکين جو قسم،
سڙي وئي خوشي فاصلن جي پٺيان.

تون ئي ڪافي آهين ”فرازي“ هتي،
ٿيو ڇا جي سنسار سمجهي نه ٿو.

جھڙا ڪيترا ئي ڪوٽ ڪري رکڻ جھڙا شعر شيخ فرازيءَ جي شاعراڻي جھان ۾ موجود آهن. هڪ شاعراڻيءَ روح جو ته سونهن آڏو ڪجهه هجڻ به نه هجڻ برابر آهي، بقول شيخ فرازيءَ جي: ”سونهن آڏو ڪجهه به ناهيان، دوستو!“ پوءِ به شاعريءَ جي روپ ۾ پيار جا محل ٺاهي دوستن کي نويدَ موڪلي پيو:

سونهن جي پاسي وٺي جيڪا نه وئي،
سا ”فرازي“ آهي ڪهڙي شاعري.!
شيخ فرازيءَ وٽ شام جي احساس جھڙي شاعري آهي، هو جيڪا رياضت ڪري رهيو آهي، تهڙي ئي شاعري سرجي رهي اٿس.
جنهن نموني جي رياضت آ ڪندو،
سو ڪوي لکندو آ تهڙي شاعري.

’’وفا‘‘ ٻرڙو ــ ’وفا‘ نالي/تخلص وارا سنڌي شاعريءَ ۾ آڱرين کان به وڌيڪ آهن، پر جيڪي ”وفا“ ڪن، اِهي آڱرين کان به گھٽ. وفا ٻرڙو به ادب جي آبياري سان مسلسل وفا ڪندڙُ، زندگيءَ جي ٻين وهنوارن ۾ هٿيڪي هئڻ باوجود به ننڍي بحر ۾ پنهنجا سهڻا خيالات غزل جي رنگ ۾ پنهنجي ناسي/اڇي ڊائريءَ ۾ اتارڻ واري ڪِرت کي وساري نٿو. هُو لکي ٿو ۽ پنهنجي شاعراڻي مشق کي معتبري جي مٿانهين مستند تي وٺي وڃي ٿو.
تهمتن جو کلي پيو اتهاس،
درد جو انتساب ڀوڳيان ٿو.

سدا هٿ زخمي ڪري هن جهان ۾،
”وفا“ دل جا شيشا، کڻون ڪيستائين.

نيڻن کي اوجاڳا ٿي پيا،
لُڙڪ اکين جا واڪا ٿي پيا.

جھڙا رنگ برنگي رومال وفا جي شاعريءَ جي ڪلهي تي پيل ملندا.
ڪا به من موهيندڙ موسيقي محبوبيت جي گم ٿيل/ڌنڌلايل عڪسن کي ورائي ذهن ۽ دل جي مڪان ۾ رقصان ڪري ويندي آهي. جو يادگيرين ۾ ساهه پئجي وڃي ۽ وفا ٻرڙو وانگر اچانڪ اعتراف ڪري ويهجي ته:
جيئن جو گيت چپن ڪو ڳايو،
تنهنجو چهرو اڳيان آيو.

وفا وٽ به ننڍي بحر ۾ وڏي ڳالهه سموئڻ جو هنر آهي. ”نيڻن جو پنڌ پرينءَ ڏي“ جهڙا ڊگھا رديف سو به مختصر وزن جي ميدان ۾ فڪري خشڪ ساليءَ جو سبب بڻجن ٿا پر وفا جھڙو ڪهنه مشق سينيئر شاعرُ ”رات جڏهن هوءَ آئي، چانڊوڪي شرمائي“ جھڙا خوبصورت غزل لکي، لاجواب ڪري ڇڏي ٿو.
سنڌو لهرون ٿي ويو،
گونجي شاهه جي وائي.

لطيف ۽ سنڌوءَ جوسٻنڌي موضوع به سنڌي جديد شاعريءَ لاءِ سڳنڌي رهيو آهي. ٻين ڪيترن ئي ڪويسرن پڻ ان کي ڇهيو آهي پر وفا جو انداز سادو ۽ بيان جي گھرائيءَ واري گڻ ان شعر کي ان غزل جو شاهه بند ڪري ڇڏيو آهي.
اشفاق چانڊيو ــــ (جنم؛ 1 آگسٽ 1988ع) به راشد بروهي، علي صفدر، ايس سرمد، شاهنواز کوسو، عبدالرزاق ڪلهوڙي واري قنبر جي ادبي شاعراڻي ٽهيءَ مان پنهنجي نمايان ادبي جاکوڙ؛ ٻن شعري مجموعن ”نمائش اسان جي“ (2013ع) ، ”شفق رنگن جي مينهوڳي“ (2014) ذريعي اُڀري ۽ اُسري آيو آهي. سندس شعري مجموعن ۾ سندس مخلتف شعري صنفن تي طبع آزمائي ٿيل پرکجي پئي، جيڪا سندس شعر ڏانهن وسيع اُنسيت کي پڌاري پئي. سرمد چانڊئي جھڙي پارکو نقاد، اشفاق لاءِ لکيو آهي ته:

(ص: 16 نمائش اسان جي)

اُتي عوامي مقبوليت جي نڪور پدن کي ڇُهندڙ ”ع.غ. تبسم“ به کيس هنن لفظن ذريعي اُتساهيو آهي.

(ص: 16 نمائش اسان جي)
اِهي سڀُ لقاءَ اشفاق جي ادبي اُڇل/اڏام کي وائکو وائرين ٿا. هُو نه صرف نواڻ جي ڀنڀوري طرف نگاهه رکندڙ، بلڪ ڊوڙي کيس حاصل ڪندڙ ٻارَ مثل آهي، جنهن وٽ پنهنجي خوشبو ۽ پنهنجا رنگين احساسَ آهن.

- پِپِر جي پنن جيئن ڇڻي زندگي ٿي،
- سرنهن جي ڪڻن جان ڳڻي زندگي ٿي.

ساڀيان جي پچر پو ڀليجان ڪيو،
خواب کي پهريان پسو يارو.

اڙي عيسى، اڙي گوتم، خبر ڏي ڪا خدا ڪارڻ،
عمر ساري حياتيءَ جو زهر ڇا پيئڻو پوندو.

ڏس بڻي خوراڪ آ دونهون، مٽي،
روڊُ رستو آهي پنهنجو بسترو،

اشفاق جي موضوعن ۾ وسعت آهي. سندس بيان چٽو ۽ موقف صاف شفاف آهي. هُو نج عوامي ۽ ادبي حوالن کي داخلي ۽ خارجي رنگن جي ميلاپ سان، عام فهم ٻوليءَ ۾ اهڙي ريت اُتاري پيو جو سادي کان سادو ماڻهو به سمجھي سگھي ته ادب ۽ عالمَ کان آشنا انسانُ به لطفُ ۽ سُرور سان گڏ اصلاح پرائي.
ٻار کي مان ٻارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان،
سئو مڻن جو بارُ ٿو ڪڇ ۾ ڏسان.

وارو اشفاق چانڊيو جو مسلسل غزل، ننڍي لاڪون جي شادي ڪرڻ واري غير انساني فعل تي طنز جو شهڪار تخيل آهي. گڏين سان کيڏڻ جي وهيءَ ۾ ٻارَ ڄڻائڻ، انسان تي قهري وارَ مثل عمل جي بهترين نندا ڪيل آهي.
ٻه ٽي لُڙڪ اکڙين مان برسي پيا ها،
توسان وين وارو سفر ياد آيو.

”ياد آيو“ جھڙي بار بار استعمال ٿيل رديف ۾ نئين خيال پروئڻ جي اشفاق جي اها ڪوشش به پراڻي اڌ ڀڳل پيالي ۾ نت نئون مڌ اوتي ڏوگھڻ برابر عمل آهي.
ڪتابن کي هاڻي پڙهي ڪير ٿو،
دريا جي ڪُنن ۾ گھڙي ڪير ٿو.

اشفاق مٿئين هڪ شعر ۾ لاجواب تشبيهه سان پنهنجي نئين دور جي جھالت جو سبب بيان ڪيو آهي. ڪتابن پڙهڻ کان پري ٽهندڙ نسل کي دريا جي ڪُنن ۾ گھڙڻ جو سڀاويڪ سڏ به ڏنو آهي ته ڪتابن ۾ موجود علمَ جي گھرائيءَ جو اعتراف به دريائي ڪُنن سان ڀيٽي ڪيوآهي.
اشفاق چانڊيو جي نظمن ۾ به سهڻي سگھڙائپ سان گڏ، موضوع جي چونڊَ ۽ نڀاءُ دادُ لائق آهي.

ضمير ”حيدر“ چانڊيو، قنبر جي ادبي سنگت جي سکيا ــ گھرَ جو حصو رهيو آهي. هُو به ٻين ڳڀرو ڪويسرن وانگر پنهنجي ڪچي پڪي شعر جي نوڪ پلڪ سنواريندي سينگاريندي، وقت جي وهڪ ۾ وهي اڳتي وڌي آيو آهي. دريا خان چانڊيو ڳوٺ جي فطرتي سٽاءَ ۾ سرها ساهه کڻندڙ ضمير حيدر فني ۽ فڪري لحاظ کان پاڻ وڻائتو ۽ رس ڀري ٻوليءَ جي چٽائيءَ سبب، پورو ڌيان ڇڪائيندڙ شاعرُ آهي.
توسان جو اڄ ڀاڪر پاتم،
سنڌوءَ مان ڄڻ وهنجي نڪتم.

جيون اُس جي وَر چڙهي ويو،
پاڇا ڪُل پاسيرا آهـــن.

ڀورو بخمل بدن ۽ ٻيو ليڙون لٽا،
پيو ڪفن کان سوا لاش لڙهندو اچي.

ضمير حيدر جي شاعري ننڍي وڏي بحر ۾ رچيل هڪ جيترو ترنم رکندڙ آهي. هُن توڻي جو ٻين صنفن تي به طبع آزمائي ڪئي آهي پر هُو به ٻين گھڻن شاعر ساٿين وانگر غزل کي ئي پسند ڪندي، غزل ۾ ئي پنهنجن احساسن جي ڀرپور پالوٽ ڪرڻ ڄاڻي ٿو.
سڀ ڪچا ۽ پڪا ويا مٽي ٿي مٽي،
وقت ويري ٿو جوڙن کي ڇنندو اچي.

ضمير حيدر، توڻي جو اندر جي آههَ سان گڏ، ديس ۽ قوم جي تذڪري ڪرڻ کي به وساري نٿو پر سندس موضوعن تي پيار جي عوامي جذبات نگاريءَ جي حقيقت وڌيڪ حاوي آهي. هو پيار کي اولين ترجيع ڏئي پيو.
نينهن اوهان جي ناچو بڻايو،
ڳليءَ ڳليءَ ۾ تولئه ڳاتم.

چاههُ تنهنجي ست رنگي چوليءَ جيان،
چاهَه اهڙي ۾ رنگي ڪيئي ڇڏيئه.

ضمير حيدر اڳيان جديد شاعريءَ جو گھڻ پاسائون جھانُ ڦهليل پيو آهي. هُو ان سان سفر ڪندڙ هڪ ڏاهو ڏاتوند آهي، زندگيءَ جي شام کان پهريان، خالي گودڙي کڻي واپس ورڻ بدران ضمير حيدر، ضرور ان شاعريءَ جي جھول ۾ نوان ڪوهه نورَ ميڙي انوکي مالوند جوهري جو خطاب ماڻيندو.

علي رضا ـــ به لاڙڪاڻي جي اتهاسي مٽيءَ مان نسريل نئين ادبي لڏي ۾ خوبصورت اضافو آهي. هُن وٽ زندگيءَ جي پراڻي ڪمپيوٽر تي نئين پروگرامنگ انسٽال ڪرڻ جو گُر ۽ هنر آهي، جيڪو سندس الهڙ وهيءَ جي بي ڪنار جذبن جي ڀرپور عڪاسي ڪري پيو.
تنهنجيون اکيون منهنجي مٿان
ڀؤنرن وانگر ڀيرا ٿيون ڏين
ڇا انهن کي خبر نه آهي
ته مان مرجهائجي ويو آهيان.

هن گڏيل مجموعي ۾ بشير آچي جي ڪجهه نثري نظمن کان پوءِ، علي رضا جا سمورا خيال شاعراڻي نثر/نثري نظم جي فارميٽ ۾ پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائين پيا. شاعراڻو نثر يا نثري نظم ۾ مختصر ترين لفظن ۾ دل جي وسيع خيالي دريا/سمنڊ سموئڻ ڪمال ڪاريگري جي انتها آهي. اُهو پدُ ڪيترا نام نهاد وڏا ادبي نالا به ڇهي نه سگھيا ۽ ”ٿي نه سگھيس شاعرُ“ چئي، ”هوا جي سامهون“ ڏات ڏيئا وسائي ويٺا پر علي رضا جي مسلسل محنت ۽ نثري نظم جي شارٽ فارميٽ جي ڄاڻَ، کيس گھڻو اڳتي وٺي وڃي، اهڙن شاهڪار نثري نظمن جو وڏو تخليقڪار مڃائي سگھي ٿي، جن نثري ٽڪرن/نظمن کي وقت جي ڪا به اڏوهي نه لڳندي آهي ۽ اُهي خليل جبران جي خوابن وانگر سدا ريشمي اکين جي تَڪينِ هيٺان ملندا رهندا آهن.
تو چيو هو
’موٽي ايندس‘.
مان رستن سان
ٽاريون رکائي ڇڏيون
هاڻي انهن کي ماڻهو
’’سمبارا ‘‘ ٿا سمجهن
ڪنهن چيو هو
مان موهن جي دڙي جي مٽي آهيان.
-
پنهنجي زندگيءَ جو بوڪ،
پڙهي، پڙهي
ٿڪجي پيو آهيان.
ڪو نئون نظم
ٻڌاءِ ته
مٺڙي ننڊ ڪري وٺان.

بنا هيڊنگ جي ٽڙيل پکڙيل خوشبوءَ جھڙن خيالن سان رچيل انهن ننڍڙن نثري نظمن ۾، دل جي چئي جي آڱر پڪڙي، جن رنگين لفظن جي بارش ڪئي وئي آهي، انهن ۾ معصوميت ۽ پيارُ ئي پنهان آهي. جيڪو علي رضا جي وهيءَ ۾ هلندڙ پيرن جو خواب به هوندو آهي ته ساڀيان ڀي ـــ
دنيا جي تاريخ جا
اربين صفحا
توتي لکيل آهن
ڇو ته تون
دنيا
تاريخ
انسان
۽ محبت جو
مخالف رهيو آهين.\
**
۽ علي رضا به خوبي ڄاڻي ٿو ته جيترو حق جو هوڪو تيز هوندو آهي، اوترو ناحق به اُلري اُلري اُڀو ٿيندو آهي ۽ تاريخ جي حرامي عورتَ، ٻنهي کي هڪ ڪَري پناهه ڏيندي قطعي شرمنده ناهي ٿيندي.
علي رضا کي تاريخ جي صفحن تي، پنهنجو ذڪر اربين لفظن ۾ آڻائڻو آهي. روايتي ۽ ڌاريي ڪَسي خيال کان بچي، هُن وٽ به گھڻ طرفن موضوعن ۾ ٻوليءَ جي بهارَ سان، نوان جھانَ تخليق ڪرڻ جي سگھه آهي.

استاد پيرل قنبر جي شعري پوک مان اُسريل عبدالله شاهه ”اطهر“ جي سريلن شاگردن مان هڪ خيرل سيلرو به پنهنجي فن ۽ فڪر ۾ پنهنجي استادن جي رنگن ۾ ٽٻٽار آهي. وٽس نهايت سرل ٻوليءَ ۾ مقصد جو بيان ڪرڻ جو ڏانءُ پڌري پٽ آهي، جيڪو دل ۾ بنا ڪنهن رنڊَ راهه جي لهي، پنهنجا رسيلا رستا ڳولي وٺي ٿو.
گذري ويل صدي جا، تازا زخم رکيا هن،
هن نئين صدي اچي اُت، پنهنجا قدم رکيا هن.

گذريل صديون پنهنجا سمورا زخم ۽ حادثا ميڙي، نئين ايندڙ صديءَ جي آجيان ۾ رکڻ جي روايت پاڙينديون اچن ٿيون. هيءَ صدي به پنهنجي پورين چڱائين/براين سان ايندڙ صديءَ حوالي ٿيندي. ضرورت ان ۾ پنهنجي حصي جي ڪيل چڱاين جي اڪيرڻ جي آهي. خيرل سيلري جي غزل جا مطلع نهايت سگھارا ۽ پنهنجي روح ۾ مڪمل ڪائنات پسائين پيا.
روز راهون تڪي جهري پئي آ،
تنهنجي يادن سان دل ڀري پئي آ.

ڪنهن جو جلوو ٿي زلزلو آيو،
منهنجي جذبن ۾ ولولو آيو.

خاموش زندگي آ خاموش هر خوشي آ،
تنهنجي وئي کان پو ٿي بي نور هر گهڙي آ.

ان جو مثال آهن. سندس غزل ”ڪنهنجو جلوو ٿي زلزلو آيو“ ته سمورو شهڪار ۽ ڪوٽ ڪرڻ جھڙو آهي. سندس گيتن جي ٻولي توڻي جو شاعراڻي گھٽ آهي پر مونجھاري کان هٽيل پنهنجي پيغام ۽ آسان موسيقيت سبب زبان تي ترڪندڙ لفاظي جو نمونو آهن.
ڏينهن ۾ ڏهه دفعا هئين ڏسندو،
بند هاڻي اها دري پئي آ.

اَن دريءَ جي بند ٿيڻ جو منظرُ ته خيرل سيلري پنهنجي لفظن ۾ پينٽ ڪيو آهي پر ان دريءَ جي بند ٿيڻ جا سبب ڳوليندي، نيڻن ۾ ڪوسن آبشارن کي ميڙڻ جو ساهسُ ناهي ڌاريو. هر ماڻهوءَ کي پنهنجي شهر/ڳوٺ جي قصيده گوئيءَ جو حق آهي. ”شهدادڪوٽ پيارن ماڻهن جو آستانو“ وارو خيرل سيلرو جو گيتُ به اهڙي ئي سلسلي جي ڪڙي آهي، پر شاعرُ جيڪڏهن واقعي شاعرُ آهي ته اهو لطيفي پڙاڏي جو ئي سڏ آهي، جنهن ۾ ”عالمَ سڀُ آبادَ“ ڪرڻ جو عالمي وڙُ آهي. محدوديت ڪنهن به وڏي شاعرُ جو ادراڪ ناهي.
جو وفادار ٿئي يار اهڙو ڪبو،
هن صدي ۾ وري پيار اهڙو ڪبو.

سندس خوبصورت ۽ معصوميت سان ڀريل پيارو گيتُ آهي. يا سندس ٻئي گيت ۾ ”تتي عشق تي سونهن وڄَ جيان وسائي“ واري تشبيهه به مانُ لهڻي. هن وٽ موضوعن جي ڳولا وارو هنر آهي، جيڪڏهن هُن پنهنجي ذهن جي ڪپاٽن کي اڃان کولي مطالعي ۽ مشاهدي آڌار وک سوري ته ضرور گھڻن شاعرن کان اڳتي سفر ڪرڻ جو مادو رکي ٿو.

ماريه ڪنول ــ سنڌي عورتزاد شاعراڻي حصو جو نئون آواز، جيڪو ”فيس بڪ“ بدولت ئي سنڌي ادب ۾ نمايان ٿيڻ بعد، هِن ساهتي سلسلي سان جُڙي پنهنجا معصوم جذبا ۽ مينهن ۾ ڌوپجي پيل گُلن جھڙا احساس پڙهندڙن سان شايد پهريون ڀيرو شيئر ڪري رهي آهي. ”نئون نئون مڌ آ“ ۾ ماريه ڪنول واحد عورت شاعره آهي، جنهن وٽ موضوعن ۽ بيان جو انداز پنهنجو ۽ جديد ادب ٽهيءَ جي هم پلئه ٿيڻ جوڳو آهي.
جو پيار بنا هوندو،
سو وقت قضا هوندو.

تو خريدي ڇڏيو مون کي پيار ۾،
واپار کان تون ڌار ناهين او پرين.

غزل جھڙي عروضي صنف ۾ ماريه ڪنول جون فني ڪوتاهيون توڻي جو نمايان آهن پر سندس خيال جي خوشبوءَ ۽ ٻوليءَ جي جلترنگ جو جلوو کيسُ دادُ بخشڻ تي اتساهي پيو. ان جي بنست سندس آزاد نظم ۽ نظم پنهنجي فني سانچي ۾ ايترا ڀرپور آهن جو بنا شڪ جي جديد آزادشاعريءَ ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهين ٿا. ”پيارُ آ، ڄارُ آ“ ماريه ڪنول جو سگھارو آزاد نظم آهي، ڪچي ذهن جي عورتزاد جي دکدائڪ ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ پيار جي انڌ کي وائکو ڪندي، ڪجهه هوش ڀري نگاهه وجھڻ جو دعوت نامو آهي.
پيار ۾ سا ڳهيلي هئي،
نيٺ وئي آ کُلي،
هن جي نڪ ڦلي،
آهي جهٽجي وئي،
راهه ويندي اها نٿ لٽجي وئي،
راه مٽجي وئي،
پيار آ ڄار آ.

سندس ٻيو آزاد نظم ”پيارُ“ به اهڙي ئي الميي جو تسلسل آهي، جنهن ۾ خوبصورت لفظن جي پالوٽ نهايت وڻندڙ ۽ شعري ذوق کي پڻ تسڪين ڏيندڙ آهي.
منهنجي دل جي صحرا ۾،
تنهنجي پيار جو ڪو مذهب ته ڪو نه هيو..
پر تنهنجي اچڻ کان پوءِ،
مون تنهنجي پيار جو ذڪر،
هڪ عبادت وانگر..!
بناوضو جي ڪڏهن به ناهي ڪيو.

ان نظم جو ڪلائمڪس شاندار آهي، ڄڻ ڪنهن رنگين فلم جي بليڪ اينڊ وائيٽ پڄاڻي، ڪنهن ڏکاري گيت سان ٿيئي هجي.
هاڻ تنهنجو پيار منهنجي زندگيءَ ۾،
سري گهاٽ جي انهن درين جيان،
بي رنگ آهي،
جتي روح پرواز ڪري ويندو آهي.
۽ جسم جلندو آهي.

”سري گهاٽ جي درين جيان بي رنگ“ واري تشبيهه ته جديد سنڌي شاعريءَ جي پلئه ۾ ٻَڌي جھومڻ جھڙي آهي.
فقيري رنگ ۾ رڱجي.
اميري نيٺ وسري وئي.

وڏي هئي هوڏ مايا تي،
لڏي سين لوڏ مايا تي.
مئي جا ڪوڏ مايا تي،
اسيري نيٺ وسري وئي.

ماريه ڪنول جو مٿيون نظم صوفي سنڌ جي فقيري رنگ ۾ رنڱجي حقيقي رنگ/سنگ جو دنگُ ڳولي لهڻ برابر آهي. ساميءَ کان شيخ اياز تائين ”مايا“ کي ڳائيندڙ ڪيترا ئي آيا ويا آهن پر ماريه ڪنول جو لهجو به پنهنجي معصوميت سبب وڻندڙ آهي. ماريه ڪنول وٽ اندر مان اُڀري ايندڙ احساسن ۽ گھڻ طرفي موضوعن کي ڪاغذن تي سموئڻ جو ساهس آهي. کيس انهن ئي تخليقي صنفن جو انتخاب جاري رکڻ گھرجي، جن ۾ سندس آواز چٽو ۽ فني فريم ۾ پڻ جائتو محسوس ٿيئي ٿو.

ايم يونس جمالي؛ شهدادڪوٽ جي نئين ادبي لڏي جو حصو، پنهنجي شاعراڻي اڏام جي اڃان وڌيڪ پختگيءَ ڏانهن سفر ۾ روان دوان آهي. لڳي ٿو ته سندس پالنا بنهه سادن ۽ معصوم روحن هٿان ٿيئي آهي، تڏهن ته هن جي تصوراتي دنيا شاعريءَ ۾ به اِهي گڻ اتم انداز ۾ اظهاريل آهن.
ٻي دنيا مون کان کسي ڇڏجو ڀلي،
بس پرين جو پار مون لئه ڪافي آ.

سمنڊ جيڏي سورن ڪيو ساهه ساڻو،
ٻڏان ۽ تران ٿو ڪنارو کپي ٿو.

پنهنجا راز ته پاڻ ٿو ڄاڻي،
ماڻهن ۾ وڏا ڍنگ ڏٺاسين.

رنگيءَ جا رنگَ ايم يونس جماليءَ نه صرف ڏٺا آهن پر لفظن جي صورتگريءَ سان پنهنجي پڙهندڙ کي ڏيکارڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿو.

مان مسجد ۽ مندر وڃان ڪو نه ٿو،
قلب جي ڪعبي مان نڪران ڪو نه ٿو.

پائي جيءَ ۾ جهاتيون ٿو سجدا ڪيان،
تڏهن ڪاٿي سجدا ڪيان ڪونه ٿو.

ڏسي ۽ پسي ٿو جوڙيو جنهن جهان،
اکيون بند ڪري مان ڏسان ڪونه ٿو.

ڀٽائيءَ جي ڀونءِ تي “سچل“ جي هاڪ/ساک ڏيڻ ڪنهن ڪم عقل لاهوتيءَ جي رڳو خالي رڙين ۾ ناهي پر جنهن جھانَ کي، جنهن ڏسي، پرکي ۽ پروڙي پوءِ ٺاهيو آهي، ان کي بند اکين سان ڏسڻ بدران اندر جي پليتائي پري ڪري عملي سُکَ جو سلامي ٿيڻ ئي اصل ڪاميابي آهي

نادر دايو ــ به شهدادڪوٽيءَ مٽيءَ سان لاڳاپيل ادبي کيتر جو تازو گُل آهي. نادر دايو جي آسپاس جھڙو فطرتي ماحول آهي، اهڙو ئي رنگُ سندس شعر ۾ آهي. هُو ٻوليءَ جي مونجھاري کان پاڪ، ٻار جي معصوميت رکندڙ لهجي ۾، اندر جي آسمان تي کڙيل سوچ جي ستارن ڏانهن آڱرُ کڻي جيڪو ڪجهه ڳالهائي ٿو، اُها شاعري بڻجي پئي ٿي.
هونئن ته جيون سڄو تَٰتي ڌرتي،
تنهنجي سامهون هي پل بهاري آ.

ڪو نه اونچو مَقام آ ڪنهن جو،
هر بشر کي مُقام ساري ٿو.

وفائن جي بدلي جفا ٿي ملي،
عجب عشق ۾ هي سزا ٿي ملي

”مَقام“ ۽ ”مُقام“ ۾ رڳو زير ۽ پيش جو فرق آهي. بشر کي خدا ڪيتري نه ڏاهپ جي مڻيا عطا ڪئي آهي، مگر اُهو ان فرق کي سمجھڻ ۾ اڌ صدي جيتري عمر لڳائي ڇڏي ٿو، اهڙي انسان جي سمجهه جا سنسار سُلجھائڻ لاءِ ئي خدا شاعرن ذريعي به پنهنجو پيغام پهچائي ٿو، جئين نادر دايي جي قلم مان اهو الهامي سنديسُ اُڀري آيو آهي.
نادر دايو جي تخليق رڳو ”وفا“ ۽ جفا“ جي ناٽڪن ۾ الجھيل ناهي پر هن وٽ ٻيا به موضوع آهن، جيڪي بقول هن جي:
جي کولي وار هي ڪارا، وري محفل ۾ تون ايندين،
نوان ٻيهر غزل لکبا، مگر آهستي آهستي.

نادر دايو ٻيهر نوان غزل لکڻ جو ساهس رکي ٿو مگر آهستي آهستي.
ڪريم ”گل“ دايو ـــ به شهدادڪوٽ جي پنهنجي همعصر شاعرن جي اثر هيٺ جديد شاعريءَ ڏانهن تيزيءَ سان سفر ڪندڙ شاعرُ آهي. هن جي غزل ۾ پڪن قافين جو سٽاءُ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي. اڄوڪي گھڻي شاعريءَ ۾ چڱا چوکا وڏا نامور شاعر به قافيي جي معاملي ۾ زير زبر پيش جو فرق ڪري قافيي جي روح کي بري نموني مجروح ڪندي شرمندگي نٿا محسوس ڪن، انهن جي پيروي ڪندي ڪيترا نوجوان شاعر به ’’کريل قافيي‘‘ کي اپنائي فخر سان پنهنجي شاعريءَ پيش ڪن ٿا، اهڙي قسم جي تنقيد کي تنقيد ئي نٿا سمجھن. جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ جو سمورو مزاجُ زير زبر پيش جي فني قالب ۾ پرويل آهي، جنهن جي درست استعمال سان ئي اسان ٻوليءَ جو فني حق ادا ڪري سگھون ٿا، جيڪو ڪريم ”گل“ دايو ادا ڪيو.
منهنجو هر هڪ سوال ناڪاره،
مرڪ تنهنجي جواب جهڙي آ.

ڪريم ”گل“ دايي ٻين گھڻن شاعرن وانگر پاڻ کي رڳو غزل تائين محدود ناهي رکيو پر هن شاعريءَ جي ٻين صنفن ڏانهن به توجهه ڏنو آهي، جيڪا ڳالهه پڻ سندس ڏاهپ جي نشاندهي ڪري ٿي.
ويهي بور ٿجي ،
ان کان بهتر آهي ڪو،
افسانو لکجي.
ٽيڙو صنف ۾ سمايل سندس مٿيون خيالُ/پيغام ليکڪ دوست جو پنهنجو پاڻ سان ئي رڳو هم ڪلامي ناهي بلڪه وقت کي بوريت جي کوهه مان ڪڍڻ سان گڏ، افساني يا ٻئي ڪنهن لکت ذريعي قومي خدمت سان گڏ ٻوليءَ جي بچاءُ ڪرڻ جو به سڏ ڏنو اٿس.

”نئون نئون مڌ آ“ جا سمورا شاعرَ، سنڌي ٻوليءَ جي وسعت ۽ بچاءَ جا وڏا بندَ آهن، جن کي وقت جي ڪا به مها ٻوڏ لوڙهي نٿي سگھي. هيءَ جيڪا سڳنڌي مڌ شهدادڪوٽ جي گھٽين مان ڦهلجي اُٿي آهي، اُها پنهنجي گھڻ رخي سواد ۽ مواد سان سموري سنڌ تي پرينءَ جي پاڇي جيان ڇانئجي. اها اسان جي دعا آهي.
سعيد سومرو
قنبر 16-10-2104
Cell: 0333-7523132