شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

غزل

ڏٺم پنهنجو سڄڻ سامهون مٺو منٺار محفل ۾،
ڪيم دلبر سان جهٽ ويهي مٺي گفتار محفل ۾.

صبا منهنجو کڻي پيغام وئي دلبر کي پهچائڻ،
ٻڌي يڪدم هليو آيو دلي دلدار محفل ۾.

ڏسي جانب جي جلوي کي لڪي پيو چنڊ ڪڪرن ۾،
ڪري آيو سڄڻ منهنجو عجب سينگار محفل ۾.

اچي دلبر مليو مونسان ويا ارمان پورا ٿي،
محبت جو ڪيو محبوب اڄ اظهار محفل ۾.

خدا جي مهرباني ٿي ملي محبوب ويو مونسان،
ڀلي آيو ڀلي آيو مٺو منٺار محفل ۾.

ڀلا ٿيا ڀاڳ ”حاذق“ جا ٿو ڳايان شعر لک هاڻي،
ڏسو اکيون پٽي پنهنجون آهي نروار محفل ۾.
**