زندگي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو؟
هر خوشي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟
زندگيءَ جي هر پرين مان موڙ تي،
بندگي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟
هر مزو مون لئه زهر آ ٿي پيو،
دل لڳي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟
مون اکيون ٻوٽي قبولي دوستي،
جيءُ ڀي هي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟
مقتلِ الفت سندي ميدان ۾،
سرُ رکي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟
خونِ دل توکي پيئياريندو رهيم،
مئڪشي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟
مرض دل جي کي نه ٿو ڄاڻين ”ضمير“
دل دکي توکي ڏنم، تو ڇا ڏنو!؟
**