ڇڏ پکي پڃرو پرَنَ جو خير گُهر،
درد دل جي پيچرن جو خير گُهر.
تون هتي صياد وٽ زندان آن،
رو نه پنهنجي دلبرن جو خير گُهر.
رات ٿيندي آ ڊگهي هر سال جي،
صبح سج جي سوجهرن جو خير گُهر.
باهه ساڙيندي سُڪا ساوا مگر،
منهن اٿس ڪاڏي برَنَ جو خير گُهر.
سِر سلامت آ ته پو ٿينديون ونيون،
ڪر نه الڪو هي وَرَن جو خير گُهر.
دور اڄوڪي ۾ تحفظ آ ڪٿي،
مسجدن ۽ مندرن جو خير گُهر.
ويا ڇڏي پيرل، بخاري ۽ اياز،
سنڌ جي تون شاعرن جو خير گُهر.
مارو منهنجي ملڪ جا ڏتڙيل هتي،
هٿ کڻي ڪو بي گهرن جو خير گُهر.
جي گهُرين ”ناشاد“ تون سنڌ لئه دعا،
دنيا ساريءَ جي تَرَنَ جو خير گُهر.
**