درد جاڳي پيا رات ساري رنم،
ننڊ وئي آ ڦٽي، ڏاڍو پيارا لڇيم.
ياد ايندي رهي درد دُکندا رهيا،
نير برسات جيان ئي ته وسندا رهيا.
روئي اکڙين جو تو لاءِ پاڻي وهيم.
توکي ڏاڍو سڏيم، ڪونه سڏ ڪو مليو،
چنڊ تارا ڪَتي ۽ هي ٽيڙو کِليو،
پئه سمهي او چريا! رات ڏاڍو چيم.
تون ڏکن ۾ ڏسي ڇو ڇڏي آن ويو،
پور بڻجي ويم، غم گڏي آن ويو.
ڇو ڪرين ٿو پيو تون اڃان ڀي ستم.
ساهه سڏڪي پيو، توکي ويندي ڏسي،
تو ڏٺو ڪونه مون کي ڪيئه بي رخي،
چوٽ گھِري ”ضمير“ پوءِ ڏاڍي لڳيم.
**