تو پڄاڻان عذاب ڀوڳيان ٿو،
ڳڻپ کان بي حساب ڀوڳيان ٿو.
زندگي ڄڻ ته ڪو تماشو آ،
هي سزا لاجواب ڀوڳيان ٿو.
توکي هڪڙو سوال مون هو ڪيو،
هاڻ ان جو جواب ڀوڳيان ٿو.
تهمتن جو کلي پيو اتهاس،
درد جو انتساب ڀوڳيان ٿو.
تنهنجو ڀاڪر ڪڏهن نصيب ٿئي،
آرزو جا گلاب ڀوڳيان ٿو.
توکي پوڄي ”وفا“ مشهور ٿيو،
هاڻ ان جو ثواب ڀوڳيان ٿو.