ميوي ڪڙي جو وڻ ڪو، ڦردار ٿيو ته ڇا ٿيو،
سيرت سٺي جي ناهي، سينگار ٿيو ته ڇا ٿيو.
ڪهڙو ڀلا انسان جي، آهي اچڻ مان فائدو،
همدرد ناهي هو جي هوشيار ٿيو ته ڇا ٿيو.
جنهن کي نه آهي دل ۾ هي درد ٻين جي لئه،
سجدا ڏئي هو ڀلجان سالار ٿيو ته ڇا ٿيو.
عادت جنهين جي آهي جهيڙو فساد عام سان،
سڀ تي رکي ٿو رعب پڳدار ٿيو ته ڇا ٿيو.
احساس ناهي ڪنهن کي مسڪين غريب تي سدا،
خالي زبان جيءُ اظهار ٿيو ته ڇا ٿيو.
راههِ خدا هو گنج مان ڪنهن کي نٿو جي خير ڏئي،
قارون چئبو سو ئي زردار ٿيو ته ڇا ٿيو.
آڪڙ وڏائي سان جي گهاري ٿو پنهنجي زندگي،
سو شينهن تي جي آهي هسوار ٿيو ته ڇا ٿيو.
سڏ ۾ جو سڏ ”حاذق“ ٿو دل ساڻ ٻڌي سو يار آ،
بي فيض جوڻيجا ڪو سردار ٿيو ته ڇا ٿيو.
**