شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

مان ئي ناهيان المين جي شهر ۾،

مان ئي ناهيان المين جي شهر ۾،
آ لڳو پيو لوڪ سارو قهر ۾!

رات ڀي نيڻن مان برسي ماڪ پئي،
ياد جي ڇولي اٿي دل ـــ نهر ۾!

تو سوا ڏسُ وقت ڪيڏي دير ڪئي،
ڪنهن سمايون هن صديون هڪ پهر ۾!

مست ويرن جي ويون سڀ ور چڙهي،
ڪا ڏسين ٿو دور ٻيڙي بحر ۾!

جُون جي گرمي ۽ نٽهڻ اُس ۾،
ڪو ته ٻچڙن لئه پُسيو پيو پگھر ۾!

شوخ لفظن جا اهي لهجا ”بشير!“
ڄڻ هنيائين تير ٻوڙي زهر ۾.
**