شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

اجنبي پنهنجو نالو ٻڌائي وڃو،

اجنبي پنهنجو نالو ٻڌائي وڃو،
پنهنجي رُخ تان ته پردو هٽائي وڃو.

ڇو ڏسي! پنهنجو چهرو پري ٿا ڪيو،
ديد سان ديد دلبر ملائي وڃو.

ڪجهه نه ٿو مان توهان کان گهران بس رڳو
هڪ دفعو نانءُ منهنجي سڏائي وڃو.

مان حياتي توهان جي ته نالي ڪيان،
موت جي ساز تي ڀل نچائي وڃو.

ڪوئي محفل ۾ آيو نه آهي اڃا،
هي ٻريل ڏيئو ڀلجان وسائي وڃو.

جي خوشي ڪو نه ”اڪبر“ ڏئي ٿا سگهو،
درد جو مينهن ئي ڀل وَسائي وڃو.
**