آ برابر پرينءَ جي چمڪ چنڊ ۾،
منهنجي محبوب جهڙي جهلڪ چنڊ ۾.
هي جي سانوڻ ۾ اُڀ تي ڪڪر ٿي کِڙن،
پو پهر جي به ڪاٿي آ پڪ چنڊ ۾.
سانوريءَ جي گلابي اکين ۾ ڏٺم،
جيئن پيمانا ڇُلڪن ڇَلڪ چنڊ ۾.
رات سپني ۾ هُس صبح سوچن ۾ مان،
هٿ ڪڪرن مٿان منهنجو چڪ چنڊ ۾.
سونهن سُرهاڻ ساري گواهه آ پرين،
چانڊوڪيءَ جي به سمجهو ڌنڪ چنڊ ۾.
چنڊ منهنجي کان چوڏهين چورائي چمڪ،
اڄ ته سارو تڪي ٿو فلڪ چنڊ ۾.
معجزو آ مٺا مرڪ تنهنجيءَ جو،
دلنشين دل ڪشي آ مهڪ چنڊ ۾.
مان چڪور ئي ته ناهيان جو اڏري سگهان،
جيءَ جذبن جي پو به اٽڪ چنڊ ۾.
سوچ ۾ سنڌ آ ديد ۾ دلربا،
ديس منهنجو ”رشيد“ آ بيشڪ چنڊ ۾.