انتظاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون،
بيقراريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.
هي ته پل سڪرات وانگي ٿا لڳن،
آهه زاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.
ڄڻ زبان تي تالا آهن بس لڳل،
ڪنهن ويچاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.
کلندي کلندي هو رسي آهي ويٺو،
دل آزاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.
خون جي عيوض ڏنائون نياڻيون،
ڪنهن ته ڌاريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.
آهي نٽهڻ اُس ”جمالي“ جو سفر،
پنڌ واريءَ جون گهڙيون ڪٽجن نه ٿيون.
**