شاعري

نئون نئون مڌ آ

هي گڏيل شاعريءَ جو ڪتاب ”نئون نئون مڌ آ“ سنڌ جي 16 شاعرن ۽ شاعرائن جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، جن ۾ ڊاڪٽر غلام نبي ”صابر“ سڌايو، ڊاڪٽر ”حاذق“ جوڻيجو، ناشاد رشيد ”سنڌي“، اڪبر کرل، بشير آچو، شيخ ”فرازي“، وفا ٻرڙو، اشفاق چانڊيو، انجم قاضي ، ضمير ”حيدر“ چانڊيو، علي رضا، خيرل سيلرو، ماريه ڪنول، ايم يونس جمالي، نادر دايو ۽ ڪريم ”گل“ دايو شامل آهن.
Title Cover of book نئون نئون مڌ آ

تاريخ گواهه رهندي، هر ڪنهن کي خبر آهي.

تاريخ گواهه رهندي، هر ڪنهن کي خبر آهي.
ها سنڌ امر آهي.
هن سنڌ کي لٽڻ ڌاريا، ارغون سوين آيا،
ڪي نسل ويا مٽجي، هڪ نسل مگر آهي.
ها سنڌ امر آهي.
دنيا کي ٻڌائڻ جا، ڪي ٻيا به طريقا هن،
پر وقت ٻڌائيندو، ٿيو ڪنهن جو حشر آهي.
ها سنڌ امر آهي.
ڌرتي جي سڀن دودن شاعرن ۽ اديبن کي،
ڀٽ شاهه، سچل، سامي، جي ايم تي فخر آهي.
ها سنڌ امر آهي.
اي وقت جي مجبوري، تون راهه نه جهل منهنجي،
آواز پڙاڏن ۾، مظلوم جو گهر آهي.
ها سنڌ امر آهي.
سنڌ ڄائين سان ڪيسين، پيو ڪيس ڪندو ظالم،
حق سچ جي ڏٺم سيني، قاتل جو خنجر آهي.
ها سنڌ امر آهي.
”ناشاد“ جي شعرن کي، ڏئي باهه ڇڏيو ساڙي،
پر ڀونءِ سڄي منهنجي، شاعرن جو شهر آهي. ها سنڌ امر آهي.
**