جيڪي لار ڪري لبڙن تي لڙيا، لڙڪن جو قدر توکان نه پڳو،
جُھري جيءُ پيو او ڇنگارون ڏنم، سڏڪن جو قدر توکان نه پڳو.
هر آهٽ تي پئي ڇرڪ ڀريم، هِـــــن مــــنَ ۾ اچي مانڌاڻ متو،
ڏيئي درد ڪري زخمي وئين، زخمن جو قدر توکان نه پڳو.
تو مزا ماڻيا پئي ڪرسيءَ مان هِت خون سان سنڌو لال ٿيو،
هئا رت سان رڱيل روڊن تي پيل لاشن جو قدر توکان نه پڳو.
تو ڀر ۾ ويهاريو ڌارين کي، تنهنجي سدائين تاڙ ۾ ها،
سمجھين نه سگھين بي سمجهه اڃا، پنهنجن جو قدر توکان نه پڳو.
مشهور ٿيم سڄي ڏيهه اندر هڪ تنهنجي خاطر ساجن مان،
جيڪي راتيون جاڳي تولئه لکيم، گيتن جو قدر توکان نه پڳو.
**