اڄ ڪنهن پيار جو اظهار ڪيو ته،
من ۾ سڏڪن جو سمنڊ اٿلي پيو.
چوڏهن سال گذرڻ کان پوءِ سوچيم،
ته منهنجي ارپيل پيار کي،
مان به ڪنهن ارپنا ۾ ڏئي ڏسان..!
زندگيءَ کي اٿلائي ڏٺم،
ته احساس جي صحرا ۾
ڪجهه نظر نه آيم.!
ڪجهه اڪ هيا اڇا ۽ وانڱڻائي،
جنهن جون مکڙيون اڃان ڦٽيون ناهن،
يا ته انتظار ڪيان چيٽ جي موسم جو،
جيئن برسات وسي،
ڪجهه موسمي گل ٽڙن،
پر موسمي گل ته جلدي مرجهائجي ويندا آهن.
ڇو نه اڪ جا ئي گل ڏيان..!
جيڪي ٻارنهن ئي مهينا ٽڙيا رهندا آهن.
منهنجي دل جي صحرا ۾،
تنهنجي پيار جو
ڪو مذهب ته ڪو نه هيو..
پر تنهنجي اچڻ کان پوءِ،
مون تنهنجي پيار جو ذڪر،
هڪ عبادت وانگر..!
بناوضو جي ڪڏهن به ناهي ڪيو.
هاڻ ته تنهنجي پيار ۾
آنءُ پانڌيئڙي وانگر آهيان.
جنهن وٽ نه صبح جو احساس آهي
نه رات جو ڊپ..!
هاڻ تنهنجو پيار منهنجي زندگيءَ ۾،
سري گهاٽ جي انهن درين جيان،
بي رنگ آهي،
جتي روح پرواز ڪري ويندو آهي.
۽ جسم جلندو آهي.
**