چاهه چمان ٿو چانڊوڪيءَ ۾،
توسان ملان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
لال لبن جا جام ڀري مان،
روز پيان ٿو چانڊوڪيءَ ۾،
تون نه اچين بي چين صفا مان،
گهٽيون گهمان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
چنڊ ستارن ڪرڻن کان پوءِ،
تنهنجو پڇان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
توتي ٺاهيان گيت غزل مان،
شعر لکان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
تنهنجي گهر جي ڀِت کان بيهي،
توکي ڏسان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
ڏيئو ناهيان لاٽ ڪري جو،
پاڻ ٻران ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
روئي روئي ”رشيد“ اوهان سان،
پرچي پوان ٿو چانڊوڪيءَ ۾.
**